Friday 11 May 2018

خوبصورت خيالن جو شاعر ؛ عبدالغفار تبسم


جنم
عبدالغفار ”تبسم“ ولد قادر بخش ڀٽي، 20 نومبر 1951ع تي ڳوٺ ميرپور ڀٽو، ضلع لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
پڙهائي
پرائمري تعليم نئين ديري ۽ ڳڙهي ياسين ۾ حاصل ڪيائين. مئٽرڪ 1966ع ۾ بي اي آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان 1972ع ۾، ۽ ايم اي (بين الاقوامي تعلقات) سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1974ع ۾، ٻي پوزيشن حاصل ڪري پاس ڪيائين.
سوانح
ڪاليج واري دور 1972ع ۾ آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج ۾ اسٽوڊنٽس يونين جو جنرل سيڪريٽري، سال 1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ اسٽوڊنٽس يونين جو ڪلاس نمائندو، سنڌ آزاد ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو عهديدار، گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي تقريري ۽ ادبي سوسائٽي جو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ لاڙڪاڻو اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جو نائب صدر به ٿي رهيو. هن تقريري مقابلن ۾ ڪيترائي انعام پڻ کنيا. ان کان اڳ 1963ع ۾ الفتح اسٽوڊنٽس فيڊريشن نئون ديرو جو جنرل سيڪريٽري، سنڌ گريجوئٽس ايسوسيئيشن نئون ديرو شاخ جو باني ۽ نئون ديرو ڊراميٽڪ سوسائٽي جو صدر ۽ سرپرست پڻ رهيو. هن پليٽ فارم تان ”شيرين فرهاد“ آغا حشر ڪاشميري جو سنڌي ترجمو ڪيل ڊرامو ”باغبان“، تاريخي ڊرامو ”ليلا چنيسر“ ۽ ٻيا ڊراما پڻ پيش ڪيا ويا.
عبدالغفار ”تبسم“ ڪيترن ئي ٽي وي جي سنڌي ڊرامن ۾ هيرو ٿي ڪم ڪيو، جنهن ۾ 1974ع ۾ پيش ٿيل ڊرامون ”بري هن ڀنڀور ۾“ به شامل آهي. پاڻ ڪيترن ئي علمي ادبي ۽ راڳ رنگ جي محفلن جو ميزبان به ٿيو، جنهن ۾ ٽيليويزن جي پروگرام ”سنڌ سينگار“ جو ميزبان ڪمپيئر 1981ع کان 1982ع تائين رهيو. 1983ع ۾ پاڻ هڪ سنڌي فلم پڻ ٺاهيائين. هڪ سنڌي فلم ’برسات جي رات‘ ۾ هيرو ۽ ايس گل جي فلم ”سهڻا سائين“ ۾ ولين جو ڪردار ادا ڪيائين.
نوڪريون
عبدالغفار ”تبسم“ پهرين 1972ع ۾ استاد، پوءِ فئملي پلاننگ آفيسر، پوءِ 1983ع ۾ يو بي ايل بئنڪ ۽ آخر ۾ 1975ع ۾ پي آءِ اي ۾ آفيسر مقرر ٿيو. مارشلا جي دوران 1981ع ۾ ملازمت تان لاهڻ کانپوءِ ٺيڪيداري به ڪيائين. 1983ع کان 1987ع تائين نئون ديرو ميونسپالٽي جو چيئرمين ٿي رهيو. 1990ع ۾ ٻيهر پي آئي اي جي نوڪري ۾ بحال ٿيو
ادبي اوسر
عبدالغفار ”تبسم“ 1964ع ڌاري شاعري شروع ڪئي. پاڻ پهريون شعر 1966ع ۾ اورينٽل ڪاليج حيدرآباد ۾ مخدوم طالب المولى جي صدارت هيٺ ٿيندڙ مشاعري ۾ پڙهيائين. انهي کان اڳ پاڻ هڪ ناول لکڻ شروع ڪيو. انهي جو ذڪر ڪندي هو چوي ٿو: ”منهنجي پهرين پين جو نب ناول تي هليو آهي. جنهن جون قسطون اڃان تائين مون وٽ آهن. منهنجي هڪ آس اها به آهي ته مان هڪڙو ناول لکان ۽ ڀرپور لکان ۽ ان ۾ ئي پنهنجي شاعراڻي تاس جي پورائي ڪري سگهان ۽ اها منهنجي زندگي جي اهم لکڻي هجي.“
عبدالغفار ”تبسم“ جو پهريون شعري مجموعو ”گلشن جهڙا گل“ 1966ع ۾ ڇپيو. عبدالغفار ”تبسم“ ڪيترائي سال روزاني عوامي آواز لاءِ شعري ٽڪرو لکندو رهيو. سندس شاعري ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي آهي. سندس ڪيتريون ئي ڪيسٽون رليز ٿيون آهن.
عبدالغفار ”تبسم“ شاعري کانسواءِ سفر نامو ۽ آتم آکاڻي پڻ لکي آهي. سندس آمريڪا جوسفرنامو ”زندگي تنهنجا رنگ هزار“ ۽ آتم ڪهاڻي ”سي ئي جوڀن ڏينهڙا“ 1994ع ۾ شايع ٿي. عبدالغفار ”تبسم“ جا هيستائين اٺ شعري مجموعا ڇپجي چڪا آهن. جن جو وچور هن ريت آهي. گلشن جهڙا گل (1966ع) شفق وارا ڇانورا (1982ع) مٽي جا سُر (1991ع) سوچون صحرا سراب (1995ع) نيڻن جي آڳر (1996ع) ڪندي ڪناري ناوَ (1999ع) موسيقي، موسم ۽ تبسم (2003ع) اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لڇن (2004ع). سج آرسيءَ ۾ (2005ع).
(وڪيپيڊيا)
شاعري
ويندي ويندي گلاب ڏيندي وئي
سوچ جو نئون سراب ڏيندي وئي
هن نهاري چيڪو مٿئين چپ کي
بيٺلن کي حساب ڏيندي وئي ،
ڪوري ململ تي ڇيپ اجرڪ جي
خالي نيڻن ۾ خواب ڏيندي وئي ،
ميلي ۾ بيٺو هو ته تبسم کي
ڪو ڪهاڻي ڪتاب ڏيندي وئي .
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ

شيشن جي محل وارا، دل جي ننڍي اڱڻ ۾
محبت نه توريندو ڪر، سونين ترازين ۾
سونهن آڏو سرجهُڪائي سجدن ۾ عمرًگهاري
نڪو سُونهنَ وفا قبولي نه اَگهيس مان عاشقن ۾
رُتبن جو دوستن تي گهرو اَثر پوي ٿو
بيلوس محبتون سڀ بدليون سوداگيرين ۾
دُنيا جي ڌرتتين ۾ تنهنجو پيار ڇا مان سمجهو
ڪهڙي خبر تبسم باهه وسندي بارشن ۾
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
جنون جوش جذبا جوالا ڪنداسين
ٻوٽيون ماس ٻاري مشعالا ڪنداسين
رڳو پڪ پرين ڏي تون پنهنجي اچڻ جي
اسان تي ڇڏي ڏي ته ڇاڇا ڪنداسين
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
ٻار وانگر ٻانهن سان اُگهي ٿو ڇڏين
هي ڪو بازاري بوسه ته ناهي پرين
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
ھڪ چين جي سڌ مون کي بيچين ڪري ويئي
پھرن جي ڳڻپ ناھي ، دن رين ڪري ويئي،
ساڻيھ لاء صرف ،سک ،امن ، کپي آقا
سيوھڻ جي سرزمين ڪيڏي بين ڪري ويئي ۔
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
خاموشين جّي آوازن ,جي
ڪيڏي ڀڻ ڀڻ ٿئي ٿي جيڪا 
صحرا ڪوٽ قلعن محلن 
يا پربت پولارن کان ويندي 
ھيانء ڦاڙيندڙ اُونھائين جي 
پاتالن منجھ,
پڻ منجھ, رھي ٿي
ھاڻوڪيء ھن عمر جا توڙي 
سارو عرصو سھڪي سڏڪي 
سرٻاٽن جو ڏّرُ ٿو ڏوريان
راتين ڏينھن جي منٽن ۽ سيڪنڊن کي
پيو ٿو ڀوريان 
ووڙي ووڙي پيو ٿو ووڙيان
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
جيئاپن جا ڪارڻ ّڳولھي
ڏوه ثواب جي
ڦولھائن جون
آگھين گيانن واعظن واريون
ساريون ٽٻڻيون ڦولي ڦولي 
دّم بّدم ھن دم جو ڪارج
پاڻ مان- ٻين مان ڳولھي ڳولھي
مّن جا- مّڪي جا قبلا ڳولھي 
نالي وارن سّنتّ ساڌّن ۽ 
جوڳين خاطر جوڳ جٽيندي
ھنگلاجن جا ھاڙھ ڪٽيندي 
شانت جي ڪاڻ اشانت گذاري 
مسجد مندر گُردوارن جون
ٻانگون ڏيئيُ گھنڊ گونجاري
پّھُتل- توسان پّرتّل ,پيرن 
درگاھن تي جاڳّرّ جُھوٽي 
اعتڪافن جي ھيڪانتن ۾
ميلا عُرس ّ ٻّارھا وّرسُيون 
باسُوّن پوڄا پاٺ پُڇائي 
پڻ تنھنجيون منشائون ڳولھيون
پوء ب مورک مّنُ ويڳاڻي 
اسرارن جو انت ن پاتو
آئون ت ڀلا ھڪ ادني ھس پر
سعديء روميء سقراطن پڻ 
ڪا سُڌ ناه- توکي ڪيئن سڃاتو 
تو ب ت پاڻ ليئو ئي ن پاتو
واڌّو -گھاٽو,,گھاٽو واڌّو
سوچي- ڀوڳي - لوچي -لوڙي 
جيئاپي جا رڻّ اُڪاري 
ڪنھنجو ٻولڙيو ٿي -ٻاڪاري
ھنگامن کان ھچ ٿي آخر
ماٺ ۽ ھيڪانتن ۾ مان جو 
باقي پّھرّ پُڄائڻ چاھيا 
ليڪن پوء ب خاموشين جي
آوازن جي ڀُڻ ڀُڻ ٿئي ٿي.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
اندر جي بیقراريءَ جو مان توسان حال ڇا اوریان،
آ گھایل دل سڄي مُنھنجي اُنھيءَ کي ڇا ڪپیان ڪوریان.
سِتارن سان سَمُوري رات جاڳان ۽ جلان ویٺو،
اڪيلائيءَ ۾ مٺڙا مان ڦٿڪان ۽ ڦران ويٺو،
پنھنجي دل ۾ روئان ويٺو نہ ٻاھر باڦ ٿو ٻولیان.

اُٿي اڌَ رات جو نڪري ڏسان تِنِ ریگزارن کي،
تُنهنجي قدمن جي او پیارا نھاریان مان نشانن کي،
اُنھن رستن ۽ راھن تی اڃان تائین توکي ڳولیان.
توسان گذریل ماضیءَ جا پَلَ ڪیان ٿو یاد مان تن کی،
پون پوءِ ڀي ڳڙي ڳوڙها روڪیان توڙي ٿو جذبن کي،
پڪاري پوین لمحن کي صُبح سانجھيء پیو روئان.
صُبح سانجھي تَبَسُمَ جيءَ ۾ جاڳن تنھنجون یادون،
ھزارین ھر گھڙيءَ دل مان اُٿن ڦوڪون ۽ فریادون،
سوین ھن سور سیني م تہ ڀي چَپَ ڪونہ ٿو چوریان.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
هوائن کي روڪيو صَدائُن کي روڪيو
هوائن کي روڪيو صَدائُن کي روڪيو
او مَنَ ! تانگھَ جي هِن طوفانن کي روڪيو
هي نس نس نچي پئي، پچي پئي مچي پئي،
ڇاتي تولئهِ آتي ڇُلي پئي ڇِڄي پئي
۽ لونءَ لونءَ لُڇي پئي سَنڀارُنِ کي روڪيو.
هجر ۾ هڄان ٿو هَنجُنِ ۾ ڀڄان ٿو،
سمونڊ آ وڇڙو ٻڏان ٿو تران ٿو،
رڳو تاڻ، ڇڪتاڻ اولانڀن کي روڪيو.
صبوح شام پاڇا پريشان ڪن ٿا،
ماضيءَ جا ليئا مونکي حيران ڪَنِ ٿا،
او لوڪو ، او لوڪو لياڪَن کي روڪِيو.
ڇڏيو ڇو کنڊيريو ٿا يادُن جي خوشبو،
مينديءَ ٻوٽا لمحا ۽ ساهنِ جي خوشبو،
مڙو جانِ جانان عذابن کي روڪيو.
دُکي ٿو ڌڄي ٿو بکي ٿو مچي ٿو
نشانبر آ ناتو مگر منُ اُلي ٿو،
جڄهان ٿو ، جلان ٿو ، جولانن کي روڪيو.
جهوٽا ، دل جهروڪن کي جهيرون وجهن ٿا،
پولارن جا پڙلاءَ سيرون وجهن ٿا،
غفائن ۾ هُڳائن کي روڪيو.
مچي نينهن مڇريو ته اڌمانچي پيا
تتي تانگھَ تبُسُم ته آڙاھَ ٿي پيا
متيون مَنَ جو تارون ، ربابن کي روڪيو..
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
ڌرتي سرتي
نظم
او ڌرتي ! مان تنهنجي رخت ڏيندي ڏيندي،
رهندو مان تنهنجو قرضي مان ٿيندو وڃان ٿو.
منهنجي جسم واري مٽيءَ جي حصي کي،
تنهنجا ٿورا ، جو ڪُن ۽ فَيڪونَ ويلي،
پنهنجي وارثي ڏئي تو پنهنجو بڻايو،
نه ڄاڻان نه ڄاڻان تو ڪيڏن جُڳن کان،
منهنجو خاڪي چاڻو تَهنِ ۾ لڪايو،
مُنهنجي ڏاتِ ۽ ذاتِ جو تاڃي پيٽو،
الولين، اُداسين ۽ لُوچِن جو کيٽو،
چِٽين چانڊوڪين ، باکَ، بلبن جون جوتون،
حياتيءَ جي حسناڪين واريون سوچون،
وڇوڙي جا نوحا وصُل جا جمالا،
غلاميءَ، غريبيءَ جا پٽڪا، پاڄارا،
تاسارنَ چپن ڪاڻِ ، سنڌوءَ جي ڌارا،
بُکئي پيٽَ لئه سَنگَ ، ڪڻُڪنِ جا ٻارا،
منهنجي ڀاڱي وارا بچائي رکيا ها،
صدين کان تو مون لئه سَنڀاري رکيا ها،
تبسم جي مٽيءَ پنوڙي تي ڌرتي،
سندس جسم جي هر ذري تي او ڌرتي،
مڃيان ٿو ته اڻکٽ اڪيچار ٿورا،
مَگر تنهنجو تنهن کان اُتم ٿورو آ جو،
منهنجين ڌڙڪنن، دل جي هر دڪدڪي جو،
جياپي، جنون جي سڄي فلسفي جو،
سڄي نيڪ ناميءَ ۽ شهرت جو مرڪز،
غزل، گيت، وائيءَ ، هائيڪي جو محور،
سدا سبز گوشي جي سهڻيءَ گهٽيءَ تي،
تنهنجي پاڪ پَوِتَرتا واريءَ مٽيءَ تي،
او ڌرتي ! جيڪا سونهن سرتي رهي ٿي،
سا سَرتي ته منهنجيءَ سَڄي شاعريءَ ۾،
سُندرتا جون سهسين رنگينيون ڀري ٿي،
وِڄُنِ جان وراڪن ۾ گونجون گَجي ٿي،
پري کان پُڄي پاس گم ٿي وڃي ٿي،
صبوح شام سوچن ۾ لهرون لڙهي ٿي،
شفق ۾ لهي چاندنين ۾ کڙي ٿي،
وڙهي ٿي رُسي ٿي، روئي پئي ٿي،
وڏي ڳالھ منهنجين ڳراٽين وجهڻ تي،
وري ساڳيو مونساڻ پرچي ٿي،
سٽن ۾ سڀيتا جون سُرڪيون ڀري ٿي،
تُنهجين سانورينِ سانجهين ۾ او ڌرتي،
مِٺِينِ مَنچَلينِ مُوسمن ۾ او ڌرتي،
هُڳائن سان پنهنجي حسين بُتَ کي مَهِٽي،
سُڳنڌن سان وِهنجي سُرهاڻيون سَجائي،
سنڌوءَ ڀر تي گهاٽا ڊگها وار ڇوڙيون،
گُجر هُرمچي تي نوان ويس پهريون،
ڪڪوريل انگن تي اُجاريون هلي ٿي،
چُني کي ڏندن ۾ چَڪي جو تَڪي ٿي،
پٽيهرَ پيرن ۾ جو پايلَ ٻڌي ٿي،
۽ توتي جڏهن ڊيل وانگر ٽلي ٿي،
تڏهن منهنجي اندر جي پاتال ۾ تون،
او ڌرتي ويتر پُختيون پاڙون هڻين ٿي
تون ادراڪ ۽ احترامن جون زياده،
اڃان زور سان مون ۾ ميخون جَڙين ٿي،
تنهن بعد ئي تصوفُ جا ورد ۽ وظيفا،
مٽيءَ سان ماڻهوءَ جي سنٻنڌ جا سرشتا،
چمين ، چاه، چُسڪين ڳراٽين جا ڪشتا،
نباتن، پتاشن، ڳنڍيرين جا ڳُٽڪا،
انوکين ادائن، اشارن جا چُٽڪا،
او منهنجي مٺي سنڌ تون ٿي پين ٿي،
جيڏل تيئن تون جند ساڻ جڙجي پوين ٿي،
تون ايڏا جو اُتساهَ آڇيون اچين ٿي،
پساهن سان گڏ پيار پاٻوھ ڏين ٿي،
تڏهن مان ته پنهنجيءَ سڄي شاعريءَ ۾،
پنهنجي آپِ بيتيءَ واريءَ ڊائريءَ ۾،
ڳائيندو وَڄائيندو لِکندو وَتان ٿو.
او ڌرتي مان تنهنجي رخت ڏيندي ڏيندي،
رهندو مان تنهنجو قرضي ٿيندو وڃان ٿو.