Tuesday 17 April 2018

مخدوم محمد زمان “ طالب المولا ” ؛ شاعري ۽ زندگي


عنوان
تفصيل
نالو
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ
والد جو نالو
مخدوم غلام محمد
جنم ڏينھن
6 آڪٽوبر 1919ع ـ مطابق 9 محرم 1338ھ
پيدائش جو ھنڌ
ھالا نوان، سنڌ
وفات جو ڏينھن
11 جنوري 1993ع
وفات 11 جنوري 1993ع مطابق رجب 8، 1413 هجري، ڏينهن جمعو .پاڻ مخدوم غلام محمد سائين رحه ، حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور رحه جي پندرهين سجاده نشين جا فرزند آهن ۽ حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور رحه جي اولاد مان آهن ، جي خليفه اول حضرت ابوبڪر رضه جي اولاد مان آهن. حضرت مخدوم نوح رحه پنهنجي زماني جو غوث ۽ مجدد هو. سندن معاشرتي اصلاح، سلسلي ۽ طريقت جي تبليغ جا تجديدي ڪارناما ، سنڌ جي قديم تنصيفات ، حديقته الاوليا، ارشاد الطالبين، دليل الذاڪرين، رساله فتوحات سنڌي عرف رساله فتحي ۽ تحفته الڪرام ۾ تفصيل سان موجود آهن. حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور رحه جو اهو جاري ڪيل سلسلو ، سروري سهروردي سلسلي جي نالي سان ملڪان ملڪ مشهور آهي. ان سلسي سان وابسته تعداد سندن زماني ۾ نو لک شمار ڪيو ويو، ان ڪري هن سلسلي کي نو لکي گودڙي پڻ سڏيو ويو آهي.
اشاعت ـ هن سلسلي جي اشاعت سنڌ جي چئني ڪنڊن ۾ ٿي، بلڪه ان جي حدن کان ٻاهر؛ اتر ۾ بهاولپور، پنجاب، ملتان ۽ بلوچستان تائين؛ ڏکڻ ۾ ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات، ان طرح جوڌپور ۽ جيسلمير تائين پکڙيل آهي. ڪيئي گاديون هن درگاه سان لاڳاپيل آهن.
تعليم
اول قرآن ڪريم پڙهيا ان کان پوءِ فارسي جي تعليم ورتائون، سندن تعليم ۽ تربيت سندن والد حضرت غلام محمد سائين جي خدمت ۾ ٿي.
سجاده نشيني
سندن والد ماجد حضرت غلام محمد سائين ، 30 ذوالحج 1363 هه مطابق 16 ڊسمبر 1944 ع تي وفات ڪئي ۽ پاڻ 1945 ع جي اوائل ۾ حضرت نوح سرور جي سلسلي جا سورهان سجاده نشين ٿيا.
شاعري ۽ راڳ
شاعري ۽ راڳ سان شغف ۽ ادب سان شوق کين ننڍ پڻ کان گويا ورثي ۾ مليو، 1930 ۾ ناري جي سفر تي شاعرانه ذوق تڪميل تي پهتو. اول بيوس پوءِ فراقي ، زمان شاه ۽ پوءِ طالب تخلص ڪيائون. 1949 کان طالب المولى تخلض اختيار ڪيائون.
مخدوم طالب الموليٰ جي هونئن ته سڄي شاعري ئي لاجواب آهي، پر ٻي شاعري وانگر سندس هي ڏاڍو مشهور آهي،
تو دلڙي يار ڌُتاري پوءِ يار ڪا نه ڪيئي پوئواري
علمي ۽ ادبي خدمتون
1936ع ۾ جڏهن سندن جي عمر اڃا سترهن سال مس هئي ته هالن جي شهر ۾ ”انجمن علم ۽ ادب“ جو پايو وڌائين. هن انجمن جي ذريعي ڪيتريون ئي ادبي ڪانفرنسون ڪوٺايون ويون. علم ۽ ادب جي فروغ لاءِ هالا ۾ الزمان پريس قائم ڪيائون ۽ هفتيوار الزمان ۽ پاسبان اخبارون ڳچ عرصي تائين هليون. 1950 ع ۾ سندن سرپرستيءَ ۾ ماهنامو ”فردوس“، 1952ع ۾ ماستر جمعي خان ”غريب“ جي ادارت ۾ ”طالب المولى“، 1956 ع ۾ رسالو ”شاعر“ نڪتو. 1952 ع کان پاڻ جميعت الشعراء سنڌ جا صدر منتخب ٿيا. پاڻ ريڊيو پاڪستان مشاورتي ڪميٽيءَ جا ميمبر به هئا ، مخدوم صاحب علم ۽ ادب جون اڻڳڻت خدمتون ڪيون.
تعليمي خدمتون
ان سلسلي ۾ طالب المولى هاسٽل هالا ۽ طالب المولى هاءِ اسڪول دادو، يادگار آهن.
·         ملڪي خدمتون ـ پاڻ ون يونٽ کان پهريان سنڌ اسمبلي جا ممبر هئا ۽ ان کان پوءِ ٻه ڀيرا قومي اسمبلي جا ممبر منتخب ٿيا.
لکڻيون
 (1) امام غزالي جا خط
·         (2) اسلامي تصوف
·         (3) خود شناسي
·         (4) شيطان
·         (5) بهار طالب
·         (6) رباعيات طالب
·         (7) ياد رفتگان
·         (8) مثنوي عقل و عشق
·         (9) ڪچڪول
·         (10) ڪافي
·         (11) سنڌ جو شڪار
·         (12) بياض طالب المولى
·         (13) مصريءَ جون تڙون
·         (14) مضامين طالب المولى
·         (15) سماع العاشقين في سرور الطالبين ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن.
اعزاز
سندن علمي ۽ ادبي ملڪي ۽ سماجي خدمتن جي قدر ڪندي پاڪستان سرڪار کيس تمغه پاڪستان“ جو اعزاز ڏنو پاڪستان“ جو اعزاز ڏنو ويو
رحلت
پاڻ 11 جنوري 1993 ۾ هن فانِي دنيا مان لاڏڻو ڪري ويو.
مخدوم طالب المولى ۽ ڪافيء جي روايت.
سروري خاندان ۾ ڪافيءَ جي روايت جيتوڻيڪ مخدوم محمد امين ”پکن ڌڻي“ کان شروع ٿي، پر ان کي عروج تي مخدوم طالب الموليٰ سائينءَ جن پهچايو. هن هڪ ئي وقت عروضي شاعريءَ سان به نڀايو، گڏوگڏ سنڌي شاعريءَ جي ديسي صنفن بيت ۽ ڪافيءَ سان به خوب نڀايو. مخدوم صاحب ڪافيءَ ۾ نوان تجربا ڪري، ان کي جديد ڪافيءَ جو رنگ ڏنو. موسيقيت، رواني ۽ سادي اسلوب سبب سندس ڪافي منفرد شڪل اختيار ڪري بيٺي آهي. سندن ڪافين جو ذخيرو ”ڪچڪول طالب“، ”بي پير اکيون“، ”ڇپر ۾ ڇڙيون“ ۽ ”آب حيات“ ڪتابن ۾ موجود آهن. هنن ڪتابن ۾ مخدوم صاحب جون لکيل ٻيون صنفون غزل، بيت، مخمس وغيره به شامل آهن، جڏهن ته انهن ۾ ڪافين کي دور مطابق هڪ هنڌ يڪجا ڪرڻ سان اسان مخدوم صاحب جي ڪافيءَ جو فني ۽ فڪري تجزيو آسانيءَ سان ڪري سگهنداسين.

ڪافي سنڌ جي آڳاٽين شعري صنفن ۾ شمار ٿئي ٿي. هن صنف جو باقاعدي ترتيب وار اڀياس اسان کي سنڌ جي سياسي، سماجي، مذهبي ۽ معاشي حالتن کي سمجهڻ ۾ به وڏي مدد ڏئي سگهي ٿو. هن صنف جو پکڙجڻ ۽ عام ۾ مقبول ٿيڻ به هن صنف جي وسعت کي ظاهر ڪري ٿو. مخدوم طالب الموليٰ عروض سان ڀرپور نڀائيندي ڪافيءَ جهڙي ديسي صنف کي اختيار ڪيو، ان جو هڪ سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته جنهن به شاعر جون پاڙون پنهنجي زمين ۾ کتل آهن، اهو روايت کان منهن نه ٿو موڙي سگهي، بلڪ روايت کي جدت سان ڳنڍي ٿو. روايتن سان جڙيل گهاڙيٽن کي اختيار ڪري، ان جي فن ۾ وسعت پيدا ڪري ٿو ته ٻئي طرف ان ۾ نوان نوان موضوع شامل ڪري موضوعن ۽ مضمونن جي رنگيني پيدا ڪري ٿو. مخدوم صاحب به ساڳيءَ طرح ڪيو آهي. هن ڪافيءَ جي گهاڙيٽن ۾ قافين جي مٽاسٽا سان ان کي فروغ ڏنو آهي ته ٻئي طرف ان ۾ موضوعن، مضمونن ۽ مختلف ٻولين جي لفظن جي آميزش سان خوبصورتي پيدا ڪئي آهي، سندس ڪافي يڪي، ڏيڍي، ٻيڻي، ٽيڻي ۽ چؤڻي آهي. هي ڪافين جا عام گهاڙيٽا آهن. هن ۾ نواڻ قافين جي مٽاسٽا ۽ مضمون سان پيدا ڪئي ويندي آهي. مخدوم صاحب موسيقي شناس هو، پاڻ هارمونيم وڄائي ڄاڻندو هو. کيس راڳن ۽ اُن جي ٺاٺن جي چڱي خاصي ڄاڻ هئي. تنهن ڪري سندن ڪافيون به مختلف سُرن ۾ ورهايل آهن، جن ۾ آسا، ڀيروي، گنڌاري، سنڌي ڌناسري، تلنگ، لوڙائو، پِيلو، ڪسوري، پهاڙي، جوڳ، مانجهه، ڪوهياري، راڻو، بهاڳ، درباري، کنڀات، جهنگلو، بلاول ۽ ٻيا سُر شامل آهن. مخدوم امين پکن ڌڻيءَ جي ”ڪليات امين“ ۾ شامل ڪافيون به مخدوم طالب الموليٰ مختلف سُرن ۾ ترتيب ڏئي رکيون هيون.

شاعريءَ جي ڪنهن به صنف جو گهاڙيٽو وڏي اهميت رکندو آهي. اُن لاءِ ان جي سمجهه شاعر لاءِ بيحد ضروري آهي ۽ جيڪي شاعر صنفن جي فن تي دسترس رکندا آهن، اهي ئي انهن ۾ تبديليون آڻيندا ۽ نوان تجربا ڪندا آهن. سچل سائين ڪافيءَ جو اهو پهريون شاعر آهي، جنهن اُن جي گهاڙيٽن ۾ قافين جي مٽاسٽا سان تبديليون پيدا ڪري، هن صنف جي حوالي سان ايندڙ شاعرن لاءِ نوان گس جوڙيا. هن جا اهي تجربا ڪامياب ثابت ٿيا، تنهن ڪري سنڌي شاعريءَ جي صنفن مان جيترا فني تجربا ڪافيءَ جي هيئت ۾ ٿيا، شايد ڪنهن به صنفي هيئت ۾ نه ٿيا هوندا ۽ ڪافيءَ جي مقبول عام ٿيڻ جو اِهو به ڪارڻ آهي.

مخدوم طالب الموليٰ جي ڪافين ۾ جتي يڪي، ڏيڍوڻي، ٻيڻي، ٽيڻي ۽ چئوڻي جا گهاڙيٽا شامل آهن، ته انهن ۾ هن قافين جي مٽاسٽا ۽ ٿلهه جي سٽن توڙي تُڪن جي گهٽ وڌائيءَ جهڙا تجربا به ڪيا آهن. هتي مختصر طور اهڙا ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا:

مخدوم صاحب جي ڪافين ۾ يڪي ڪافيءَ جا به نمونا موجود آهن. هن ڪافيءَ جو ٿلهه توڙي بند هڪ هڪ سٽ ۽ ٻن تُڪن جا آهن، جن جي ٿلهه جي پهرينءَ تُڪ ۽ بند جي آخري پد جي پڇاڙيءَ ۾ قافيو آندل آهي:

ٿلهه: هرجا حاضر ناظر، مولا جنهن جو آهي،

بند: طالب! مولا مليو طلب توحيدي، الا اعليٰ شان اڪابر.
(ڪچڪولِ طالب، ص 32)

ڏيڍوڻي ڪافيءَ جا نمونا به طالب الموليٰ وٽ موجود آهن، هن مشهور ڪافيءَ جو ٿلهه چئن تڪن ۽ ٻن سٽن جو آهي، جڏهن ته بند جي سٽ ٻن تُڪن جي آهي، هڪ پد واري سٽ وراڻيءَ طور آندي وئي آهي. قافيو ٿلهه جي پهرئينءَ تڪ ۽ بند جي ٽين تڪ يعني وراڻيءَ ۾ آيل آهي. جڏهن ته ٿلهه جو ٻيو ۽ چوٿون پد پاڻ ۾ همه قافيه آهن، جن جو بند سان ڪو تعلق ناهي. هن ڪافيءَ جي گائيڪيءَ جي خوبصورتي، ان جي بندن سان گڏوگڏ ٿلهه جي قافين ۾ لڪل آهي:

ٿلهه: سهڻل جا سينگار وهوا، دل کي وڻن ٿا،

دل کي وڻن ٿا، ڏاڍا ٺهن ٿا: ڏاڍا ٺهن ٿا، من کي موهن ٿا.

بند: نڪ نجيب جو ننڍڙو ننڍڙو، سنهڙو سنهڙو ڪُنڍڙو ڪنڍڙو،
رنگ ڀريا رخسار.

(ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 339)

ٻيڻي ڪافيءَ جا ڪيترائي نمونا اسان جي هن شاعر وٽ موجود آهن. هن هيٺينءَ ڪافيءَ جو ٿلهه توڙي بند، ٻن ٻن سٽن ۽ چئن چئن پدن جا آهن، جن ۾ ٿلهه جو ٻيو، چوٿون ۽ بند جو چوٿون پد پاڻ ۾ همه قافيه آهن ان سان گڏ رديف به ڪم آندل آهي. هن قسم جون ڪافيون هوبهو غزل جهڙيون لڳن ٿيون، فرق فقط وزن جو رهي ٿو. مخدوم صاحب جي ڪافيءَ جو نمونو هن ريت آهي:


ٿلهه: مــــست الفت ۾ ڪيا ڪئين ورهه ويچارا هڻي،
پــرت ســان ڪــيڙا پڌر ڌڪ درد دل وارا هڻي.


بند: درد وارن جـــي او ســـــهـــڻا، ويـــڄ واهــــر ڇــا ڪندا.

چاڙهه چاڙهيءَ مان سڄڻ، تون تن کي ڇُوڪارا هڻي!

(ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 352)
اڍائيوڻي ڪافيءَ جو نمونو به مخدوم صاحب وٽ موجود آهي. جنهن جو ٿلهه توڙي بند پنجن تڪن ۽ اڍائي سٽن جا آهن. ٿلهه جو پهريون، چوٿون ۽ بند جو چوٿون پد پاڻ ۾ همه قافيه آهن. جڏهن ته ٿلهه جو ٻيو پد، ٿلهه توڙي هر بند جي وراڻيءَ طور استعمال ڪري خيال تي زور ڏئي منجهس موسيقيت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هي ڪافي مخدوم صاحب 2 اپريل 1948ع تي لکي هئي.


ٿلهه: آ يار دلربا تون، محبوب مهلقا تون،
توکان جدا ڪريان ڇا، سڀ منهنجا آسرا تون.

محبوب مهلقا تون!


بند: دلدار يار جاني، ڇا قرب جي ڪندين ڪا، مون ساڻ مهرباني،
شــــب روز پيــــو نــــهاريان، ڪـــنهن دم، ڪـــندين عــطا تون.

محبوب مهلقا تون.

(ڪچڪولِ طالب، ص 30)

هن ڪافيءَ ۾ عروضي وزن مفعول فاعلاتن، مفعول فاعلاتن، ڪم آندل آهي.

ٽيڻي ڪافيءَ جو به نمونو به مخدوم صاحب وٽ موجود آهي. هن ڪافيءَ جو ٿلهه ٻن سٽن ۽ بند ٽن سٽن ۽ هڪ هڪ پد جو آهي، قافيو ٿلهه جي پهرئين ٻي ۽ بند جي ٽين سٽ جي پڇاڙيءَ ۾ آيل آهي، جڏهن ته هر بند جي پهرين ۽ ٻي سٽ پاڻ ۾ همه قافيه آهن.


ٿلهه: اکـــين ۾ عـــجيـبـن جون آهن آکاڻيـون،
سُتيون ڪين ڪڏهين سدوريون سياڻيون،

بند: نـــهاري نـــــهاري، اهــــي ڪــونه ٿڪيون،
اصل کان ڪيون پرت، پختيون ۽ پڪيون،
هو سڪ ۾ سڄڻ جي سراسر ساماڻيون.

(ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 429)
چئوڻي ڪافيءَ جا ڪيترائي نمونا مخدوم صاحب وٽ ملن ٿا، جن ۾ قافين جي مٽاسٽا ٿيل آهي. سندن اهڙين ڪافين جا ٿلهه ٻه سٽا ۽ بند چار سٽا آهن، جڏهن ته ڪن ڪافين جا ٿلهه به بند وانگر چار سٽا آهن
.


ٿلهه: مـــينــهن ڪــــريــــن تـــــــون مــتـــان،
منهنجي اکين سان ريس رئڻ جي!


بند: موسم جو محتاج تـــــون آهـــــيـــن،
پنهنجـي وس ۾ هــــرگـــز ناهـــيــن،
تـــــوکــــــي ڀـــــــلا ڪـــــئــــن مــڃان،
ڪين وسين ٿو، ڪرين وسڻ جي!

(ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 428)

هڪ پد واري مٿينءَ ڪافيءَ ۾ قافين جي استعمال، اُن ۾ لئڪاري پيدا ڪئي آهي. چئوڻي ڪافيءَ ۾ چئن سٽن ۽ اٺن پدن واري ٿلهه واري ڪافيءَ جو نمونو هن ريت آهي:


ٿلهه: ڪري قرب اچڻ، وري موٽي وڃڻ،
اهــــا رســـم رکــــڻ، اخـتيار نه ڪر!

هــڪ ڀــيــرو مـلڻ، ڇـــني نـاتو ڇڏڻ،
مهڻا منهن تي ڏيڻ، اختيار نه ڪر!

بند: ويــــا ورهه وري، آئـــين ڪونه وري،
دل درد ڀــــــري، ڳــــڻـتـيـن ۾ ڳــــري،
ٿي نيٺ چري، منهنجي ڪانه سري،
هيئن منهڙو مٽڻ، اخـــتيــار نه ڪر!

(ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 369)

مخدوم صاحب جتي گهاڙيٽن ۾ ڪيتريون تبديليون آڻي خوبصورتي پيدا ڪئي آهي، اُتي سندس هڪ ڪافيءَ جو هيٺيون ٿلهه منفرد انداز سان اسان جو توجهه ڇڪائي رهيو آهي، جنهن جون پنج تڪون آهن ۽ چئني پدن جو پهريون لفظ تبديل ڪري معنيٰ ۽ مفهوم کي سمجهائڻ لاءِ زوردار بڻايو ويو آهي:




ٿلهه: آبِ حــــيات پيـــار او ســاقــــي،
ننڍڙن پنهنجن لال لبن ســان،
سنهڙن پنهنجن لال لبن سان،
مٺڙن پنهنجن لال لبن ســـان،

سهڻن پنهنجن لال لبن سـان،
آب حــيــات پيار او ســـاقـــــي!

(آب حيات،ص7)
سندس هڪ ڪافيءَ جي قافين ۾ تصغيريت جو نمونو به موجود آهي:


ڪِــــئـــن وســاريـــا ويهــي تــو،”قالـوا بَليٰ“ اقرارڙا،
ڪري ڪين سگهندين، سڄڻ سان عشق ۾ انڪــارڙا.

(ڇپر ۾ ڇڙيون، 330)

مخدوم طالب الموليٰ جي ڪافين ۾ توحيد، حبِ رسول، تقويٰ، حقيقي عشق، حُسن ۽ عشق جهڙا موضوع سمايل آهن، هر انسان جي سرشت ۾ الله آڏو جُهڪڻ، ان جي احڪامات تي عمل ڪرڻ، نيڪيءَ جا ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪائنات جي چپي چپي تي ڦهليل فطري حُسن کان متاثر ٿيڻ، انسان جي سونهن پسڻ، ان کي ماڻڻ ۽ ان کي پنهنجي تصوراتي دنيا ۾ سمائڻ جهڙا عنصر موجود رهن ٿا. شاعر اُن معاملي ۾ وڌيڪ حساس ٿئي ٿو، جو هو هر هڪ عنصر کي گهرائيءَ سان پرکڻ بعد پنهنجي تصور ۾ ان کي سمائي، نه رڳو ان جو اثر قبولي ٿو، پر ان کي پنهنجي تخليقي سگهه سان اثر پيدا ڪندڙ پيرائي ۾ اظهاري به ٿو. مخدوم صاحب هر صورت ۾ الله کي پسي ٿو. هر نظر، هر منظر ۾ هڪ ”هو“ ئي آهي، ٻيو ڪجهه به ناهي:


هادي حڪمتدار، اِلا الله، سائين آهي سڀ صورت ۾!

ڪل شيءِ“ خود محيط جو آهي، وچ ۾ وار وٿي ڪا ناهي!
غالـب آهي غفــار اِلا الله، ذات ســمائي ويو صـفات ۾!

(ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 307)

سمورن صوفي شاعرن مٿئين قسم جو فلسفو بيان ڪيو آهي، گڏوگڏ پاڻ ۾ ان کي ڳولڻ ۽ پوءِ هڪ منزل تي اچي هرشيءِ ۾ حق کي پسڻ جهڙا فلسفا بيان ڪيا آهن. مخدوم صاحب پنهنجي هيٺينءَ ڪافيءَ ۾ ”حق تعاليٰ“ سان جنهن انداز سان مخاطب ٿيو آهي، اهو تخاطب اهو ئي ڪري سگهي ٿو، جيڪو ان سان بي پناهه محبت رکي ٿو. اها حجت ته اهڙوئي فرد هلائي سگهي ٿو. سچل سرمست به بندي ۽ خالق جي تعلق کي بيباڪيءَ سان اظهاريو آهي، پر هن ڪافيءَ ۾ هي انداز منفرد به آهي ته خوبصورت به!

نرمل رخ تان لاهه نقاب، لڪندي لڪندي عمر گذاريئي!

روحن جت هو ميڙ مچايو، پيچ پرين تو تڏهين پايو،
ورتئي مون کان ”ها“ جو جواب، ڪيئن ٿي پيارا مون کي پڪاريئي!

سهڻا سائين ياد اٿئي سا، قرب ۾ مون سان ڳالهه ڪيئي جا،
توئي عجيب ڏنو هي آب، وقت انهيءَ ۾ ويجهو وهاريئي.

(ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 308)

ڪافيءَ جو هي انداز نرالو به آهي ته ڇرڪائيندڙ به! هي حجت جو انوکو انداز آهي. اها حجت ته تڏهن ئي ٿي سگهي ٿي، جڏهن حقيقي عشق جي سُرڪي چکجي. هڪ ٻي ڪافيءَ ۾ مخدوم صاحب جي ان حجت جو ڄڻ ڪو سِرو هٿ پيو اچي، چئي ٿو:


جن جي سر تي عشق اطهر ٿيو، اچي جلوه نما،
سي هليا سبحان ڏي، ”هو هو“ جا هونگار هڻي!


ات فقيري فيض جا، چشما ٿيو جاري پون،
جت اچي ويهي ٿو، حضرت عشق اوتارا هڻي!

(ڇپر ۾ ڇڙيون، 352)

مجاز، شاعريءَ جو هڪ اهڙو موضوع آهي، جيڪو هر شاعر وٽ پنهنجي پنهنجي پئماني ۽ رنگ، ڍنگ سان نروار ٿيل آهي. مخدوم صاحب جي ڪافيءَ ۾ به اهڙو موضوع دلڪش ۽ دلنشين انداز سان موجود آهي. سندس هن مشهور اڍايوڻي ڪافيءَ ۾ سُونهن ۽ سوڀيا کي ظاهر ڪرڻ جو مترنم نمونو ڏسو:


وار وڪوڙيل ڪنڍڙا ڪارا، سينڌ سڌي پئي ڏي چمڪارا،
مشڪ سان موهيل خوشبو وارا، تن ۾ گلاب جا گل!


پرين لڳن ٿا ڏاڍا پيارا!


واهه جو ٻڌين ٿو ونگيو وانگوڙو، سمجهي سڀڪو نانگ جو جهوڙو،
تـنهنـجـو قــســم آءٌ نـاهيــان ڪــوڙو، منهنجا محب مٺل!


ڦڻيون ڪڍيو ڄڻ ڏين ڦوڪارا!

(ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 338)

هن ڪافيءَ جو تخاطب مرداڻو آهي، ته وري ڪٿي ڪٿي مخدوم صاحب جي ڪافيءَ جو مخاطب زنانو به آهي. هن ڪافيءَ ۾ حقيقت ۾ عورت جي سونهن سوڀيا جي ساراهه ڪئي وئي آهي، تنهن ڪري پنهنجي سماج جي روايت پٽاندڙ ئي هن ڪافيءَ جو مخاطب مذڪر آهي. هن خوبصورت ترنم واري ڪافيءَ ۾ تشبيهه جو خوبصورت نمونو به موجود آهي.


هيرو نڪ ۾ آهي هزاري، بولو بئنسر ميناڪاري،
چندن هـــار ســـڄو ســونهــارو، بــرهه لائــيـن بَڪل؛
ڄڻ چمڪن ٿا چنڊ ۽ تارا.


مخدوم طالب الموليٰ جي ڪافين ۾ سُونهن سوڀيا، حُسن ۽ عشق، عجز عاجزي، تڙپ بيقراري، آنڌ مانڌ، لُڇڻ ۽ لوچڻ، سڪ ۽ اُڪير جا ڪيترائي عڪس ۽ نقش موجود آهن. هن جي ڪافين ۾ هڪ اهڙو جهان سمايل آهي، جنهن ۾ جڏهن رڳو دري کولي جهاتي پائجي ٿي ته ماڻهوءَ تي عجب جهڙي مسرور ڪن ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي، جنهن آڏو مَڌ جو سرور به ڦِڪو ٿيو پوي. دل دنبوري جيان وڄڻ شروع ٿئي ٿي، جسم موسيقيءَ جي لئه تي رقص ڪرڻ شروع ڪري ٿو ۽ ڄڻ ڪائنات ۾ ڪو مڌر سُر جاڳي پوي ٿو. شاعر جا جذبا، احساس ۽ ڪيفيتون جڏهن موسيقت سان پُر ٿي سُر ۽ تال جي صورت اختيار ڪري اسان جي بصري سماعتن سان ٽڪرائجن ٿا ته ان وقت ڄڻ هر ذهن ڪيف ڪڪوريل بڻجيو پوي، سندس ڪجهه اهڙين شاهڪار سِٽن جا عڪس هت پسڻ ضروري آهي:


تون ڇا هئين، ڇا مان ڇا ٿي وئين،
جڏهن تنهنجو ٿيس ته جدا ٿي وئين!


عــجـــب عـــشـــق آهــي اسـان جـو الــستي،
ڪڏهن بُت پرستي، ڪڏهن خُود پرستي!


لڳايم نينهن جو ناتو، اهو ناتو نِڀائيندس!


عمر بند رکبيون نه ڪنهن جون نياڻيون،
مڙئي منهنجون شاهد اَٿئي گهر ڌياڻيون!


تـــو دلـــڙي يـار ڌُتـاري، پر ير، ڪـانه ڪيئي پوئواري،
تنهنجا ڪيسَ پيارل ڪارا، آهـــــن پيچ انهن جا پيارا،
ڪن وَنگ وجهڻ لئي وارا، پائــــن ڳٽ ڳچي ۾ ڳارا!


سڪندي ٿـيڙم سال، ويٺي ساجن ساريان،
ساجـــــــن ســـــــاريـــــان، ڪــــيئن وســاريـان.


تو سان نرمل نينهن نڀائيندس، ٻي پاسي دل نه لڳائيندس!


تون پهرئين نظر ۾ کسي دل کڻي وئين.


اکـــيـــون عــــزم واريــون عقابي عقابي،
هو مارڻ سان ڪن ٿيون شتابي شتابي.


مون نه ٿي ڀانيو ته آخر، ڌار ويچاري ڪندا،
پر اڃا آهن اميــدون، محـــب موچاري ڪندا!


مخدوم صاحب جتي ڪافين کي موضوع ۽ مضمون سان به رنگيني بخشي آهي، اُتي هن انهن ۾ اندروني قافين ۽ لفظن جي ورجاءَ سان به هڪڙي لئڪاري پيدا ڪئي آهي، هر ٻڌندڙ، ڀلي اُهو موسيقيءَ جي علم کان اڻ واقف هجي، پوءِ به اُن جي ترنم ۽ رواني، سلاست ۽ سادگيءَ کان متاثر ٿيڻ کان رهي نه ٿو سگهي. هي بند ڏسو:


ســـــهڻـــــل جــــــــــا ســيــــنــــگــــار، وهــــوا دل کي وڻــــــن ٿــــا،
دل کي وڻن ٿا، ڏاڍا ٺهن ٿا، ڏاڍا ٺهن ٿا، من کي موهن ٿا!


ڪـــارا ڪـــارا، ڪنڍڙا ڪنڍڙا، سهڻا سهڻا، سنهڙا سنهڙا،
وانگوڙي ۾ وار!


تيل ڦليل، ڦڻيون ڦوڪارا، ڌوپيل واسيل ڪيسَ هُو ڪارا،
گَهرا گُهنڊيدار،

گڏ گذارڻ اٿــڻ ۽ ويهـــڻ، طالـــب مـــــولا رُســــڻ ۽ پَــــــــرچڻ،
محبت جا معيار!


هنن بندن ۾ جيڪا دلڪشي، رنگيني، رواني ۽ دلنشيني موجود آهي، اها ان جي ٻوليءَ ۽ اسلوب سبب آهي.

ڪافيءَ سنڌ جي نج ديسي صنف آهي، جنهن ۾ ٻوليءَ جو استعمال به نج ڪيو ويندو آهي ته جيئن ان جي اصليت به قائم رهي، پر وقت سان گڏوگڏ عام مروج ٻوليءَ ۾ جيڪي مثبت تبديليون ٿينديون رهن ٿيون، اُهي اسان جي شاعريءَ تي به اثرانداز ٿينديون رهن ٿيون. خيال فقط ان ڳالهه جو رکڻو آهي ته ٻين ٻولين جا اثر قبول ڪندي، اسان پنهنجي ٻوليءَ جي اصليت، ان جي صورت خطيءَ، لهجن توڙي وياڪرڻ جي بنيادي اصولن کي وساري نه ويهون. وقت سان گڏ ٻوليءَ ۾ ٿيندڙ اهڙيون تبديليون مخدوم صاحب به قبول ڪندي؛ انهن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪٿي ڪٿي آندو آهي. مثال طور سندن هڪ ڪافيءَ جي بند ۾ اکين کي ”ڪميونسٽ“ سڏيو ويو آهي ته گڏوگڏ شاعر اکين کي روس ۽ چين جي عقيدن جي انڪارين/ ڪميونسٽن سان ڀيٽيندي چوي ٿو ته کيس هر لمحي بيقرار رکيو ويٺو آهن:


هو تسليم ڪنهن کي، ڪڏهن ڪين ڪن ٿيون،
يقيناً اهي ٻئي، ”ڪميونسٽ“ آهن.

اٿن ڄڻڪ روسين ۽ چينين جون چاليون!


مخدوم صاحب عروضي شاعر به هو ته ”غزل“ جي اصل ديس واري ٻوليءَ کي ضرورت مطابق غزل ۾ سموهڻ جو حامي پڻ. ان ڪري سندس غزلن ۾ صراحي، مينا، ساقي، جام وغيره جهڙا لفظ ۽ ترڪيبون موجود آهن، اتي عربي، فارسي لفظن جي آميزش اسان کي سندس ڪافيءَ ۾ ملي ٿي، پر اها ڪافيءَ جي خوبصورتيءَ کي متاثر نه ٿي ڪري، بلڪ ان ۾ رلي ملي لئه ڪاري پيدا ٿي ڪري. هت چند مثال پيش ڪجن ٿا:

ڪٿي تير تبر، ڪٿي تيغ تفنگ،
ڪٿي هرڪا نظر، آهـي جامِ فگن،
تنهنجو هر ڪو اشارو، زهد شڪن.


مٿي مختصر طور مخدوم طالب الموليٰ جي ڪافيءَ بابت گفتگو ڪئي وئي آهي، ان جي پس منظر بابت ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ لکيو آهي.


موجوده دؤر ۾ حضرت مخدوم طالب الموليٰ سائين ڪافيءَ جو بلند پايه شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن جي ڪافين ۾ رس، رچاءُ ۽ موسيقيت بدرجه اُتم موجود آهي. اهوئي سبب آهي، جو جڏهن سندس ڪافيون ڳايون وينديون آهن، ته روح کي راحت رسندي آهي ۽ قلب کي قرار حاصل ٿيندو آهي. سندس ڪافين ۾ عرفان ۽ ايقان جا نُڪتا به ملن ٿا؛ ته مجازي عشق جا جذبا به مؤثر انداز ۾ ملن ٿا.
مخدوم صاحب جون ڪافيون، جدت ۽ انفراديت، فني پختگيءَ ۽ موسيقيت جي لحاظ کان سنڌي ادب جو شاهڪار ڪافيون بنجي پيون آهن.“

(ٽماهي مهراڻ، ص 308، 1/2013)

مخدوم طالب الموليٰ سنڌي شاعريءَ جي هن ڪلاسيڪي صنف کي جنهن نئين انداز ۽ جدت سان پيش ڪيو آهي، اهو تجربو، نه فقط ڪامياب ثابت ٿيو آهي، پر سندن اهڙي قدم سان ڪافيءَ جهڙي صنف نئين رنگ، ڍنگ سان نکري نروار ٿي بيٺي آهي. پاڻ عملي طور به ڪافيءَ کي جيئارڻ لاءِ ”ڪافي مشاعرا“ منعقد ڪرايائون، گڏوگڏ ڪافيءَ کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ ”ڪافي“ نالي سان تحقيقي ڪتاب به لکيائون، جيڪو مواد، ترتيب ۽ اسلوب سبب سنڌي ادب ۾ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو.

ڪافيءَ کي سرائڪيءَ جي مشهور محقق ۽ اديب محترم حفيظ خان، ”موضوعاتي نظم سڏيو آهي ته ان کي سنڌو ماٿري جي شعوري تاريخ“ به سڏيو آهي. هن جي اها راءِ سموري سنڌي ڪافين جي مطالعي بعد بلڪل درست نظر اچي ٿي.

هن مضمون ۾ سروري خاندان ۾ ڪافيءَ جي روايت بابت جيڪو ذڪر ڪيو ويو آهي، ان مان به اها ڳالهه نظر اچي ٿي ته اسان جا هي ٻئي وڏا ”ڪافي گو“ شاعر پنهنجي وقت جي حالتن کان باخبر هئا ته هنن شعري هيئتن ذريعي عام ماڻهن کي سُک، سڪون، پيار، محبت، امن، آشتي، ميٺ، مروت، ڌرتيءَ سان پيار، برابري، سَهپ ۽ رواداريءَ جو پيغام پڻ ڏنو آهي. 
(حوالا؛ وڪيپيڊيا ۽ سنڌ سلامت ڪمپيوٽر)