Monday 14 May 2018

سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب جو شاعر؛ نياز همايوني​


سنڌ جاڳي پئي! : نياز همايوني
علي نواز آريسر
آئون نه ڄاڻان ٻولي ٻي، آئون نه ڄاڻان وِرد ورود،
ذڪر ڪريان ٿو سنڌڙيءَ جو، پڙهان ٿو ان تي لک درود،
سنڌ موجود حق موجود!
سنڌ موجود حق موجود!
هي سٽون ان شاعر جون آهن، جنهن پنهنجي شاعريءَ وسيلي انقلاب جي آواز کي جهرجهنگ تائين پهچايو. سن جي سيد جي فڪر کي اُجاگر ڪرڻ ۾ هن شاعر جو وڏو ڪردار رهيو آهي. پر افسوس جو اڄ هن شاعر کي نه صرف سيد فيملي وساري ڇڏيو آهي. پر سيد جي ڏنگن ٻارن به هن شاعر جو ڏهاڙو ملهائڻ گوارا ڪونه ڪيو، نياز همايوني شڪارپور جي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي، همايون ۾ هڪ غريب پورهيت قائم الدين همايونيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. (شڪارپور اسان لئه تمام وڏي معنيٰ رکي ٿو. سنڌ جي ڀٽائيءَ کانپوءِ تمام وڏي شاعر ساميءَ جي مڙهي شڪارپور ۾ آهي، ته شاهه لطيف جي تسلسل شيخ اياز جي جنم ڀومي به شڪارپور آهي؛ ”آڌي رات آزادي“ جھڙو شاهڪار ڪتاب ترجمو ڪندڙ نثار هَڪڙو به شڪارپور جو آهي، ته سنڌ جي آزاديءَ جو منگل پانڊي شهيد قيوم منگي- جيڪو ڪراچيءَ ۾ پنجاب سامراج جي گولين جو کاڄ بڻيو اِهو به شڪارپور جو آهي. ته هارون چني جهڙو مصور به شڪارپور جو آهي، جنهن جي سنگتراس هٿن ۾ جڏهن به قلم آيو آهي ته هُن اهڙا ته چِتر چٽيا آهن، جو ڏسندڙ دنگ رهجيو وڃي)
نياز همايوني غربت ۽ مفلسيءَ واري زندگيءَ کي ته قبول ڪيو، پر ڪنهن جي اڳيان آڻ نه مڃي. مدد علي سنڌي ڪنهن جاءِ تي لکيو آهي، ته نياز جڏهن ٻي شادي ڪئي، ته ان مان هڪ ننڍڙي به هئس. هڪ ڀيري گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه نه هو، ۽ ان ننڍڙيءَ پنهنجي امڙ کي روئندي چيو، ته هن کان ته پاڻ پهرئين گهر ۾ خوش هئاسين؛ ته نياز جي اکين مان لڙڪ نيسارا ڪري وهڻ لڳا، ۽ پاڻ گهر کان ٻاهر نڪتو ۽ گاڏيءَ کاتي ۾ حمالپو ڪري، ٻارڙن جي لاءِ کاڌي پيتي جو سامان وٺي آيو. اهڙن مرحلن مان گذري ماڻهو پنهنجو ايمان سلامت رکي، ۽ طِبي ڪاليج جي ڊائريڪٽر جي عهدي کي ٺڪرائي ڇڏي ته ان کان وڌ ٻي ڪهڙي خودداري ٿي سگهي ٿي! اندر ۾ سنڌ جي ڀڙڪندڙ درد، هن کي شڪارپور ڇڏڻ تي مجبور ڪيو؛ ۽ شڪارپور ڇڏي اچي حيدرآباد وسايائين ۽ سنڌ جي لاءِ هلندڙ قومي تحريڪ جي جدوجھد ۾ ڪاهي پيو. هن پنهنجي شاعريءَ وسيلي نوجوانن جي سينن ۾، جلندڙ باهه کي اڃا وڌيڪ ڀڙڪايو. نياز ان دؤر ۾ هي سِٽون لکيون، جنهن دؤر ۾ سنڌ جو نانءُ وٺڻ، ڪاريهر تي پير ڏيڻ جي برابر هيو:
جانبازو! جنگِ آزاديءَ جي تياري ڪريو، بيدار ٿيو!
قوم ۾ آڻيو سجاڳي، پاڻ ڀي غفلت ڇڏيو، بيدار ٿيو!
جانبازو! جنگِ آزاديءَ جي تياري ڪريو، بيدار ٿيو!
نياز همايوني، عبدالواحد آريسر سان روم پارٽنر ٿي رهيو ۽ سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز کي به ويجهو رهيو.
مون کي الائي ڇو اياز ۽ نياز ٻنهي جي شاعريءَ ۾ هڪجھڙائي محسوس ٿيندي آهي. هڪڙي شهر جا هئڻ ڪري، يا ٻنهي جي نالن جي هم آواز ڪري، يا وري انهيءَ ڪري جو، ٻنهي جي سيني ۾ سنڌ جي لاءِ هڪڙو درد هو، يا ٻئي سن جي سيد جي فوج جا سپهه سالار هئا. ان ڪري، نياز هڪڙي دؤر ۾ سنڌ کان خوبصورت انداز ۾ آسيس ٿو گهري:
سنڌ، اي سنڌ! منهنجي ايامن جي سنڌ!
مونکي آسيس ڏي! منهنجي خوابن جي سنڌ!
تنهنجي گيتن کي سنگيت ڏيندو رهان،
تنهنجو چارڻ ٿي، هيءُ سين هڻندو رهان:
سنڌ جاڳي پئي! سنڌ جاڳي پئي!
نياز هر موضوع تي لکيو، ۽ سنڌ جي هر ڪردار کي پنهنجي شاعريءَ ۾ خوبصورت انداز سان چٽيو آهي. هن ٻاگهيءَ تي لکيو، مارئيءَ تي لکيو، هن هوشوءَ تي لکيو، هيمون تي لکيو، هن ڪارونجهر جبل ۽ روپلي ڪولهيءَ تي لکيو، هن مخدوم بلاول ۽ شاهه عنايت تي لکيو، سنڌ جي سرتاج شاهه لطيف تي لکيو ته سن جي سائين جي.ايم سيد تي لکيو، هن پٺن اگهاڙن هارين تي لکيو، پيٽ بکايل ٻارن تي لکيو، پر هن جيڪو به لکيو، جنهن تي به لکيو، سنڌ تي ئي لکيو. هن جي سنڌ سان اهڙي ته ڪمٽمينٽ (commitment) هئي، جو هن کي ڪير به خريد ڪري نه سگهيو. هو نه وِڪيو، نه جهُڪيو. هميشه اڏول ۽ اِرادي تي مضبوطيءَ سان قائم رهيو. هو جيترو جذباتي هو، اوترو ئي حساس به هيو، جو هن ڌرتيءَ جي عشق ۾ سرتيءَ کي به وساريو ڪونه. هن شعر ۾ کيس ياد ڪري ٿو:
جڏهن به تنهنجي ياد اچي ٿي، ڏاڍي اوکي نبري ٿي،
ماڪ جيان ٿا ڳوڙها ڳاڙيون، ميڻ جيان دل پگهري ٿي.
ـــ
تنهنجي سٻاجهي صورت سان جي هيڪر اکڙيون چار ٿين،
برهه اسان جو بوند ٿي برسي، برپٽ تي گلزار ٿين.
نياز همايوني سنڌي ٻوليءَ جو برک عالم، اديب، شاعر، محقق ۽ مترجم ٿي گذريو آهي. هن ابتدائي سنڌي ۽ قرآن پاڪ جي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ، مختلف مدرسن مان فارسي ۽ طِب جي تعليم مڪمل ڪري، حڪمت جو ڌنڌو اختيار ڪيو؛ ۽ پنهنجو دواخانو قائم ڪيائين. ڪجهه وقت حيدرآباد جي طِبي درسگاهن ۾ استاد طور پڻ پڙهايائين.
نياز همايوني شاعريءَ کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي ڪتاب، اردو ۽ فارسيءَ مان ترجما ڪيا؛ جيڪي تمام ناياب آهن. نياز همايوني سنڌي ادبي بورڊ جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو. سنڌي ادبي بورڊ تي اها ذميواري عائد ٿي ٿئي ته هو نياز جي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن کي ڇپرائي، جيئن اسان جي نئين ٽهي، جيڪا نياز همايونيءَ جي نالي کان اڻ واقف آهي، ان کي خبر پوي.
نياز همايونيءَ جي ڇپيل ۽ اڻڇپيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي:
1- فرهنگ جعفري (3 جلد) قديم طِب جو ڪتاب، سڌاري تيار ڪيل، (1960ع)، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد.
2- ديوانِ مفتون (مولانا عبدالغفور همايونيءَ جو ڪلام)، ترتيب، (1973ع)، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.
3- هفت زباني لغت (1974ع)، مرڪزي اردو بورڊ، لاهور.
4- ساڻيهه جي ساک (دودي چنيسر جو داستان: شاعري)، (1975ع)، نئين سنڌ پبليڪيشن ڪراچي.
5- سنڌ جي طِبي تاريخ (2 جلد- 1976ع)، سنڌ سائنس سوسائٽي، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو.
6- ڌرتيءَ جا گيت (قومي شاعري)، 1978ع، پاڪستان رائيٽرس گلڊ جو انعام يافته (ضبط ٿيل).
7- ملوڪ الڪلام (خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جي ڪلام جو سوانح سميت، منظوم فارسي ترجمو) 1977ع، همايون پبليڪيشن، حيدرآباد.
8- سندهي نامه (اردو)، 1978ع مرڪزي اردو بورڊ، لاهور.
9- تاريخ مظهر شاهجھاني (فارسيءَ مان سنڌي ترجمو)، 1979ع: ٻيو ڇاپو 1994ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.
10- انتخابِ سندهي شاعري: 1987ع، اڪيڊمي ادبيات پاڪستان، اسلام آباد.
11- آهوانِ صحرا (قاضي قادن جي ڪلام جو اردو ترجمو)، 1988ع، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه.
12- تاريخ طاهري (فارسيءَ مان سنڌي ترجمو)، تصّوف جو ڪتاب ۽ شيخ مغل ڀينءَ جي سوانح، 1989ع، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو.
13- مفصود العارفين (فارسيءَ مان سنڌي ترجمو: 1988ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
14- آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه (صوفي درياهه خان جو ڪلام)، 1993ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.
15- راهِه عشق (علامه خمينيءَ جي فارسي رومانوي شاعريءَ جو سنڌي ترجمو)، 2003ع، خانه فرهنگ ايران، حيدرآباد.
16- تازن معرڪن جي تاريخ (”تاريخ تازه نواءِ معارڪ“ جو فارسيءَ مان سنڌي ترجمو) 2005ع سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.
17- فرهنگِ همايوني (طِبي لغت) 2004ع، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
18- ڪُلياتِ پير محمد اشرف ڪاماري وارو: 1997ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.
19- رساله اويسيه (شاهه لطيف ۽ مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جي وچ ۾ خط و ڪتابت: فارسيءَ مان ترجمو) 2005ع، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز/ ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ.
20- دل ۽ ڌرتيءَ جا گيت (ساڻيهه جي ساک ۽ ڌرتيءَ جا گيت، گڏيل ٻيو ڇاپو)، 2009ع، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو.
21- مخدوم نوح جو قرآن پاڪ (فارسيءَ مان سنڌي ترجمو)

اڻ ڇپيل ڪتاب
1- اذان العارفين (شاهه عبدالڪريم جي بيتن جو مڪمل ۽ منظوم اردو ترجمو، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز وٽ پيل)
2- سنڌي رانديون (ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز وٽ پيل)
3- سنڌ جي طبي تاريخ (جلد ٽيون) سنڌ جي طبيبن جو احوال
4- اڪ پچيءَ ٿيا انار (سنڌي ڪلاسيڪي شاعري: چونڊ ڪلام)
5- جتي منهنجا ماروئڙا (يادگيريون ۽ ڊائريءَ جا ورق)
6- اردو ۽ فارسيءَ ڪلام جي سنڌي ترجمي جو مسودو، (ترتيب هيٺ)
7- دوزخ ۾ رهڻ جي ريهرسل (مزاحيه شاعري)، ڇپائيءَ جي مرحلي ۾.
8- ڏکيا سکيا ڏينهن (آتم ڪٿا- اڻ پوري) ۽ ڪالم.
9- شاهه جو گنج، منظوم اردو ترجمو.
10- گلبانگِ لطيف (شاهه لطيف جي مختلف سُرن جو منظوم فارسي ترجمو)
11- اوٺاڻيون اويس جون (انگريز دؤر جي گمنام عوامي شاعرن جو ڪلام)
12- اڌ صديءَ جو اکين ڏٺو احوال (اخبار ڪٽنگس)
13- سمندر ڪي سانس (ڪلاسيڪي سنڌي شاعرن جي شاعريءَ جو سنڌيءَ مان اردو منظوم ترجمو)
14- ڪالم، مضمون، مهاڳ (ڪتاب جيترو مواد)
نياز همايوني هڪ فرد نه، پر اداري جي حيثيت رکندڙ شخص هو، سنڌ جي هن عالم جو پورهيو، ڪاٿي لڳائڻ کان تمام گهڻو آهي. آريسر صاحب خاڪي جويي لاءِ چيو هو ته، خاڪي جويي سنڌ جي نقشي جيترو ڪم ڪيو آهي، ساڳيا لفظ آئون نياز همايونيءَ لاءِ به لکان ٿو ته هُن سنڌ جي نقشي کان به گھڻو ڪم ڪيو آهي. سندس محنتن جو اُجورو اسان ڏيون ته به نٿا ڏئي سگهون. نياز همايونيءَ جو هيءُ پورهيو، شل سنڌي ماڻهن جي جذبن کي جاڳائي. منهنجي خيال ۾ عبدالواحد آريسر ۽ تاج جويي تي اِها ذميواري ٿي عائد ٿئي ته هو نياز جي پورهيي کي منظر تي آڻي نوجوان نسل کي نياز جي علم ادب لاءِ ڪيل خدمتن کان واقف ڪن. سنڌ جي هن محبِ وطن عالم، نياز همايوني 2 جنوري 2003ع تي راهِه رباني ورتي. پويان ٻن پٽن، ٻن نياڻين سميت، سڄي سنڌ کي سوڳوار ڇڏي ويو. سندس اولاد ۾ ننڍو پٽ پرويز نياز، هن وقت سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ پنهنجا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي؛ سندس نثر تمام سٺو آهي. ڪڏهن ڪڏهن سندس لکڻيون اخبارن جي زينت پڻ بڻجن ٿيون. وڏو پٽ اويس نياز به ڪنهن پرائيويٽ اداري ۾ ملازمت ڪري رهيو آهي.

سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب جو شاعر؛ نياز همايوني
تاج جويو
اڄ جڏهن، سرڪارون، اخبارون، ڪالم نگار ۽ غير سرڪاري تنظيمن جا مهندار، ماڻهن کان نصب العين کسي، خود ساخته مايوسيءَ، فراريت، مصلحت پسنديءَ ۽ پئسي جي حاصلات ۽ چمڪَ جي اونهي کڏ ڏي ڌڪي رهيا آهن؛ اڄ جڏهن ’قومي سياست‘ ۾ ڀتي، بي ايمانيءَ ۽ غداريءَ جا جيوڙا انجيڪٽ ڪيا پيا وڃن؛ اڄ جڏهن ٻانهپ جي سنگهرن ۾ سوگهي قوم جي سياسي تقدير بدلائڻ لاءِ سياست نه ڪرڻ ۽ نام نهام’سماجي خدمت‘ جا نعرا ڏنا پيا وڃن؛ اڄ جڏهن سچن قومي ڪارڪنن وٽ ’پيجارو‘ ۽ ’پئسو‘ نه هئڻ سبب سندن قدر نه ٿو ڪيو وڃي؛ اڄ جڏهن ڏيکاءَ ۽ اخباري بيان بازين تي تنظيمن کي جيارڻ جا جتن ڪيا پيا وڃن؛ اڄ جڏهن نوجوانن جي تعليم کي ’نوڪريءَ‘ ۽ ٻاهرئين ملڪ وڃي ڪمائي ڪرڻ سان منسوب ڪيو پيو وڃي؛ اڄ جڏهن وطن ۾ ويهي وطن جي حقن جي سياست ڪرڻ ۽ پنهنجي سماج جي خدمت کي عبادت سمجهڻ ۽ تعليم کي پنهنجن ماڻهن جي نجات جو ذريعو سمجهڻ واري واٽ کان ٿيڙڻ جا سبق ڏنا پيا وڃن، ۽ نتيجي طور نوجوان خُودڪشين ۽ فراريت جي ڌُٻڻ ۾ ڌڪبا پيا وڃن؛ اهڙن وقتن ۽ زمانن ۾ جن ماڻهن، ’وطن يا ڪفن‘ ۽ ’آزادي يا موت‘ جي سياست جو سبق ڏنو، سماجي خدمت کي سڀ کان وڌيڪ افضل ڪم ۽ اعليٰ عبادت تصور ڪيو، نياز همايونيءَ جو شمار اُنهن اعليٰ انسانن ۾ ٿئي ٿو. نياز سنڌ جو اُهو آدرشي ۽ جديد قومي شاعر رهيو آهي، جنهن جي ٻولي ۽ لولي، نعرو ۽ نظريو آهي ته:
سنڌ موجود، حق موجود!
نياز هڪ غريب هاريءَ جو پُٽ هو. اڄ جڏهن سنڌ جا ڪيترا ماڻهو چانڊين مان سيدَ، تُنين مان قريشي، ٿهيمن مان تميمي، داين مان انصاري ۽ جوڻيجن مان صديقي سڏائڻ ۽ سنڌيءَ بدران پاڻ کي عربي نسل جو فرد ڪوٺائڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا، تڏهن ڏسون ٿا ته نياز همايونيءَ ڪڏهن به پنهنجي اصليت نه وساري ۽ وڏي واڪ چئي ڏنو:
آءٌ نماڻو، هاري زادو، ذات جو ڪوري، نانءُ نياز،
سڀڪو ڄاڻي، ڪين ٿو ڄاڻي، ڏِنگن وارو ڏانءُ نياز 
نياز، جديد سنڌي شاعريءَ جي پهرينءَ صف جي سرموڙ شاعرن ۾ هڪ سگهارو ۽ تخليقي شاعر ٿي رهيو آهي، جنهن جي ڪلام ۾ انفراديت، اسلوب ۽ خيالن جي نواڻ موجود آهي. هيءُ ابتدا کان وٺي هڪ ئي رستي/ قومي رستي تي هلندو رهيو. زماني جي لوڏن، لالچن ۽ سرڪاري دٻاون، هن جي مزاج، سوچ، انداز ۽ شاعريءَ جي لهجي ۾ فرق نه آندو. سندس شاعريءَ ۾ پنهنجي دور جي ڳالهه ۽ زندگيءَ جو درد موجود آهي. سندس ٻولي سچ ڪوڏين جهڙي صاف آهي. لفظن جي چونڊ وٽس ڪڏهن به مسئلو نه رهي؛ هو لفظن جي حسن، چونڊ ۽ استعمال جي معاملي ۾ سنڌ جو يگانو شاعر ٿي گذريو آهي.
شيخ اياز ۽ نياز همايوني، ٻه اهڙا همعصر شاعر هئا، جيڪي شاعريءَ ۽ هيئت جي نون تجربن ۾ نمايان حيثيت رکن ٿا. نياز همايوني، جتي نظم جو بادشاهه آهي، اُتي هن جا گيت، لوڪ گيت، وايون، ڪافيون ۽ دوها پڻ سندس جماليات جي لطيف پيشڪش، درياهه جي روانيءَ ۽ ماکيءَ واري ميٺاج سبب منفرد آهن. نياز جا طويل نظم، جتي وطن سنڌ ۽ اُن جي چپي چپي، وڻن ٽڻن ۽ گلن ڦلن سان مُحبت جي جذبي سان سرشار آهن، اُتي انهن سنڌ جي گونگي تاريخ کي زبان ۽ سنڌ جي اٻوجهه ماڻهن کي سمجھه ۽ غيرن کي للڪارڻ جو جذبو بخشيو آهي. اُن ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته نياز سنڌ جي تهذيب ۽ تاريخ جو ٻهڳڻو شاعر آهي. هن جي شاعري، مولانا گراميءَ جي لفظن ۾، ”ابتدا کان وٺي رجعت پسنديءَ ۽ ذهني انتشار کان دور رهي آهي. آزادي، انسانيت، دوستي ۽ وطن پرستي سندس متو ۽ مقصد آهي.“
نياز، فارسي زبان جو وڏو عالم هو، پوءِ به سندس شاعري نج سنڌي ٻوليءَ جي تشبيهن ۽ ترڪيبن جو ڀنڊار رهي آهي. هُو تشبيهن جو شاهه ڪاريگر شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن ميدان ۾ سندس ڪوبه همعصر شاعر شايد ئي سندس ڪلهي جُوسي ٿي سگهي يا مقابلو ڪري سگهي. هن جي شاعريءَ ۾ سنڌوءَ جو وهڪرو، وڏڦڙي جو وسڪارو، جابلو نئن جو جوش ۽ مستي، ترنم ۽ لئه جو آبشار موجود آهي. نياز جا دوها، نشيلين نِگاهن جي گُهورن کان وڌيڪ دلنشين ۽ دلڪش، سندس گيت، جماليات ۽ تهذيبي حسن جا سرچشما آهن. نياز جو طويل نظم ’ساڻيهه جي ساک‘، قومي شاعريءَ جو شاهڪار نظم آهي، جنهن ۾ هن دودي جي ڪردار کي ايڏو ته دلڪش بڻايو آهي، جو اُن جي پيرن جي پڻي سهاڳڻين جي سينڌ جو سينڌور بنجي پئي آهي- ۽ چنيسر جي ڪردار کي اهڙو ڪوجهو ۽ ڪميڻو ڪري پيش ڪيو اَٿس، جو مٿس لعنت وجهڻ لازمي ٿيو پوي.
نياز، ننڍي کنڊ ۾ ’تحريڪ آزادي‘ واري پوئين دور جو شاعر آهي ۽ آزاديءَ جي آرزو سندس شاعريءَ جو نمايان پهلو رهي آهي. نيازَ، زندگيءَ ۾ وڏا وڇوڙا ۽ غم ڏٺا، پر هن هميشه مُنهن تي مرڪ سجائي، ٻين کي خوشيون ارپيون آهن.
نياز، وسيع ظرف جو مالڪ ۽ زندهه دل انسان ۽ بهترين دوست رهيو ، سندس دل ۽ زبان، سندس سوچ ۽ سڀاءَ ۾ عام انسانن ۽ شاعرن وانگر تضاد ڏسڻ ۾ ڪڏهن به نه آيو. نياز جي شاعريءَ مان سندس اڇي اُجري شخصيت سان گڏ سندس دور ۽ ماحول جو سڄو رنگ نکري بيهي ٿو. هي اهو شاعر رهيو آهي، جنهن جي ذهن ۾ قومي ۽ اجتماعي زندگيءَ جو احساس هميشه موجود رهيو. سنڌ ۾ صحيح معنيٰ ۾ ’قومي شاعر‘ جو تاج، نياز همايونيءَ جي سر تي ئي سونهي ٿو.
نياز همايوني، جديد سنڌ جو اُهو واحد شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ تشبيهون، استعارا ۽ ترڪيبون، ڌرتيءَ مان ماءُ جي ٿڃ جي گُوهن وانگر ڦُٽي نڪتل محسوس ٿين ٿيون. هن جي تشبيهن کي سنڌ جو تهذيبي ۽ قومي پسمنظر آهي ۽ اُهي آريسر جي لفظن ۾ واقعي ’سنڌ جيڏيون مٿانهيون‘ لڳن ٿيون. هن جا گيت ۽ لوڪ گيت، هن جون وايون ۽ ڪافيون، هن جا نظم ۽ دوها، تشبيهن سان ٽٻٽار آهن؛ تشبيهون به اُهي، جيڪي دل جي اونهاين مان نڪرن ٿيون.
ڪڏهن ته تنهنجو روپ ائين ڄڻ جلوو ٻانهينءَ واريءَ جو،
هَئي حياتي هيج ۾ اِئن ڄڻ ڇيڄ ۾ ڇيڏڪ ڪنواريءَ جو!
نياز همايوني، جديد شاعرن ۾ بردي سنڌيءَ ۽ اُستاد بخاريءَ وانگر اُهو اهم شاعر هو، جنهن ڪلاسيڪي شاعرن جي پيرويءَ ۾، جديد شاعريءَ ۾ نئون رنگُ ڀريندي، سنڌي ماڻهن جي ’ٻي زبان‘، بلڪ سنڌي زبان جي ’حسين لهجي‘ سرائيڪيءَ ۾ شاعري ڪئي. سرائيڪيءَ جو ترنم، لئه ۽ موسيقي پنهنجي آهي، پر جڏهن اُها نياز همايونيءَ جي چپن تي پهچي ٿي ته اُن جي ميٺاج ۾ مڻ مٺايون مليو وڃن. پوءِ کڻي شاعريءَ جي ڪهڙي به صنف هجي: لوڪ گيت هجي، يا ماهيا هجن يا وري ڪافيون. نياز همايونيءَ جي سِرشت ۾ سمايل سنگيت ۽ سرائيڪيءَ جي فطري موسيقي پاڻ ۾ ملي جيڪو آهنگ تخليق ڪن ٿا، اُن جو ساءُ، هڳاءُ، رَسُ ۽ چَسُ نرالو ۽ نئون آهي.
نياز هڪ طويل نظم لکي پاڻ کي ”سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب جو شاعر“ ثابت ڪيو آهي. سنڌ، سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب سان نياز جي پيار جو هي رشتو، ساهه جي تند ٽٽڻ تائين قائم رهيو. اچو ته نياز جي ماءُ جي ٿڃ جهڙي نبار ٻوليءَ جو ساءُ وٺون!
سنڌ ديس‘ جي سوني ڌرتي، مٽي مڻيادار، الا!
هن ڌرتيءَ تان گهور وڃان، هيءَ ڌرتي سرجڻهار، الا!
جاڳايا جنهن جنم جنم ۾، جار ڪري جهونجهار الا!
ڪويل ڄڻ ڪي ڪنول جو گُل هئي،ڪوئل جيان گفتار سنديس،
ڦوهه جواني ڄڻ ته جهڙيالي، جهڙ ڦڙ جيان جنسار سنديس،
چپڙا ڄڻ ته چنار جون مکڙيون، اکڙيون نينهن نکارسنديس.
ٻاگهي، جنهن جي مُرڪ مليح ته پيشاني پُکراج هئي،
جنهن جي هيج همير جي آڏو، قسمت ڀي محتاج هئي،
هاڻ انهيءَ جا حال ائين ڄڻ، سنڌڙي ٿي تاراج هئي
********

آءُ تنهنجو ڏوهي آهيا
آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
مون سچيءَ دل سان نه تنهنجي واسطي سوچيو ڪڏهن،
جيڪڏهن سوچيو ته پنهنجي لاءِ ئي سوچيو سدا،
۽ ائين ئي پنهنجي ڪارڻ آھ مون لوچيو سدا،
پر نه ڀُلجي ڀي ڪٿي تو لاءِٰ مون لوچيو ڪڏهن.

آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
مون ڪئي دعوا ته تو تي، جان ڀي قربان آھ،
جانِ ڇا هي، مال ڀي اَملاڪ ڀي صدقي ڪندس،
حُب تنهنجي لئي چيم : هيءَ دين ۽ ايمان آھ،
تو مٿان ڌرتي ته ڇا، اَفلاڪ ڀي صدقي ڪندس.

آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
مون چيو عشق آھ مون کي تنهنجي آزاديءَ سان،
تنهنجي خوشحاليءَ جا مان خواب لهندو ٿي رهيس،
جنهن به ظالم ويرُ پاتو ، تنهنجي آباديءَ سان،
تنهن جو سِر کڻندس، قسم اُن لاءِ کڻندو ٿي رهيس.

آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
مون چيو هي ڪنڌ جھُڪڻو ناھ ڪنهن جابر اڳيان،
۽ نڪي سودو ڪندس پنهنجي اُصولن جو ڪڏهن،
سر تي آئي ته به نه ٿيندس سانت ڪنهن آمِر اڳيان،
ڇا به ٿي ، اِنسان ڪوڙو ٿي نه قولن جو ڪڏهن.

آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
اڄ ٿو دل کولي ڪريان اظهار تو سان اي وطن،
منهنجي تو سان ڪا مُحبت، ڪا سچائي ڪانه هئي،
مون ڪيا جي قول ۽ اقرار تو سان اي وطن،
تن جي اصليت ۾ ڪا ، لائي سجائي ڪانه هئي.

آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
وقت جئن بدليو، هوائن جا به رُخ بدليا تيئن،
مان به سانڊي وانگ ڪيئي رنگ بدلائڻ لڳس،
ڪوڙ تي ڀاڙي ڇڏيم، ڪَو سچ کان کائڻ لڳس،
وقت جي جئن وَهڪ هئي، ويچار ٿي اُٿليا تيئن.

آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
منهنجي خود غرضي مون کي گھِلي وڌو اوڙاھ ۾،
خواهشن کي بُت بڻائي آءُ پوڄيندو رهيس،
مُشڪلون آسان اِتان ٿينديون، هي سوچيندو رهيس،
پنهنجو ٻوٽو ٻارجي ، ڀل ٻيا پون آڙآھ ۾.

آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
مون ڪيو قربان پنهنجو پاڻ، ڪوڙي شان تان،
آئڙي دل سان نه آزادي اُها ڇڏڻي پيم،
پر غلامي راس آئي، جنهن سان لِڇ ڳنڍڻي پيم،
ريس پنهنجو پاڻ تي آئي ٿي اِهڙي مانَ تان.

آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
مون جھُڪايو ڪنڌ پنهنجو هير جي جابر اڳيان،
۽ اصولن تي وڃي سودو ڪري سرهو ٿيس،
هي ڪڌو ڪم هو تڏهن ڀي ڪين مان ارهو ٿيس،
سانٿ ٿي وئي منهنجي عزت وقت جي آمر اڳيان.

آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
اڄ به ناهيان ماٺ ساڳي هام هڻندو ٿو رهان،
هي رُٺل ماحول دُلبي ساڻ سرچائڻ جي لاءِ،
اي وطن مان تنهنجو آهيان، تو تي مرندو ٿو رهان،
هيءَ به هڪڙي کيڏ آهي شرم پرچائڻ جي لاءِ.

آءٌ تنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
آءٌ پنهنجو ڏوهي آهيان اي وطن !
****
تاسرڙو ٿو وڄي
تاسرڙو ٿو وڄي

منهنجو هينئڙو ٿو هِڄِي
منهنجي سنڌڙي شال بچي
منهنجي جندڙي شال بچي
تاسرڙو ٿو وڄي۔۔

ڪوئل وڻ تي ڪوڪي پئي
ڪالهه جي آيا نادر ڪيئي
اڄ به سُجهن ٿا ڏيهه ۾ سيئي
ڪنڌ ڪُڌن جو ڀڄي
تاسرڙو ٿو وڄي۔

ارِڙهين صديء جي اُڀري ڇاتي
سچل سڪ جي ڳاني پاتي
جنگ اچي ابداليء لاٿي
ڪير پاپيء سان پُڄي
تاسرڙو ٿو وڄي

چٻرن چرڙي ڀاڳ ڦٽايو
مدد پٺاڻ نڀاڳ ٿي آيو
ويريء اهڙو ويل مچايو
اندر اڃان پيو ڇڄي
تاسرڙو ٿو وڄي

بگهڙ ته ڪنهن سان ٻيلهه نه ٻيلي
شاهه شُجاع شڪارپور ڀيلي
کرڙي ۾ اڃان ائلي ائلي
جابر تنهنجو جنازو کڄي
تاسرڙو ٿو وڄي

پار درياهون ڪڻڇي ٻولي
ڪير ويو منهنجي سنڌڙي رولي؟
پنهنجي پرائي جي ماريو اولي
ڀينگ ٿي وئي سڄي کٻي
تاسرڙو ٿو وڄي

جوڳي ٿو در در نانگ نچائي
اڃان به ڪهڙا ڏينهن الائي
ڏسڻا پون هن ماڳ ۾ هائي
جند جهوريء ۾ٿي جهڄي
تاسرڙو ٿو وڄي۔۔
-----------