Thursday 24 May 2018

سنڌ جو سيلاني فقير شاعر ؛ صوفي راضي فقير


تعارف
نالو:
راِ ضي فقير، لشاري قبيلي ۾، رانجهن فقير جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ڇٽي جي رات سندس نالو مهر علي رکيو ويو پر پيار منجهان هن کي اڪثر ماڻهو راضي فقير ڪري ڪوٺيندا هئا.تنهنڪري پاڻ به پاڻ کي راضي سڏرائيندو هو.
جاءِ پيدائش:
راضي فقير ڳوٺ جمال حاجاڻو لڳ پير بلاولي تعلقي هالا ضلعي حيدرآباد ۾ اک کولي هئي. هن فقير جي پيدائش ربيعُ الاول مهيني جي ٻارهين تاريخ سومر جي رات 1317هه ۾ ٿي.
تعليم:
راضي فقير جڏهن پڙهڻ واري عمر کي پهتو تڏهن سندس والد محترم کيس هڪ مُلان وٽ قرآن پاڪ جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وهاريو. فقير جي پڙهڻ سان ڪابه دلچسپي نه هئي تنهنڪري مُلان فقير صاحب جي والد کي اهڙو اطلاع ڏنو.
راضي فقير کي سندس والد چيو ته:
توکي قرآن شريف جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وهاريو اٿم. مُلان وٽ دل لائي پڙهين ته پڙهه نه ته هلي اٺيون چراءِ.“
راضي فقير پيءُ جي چوڻ تي ڪجهه وقت مُلان وٽ پڙهيو پوءِ اُٺيون چارڻ شروع ڪيائين. ان بعد رهڪي پوکي به ڪرڻ لڳو.
سير ۽ سفر:
راضي فقير جڏهن چوڏهن سالن جي عمر جو ٿيو ته رهڪي پوکي وارو ڪم ڇڏي، گهر کي الوداع چئي ڀٽ شاهه طرف روانو ٿيو. ڀٽ شاهه جي روضي ٻاهران رستي تي سندس وقت گذرندو هو. ڪجهه عرصي بعد درياءَ جي اولهندي طرف شاهه اويس قرني جي مزار وٽ ۽ اُن جي آس پاس رهيو ٿي.
اِنهيءَ سفر دوران راضي فقير کي عشق مجازي جي مهيز لڳي ويئي. هن فقير پنهنجي مجازي محبوب کي مخفي رکيو تنهنڪري ويو جھوري ۾ جُھرندو.
راضي فقير ڀٽ شاهه تي ٻيو ڀيرو پهتو، ڇاڪاڻ ته هِن کي مجازي عشق جيڪا چاشني چکائي تنهن سببان هو بيساخته بيت چوڻ لڳو. ڀٽائي ﷥ جي رسالي جا بيت ۽ وايون فقيرن کان ٻُڌي سُڻي گهڻائي بيت ياد ڪيائين. فقير صاحب ان دور ۾ جيڪي بيت چيا تن جو تعداد گهٽ ۾ گهٽ پنج سو هيو اُهي بيتن وارا پنا ڦاڙي درياءَ ۾ اُڇلي ڇڏيائين.
راضي فقير جيڪو سفر پنهنجي ڳوٺ کان شروع ڪيو هو سو ڀٽ شاهه تائين محدود نه رکيائين. سنياسي فقيرن سان گڏجي هنگلاج کان گنگا تائين پهتو.سنڌ سموري جا اڪثر شهر گهمي چڪو هو. سن 1946ع ۾ فقير محمد صالح کٽي سان جيمس آباد جي رستي کان، فقط هڪ روپيو کڻي اجمير شريف وڃي پهتو.
راضي فقير ٺٽي ۽ ڪراچي جو جيڪو سفر ڪيو ان سفر ۾ فقير جو پهريون سوانح نگار فقير گل محمد ساڻس گڏ هيو. هي فقير سفر توڙي حضر ۾ راضي فقير سان ويهه سال گڏ رهيو.
گنگا ۽ هنگلاج جي سفر دوران راضي فقير ڪنهن به مذهب جي قيد ۾ نه رهيو. ڪنهن به ماڻهو کان هن کي نفرت نه هئي.
حضرت شاهه عبداللطيف جئن لئي وارين ڊرٻن ۾ رهندو هو تئن راضي فقير به لئي وارين ڊرٻن ۾ ذڪر فڪر ۾ گُذاريندو هو.
راضي فقير جي خانصاحب حاجي احمد علي خان ڪلهوڙي سان ملاقات:
خان صاحب جي سن 1932ع ۾ دادو ضلعي ۾ ملازمت هئي. فاريسٽ آفيسر جي حيثيت سان مانجهند ويا. جمعي جو ڏينهن هو. هڪ مسجد ۾ نماز پڙهڻ لاءِ ويا راضي فقير سان اُتي سندن ملاقات ٿي. خان صاحب راضي فقير جي انمول ٻولن کان متاثر ٿيو ۽ راضي فقير انگريزن جي دور واري آفيسر جي شفقت ڀرئي انداز کان متاثر ٿيو. اهڙي طرح ٻنهي جي اتفاقيه ملاقات دوستي ۾ اهڙي طرح تبديل ٿي جو سندس زندگي جي آخري گهڙي تائين قائم رهي.
راضِي فقير جي هاءِ اسڪول ميرپور ماٿيلي ۾ آمد:
جڏهن آئون راقم الحروف (غلام رسول اڪرم) ۽ خان صاحب حاجي احمد علي خان ڪلهوڙي مرحوم جو وڏو فرزند محترم لطف علي خان ڪلهوڙو، گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپور ماٿيلي ۾ پڙِهندا هئاسين تڏهن هاءِ اسڪول جا هيڊ ماستر صاحب مرحوم منظور احمد ڀٽو جن هوندا هئا.
ڀُٽي صاحب ۽ خانصاحب جا پاڻ ۾ گهرا مراسم هئا. خانصاحب جي وساطت سان راضي فقير خانصاحب سان گڏجي سن 1955ع ۽ 1956ع ۾ ٻه ڀيرا اڳوڻي ڊائننگ هال ۾ اچي ناصحانه ۽ ظريفانه ٻول ٻڌايا هئا. انهن ناصحانه نقطن کي ”راضيءَ جون رمزون“ ڪوٺيو ويندو هو. اُنهن راضيءَ جي رمزن کي مرحوم الهه بخش ٽالپور سن 1963ع ۾ شايع ڪرايو هيو.
راضي فقير جون رهاڻيون:
راضي فقير جڏهن به خانصاحب احمد علي خان ڪلهوڙي صاحب وٽ ايندو هو ته وڏيرو نبي بخش خان ميراڻي، اڱڻو فقير ميراڻي ۽ محمد عظيم ميراڻي به ساڻس ملاقات لاءِ ايندا هئا. اِنهن صاحبن کانسواءِ ٻيا جيڪي لکيا پڙهيا ۽ سُرت سمجهه وارا ماڻهو گاهي به گاهي فقير صاحب سان ملڻ لاءِ ايندا هئا تن منجهان ڪجھ حضرات هي هئا. جمعدار محمد الياس سومرو، مولوي عبدالرحمان نائچ، حاجي فتح محمّد ڪلهوڙو کڏواري وارو، وڏيرو محمّد بخش ڪلوڙ، الهرکيو ڪلوڙ، قاضي الهرکيو ڪلهوڙو سيد پوري، رئيس الهه بخش سيال، جمعدار سبزل خان نائچ. ڪوڙو مينگهواڙ.
راضي فقير جڏهن ميرپورماٿيلي ۾ هوندو هو ته اڪثر جمع جي نماز مولوي محمّد عالم سومري مرحوم جي ٺهرايل مسجد ۾ اچي پڙهندو هو.
جڏهن خانصاحب احمد علي خان سردار دادن خان اول سان ملاقات لاءِ ويندو هو ته راضي فقير سان سردار صاحب روح رهاڻيون ڪندو هو. فيض محمّد خان ڪلهوڙو ، حضور بخش ڪلهوڙو اهي ٻيئي فقير جا صحبتي هئا. خانصاحب سان پهريون ڀيري جڏهن راضي فقير گڏجي هاليجي شريف پهتو ته بزرگن جماعت کي چيو فقير ڏسڻو اٿو ته هي مُوحد فقير ڏسي ڇڏيو.داروغو صوبدار خان بُلو ڪوٽ بُلا وارو فقير صاحب سان ملڻ لاءِ ايندو هو.
لوءِ صاحبان گهوٽڪي جون اهم شخصيتون جن منجھان حاجي شير محمّد شاهه ، حاجي فخرالدين شاهه، حاجي غلام حيدر شاهه، حاجي غلام حسين پٺاڻ، خير محمّد خان پٺاڻ، سيد علي شاهه وڪيل ۽ ٻين سان فقير وڃي رهاڻيون ڪندا هئا.
ميرپور ماٿيلي جي نائچ قبيلي ۾ نيڪ مرد غلام رسول خان نائچ سُپروائيزنگ تپيدار به خانصاحب وٽ گاهي گاهي اچي راضي فقير سان صحبت ونڊيندو هو.
محترم لشڪر خان مهر جي والد مرحوم اسلام خان مهر جي خانصاحب سان دوستي هُئي ڪڏهن ڪڏهن اِنهن جون پاڻ ۾ روح رهاڻيون ٿينديون هيون.راضي فقير به ان محفل جو حصو هوندو هو.
حضرت احمد سائين خانڳڙهه واري بزرگ جي پياري مريد آدم فقير جو فرزند ماستر جمال الدين هر وقت فقير جي خدمت ۾ حاضر رهندو هو. غلام محمّد سيال ونگي وارو، راضي فقير جي خدمت ۾ هڪيو تڪيو رهندو هو. هي فقير صاحب جي گهڻن ئي بيتن جو حافظ آهي. سکر شهر جو مشهور بزرگ حاجي سچل فقير ڪوري ڊيملا مل سکر واروپنهنجي وقت جو نيڪ ۽ بزرگ هو هن سائين سان به فقير جون محفلون مچنديون هيون. عبدالحميد ڪلهوڙو هاليجي شريف جو فقير ، استاد ميان جي سائينداد فقير ڪلهوڙو کڏواري وارو به فقير جي صحبتين منجھان هڪ هُيو.سکر شهر جي برک ۽ بزرگ هستين منجھان ميان عبدالستار پيرزادو ۽ ميان مُڪل جيئي شاهه بادشاهه جي متولي وٽ به اڪثر ويندو هو.
دادلوءِ( پني عاقل لڳ) جي سردار علي نواز خان ڌاريجي به هڪ ڀيرو فقيرصاحب سان ڪچهري ڪئي هئي.فقير صاحب جي گفتگو ۾ هڪ قسم جي چاشني هوندي هئي جيڪا ڪشش جو سبب بڻجندي هئي.
سيد حسن بخش شاهه سڪرنڊ محراب پور وارو، سيد بشير احمد شاهه ۽ سيد شبير احمد شاهه جن سان به فقير جون مثالي محفلون رهيون. ضلعي دادو جو فقير امام بخش سولنگي ۽ مانجهند شهر جو مشهور فقير ٻڍل کوسو به فقير جا صحبتي هئا.
هالا جي بزرگ هستين منجهان حضرت مخدوم غلام محمد ﷥، حضرت مخدوم طالب الموليٰ، حضرت پير خان محمّد شاهه جيلاني هالا پُراڻا ۽ سيد غلام محمّد جندل شاهه جن سان به فقير جون ملاقاتيون ٿيون ۽ رس رهاڻ ۾ وقت گذريو.
درگاهه پير بلاولي جو پانڌي فقير راضي فقير جي عاشق فقيرن منجھان هيو. لنواري شريف مان آخوند محمّد صالح جون به راضي فقير سان رهاڻيون ٿيون.
بر صغير هند و پاڪ جي مشهور سومرا خاندان جي مشهور شخصيتن مرحوم جناب احمد ميان سومرو، جناب الٰهي بخش سومرو، جناب افتخار احمد سومرو۽ جناب ڊاڪٽر منصور احمد سومرو صاحبان جي والد ماجد الحاج مولا بخش سومري صاحب جن جي خانصاحب حاجي احمد علي خان ڪلهوڙي سان دوستي ڀائپي واري رنگ ۾ هئي.
خانصاحب جي ڪري حاجي مولا بخش خان سومرو مرحوم راضي فقير سان قرب ڀريون ڪچهريون ڪندو رهندو هو.
هادي بخش سومرو، جيڪو هن وقت سومرا هائوس شڪارپور جو انچارج آهي. سو به راضي فقير جو صحبتي رهيو کيس راضي فقير جا بيت اڃا به ياد آهن. فقير گل محمد بلاولي ، فقير محمّد صالح کٽي، خدا ڏنو فقير راضي فقير جا هم سفر ۽ همراهه رهيا.
مٿي ذڪر ڪيل شخصيتن جي نالن لکڻ منجهان منهنجي مراد هي آهي ته هي فقير وڏو سيلاني هو. کليل دل ۽ کُليل دماغ جو صاحب هيو، نهايت کرو ۽ سچو فقير هيو. سندس مجلس ۽ محفل سدا آباد رهندي هئي. هن بزرگ جي انمول، سچن ۽ کرن ٻولن جي مٺاس ۽ چاشني جي ڪري هي بزرگ مشهور هيو. هن سان جنهن به هڪ ڀيرو رهاڻ ڪئي۽ مجلس ۾ ويٺو ته ڏيهن کي وڃي ڏس ڏيندو ۽ اُنهيءَ ڏس پتي تي محبتي ۽ معزز ماڻهو لکيا پڙهيا توڙي ڪورا ڄٽ به اچي فقير جي ڪچهري ۾ ويهندا هئا.
جيڪي نالا لکيا ويا آهن سي معاشري ۾ مانائتا رهيا آهن. فقير سان ٻين عام ماڻهن جي به وڏي انگ ۾ صحبت رهي. اِهي نالا نهايت ئي مختصر ۽ خاص لکيا ويا آهن. فقير اُن چشمي جي برابر هيو. جيڪو چشمو بر ۽ بيابان ۾ هجي مٺو به هجي ، ان جو پاڻي حاصل ڪرڻ ۾ آساني به هجي ته پوءِ ڪئن نه پياسا پرند چرند ۽ درند اچي حاضر ٿيندا؟ راضي فقير شادي نه ڪئي مجرد رهيا. سن 1963ع ۾ 18 ذي القعد 1384هه تي انگريزي ڪئلينڊر مطابق 65 سال ۽ اسلامي ڪئلينڊر مطابق 67 سالن جي عمر ۾ وفات فرمايائون. سندس مزار پير بلاولي ۾ آهي. راضي فقير جي وصال کي ڀاروان اٺيتاليهه سال ٿي ويا آهن ۽ .........راضي فقير جو هي رسالو راضي فقير جي وفات کان سورهه سال اڳ ۾ لکجي چڪو هو. ٻين لفظن ۾ ايئن کڻي لکجي ته چوهٺ سالن گذرڻ بعد جون 2011ع تائين ڪنهن به صاحبِ حيثيت رسالي کي ڇپائڻ جي سعادت حاصل نه ڪئي. راضي فقير جي وفات حسرت آيات کان اٺيتاليهه سال پوءِ خانصاحب حاجي احمد علي خان ڪلهوڙي جي فرزند جناب عبدالعليم ڪلهوڙي صاحب هڪ طرف پنهنجي والد مرحوم ۽ ٻي طرف راضي فقير مرحوم جي ارواح کي راحت رسائي ته ٽين طرف خود پاڻ به سعادت حاصل ڪئي آهي.
الحمد لله جزاڪ الله في الدارين خيرا

پروفيسر غلام رسول ” اڪرم“ سومرو
ميرپور ماٿيلو
بندا هن بر ۾ ويسارو ٿي نه ويهه ،
ماڳ تنهنجو مهند ٿيو هي پرائو ڏيهه،
سدا جت ساڻيهه، رک محبت انهيءَ ملڪ جي.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
موڳا هن ملڪ ۾ تون غافل ٿي نه ُگذار،
ماڳ تنهنجو مهند ٿيو هي فاني سڀ سنسار،
جتي قاضي رب قهار،اتي شل ڪاڻياري ڪانه ٿئي.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
جيڏو تون خاوند اوڏو آسرو آهه،
ڪانهي مون ڪميڻي کي واحد توري واهه،
اجھو آ هين الله، ٻي ڪنڌي ساريان ڪانه ڪا
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
صمد، صاحب، ڌڻي، احد چوندو اچ،
 پڙهي فرض واجب سنتون راهه وٺي تون رچ،
 ننگا پنهنجي نفس کي سدا سڻائج سچ ،
توبهه ڪر تاڪيد سان, ڪوڙ ڪڍي سڀ ڪچ،
 صحي سپيريان جي ڳالهه تي، پتنگ وانگر پچ ،
محبت جي ميدان ۾ نسنگ ٿي تون نچ ،
سندو دوزخ مچ، تو اوڏو ئي نه اچي.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
صمد صاحب ڌڻي تّواب توڙئون رهيو تن،
سڃاتو سبحان کي ُڪن کان ڏيئي َڪن،
مڃيم محّمد ڪارڻي محّبت رکي من ،
ٻيائي ڏيئي ٻن ،ٿيس حوالي حق جي.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
صمد صاحب ڌڻي, وائي وهائج وير،
 کٽين جي هارائين متان ٿئين دلگير،
 لا تقنطوا من رحمة الله سڀيئي لنگهندا سير،
 سچو سخن سبحان جو سڻين ٿيو سڌير،
 جن سان محّمد مير، تن کي ڪانه باک بهير ۾.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
وحده لاشريڪ لہ واحد ِوهائج وٽ ،
کٽين جي هارائين ته هي تنهن جو هٽ،
 پرين ڏيندءِ پٽ، ڀري جام جنت جو.
ءٌءٌءٌءٌءٌ
وحده لا شريڪ لہ , جن ُاتو ڏينهن ازل،
تن مڃيو محّمد ڪارڻي مٺو مير مرسل،
ان تان خوف خلل، مولا مڙيئي معاف ڪيا.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
وحدو لاشريڪ لہ جڏهن وائي واريائون،
 تڏهين ڪلمي سان ڪفر جي، ٻيائي ٻاريائون،
 ُمدعي ماريائون، مڃي محمد ڪارڻي صه
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
وحده جي وڍيا, سي ڪن الله ڏي آر،
 هِنيون حقيقت گڏيو طريقت رکن تار،
 معرفت جي ميدان ۾ ڏورين در ڏاتار،
 ُسک نه ُستا ڪڏهين ساري سڀ ڄمار،
 وحدت وارو وار، اصل ڪم عاشقن جو.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
ّ وحد تان ڪثرت ٿي, ڪثرت وحدة ڪار،
حق حقيقي هيڪڙو ٻيا وڃائج ويچار،
ُهو هلاچو هر و ار، رک سدائين روح ۾.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
وحدًتا ڪثرة ٿي، وحدت ڪثرت ڪم،
 حق حقيقي هيڪڙو ٻيا وڃائي سڀ وهم،
 هو هلاچو هم، بالله سندو سڄڻين.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ