Wednesday 16 May 2018

غزل جو بادشاهه شاعر ؛ وفا ناٿن شاهي


تحرير : رضوان گل
شاعر پنهنجي حساسيت سبب پنهنجي آس پاس ٿيندڙ وارتائن جو وڌيڪ گهرائيءَ سان مشاهدو ڪري منَ اندر جي ڪيفيتن کي لفظن جي رنگن سان پينٽ ڪري ٿو، اهي رنگ دردن جي علامت به هجن ٿا ته خوشيءَ جا نغما به، شاعر وٽ مختلف ڪيفيتن ۾ مختلف احساس جنم وٺن ٿا پر هو بنيادي طور پيار جو پوڄاري ٿئي ٿو جو هن جو محور ئي عشق آهي:
منهنجو مذهب پيار محبت
ڏسجو مان گمراهه ته ناهيان
نيٺ خطا ٿي ويندي مون کان
آدم هان الله ته ناهيان

مٿيون سٽون ان شاعر جون آهن جنهن کي ”غزل جو بادشاهه“ جو خطاب مليو، جنهن چار هزار کان مٿي سنڌي غزل لکيا، سندس اصل نالو ته مشتاق علي هو پر سنڌي ادب ۾ سندس سڃاڻپ وفا ناٿن شاهيءَ طور آهي، وفا 15 مئي 1934 تي خيرات علي قريشي جي گهر، انڊيا جي شهر امرتسر جي ننڍڙي ڳوٺ ڪڪڙان والا بنڊيالا ۾ جنم ورتو، ورهاڱي بعد 1947 ۾ خيرات علي قريشي پنهنجي ڪٽنب سان گڏجي پاڪستان آيو ۽ سڌو اچي سيتا ڳوٺ ۾ هڪ خاص ٽرين ذريعي پهتو، جنهن ۾ کوڙ سارا ٻيا پناهه گير پڻ شامل هئا، سيتا ڳوٺ کان خيرپور ناٿن شاهه جي ڳوٺ گوزي ۾ اچي مستقل طور رهيو ۽ چئن سالن جو مشتاق علي قريشي (وفا ناٿن شاهي) ان ڏينهن کان وٺي سنڌ جو بڻجي ويو ۽ سنڌي ٻوليءَ سان شناسا ٿيڻ شروع ٿيو، نه ڄاڻ ته اهو مشتاق قريشي اڳتي هلي وفا ناٿن شاهي بڻجي غزل جي صنف ۾ مقبوليت ماڻي پاڻ مڃرائيندو جو کيس غير سرڪاري طور ماڻهن پاران ”غزل جو بادشاهه شاعر“ جو خطاب به ملندو. وفا جا هيل تائين ٽي شعري مجموعا ڇپجي چڪا آهن جن ۾: ”اکين ۾ الماس“، ”وفا“ ۽ ”اوجاڳن جو انت“ شامل آهن.
وفا جو ڪٽنب جهڙو ڪڪڙان والا بنڊيالا ۾ هو تهڙو ئي گوزي ۾ مفلسيءَ جي ور چڙهيل ! ۽ انهيءَ مفلسيءَ واري ماحول مان وفا ٻال وهيءَ کان ئي محرومين ۽ مشڪلاتن سان منهن ڏيڻ لڳو، سندس سڳي ۽ ماٽيلي ماءُ ننڍي هوندي ئي هڪ ٻئي پويان فقط هڪ ڏينهن جي وٿيءَ سان گذاري ويون ۽ ائين مٿاهنس ماءُ جو ڇانورو هميشه لاءِ کسجي ويو، جنهن ڪري هن سنڌ جي ڌرتيءَ کي ئي پنهنجي ماءُ جيان ٿي ڀانيون، جنهن ڪري هن پنهنجي شاعريءَ ۾ به سنڌ لاءِ تمام گھڻي عقيدت ۽ محبت جو اظهار ڪيو، جيتوڻيڪ وفا جي مادري ٻولي پنجابي هئي پر هن پنهنجي شاعري جي زبان سنڌي ئي اختيار ڪئي، کيس سڃاڻپ جو اهو ئي حوالو گهربل هو ته: ”مان سنڌي آهيان ۽ سنڌ منهنجي آهي“ کيس سنڌي سڏرائڻ لاءِ هي به چوڻو پيو ته:

بدن مهراڻ آهي ، دل ڦليلي
اڃا سنڌي نه آهيان! سوچ ٻيلي

هي سٽون هڪ سوال آهن، ته هڪ دعوى به آهن، جڏهن وفا کي غير سنڌي هئڻ واري حوالي سان نظر انداز ڪيو ويو ته سندس دل مان بيساخته دانهن نڪتي جنهن ۾ هن مٿيون سٽون سرجي سنڌ سان محبت ۽ پنهنجائپ جو اظهار ڪيو. لفظ ڪنهن به تخليقڪار جي لهوءَ مان جڙندا آهن جن جو تاثير صدين پڄاڻان به تازو ئي رهي ٿو، سنڌ سان وفا جي عشق جو اظهار ڏسو:

ڪو نه ڇڏيندو سنڌ وفا
ڪاڙهيو ڀلي ڪڙاهيءَ ڙي

وفا ناٿن شاهي سنڌ جي ٺيٺ ٻهراڙي واري ماحول ۾ نپنيو ۽ سندس دوستن جو حلقو به سنڌي ڳالهائيندڙ ۽ پڙهندڙ هو، هن سنڌي ٻوليءَ کي ايترو ته هينئين سان هنڊايو جو اڄ ڪيترن ئي سنڌي شاعرن جي وچ ۾ ويٺل وفا جو قد کانئن گھڻو مٿاهون نظر اچي رهيو آهي. ننڍي لاءِ کيس راڳ سان تمام گھڻي دلچسپي هئي جيڪا سندس والد کان کيس ورثي ۾ ملي هئي، هو سُريلو به هو جنهن ڪري هن کي نشتر ناٿن شاهي هڪ مشاعري ۾ وٺي آيو ۽ انهيءَ ڏينهن هن پهريون غزل به لکيو هو جيڪو هن خيرپور ناٿن شاهه ۾ ان وقت جي هڪ مختيارڪار جي صدارت ۾ ٿيل مشاعري ۾ پڙهيو، ائين هن شاعري جي شروعات ڪئي اتي ئي هن جي ملاقات محسن ڪڪڙائي سان پڻ ٿي جنهن کان هِن ابتدائي ڏينهن ۾ اصلاح پڻ ورتي ۽ محسن ڪڪڙائي جيڪو خود سنڌي شاعري جو اهم نالو آهي پنهنجي شاگرد وفا ناٿن شاهيءَ لاءِ لکيو: ”وفا پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ جي ڏاڪڻ تي چڙهي، ان بلنديءَ تي پهتو آهي، جتي هر ڪنهن جي جاءِ نه آهي. فني توڙي فڪري لحاظ کان وفا جو ڪلام پنهنجو مٽ پاڻ آهي عام طور تي ادبي حلقا وفا کي (غزل جو بادشاهه) سڏيندا آهن. مان ڀانيان ٿو ته ان کان وڌيڪ، غير سرڪاري سطح تي ٻيو ڪهڙو اعزاز،انعام ٿي سگهي ٿو“.

وفا جي شاعريءَ جا ٻه اهم ۽ مختلف دور آهن هڪڙو ابتدائي خيرپور ناٿن وارو ۽ ٻيو جڏهن هن ساحر لڌيانوي، فيض ۽ جوش کان علاوه شيخ اياز کي پڙهڻ کان پوءِ پنهنجي فڪر، سوچ ۽ انداز ۾ تبديلي آندي. هاڻي کيس جديد ۽ روشن خيال سنڌي شاعريءَ کي اصل معنى ۾ سمجهڻ جو موقعو فراهم ٿيو، جنهن کان پوءِ هن ”روح رهاڻ“ جي پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ شروع ڪئي جتي ترقي پسند ادبي لڏي سان پڻ سندس شناسائي ٿي ۽ ائين هو هڪ مخصوص گروهه کان ٻاهر اچي ٻين ليکڪن سان به مليو. وفا هاڻي سنڌي شاعرن جي شاعريءَ جو مطالعو به ڪرڻ لڳو جنهن سبب سندس شاعريءَ جي موضوعن ۾ ڪافي تبديلي به آئي، ائين هن ڪيترن ئي ماڳن تي وڃي زندگيءَ جو ويجهڙائيءَ سان مشاهدو به ڪيو جيئن هن پنهنجي ئي شعر ۾ چيو:

هر طرح جو مشاهدو ٿي ويو،
منهنجي آوارگي فضول نه وئي

وفا ناٿن شاهي سڄي حياتي غربت ۾ گذاري پر بيماريءَ جي بستري تائين به شاعريءَ سان ناتو نڀائيندو رهيو، سنڌ جو هي خوبصورت غزل گو شاعر 10 جنوري 2005ع تي سنڌي ادب ۾ هزارين خوبصورت غزلن جو اضافو ڪري اسان کان وڇڙي ويو.
                                                                                                                             ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ

پروفيسر نذير احمد سومرو
وفا ناٿن شاهي: هڪ شخص هڪ شاعر
ڄڻ ڪالهوڪي ڳالهه آهي. زندگيءَ جا ڏينهن۽ هفتا، مهينا ۽ سال، پل بڻجي، هوا ۾ اڏري ويا آهن. 1976ع جي جنوري جو مهينو هو. سڄو آسمان ڪارن ڪڪرن ۽ ڀورن بادلن سان ڀريل هو. سڄي رات مينهن ڇڇڪار ڪري وسيو هو. صبح جا 10 پئي ٿيا، پر اڃا سنهي بوند لڳاتار وسي رهي هئي، جنهن جسم ۾ سيئاندو پئي ڪيو (ان زماني ۾ سيءَ به ڏاڍا پوندا هئا. ويهين صديءَ جي آخري سالن کان نقلي خدائن بم بارود هڻي، اصل خدا جي ڌرتي کي ڌرتتي ۽ تنور بڻائي ڇڏيو آهي، جو سيءَ ۽ ڪتيءَ لٿا پارا به ڄڻ موڪلائي ويا آهن). گورنمينٽ ڊگري ڪاليج، هاڻوڪي استاد بخاري ڪاليج، دادوءَ جي ڪيمپس ۾ ٺهيل هاسٽل جي هڪ ڪمري ۾، ڪوئلن جي سگريءَ تي چانهه ٺاهي رهيو هيم. ڪمري جو ٻيڪڙيل در اوچتو کليو ۽ استاد بخاريءَ جو آواز آيو: “ڇو ڀلا 10 به ٿي ويا آهن ۽ اڃا ڪاليج لاءِ تيار ناهين ٿيو؟” سگريءَ تي نظر پوندي چيائين: “ههڙي سهاني موسم، اڃا به ائين چئجي ته عاشقاڻي موسم ۾ چئبو ته چانهه جو مزو پيو وٺين!” سندس پويان، ٻه قداور ۽ اوپرا ماڻهو به اندر داخل ٿيا. منجھانئن هڪڙو ڪلين شيوِ هو ۽ مٿي تي هلڪا وار هيس. ٻئي جون مڇون رکيل ھيون ۽ ڏاڙهي صاف ھئس، نظر جي عينڪ پاتل ھئس ۽ مشهور انگريزي شاعر شيڪسپيئر-ڪٽ وڏا وار رکيل هيس.
ٽِپ ڏئي اٿيس ۽ استاد بخاريءَ سان ڀاڪر پائي مليم. باقي ٻنهي سان روايتي سنڌي انداز ۾ کيڪار ڪيم ۽ کين ڪرسين تي ويهڻ جي آڇ ڪيم. ھو ٻئي ته ڪرسين تي ويهي رهيا پر استاد بخاري بوٽ لاهي، مون واري وڇايل هنڌ تي چڙهي، گرم ڪمبل ۾ پاڻ کي ويڙهي سيڙهي چيو: “ننڍپڻ لاڪون پاڻ کي سوَڙ ۾ ويڙهي يا گهر جي چلهه ۾ ٻريل باهه جي ڀرسان ويهي هٿ پير سيڪڻ، منهنجي زندگي جي سڀ کان وڏي عياشي رهي آهي. هينئر به جڏهن منهنجي عمر 40 سالن کان مٿي هلڻ واري آهي، ته به آئون ڄڻ ڪو ٻار آهيان، جيڪو سوڙ ۽ چلهه جي ڀرسان ويهڻ واري عياشي ڪري ٿو.”
ستاد بخاريءَ بالم ٿي ويهڻ کان پو پڇيو: “هنن کي سڃاڻين؟
چيومانس: “نه!”
چيائين: “ٿورو چتائي ڏسينِ! متان هنن کي ڪڏهن ڪٿي ڏٺو هجئي؟
مون مهمانن ڏانهن چتائي ڏٺو، پر سندن منهن مهانڊا ايترا ڏٺل وائٺل ڪونه لڳا، جو ٺهه پهه کين سڃاڻي وجهان، سو ٿورو شڪي ٿيندي چيم: “نه بخاري صاحب! مون کي ياد نه ٿو پوي.”
کلي چيائين: “هي ٻئي سنڌ جا اهم ۽ سٺا شاعر آھن. منهنجا گهاٽا دوست پڻ آهن. ٻنهي سان منهنجون ڪيئي يادون وابسته آهن. ساڻن عمر ڀر جا ڳانڍاپا ڳنڍيل آهن ۽ رهندا، جيستائين اجل جو فرشتو نه ٿو اچي. هي جيڪو تنهنجي سامهون عينڪ پائي ويٺو آهي، سو سيد آهي ۽ شاعري جي دنيا ۾ محسن ڪڪڙائيءَ جي تخلص سان مشهور آهي ۽ ٻيو وفا ناٿن شاهي آهي، جيڪو غزل جو بادشاهه هجڻ ڪري اسان سنڌي شاعرن ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. اتفاق سان هي ٻئي شاعر، سڀاڻي کان ٿيندڙ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ساليانن امتحانن ۾، ايم اي فائينل جي پرچن ۾ ويهندا. اڄ ڪاليج مان امتحاني سلپون کڻڻ آيا، ته دل چيو تو سان کين ملايان.”
زبان سان چيم: “الله اچن اوءِ، جن آئي من سرهو ٿئي!” وري دل ۾ چيم؛ اڄوڪو ڏينهن ڪيڏو نه سندر، صدورو ۽ وڻندڙ آهي، ڇو جو سنڌ جا ٻه ڀلا شاعر، مون وٽ پاڻ هرتو هلي آيا آهن، جن ههڙي سهاني موسم ۾ وڌيڪ خوشگوار اضافو ڪيو آهي. چانهه جي چسڪين ۾ پيار، ادب، سياست ۽ امتحانن جون ڳالهيون ٿينديون رهيون. سنهي بوند بند ٿي ته استاد بخاري چيو: “اسان هاڻي هلون ٿا. ڏوپهرو مون وٽ اٿن. موسم سٺي هجي يا خراب، پر تون ضرور اچجانءِ. ٻه گِرهه گڏجي کائينداسين.”
موڪلائيندي وفا ناٿن شاهي منهنجو هٿ پڪڙي چيو: “مان انتهائي غريب ماڻهو آهيان، سڪ ۽ قرب جو بُکيو ۽ منهنجون خوشيون به ڏاڍيون ننڍڙيون آهن. تو جيڪا پيار، سڪ ۽ خلوص منجهان چانهه پياري ۽ جيڪو قرب ڏنو آهي، اهو تنهنجو قرض مون ڏي ٿيو، جيڪو لاهي به سگهندس الائي نه؟ لڳي ايئن ٿو ته اهو تو وارو قرض سڄي عمر وياج سميت چڙهندو ۽ وڌندو رهندو!” پوءِ پنهنجو شعر چيائين:

هو تنهنجا ٿورا لاهي نه سگهيو ته ڳائيندو پيو،
وفا غريب سهي، بي ضمير ناهي ڙي!

دل ۾ چيم: “ڇا جو ٿورو؟” زبان سان چيومانس: “ڇو ٿا شرمندو ڪريو. اهو ته توهان جو احسان آهي جو ٻه پير ڀري مون وٽ آيا آهيو.”
پوري ٻي بجي منجهند جو، مينهن ۾ ڪپڙا ڀڄائيندو، استاد بخاري جي گهر واري اوطاق، غريب آباد دادو ۾ پهتم. ماني کائي، اوڀاريون لهواريون ڳالهيون ڪرڻ کان پوءِ، شاعريءَ جو دور شروع ٿيو. اڳ ۾ محسن ڪڪڙائي پنهنجي شاعري جي ابتدا هن شعر سان ڪئي:
مون کي سائين ڪري لکين ٿو خط،
ان کي به تنهن جي مان ادا ٿو سمجهان.

کوڙ ساترا ٻيا شعر به ٻڌايائين. ٿوري دير کان پوءِ استاد بخاريءَ وفا ناٿن شاهي کي چيو: “وفا هاڻي تنهنجو وارو اٿئي.”
وفا پنهنجي شاعري ٻڌائڻ شروع ڪئي ته، استاد بخاريءَ مون ڏي ڏسندي چيو: “وفا جي مادري زبان سنڌي نه، پر پنجابي اٿئي، پر ڏسجانءِ ته ظالم سنڌي ۾ ڪهڙي نه ڇرڪائيندڙ ۽ دل ۾ چڀندڙ شاعري ڪري ٿو.”
وفا جي، ننڍي بحر ۽ وزن ۾ ڇرڪائيندڙ قافين واري شاعري ٻڌي مون دل ۾ چيو؛ منهنجو هي وهم آ، شڪ آ، گمان آ يا ڪا حقيقت آهي، جو مادري زبان ته پنجابي اٿس، پر سنڌيءَ ۾ ههڙي شاعري! اکين ۽ ڪنن تان اعتبار کڄندو ۽ کسڪندو محسوس ٿئي ٿو. ائين وفا ناٿن شاهي سان منهنجي ڏيٺ ويٺ ٿي، جنھن تان مون کي خليل جبران جا لفظ ياد پيا:
عرش جي هيٺان خدا جا خزانه موجود آهن، جن جون چاٻيون شاعرن جون زبانون آهن.”
وفا ناٿن شاهي جو اصل نالو مشتاق علي آهي، سندس جنم اوڀر پنجاب (انديا) جي هڪ ڳوٺ بنڊاله/بنڊياله ۾ ٿيو. بنڊياله جو ڳوٺ ضلعي امرت سَر جي تعلقي ترن تارن (ترڻ تارڻ) ۾ آهي، جنهن ۾ اڪثريت سکن جي هئي، جنهنڪري پاڪستان جي ٺهڻ سان ضلعي امرت سر ۾ رڻ ٻري ويو. وفا جو ڳوٺ به ان باهه جي چڻنگن ۾ وڪوڙجي ويو. سندس والد خيرات علي، جيڪو پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪپڙي جو واپار ڪندو هو، به اڌ رات جي ڪاري ٻاٽ اونداهيءَ ۾ پنهنجن ٻارن ۽ زال سميت، چورن وانگر نڪري، لاهور ۾ مهاجرن لاءِ ٺاهيل سرڪاري ڪيمپ ۾ اچي پهتو، جتان 6 مهينن کان پوءِ، کيس ضلعي دادو جي تعلقي خيرپور ناٿن شاهه جي هڪ ڳوٺ “گوزي” ۾ موڪليو ويو. قسمتن جا ڦيرا آهن. انڊيا واري پنجاب جي هڪ ٻهراڙي مان نڪتا ته پاڪستان جي ڪنهن وڏي شهر ۾ آباد ٿينداسين، پر هتي سندن قسمت ۾ وري به هڪ ٻهراڙي يعني گوزو لکيل هئي. جڏھن گوزي ۾ وفا پهريون درجو پرائمري پاس ڪيو تڏهن سندس والد وٽ اجل جو فرشتو گڏ هلڻ لاءِ پيغام کڻي آيو. نتيجي ۾ وفا، ماٽيلي ماءُ جي مڪن ۽ ڌڪن جي ور چڙهي ويو. نتيجي ۾ سندس پڦي زينب، جيڪا خيرپور ناٿن شاهه شهر ۾ رهندي هئي، کيس سندس ڀائرن ڀينرن سميت پنهنجي گهر وٺي آئي، جتي هن پرائمري جا چار درجا پاس ڪيا ۽ گورنمينٽ هاءِ اسڪول خيرپور ناٿن شاهه مان 1964ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين. اڃا عمر 18 ورهيه به نه ٿي هيس جو کيس روزگار جو فڪر لڳي ويو. سبب اھو ھئو جو کيس، نائين جماعت ۾ پڙهڻ دوران ئي ڊرامائي انداز ۾ پرڻائي ڇڏيو هئائون. جيئن ئي ميٽرڪ پاس ڪيائين ته سندس ماٽيلي ماءُ بيدرديءَ سان وٽا ۽ ٿالهيون اڇلائي چيس: “ٻار ڄڻڻ لاءِ تيار آهين، باقي ڪمائڻ کان ٻرو ٿو چڙهئي! اڄ کان پاڻ کي الڳ ۽ جدا سمجهه ۽ وڃي پاڻ ڪمائي کاءُ.”

وفا کي ننڍپڻ کان ته کوڙ زخم مليا هيا ۽ اهي ڇٽا ئي ڪونه هيا، ڇاڪاڻ ته انهن تي ڪنهن پهو به نه رکيو هيو ته جوان، حساس ۽ خوددار وفا جي دل ۾ ماٽيلي ماءُ جا لفظ، ٻرندڙ تير بڻجي، سڌو وڃي کتا. سندس اکين مان ڪجهه لڙڪ وهيا. ڪجهه هن پيتا، ڪجهه وهڻ ۽ پيئڻ کان پوءِ به بچي پيا، جي 1964ع کان وٺي بار بار بچندا اچن ٿا ۽ هن جي دل جي بينڪ اڪائونٽ ۾ جمع ٿي، هن جي زبان مان شعرن جي صورت ۾ نڪرندا رهن ٿا. ڀٽائي چواڻي: “جيئڻ ڪارڻ جيڏيون، وڏا وس ڪيام!” وفا به جيئڻ خاطر، جانورن جي پالنا (اينيمل هسبنڊري) جو ڪورس پاس ڪيو. کيس 95 رپين جي پگهار سان، ميرپورخاص جي سرڪاري پولٽري فارم تي، جانورن جي کاتي ۾ اسٽاڪ اسسٽنٽ جي نوڪري ملي. سندس منزل ۽ مراد ته ڊاڪٽر يا ليڪچرار ٿيڻ هو، پر هي ان منزل تي پهچي ڪين سگهيو. جانورن جي کاتي اندر، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نوڪري ڪري پنهنجو پيٽ پاليندو رهيو. جانورن جي ويجهو رهڻ ڪري، ٻين جي مقابلي ۾، بي زبان جانورن ۽ گگدامن جي زبان وڌيڪ سمجهي سگهندو آهي.
پاڪستان جي هڪ صدر جنرل ايوب خان جي حڪومتي دَور ۾، الائي ڪهڙي رهزن ۽ وحشي سيڪريٽري جنرل ايوب کي صلاح ڏني؛ ملڪ ۾ مال (جانورن) جي چوريءَ جي روڪٿام (ان زماني ۾ اڃا ماڻهو/انسان کي چوري (اغوا) ڪرڻ جو وحشياڻو ڪاروبار نه ٿيندو هو) ڪرڻ لاءِ هر ضلعي جي جانورن تي نمبر هنيا وڃن. مٿان نادري حڪم اچي پهتا ۽ ويچارن جانورن/ بي زبان گگدامن ۾ رڦڻي ۽ ڦڙڦوٽ پئجي وئي. ڇا ڪيائون، جو ڏيڍ فوٽ ڊگهو ۽ اڌ فوٽ ماپ ويڪرو لوهه جو پڃري ٽائيپ هڪ چورس ٺپو/مهر ٺهرايائون ۽ هر ڳوٺ/شهر جي بي زبان جانور جي جسم تي اهو لوهه مان ٺهيل نمبرن وارو ٺپو باهه ۾ تپائي، داغيو ويندو هو. تتل باهه جي گرمائش سان ڳاڙهو ٿيل ۽ تتل ٺپو جڏهن بي زبان جانورن جي جسم تي لڳندو هيو ته سندن زبانن مان نڪتل دانهون/رنڀون آسمان کي به لوڏي ڇڏينديون هيون! اهو دل کي ڌوڏيندڙ منظر ڏسي، وفا جي اکين مان بي اختيار ڳوڙها ٽمي پوندا هيا ۽ منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيندو هو. (قادر جا پنهنجا فيصلا آهن. منهنجي خيال ۾ ايوب خان جي زوال جو سبب انهن جانورن جون رڙيون بڻيون!)
هر وڏي ۽ سٺي شاعري، خود پنهنجي زماني جي زندگي جو پس منظر ٿئي ٿي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته وفا جي سموري شاعري ٻڌي/پڙهي محسوس ڪبو، ته وفا پنهنجي زماني/عهد جو وڏو شاعر آهي. وفا جي شاعري ۾ گل ڪونهن. سندس شاعري اندر، لفظن جي صورت ۾ ٽانڊا، وڄ جا وراڪا، بادلن جي گجگوڙ، باهه جون ڄڀيون ۽ هلڪي هلڪي تپش آهي، جيڪا سندس زندگي ۽ فن کي، حرارت ۽ توانائي عطا ڪندي رهي ٿي. وفا جي غزل ۾ ترنم ۽ تغزل، تفڪر ۽ تسلسل ملي ٿو. غزل جي موضوع سان هي شخص واهه جو نڀائي ٿو. سندس غزل جو هر شعر، پنهنجي جاءِ تي مڪمل هوندي به، جاڙن ٻارن وانگر هڪڙو ٻئي سان ڳنڍيل ۽ ڳتيل هوندو آهي. وفا وٽ غزل جي روايتن جو پورو احترام ۽ پابندي ملي ٿي. حسن ۽ عشق کان بغير غزل جو تصور محال آهي، پر وفا پنهنجي غزل جي موضوع ۾ حيات ۽ ڪائنات کي سمائي ڇڏيو آهي. سندس سڄي شاعري زياده بامعنى، بليغ ۽ تهه تائين ڇهندڙ اڌمن، جذبن ۽ خيالن سان پُر آهي. سندس غزل ۾ تازگي ۽ توانائي ملي ٿي. اهوئي سبب آهي جو جڏهن ڪنهن محفل ۾، وفا جو نالو کڄندو آهي، ته امالڪ ذهن ۾ سندس تصور اڀرڻ لڳندو آهي. وفا زندگي جي اونهين حقيقتن ۽ تجربن کي، غزل جي هار ۾ ايئن پوئيو آهي جو غزل خود، وفا جي زندگي بڻجي پوي ٿو.

وفا جي شاعريءَ ۾ تنهائي ۽ موڳائي، مونجهه ۽ محرومي جو گهرو احساس ملي ٿو. هر سٺو شاعر پنهنجي اعلى سوچ جي اڏام سبب ڄڻ ته اڪيلو ئي رهيو آهي. ايئن وفا ناٿن شاهي کي به سڄي عمر ڪو هم-خيال ۽ هم-نوا ملي نه سگهيو، جيڪو سندس دل جي ستارن جي تارن مان نڪتل سوز ڀرئي آواز ۽ حب جي اکين جي زبان سمجهي سگهي. ايئن وفا زماني جي ڪوڙن ناتن رشتن ۽ دوستي جي ڪوڙي ڀرم ۾ پاڻ کي اڪيلو ئي سمجهيو. سندس دل ۽ ذهن ۾، سندس نازڪ خيالاتي محلات، ان وقت ڇڻ ڇڻ ڪري ڊهي پيا، جڏهن سندس اکين، سندس محترم رشتن کي، سندن عملن جي ڪري ئي اڻ وڻندڙ ۽ غيرمحترم ٿيندي ڏٺو. سندس شاعري جڏهن سندس دکن جو تدارڪ نه ڪري سگهي، ته سندس شاعريءَ جي لهجي ۾ ويتر تلخي ۽ ڪؤڙاڻ جي شدت اڀرڻ لڳي، جنهن سندس شاعري ۽ سندس فن کي ائين چمڪايو، جيئن ٻرندڙ باهه ۾ ٽانڊا، رات جي اونداهه ۾ هيرن لعل جواهرن وانگر چمڪڻ لڳندا آهن.
مزدور، هاري، وڏيرو، ڪڙمي، ڪمدار، سرمايو، محنت، بک، جنس ۽ سماجي پستي جهڙا موضوع، وفا جي شاعري ۾ هر هنڌ نظر ايندا. وري انهن کي شاعراڻي رنگ ۾، جيئن هن پيش ڪيو آهي، سي سنڌي ادب ۽ شاعري جي فن جو لازوال حصو بڻجي ويا آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سندس وزندار شاعريءَ، ذهني رويي ۽ مستقل مزاجيءَ، سنڌي ادب يا شاعري ۾، سندس لاءِ اڻ ڳڻيا رقيب پيدا ڪيا. وفا جي شاعري پڙهي ۽ ٻڌي، محسوس ڪبو ته وفا سنڌ کي پنهنجي محبوب جي شڪل ۾ ڏٺو ۽ پسيو آهي. سندس شاعريءَ جي پکيءَ کي، موضوعن جي چونڊ لاءِ، سنڌ کان ٻاهر پرواز ڪرڻي نه ٿي پوي. سندس ئي شعر آهي:
نمڪ حرام، نڪي بي ضمير آهيون دوست،
خلوص دل سان پيا، سنڌ سان نباهيون دوست.

1967ع ڌاري عبدالرزاق سومرو، جيڪو بعد ۾ عرب امارات ۾ پاڪستان جو سفير به رھيو، رتي ديري جي ميونسپالٽي جو چيئرمين هيو، تنهن 14 آگسٽ تي رتي ديري ۾ سنڌي مشاعرو ۽ راڳ روپ ڪرايو، جنهن ۾ مختلف ضلعن کان ناميارا ۽ وچولا شاعر به شريڪ ٿيا هيا. جڏهن وفا جو وارو آيو ۽ تز سنڌي ۾ پنهنجا شعر ٻڌائي، مشاعري ۾ وڌيڪ ٻڙڌڪ مچايو، ته ڀلن شاعرن جا نه رڳو ٻُوٿ لهي ويا، پر کانئن پنهنجا شعر به وسري ويا. ان موقعي تي کيس سونو ٻلو ۽ “اڄ جو شاعر” جو سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا.
هڪ دفعي لاڙڪاڻي جي مهراڻ هوٽل ۾، چند اديبن/شاعرن، وفا ناٿن شاهيءَ جي مانَ ۾ چانهه پارٽي جو بندوبست ڪيو، جنهن ۾ محمد علي پٺاڻ، ريڊيو پاڪستان سان لاڳاپيل شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ ڊراما نويس عنايت ميمڻ، ڊاڪٽر گل بليدي، ڪاوش وارو بشير چانڊيو، نوجوان شاعر عبدالقيوم مينگل، جوش ابڙو ۽ ٻيا کوڙ ادب دوست هئا. چانهه پيئڻ کان پوءِ، جڏهن وفا پنهنجي طاقتور ۽ دل ۾ کپي ويندڙ شاعري ٻڌائي پئي، ته هڪ شاعر دوست بي اختيار ڏاڍيان چيو: “شاعري اسان به ڪريون پيا! پر قرآن پڄيس! شاعري ٿو ڪري يا ڪلاشنڪوف ٿو هلائي، جو ٻڌندڙ وائڙا ٿي وڃون ٿا!”
1955ع ۾ ون يونٽ سان، سنڌ کي جيڪي نقصان رسيا، تن جو نه ڪاٿو ڪري سگهجي ٿو ۽ نه ئي ٿيل نقصان جو ازالو ڪري سگهبو. البته ون يونٽ ٺهڻ سان، سنڌ کي هڪڙو فائدو ضرور پيو. سنڌي شاعريءَ ۾ نئون رنگ، نوان موضوع، نوان لاڙا، نئون لهجو، نئين سوچ ۽ جديد طرز جي شاعري وجود ۾ آئي. سنڌي شاعري، ڏاڏي آدم جي زماني جي، جهڙتال ۽ کڙتال موضوعن مان آجي ٿي. نئين سنڌي ڪنوار ٿي وئي. جن سنڌي شاعرن، ان زماني ۾، ون يونٽ جي خلاف شعر چيا تن ۾ وفا ناٿن شاهي به نمايان ۽ الڳ جاءِ والاري ٿو.
وفا جي شاعريءَ ۾ اهي سڀ خوبيون موجود آهن، جيڪي هڪ ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ موجود هجڻ گهرجن، پوءِ آخر اهي ڪهڙا سبب آهن جو، جنهن پذيرائيءَ جو وفا مستحق آهي سا کيس ملي نه سگهي آ؟ ائين ته ناهي جو وفا ناٿن شاهي، پنهنجي شاعريءَ سان گهڻن کي پٺتي ڇڏي ويو آهي. ان ڪري شعوري ۽ لاشعوري طور، اهي ان ڪوشش ۾ رڌل آهن ته وفا ڪنهن به طرح اڳتي وڌي نه سگهي، ڇاڪاڻ ته وفا غريب آهي، وٽس ڏوڪڙ ڪونهن، ڪار ڪانهي، ڪو وڏو عهدو ڪونهيس، جنھنڪري، فور يا فائيو اسٽار هوٽلن ۾، گلم جي توبچين کي گهرائي، سندن وات سان وڏا عقاب اُڏارائي نه ٿو سگهي.
هلندڙ زماني يا ويجهي ماضيءَ ۾، جن شاعرن نَون لاڙن ۽ منفرد لهجي ۾ شاعري ڪئي آهي، تن جي عظمت ۽ الڳ سڃاڻپ جو اعتراف نه ڪرڻ، ساڻن يا وقت سان ناانصافي ڪرڻ ۽ ضمير جو مجرم هجڻ برابر آهي. هر سٺي شاعر کي، هر زماني ۾، پڙهيو، ساراهيو ۽ پسند ڪيو ويندو آهي. اسان سنڌين، ماپ جا هي ڪهڙا ماڻ رکيا آهن؟ وفا جو ڏوهه رڳو اهو آهي ته هو پنجابي ماءُ پيءُ وٽ ڄائو، هو پنجابي آهي، تنھنڪري لطيف جي ڏهاڙي واري فنڪشن جي صدارت نه ٿو ڪري سگهي. سنڌ جي ڪنهن به ڪاليج وارن ۽ ادبي تنظيمن جي سرواڻن، ساڻس ڪڏهن به شام نه ملهائي؟ نه ئي وري ڪنهن ادبي اداري، سندس ڪو شعري مجموعو شايع ڪيو. وري به لک آفرين هجن ميرپورخاص جي هڪ مال چاريندڙ محمد عمر دل جي پٽ سچيڏني ‘ساگر’ دل کي، جنهن پنهنجي پيٽ کي مٺيون ڏئي، وفا ناٿن شاهي جو پهريون ڀيرو شعري مجموعو ‘اکين ۾ الماس’ جي نالي سان ڇپايو. حقيقت ۾ اسان سنڌي قوم تي ٿورو هڪ طرف ڪيائين، ته ٻئي طرف، وفا ناٿن شاهيءَ جو جيڪو قرض اسان سنڌي قوم ڏي بقايا ٿيو پيو هو، سو به لاٿائين. اسان وٽ قدر ڪهڙن ماڻهن جو آ، جيڪي سرڪاري عهدي تي ھوندي، سنڌ جي خلاف ڳالهائين؟ مون اهڙن ماڻهن کي ادبي فنڪشنن ۾ اسٽيج تي وڃي ڪرسي والاريندي ڏٺو آهي، جن سنڌي قوم ۽ سنڌ جي معزز ڪردارن کي جنسي گاريون ڏنيون. آ انهن جي ان ڪڌي عمل جو اکين ڏٺـو شاهد آهيان!
وفا ناٿن شاهيءَ جا ٽيهه شعري مجموعا ڇپجڻ جي انتظار ۾ رجسٽرن، فل اسڪيپ پنن ۽ ننڍين بندين ۾ هيڏي هوڏي ٽڙيل ۽ پکڙيل آهن، جيڪي هن غريب پر وڏي شاعر جو سرمايو آهن. ڪو زمانو ايندو، جڏهن وفا جي شاعري هڪ ڪلاسيڪل ۽ ادبي تبرڪ جي حيثيت سان، اسان جي ادبي تاريخ جو حصو بڻجندي يا حصي طور سڃاتي، پرکي ۽ سمجهي ويندي.
وفا جي شاعري
نه ڪو وصال گوارا، نه انتظار هتي،
ڪيون ته ڪهڙي تمنا تي ڪنهن سان پيار هتي
هي ڪهڙو پيار آ، هي ڪهڙي دوستي آهي،
تون بي قرار هُتي ۽ مان بيقرار هِتي.
الاءِ ڪاٿي لڪي وئين ڇڏائي هٿ پنهنجو،
ڪوئي لڳو ٿو وتي تنهنجو اشتهار هِتي.
اسان جي قوم يتيم آهي، ديس لاوارث،
رهي ٿو صرف لُٽيرن جو اقتدار هتي.
نه مُرڪ ڪنهن جي چپن تي، نه ڪنهن جي اک آلي،
رهي ٿي ڪائي ڀي موسم نه سازگار هتي.
’وفا‘! کلڻ تي قيامت اچي وڃي شايد،
جڏهن روئڻ به طبيعت تي آهه بار هتي
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
آخر نچندي ڳائيندي،
ڪيسين پيار لڪائيندي۔​
جيئندي ڪيئن زماني ۾،
سڀ کي جو ٺڪرائيندي۔​
روز ملي چانڊوڪين ۾،
پڪ مونکي مارائيندي۔​
اڄ ڪاريهر رقص ڪندو،
جوڳڻ بين وڄائيندي۔​
تو مون جهڙا کوڙ وفا،
روز وتي ڦاسائيندي۔​
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
نمڪ حرام نڪي بي ضمير آهيون دوست،
خلوص دل سان پيا سنڌ سان نڀايون دوست

اجهو اٽو لٽو، رڳو اٿو ڏٺو،
يا موت سان وهو، يا زندگي کٽو

نه ڪوئي آسرو، نه سرپرست ڪو، نه ڪوئي ڌڻي، 
اسان جو ڀاڳ ڄڻ يتيم ٻار آهي دوستو

گل ٽڙيا ته مونکي ياد آئين،
ڀونر مڙيا ته مونکي ياد آئين،
تنهنجي اکين جي مئڪدين جو قسم،
پير ٿڙيا ته مونکي ياد آئين،
تنهنجي ٽهڪن جي تنڌ لهرن تي،
ساز ڇڙيا ته مونکي ياد آئين.

چوڏنهن سالي ڪنوار ۽ اسي سالو گهوٽ،
ماء پيء جي سرت کي ڏنگي ويو نوٽ،
آزادي جي ماروي تيسين رهندي قيد،
جيسين ڪبو ڏاڊ جو ڀوري ڀاڻ نه ڪوٽ

جيڪڏهن دل جو درياهه ڇوڙي ڇڏيان،
ڳوٺ لوڙهي ڇڏيا شهر ٻوڙي ڇڏيان،
هي ڪا مسجد يا مندر ته ناهي وفا،
ڪئين ٽٽل دل کي مان ٻيهر جوڙي ڇڏيان
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
ڪو چينُ سزا وانگر
ڪو دردُ دوا وانگر
مان تنهنجي بقا وانگر
تون منهنجي فنا وانگر
ميلاپ کان اڳ وڇڙڻ
بي جرم سزا وانگر
مطلب جي محبت آ
بي فيض دعا وانگر
چاهت کان سوا رشتو
بي رنگ حنا وانگر
تنهائيءَ ۾ سارُوڻي
ڪاڙهي ۾ هوا وانگر
هر سوچ منافق جي
جُوتي ۾ بلا وانگر
ڪافر ٿو ٿيان شايد
ڪو شخص خدا وانگر
برسيو هان سرابن تي
سانوڻ جي گهٽا وانگر
گلشن ۾ ’وفا‘ آهي
صحرا ۾ صدا وانگر
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
ظُلم ۽ ڪفر سان لڙائي آ،
منهنجي هر سوچ ڪربلائي آ.

تنهنجي فطرت ۾ منهنجي مجبوري،
ڄڻ جهنم ۾ پارسائي آ.

دشمني، دوستيءَ کان مخلص آ،
مون ته هر وار آزمائي آ.

مون سان گڏجي رهين يا دُور هُجين،
هاڻ هر حال ۾ جُدائي آ.

منهنجي ترديد تي رُئلڻ وارا!
تنهنجي تجديد جي ڀَلائي آ.

پاڻ کي ٿو ’وفا‘ خدا سمجهان،
ڪيتري قدر هيکلائي آ.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
ڪجهه سوالن جيان، ڪجهه جوابن جيان،
زندگي آهه انگي حسابن جيان.
تنهنجي چشمِ ڪرم کان غضب ٿي ويو،
راحتون ڀي لڳن ٿيون عذابن جيان.
منهنجا جذبا اَلَڙ پيئندڙن وانگيان،
تنهنجا جلوا پراڻن شرابن جيان.
حُسن وارن جا رنگين، ڪومل بدن،
عشقيه شاعريءَ جي ڪتابن جيان.
لُڙڪ بڻجي اُڃايل اُميدون وريون،
دل جا چشما لڳا جو سرابن جيان.
منهنجا ڳوڙها عوامي سماعت ’وفا‘!
هُن جون مُرڪون سياسي خطابن جيان.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ