Monday 23 April 2018

ڊاڪٽرآڪاش انصاري ؛ سنڌي ٻوليء جو مزاحمتي شاعر


آڪاش انصاري، ڊاڪٽر:سنڌ جو مزاحمتي شاعر ۽ صحافي الهه بخش ”آڪاش“انصاري، 25 ڊسمبر 1956ع ۾ بدين لڳ ڳوٺ ’ابل جي وسيءَ‘ ۾ ڄائو. شروعاتي ۽ ثانوي  تعليم  بدين مان حاصل ڪيائين، جڏهن ته ايم. بي. بي. ايس، لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري مان ڪيائين. سندس شاعريءَ جو مجموعو ’ڪيئن رهان جلاوطن‘ چار ڀيرا ڇپجي ادبي حلقن ۾ وڏي مقبوليت ماڻي چُڪو آهي. سندس شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب ”اڌورا اڌورا“ عنوان سان گلشن پبليڪيشن حيدرآباد ڇپايو آهي. سندس شاعريءَ ۾ رومانويت سان گڏ مزاحمت جو رنگ نمايان آهي، خاص طور تي سندس نظم، نوجوانن ۾ انتهائي مقبول آهن. پاڻ صحافت وارو پيشو پڻ اختيار ڪيائين. روزاني ’سوال‘ اخبار جو چيف ايڊيٽر به رهيو آهي. ان جي بند ٿيڻ کان پوءِ هن وقت بدين ۾ ڊاڪٽري ڪرڻ سان گڏ هڪ NGO سان لاڳاپيل آهي. شاهه لطيف تي چڱي ڄاڻ رکي ٿو ۽ علمي ادبي ميڙ ڪرائڻ جو شوقين آهي.
)سنڌيانا انسائيڪلوپيڊيا)
ڊاڪٽر آڪاش انصاري : سنڌي ٻوليء جو مزاحمتي شاعر
تحرير ؛ محمد سليمان وساڻ
سنڌ جو مزاحمتي، انقلابي ، رومانوي شاعي ۽ صحافي ڊاڪٽر آڪاش انصاري 25 ڊسمبر 1956ع ۾ بدين لڳ ڳوٺ ابل جي وسيء ۾ پيدا ٿيو۔ انٽر تائين تعليم بدين مان ۽ پوء MBBS لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو مان ڪيائين۔ سندس مقبوليت جو سبب سندس شاعري رهي آهي۔ ان سان گڏ صحافت ۾ پڻ ڪم ڪيو اٿس۔ روزانه سوال اخبار جو چيف ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي۔ سندس شاعري خاص ڪري مزاحمتي شاعري گهڻي مقبوليت ماڻي آهي جنهن جو ثبوت سندس ڪتاب ڪيئن رهان مان جلاوطن آهي جيڪو چار دفعا ڇپيو آهي۔
سندس شاعريء جو هڪ ٻيو ڪتاب اڌورا اڌورا پڻ گهڻو مشهور ٿيو آهي۔ ان ڪتاب جو ٽائيٽل سندس مشهور شاعري اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا مان ورتل آهي۔ داڪٽر آڪاش انصاري جي شاعريء جون خوبيون اهي آهن جو سندس شاعري نوجوانن جي پسنديده شاعري رهي آهي۔ سندس شاعريء ۾ مزاحمت سان گڏ انقلابيت ۽ رومانس پڻ موجود آهي۔
هن وقت پاڻ بدين ۾ ڊاڪٽري جي پريڪٽس سان گڏ هڪ NGO سان لاڳاپيل آهن۔ سندن هڪ خاص مشغلو ادبي پروگرام ڪرڻ ۽ اهڙن پروگرامن ۾ شامل رهڻ اٿس جيڪو خوب نڀائي رهيا آهن۔ دعا آهي سندن قلم مان اڃان کي گيت تخليق ٿين جيڪي سنڌ جي نوجوانن لاء مشعل راهه بڻجن۔
سندس شاعريء مان ڪجهه چونڊ:
جنھن نه مٽيءَ جي خوشبوءِ کي ڄاتو ھتي،
جنھن نه سانگين جي سَڱ کي سڃاتو ھتي،
تنھن سان ڪھڙو ڀلا منھنجو ناتو ھتي،
تنھن کي چئو! منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.
جو نه اجرڪ جي عظمت جو قائل ھجي،
منھنجي ٻوليءَ ڏي جيڪو نه مائل ھجي،
ذھن جنھن جو اڃا ڀي ورھايل ھجي،
تنھن کي چئو منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.
جنھن سنگينن سان سانگين جا سينا چٿيا،
ڄڻ محبت جا مڪا مدينا چٿيا،
عشق عرفان جا آبگينا چٿيا،
تنھن کي چئو منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.
جنھن جي اک ماروئن ڏانھن ميري ھجي،
جيڪو وانگين جي ٻچڙن جو ويري ھجي،
جيڪو جلاد، قاتل ۽ قھري ھجي،
تنھن کي چئو! منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.
جيڪو لاڻن ليارن سان نفرت ڪري،
منھنجي پورھيت پنھوارن سان نفرت ڪري،
۽ درد وند ديس وارن سان نفرت ڪري،
تنھن کي چئو منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.

**********************
اسان جي مئاسين
اسان جي مُئاسين سفر ۾ او ساٿي!
ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي،
اسان جو جڏهن خـون خوشبو ٿي ايندو،
ته ويڙها وطن جا به واســـي ڇـــڏيـــنــدو،
جڏهن ٻارڙي ڪنهن ڪئي ٻولي ٻاتي،
تــــه مـــــــاڻــيـندا منزل پنهنجا ڍول ڍاتي،
اسانجون هي ٻانهـون، اسان جـــون نــــگـاهـــون،
ازل کان لـــــوچــــيــــن ٿـــيـــون اهــڙيون راهون،
انهيءَ ڪرٽ ۾ جي ڪُسي وياسين ڪاتي،
ته ماڻيــنـــدا مـــنـــزل پــنـــهـــنجـــا ڍول ڍاٽــــي،
جڏهن منهنجا جھانگي، نه جھوريءَ ۾ جھُرندا،
ٻَـــــري ۾ نـــــــه ٻــــڪــــرار جــــا ٻـــار ٻـــــرنــدا،
سُڪي سکڻي ٿيندي نه جيـجل جــي ڇــــاتـــي،
ته ماڻيندا مـنـــزل پـــنـــهــنـــجــا ڍول ڍاٽــــــــــي،
جڏهن وڏ ڦڙو ڪو ولهارن تي وسندو،
مٿان پارڪر جي پنورهارن تي وسندو،
نــــه رهنـدي ڪا مارئي، مارن لاءِ آتي،
تــــه مــاڻــيــنـدا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي.
************************
اسين بس رهيا سين اڌورا اڌورا
اسين بس رهيا سين اڌورا اڌورا
نڪي عشق آتش وچان ٿي اڀاميو
نه هي ديپ دل مان اوهان جو اجھاميو
نه سورن جي شدت کان شعلو بڻياسين
نه سگريٽ جو ڪو ڦلو ٿي ڇڻياسين
دکياسين جلياسين اڌورا اڌورا.......
دکن کان به دل پنهنجو رشتو نه ٺاهيو
سکن ۾ به من کي سڪون ڪون آهيو
کلياسين ته خلقت جي دردن ٿي رڪيو
رناسين ته دنيا جي نظرن ٿي ٽوڪيو
نه خوش ٿي کلياسين نه رنج ٿي رناسين
اسين بس رهيا سين اڌورا اڌورا
ڦاهي جا ڦندا چمڻ کان به وياسين
۽ دنيا جا ڌنڌا ڪرڻ کان به وياسين
نه تون ئي ملين نه ڪنهن جا ٿياسين
هِتان کان به وياسين هُتان کان به وياسين
مرڻ جي مزي کان به محروم ٿياسين
۽ جينئدا رهياسين اڌورا اڌورا
اسين بس رهيا سين اڌورا اڌورا
طارق ٿي دنيا نه تياڳي سگھياسين
جهان جو به جهنجهٽ به نه جاڳي سگھياسين
عمر اڌ اڻکٽ عبادت ۾ وئي
باقي بتن سان بغاوت ۾ وئي ۽
خدا به نه مليو ۽ نه ان جي خدائي
اوه آڪاش جنڌڙي اينئن وئي اجھائي
۽ ڳولا جي رڻ ۾ رلياسين اڌورااڌورا
اسين بس رهياسين اڌورا
ڊاڪٽر آڪاش انصاري محبت، مزاحمت ۽ انقلاب جي رومانس جي سنگم جهڙو شاعر.....
تحرير: نصرالله جروار
اهو 1986ع جو سال هو مهينو ۽ تاريخ تـ ياد نـ آهي پر گرمين جا ڏينهن هئا ۽ اسان جو بابا اسان کي اُن بدين جي اسٽيشن جي گرائونڊ ڏانهن وٺي هليو جتي سنڌ جي انتهائي ٻن وڏين شخصيتين جي مارشلا جي قهري قيدن مان آزادي جي سلسلي ۾ استقبال۽ آجياڻو رکيل هو اُهي شخصيتون رسول بخش پليجو ۽ شهيد فاضل راهو هئا، جيڪي اُن وقت جي آمر جنرل ضياءُ جي مارشلا جي قهري قانونن جي عتاب جو شڪار ٿيا هئا. هوئن تـ اُن وقت جي آمر جنرل ضياءُ جي قهري قانونن جي ظلمن جي هڪ طويل ڪهاڻي آهي تـ اُن قهري مارشلائي قانونن جي چڪي ۾ پيسجندڙن ڪردارن جي نـ جهڪڻ واريون ڪيئي محبوبن جي واعيدن جهڙيون دلربا ڪهاڻيون آهن جن کي پڙهجي ٿو تـ ايمان تازو ٿي ٿو وڃي پر اُن سان گڏ اُن وقت جي مارشلائي لٺ جي اڳيان ڳجهـ ڳوه ۾ جهڪندڙن ڪردارن جون ڪنهن وئيشيا جي مڪاري جهڙيون بدصورت ڪهاڻيون بـ موجود آهن. بابا جو تعلق اُن وقت بـ جيئي سڌ تحريڪ سان هو ۽ آخر تائين سيد جي فڪر سان لاڳاپيل رهيو. ۽ مون اُن وقت تازو مئٽرڪ جو امتحان ڏنو هو ۽ آئون ان وقت لطيف سنگت جو ميمبر هئس ۽ ڪاليج ۾ داخلا ٿيئڻ جي صورت ۾ جساف جو ميمبر ٿيئڻ وارو هئس ان نظرياتي اختلافن هوندي بـ بابا اسان کي اهو چيئي وٺي هليو تـ ضياءُ جي مارشلا جا قيدي آهن ۽ انهن جي آزادي جي استقبال ۾ ضرور هلڻ کپي. اسان بدين واري ريلوي اسٽيشن جي گرائونڊ تي پهتاسون جتي عوامي تحريڪ جا هزارن جي تعداد ۾ ڪارڪن پنهنجي پارٽي جي رنگين جهنڊن ۽ بينرن سان نعرن جي گونج ۾ جلسي گاه ۾ پهتل پنهنجي ٻنهي اڳواڻن جواستقبال ڪري رهيا هئا. مون کي چٽي طرح ياد آهي اُن وقت جو سنڌي شاگرد تحريڪ جو مرڪزي اڳواڻ عبدالله ملاح اسٽيج تي ڪمپئيرنگ ڪري رهيو هو۽ عبدالله ملاح ان دوران هڪ نوجوان شاعر کي اسٽيج تي اچي شاعري پڙهڻ جي دعوت ڏني مون ڏٺو تـ هڪ ڳاڙهو ڳٽول نوجوان جنهن اسٽيج تي اچي جهموريت جي ويري ۽ دين جي نقلي ٺيڪيدار آمر جنرل ضياءُ کي شاعري ۾ للڪاريندڙ آواز سان مخاطب ٿيئڻ لڳو تـ
هي رهزن ، هي رت چوس ڪرنيل ڪاڻا،
هي بــــابــــر ۽ نـــادر جا نسلي نــياڻا،
هي منگول تــاتــاريـــن جــــي تـــــخم جا،
هي حجاج يوسف جا نوڪــــر پــــراڻـــا،
نئين ســـــر وري دين جـــــــا پــــائي چـوغا،
اسان کان نــــمازن جــــــــا ڪـــن ٿا پڇاڻا،

اهو نوجوان شاعرڊاڪٽر آڪاش انصاري هو جيڪو اُن وقت اسٽيج تان انقلاب جي رومانس سان سجايل پنهنجا شعر جلسي گاه ۾ اسٽيج تان پڙهي رهيو اهو انقلابي رومانس جنهن لاءِ اسان جو دوست ۽ ان وقت جو عوامي تحريڪ سرگرم ڪارڪن حيدر چانڊيو عرف روپ جهولائي چوندو آهي تـ اُن انقلابي رومانس ۾ اسان پنهنجن محبوبائن جون چميون بـ وساري ڇڏيون. پر سنڌ جي باغي شاعر جي هن سٽ جيان ڄڻ نظر لڳي ويئي هن ٿر جي بهارن کي ڪو نانگ سراپي ويو نينهن نظارن کي جئين هن سنڌ جي انقلابي رومانس کي بـ نظر لڳي ويئي آهي ۽ هن انقلابي رومانس کي سامراجي نانگ سراپي ويو آهي ۽ انقلاب سنڌ جي لاءِ اوپرو ۽ اجنبي بنجي ويو آهي، ۽ ها سنڌ جي اُن وقت جا شاعر جيڪي ضياءُ جي مارشلا جي ڪارن قانون جي عتاب جو شڪار ٿي زندان ڀوڳيا انهن جي شاعري ۾ اڄ بـ انقلاب توهان کي مرڪندي ۽ سامراج جي سيني تي مڱ ڏريندي نظر ايندو ۽ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي شاعري جي ڪتاب جلاوطن ۾ محبت سان گڏ مزاحمتي ۽ انقلابي شاعري توهان کي محبوبائن جي چپن جي چمين کان وڌ دار جي درد جي لذت کي ڪشش ڪندي محسوس ٿيندي،
دل تـ ماڻڻ گهريون ،
تنهنجون سڀ دلبريون،
ها مگر ڇا ڪريون،
دار جي درد کي،
پنهنجي لذت هئي،
جيڪا ويئي ڇڪي،
تون پڇين ٿو پرين مان!
مان هليو ڇو وئيس.

ڊاڪٽر آڪاش جي هن خيال جي سٽن ۾ انقلابي رومانس اسان کي لطيف جي دنبوري جي تند جي تار جي آواز جيان تون ئي تون ڪندي نطر ايندو مطلب تـ اول آخر انقلاب ئي آهي جو پنهنجي محبوب سان سڀ دلبريون ماڻڻ کي ڇڏي اُن انقلاب جون اهي ڏکيون دلبريون ماڻڻ جي چاهت آهي جنهن انقلاب ۾ پنهنجيون ڪنواريون جوانيون زندانن جي حوالي ڪجن يا پنهنجيون جوانيون مقتل گاهن جي اڏين تي کلندي ڪڏندي ذبع ڪرائجن ڇو تـ اُهو انقلاب تـ ڪو چرچوتـ نـ آهي جنهن جي ٿيوري مارڪس، اينگلس، مائوزي تنگ، فرانز فينن، لينن، ياسر عرفات، شهيد صبغت الله شاه راشدي، سائين جي ايم سيد جهڙا مفڪر پيش ڪن ۽ انهن جي انقلاب جي ٿيوري کي رد ڪرڻ لاءِ سامراج وٽ ڪو ٻيو دليل نـ هجي ۽ سامراج دليل جي کوٽ جي صورت ۾ انهن مفڪرن جي انقلابي ٿيوري کي رد ڪرڻ لاءِ مڪاري واريون سازشون سٽي ۽ پوءِ بـ ناڪام رهي. ڊاڪٽر آڪاش جي شاعري ان انقلابي رومانس تي مڪمل پورو لهي ٿي پر هڪ وڏو اُتساه پڻ بخشي ٿي.
سنڌ مان گم ٿي ويل انقلاب جي پيچرن جو هاڻي تـ پتو ئي نـ آهي تـ ڪٿي آهن؟ پر آڪاش جي شاعري ۾ ان انقلاب جو انتظار آهي،
ٻُڌاءِ!
تون اڃان ڪڏهن ايندين!؟
هزار وار،
ٻاٽ جون چنريون،
رات جي ڇاتي تان سرڪيون آهن.
اسان جون راه مسافر ۽ بيقرار دليون،
پوهـ جي رات کي پرهـ سمجهي،
ڪوڙي آٿت مٿي ڇرڪيون آهن،
ٻڌاءِ! تون اڃان ڪڏهن ايندين؟

اهو انقلاب جنهن جو ڪلهـ آڪاش کي انتظار هو ۽ شايد اڄ بـ اهو انتظار شدت سان آڪاش کي هجي ۽ مون کي پڪ آهي تـ آڪاش کي اڄ بـ ايترو ان انقلاب جو انتظار آهي جيڪو ماضي ۾ هو آڪاش آدرشي انسان آهي ۽ آدرشي انسانن جو ڪڏهن بـ انقلاب تان ويساه نـ ٽٽندو آهي اهڙن انسانن لاءِ آدرش ۽ نظريا ڪچا ڌاڳا نـ آهن جو ٽٽي وڃن. هن غلامي واري سنڌ ۾ جيڪا آڪاش پيڙاءُ محسوس ڪري ٿو ان جو پنهنجي شاعري ۾ هئين اظهار ڪري ٿو.
روز ٿو زهر پيان، مران جيان، جيان مران،
ڄڻ ڪلاچي جي ڪُن ۾، ٻڏان تران، ٻڏان تران،
يا ديول جي ديپ جئين، اُجهان ٻران، اُجهان ٻران
ڄڻ صليب تي ٽنگيل، ڪو سرد مان هجان بدن،

يا

نـ منهنجي ڄڻ هي ڌرتي آ، نـ منهنجو آسمان آ،
ڄڻ هجان تاريخ جي ، مان لاش جو ميرو ڪفن
آڪاش جي شاعري ۾ ظالم کان پلئـ وٺڻ جو وچن آهي اهو ظالم جنهن مرڪون کسيون، جنهن ظالم اکين مان رت جي لڙڪن جون لارون وهايون آڪاش جلا وطن ٿيئڻ کان انڪار ڪندي ان ظالم سفاڪ کان پلئـ ڪرڻ جو وچن ڪري ٿو.

جا ُمرڪ مون کان وئي کسي، تنهن مرڪ جو آهي قسم،
مان رت رنُس جو ظالمو! تنهن لڙڪ جو آهي قسم،
جيجل جي مٺڙي ٿڃ جي هر سُرڪ جو آهي قسم،
پلئـ ڪندس، پلئـ ڪندس، اي وقت ! توسان آ وچن،
مان ڪئين رهان جلا وطن، مان ڪئين رهان جلاوطن.
آڪاش ڏکين حالتن ۾ پنهنجو وطن ڇڏڻ کان انڪار ٿو ڪري. آڪاش ضياءُ جي مارشلا دوران شهيد فاضل راهو ۽ ٽوڙي ڦاٽڪ تي ڄامشوري جي تعليمي ادارن جي نوجوانن جي قتل تي پنهنجي شاعري ۾ اظهار ڪندي چوي ٿو
هي ڪنهن جو موت هو؟
جنهن تي سموري ڌرتيءَ جو،
عذاب ڦٿڪي پيو،
ڊيل کان چال ۽ هرڻين کان ڇال وسري ويا،
سموري ڌرتي جي،
تاريخ جي استادن کان ،
زوال لازوال جا سوال وسري ويا.
هي ڪنهنجو موت هو؟

يا

هاڻ پٽڪن جي ورن جو اهو وچن آهي،
سسئي جي سيج لٽڻ جو تـ سور سهسايو،
پر ڀنڀورن جا قتل معاف ڪين ٿي سگهندا،
اسين ٿوهر جي ٿڃ پي تـ سگهون ٿا ليڪن،
ٿر جي مورن جا قتل معاف ڪين ٿي سگهندا،
ڄامشورن جا قتل معاف ڪين ٿي سگهندا.
قومي جلسن ۾ جڏهن ڊاڪٽر آڪاش جو جيجي زرينا هي گيت ڳائيندي هئي
او امان! او امان!
منهنجي جيجل امان!
جيڪڏهن، رات جي،
رهزنن هٿان،
مان بـ ماريو وڃان،
منهنجي ساٿين جيان،
توکي پنهنجي ئي ممتا جو آهي قسم،
ڪين تون روئجان،
ڪين دل لائجان،

۽ جيجي جو مٺڙو آواز ۽ اهو گيت اهڙو سوز پيدا ڪندا هئا جو قومي جلسن ۾ قومي ڪارڪن ان گيت مان اتساه وٺندا هئا. مون کي چٽي طرح ياد آهي جڏهن 17 آڪٽومبر 1986ع جي ان شام جڏهن ٽوڙي ڦاٽڪ جي شهيدن جو ڏهاڙو ضلعي ٺٽي جي شهر پير پٺو جي ٽڪري تي ملهايو پيئي ويو ۽ ان جلسي گاه جي سامهون ٽوڙي ڦاٽڪ سانحي ۾ شهيد ٿيل مهراڻ يونيورسٽي جي نوجوان شاگرد ۽ جساف اڳواڻ مالڪ خشڪ جي جي مزار هئي ۽ آڪاش جو اهو نظم جڏهن جيجي زرينا درديلي آواز ۾ ڳاتو تـ ان وقت جي نوجوانن جي اکين ۾ لڙڪ هئا ۽ جيڪي لڙڪ پير پٺي واري پٿريلي زمين تي ڪري سنڌ سان ڪو وچن ڪري رهيا هئا، انهن نوجوانن ۾ منهنجا جساف جا دوست عثمان راهوڪڙو، انور علي عباسي ۽ سليمان سمون ۽ مون سميت ڪافي سارا سنڌ جي هر واهڻ ۽ وستي جا نوجوان شامل هئا، پر آڪاش جو اهو نظم تـ موجود آهي پر هاڻ ان نظم تي نوجوانن جي اکين مان لڙڪ نـ پيا ڪرن شايد اسان جي سنڌ جي قومي سياستدانن جي ويساه گهاتين جو نتيجو آهي جو هاڻ قومي سياست مان ويساه ئي ختم ٿي ويو آهي پر اُن هوندي بـ سنڌ جا سياستدان لٻاڙ ۽ ٻٽاڪ هڻندي نـ پيا ٿڪجن.
ان سان گڏ آڪاش محبت جي اظهار جو پڻ شاعر آهي ڇو تـ آڪاش جو تعلق جنهن سنڌ جي خطي لاڙ پٽ سان آهي اتي محبتن جي اظهارن جا اڻ ڳڻيا داستان آهن، جنهن ۾ پيار ۽ محبت جو رومانس محسوس ڪندي هن لاڙ پٽ جي سامونڊي ڪناري تي شاه لطيف سر سامونڊي لکيو، هن پٽ ۾ واهوندن جي واءُ ۾ پلجي وڏو ٿيندڙ آڪاش پنهنجي شاعري ۾ محبت جو اظهار هئين ڪري ٿو
مڌ ڪٽوريون تنهنجون مُرڪون،
چپ بـ تنهنجا چاش،
آخر ڪائي ڳالهـ تـ هئي،
جو پاڳل ٿيو آڪاش،

يا
ڀل ساري ڪائنات جو محور هجان ها مان،
توسان نـ ملان ها ، تـ گداگر هجان ها مان،
سوچن جي مٿان سونهن جو، سانوڻ نـ وسي ها!
ٿر جي اجاڙ ٿاڪ جو، ٿوهر هجان ها مان.
جڏهن سارنگ جي موسم ۾ مينهن وسندا آهن ۽ رات جو چنڊ چلولايون ڪندو آهي تـ ان بسنتي رُت ۾ ڪنهن عاشق کان وڇڙي ويل سندس محبوب جون اکين جي ياد اچڻ جو آڪاش پنهنجي شاعري ۾ اظهار هئين ڪري ٿو
جڏهن ڪنهن بـ بادل ولهاريون وسايون،
الئـ ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون،
جڏهن چنڊ چوڏس ڪيون چل ولايون،
الئـ ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون،
آڪاش انقلاب ۽ مزاحمت سان گڏ محبت جو اهڙو شاعر آهي جنهن کي اسان انقلاب، مزاحمت ۽ محبت جي سنگم جهڙو شاعر چئي سگهون ٿا. آڪاش جو پنهنجي شاعري بابت چوڻ آهي تـ منهنجي شاعري تي منهنجي ڪا بـ ، ذهني مالڪي نـ آهي، منهنجي شاعري انهن سڀني جي ۽ انهن سڀني لاءِ آهي، جيڪي مون سان سياسي ۽ نظرياتي طرح مختلف هوندي منهنجي شاعري کي پنهنجو ٿا ڀائين.
جئين هر تخليق ڪنهن نـ ڪنهن حوالي سان پنهنجي دور ۽ ان دور جي ڪک مان جنم وٺندڙ سماجي ۽ فڪري محرڪن ڏانهن جوابدار رهي ٿي، ساڳي ريت منهنجي شاعري کي آئون جوابدار سمجهان ٿوپنهنجي ديس، ديس جي ماڻهن ۽ پنهنجي دور جي عالمي تاريخ ڏانهن.( آڪاش جي ڪتاب جلاو وطن ۾ شاعر پاران) آڪاش پنهنجي وطن جي ماڻهن جو شاعر آهي هن جي شاعري جي دل ۾ پنهنجي وطن جي ماڻهن جي دردن جااڻ ڳڻيا عڪس سمايل آهن، ڪهڙن جو اظهار ڪري ڪهڙن جو اظهار ڪجي، مون جهڙي ناچيز ۾ سگهـ ئي نـ آهي جو آڪاش جي شاعري جي وسيع سمنڊ ۾ لياڪا پائي سگهان.
(سنڌ سلامت ڪمپيوٽر جي ٿورن سان)