Friday 26 October 2018

شاهه سائين جي ڪلام جي انفراديت.


شفيق الرحمان شاڪر
شاعري ادب جي اهڙي صنف آهي جيڪا سدائين ڪائنات جي رازن تان پردو کڻڻ جي جستجو ۾ رهندي آئي آهي.انسان ٻاهر جي دنيا جي حوالي سان جيڪو به مشاهدو ڪري ٿو جيستائين ان کي اندر جي اک سان به محسوس نٿو ڪري سندس سڀ جستجو ۽ تلاش اڌوري رهجيو وڃي. ڪنفيوشس، ڪبير،ٽيگور،وليم بليڪ،وليم وڊز ورٿ،سچل سرمست ۽ شاهه عبدالطيف ڀٽائيء جي حوالي سان ڪيل کوجنا من جي عرفان جو عڪس آهي.سوچ ۽ احساس جي ايڪتا سان تصوراتي ترتيب،ڪنهن ڪامل تخليق جو روپ اختيار ڪري ٿي.
شاهه عبدللطيف ڀٽائي رحه جي سوچن جي اڏام دنيا جي ٻئي هر شاعر کان مختلف نظر اچي ٿي. شاهه صاحب جي منفرد محقق ايڇ ٽي سورلي،شاهه کي اولهه جي ٻين شاعرن کان يڪتا قرار ڏنو آهي سورلي جي نظر ۾ شاهه جي شاعريء ۾ ڇانئيل تاثر مذهبي تصوف آهي.ان کي نه ته مڪمل عاشقاڻي تصور ۾ شمار ڪري سگھجي ٿو ۽ نه ئي رڳو مفڪراڻو تصوف قرار ڏيئي سگھجي ٿو.توڙي جو پوري رسالي ۾ صوفياڻي عشق جي فضا ئي ڇانئيل نظر اچي ٿي پر ان جي بنياد ۾مذهب جي اونها ئي موجود آهي.سورلي جو چوڻ آهي ته انگريزي شاعريء جي مثالن جو مقصد هي ٻڌائڻ آهي ته رسالي جو پيغام ڪيتري حد تائين خاص قسم جي انگريز شاعرن جي پيغام سان هڪجهڙائي رکي ٿو يا نه؟ شاهه جي شاعريء ۾ عاشقاڻي تصوف جو وهڪرو آهي جيڪو ”شيلي برائوننگ“ جي عاشقاڻي تصوف سان ملندڙ جلندڙ آهي، ” بليڪ“ جي جھنگلي مذهبي توانائيء جو ڪجهه رنگ به منجهس نظر اچي ٿو ۽ ”واٽس“ ۽ ” ڪراشا“ جو سادو انساني آدرش به ملي ٿو.
اصل ۾ اسلام ۽ عيسائيت ٻنهي مذهبن ۾ تصوف نهايت ئي منجھيل ۽ مبهم فلسفو رهيو آهي ۽ مختلف مرحلن ۾ ايترو ته هڪٻئي سان ملندڙ جلندڙ آهي جو ٻنهي ۾ انهن اثرن ۽ محرڪن کي ڳولهي سگھجي ٿو جن جي سنگم سان اهو فلسفو تيار ٿيو آهي.اها حقيقت آهي ته جرمن ۽ انگريز فيلسوفن  جن شاهه لطيف کي دنيا جي سامهون متعارف ڪرايو تن ۾ ”ارنيسٽ ٽرمپ“ جو نالو اڳيان اڳيان آهي.ٽرمپ 1866ع ۾ شاهه جو رسالو منظر عام تي آندو.ان کان سواء ” اين ميري شمل“ جون اسلام ۽ صوفي ازم جي حوالي سان ڪيل خدمتون تحسين جي لائق آهن.هن مولانا رومي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيء جي فن ۽ فڪر تي ڪيترائي تحقيقي مقالا لکيا.”ايلسا قاضي“ به جرمن فلاسافر ۽ مفڪر آهي جنهن شاهه جي شاعريء جو انگريزيء ۾ ترجمو ڪيو.اهو ترجمو بنيادي مرڪزي خيال جي ويجھو آهي ۽ نهايت خوبصورتيء سان ڪيو ويو آهي.سچ اهو آهي ته روميء کي انگريزيء جا بهترين ترجمو ڪندڙ مليا جنهن ڪري رومي اڄ يورپ ۾ گھڻو مقبول صوفي شاعر آهي.لطيف سائين به روميء جي حسن نظر جا ايڏا قائل هئا جو قرآن مجيد سان گڏوگڏ مثنوي مولانا رومي به هروقت پاڻ سان گڏ رکندا هئا ۽ سندس شاعريء ۾ ڪيترين ئي جڳهين تي مولانا روميء جو ذڪر ڪيو اٿن.شاهه لطيف ۽ روميء جي شاعريء جو بنيادي خيال پاڻ ۾ ملندڙ جلندڙ ۽ هڪ ٻئي جي گھڻو ويجھو هئڻ باوجود به اظهار ۽ بيان جا رستا منفرد ۽ الڳ آهن.رومي طبعي زندگيء کان بلند ۽ بالا جڳهه تي بيهي ڪري زندگيء جو نظارو ڪندي نظر اچي ٿو،توڙي جو ڪيف ۽ سرور،وجد، بي خودي ۽ سرمستيء ۾ رومي طبعي زندگيء جي سمورن سوادن ۽ ذائقن کان واقف نظر اچي ٿو.اظهار جا اهي رستا روح ۾ جسم جي موجودگيء جو پتو لڳائين ٿا جڏهن ته شاهه صاحب جسم جي دروازي مان گذري روحاني منزلن تائين پهچ حاصل ڪري ٿو.روزمرهه جي زندگيء جو مشاهدو جنهن ڪمال جي حد تائين شاهه صاحب جي شاعريء ۾ ملي ٿو اها جھلڪ شايد ئي ڪنهن ٻئي شاعر جي سوچ ۾ نظر ايندي هجي.گلن،وڻن،پکين،جانورن،ٻيٽن،رڻن ۽ ريگستانن، ٻنين،ڍنڍن ڍورن،برن ۽ بحرن جو ذڪر سندس شاعريء ۾ جنهن خوبصورت انداز سان ملي ٿو ۽ انساني زندگيء سان انهن شين جي ڳانڍاپي کي جنهن خوبصورت تمثيلي انداز سان بيان ڪيو ويو آهي اها خوبي شاهه صاحب جي ڪلام کي ٻين شاعرن کان منفرد بڻائي ٿي.شاهه لطيف انهن صوفين جيان نه هئا جيڪي دنيا تياڳي دنيا کان بلڪل بي تعلق ٿي وڃن ٿا بلڪه شاهه صاحب جي شاعري اهو پتو ڌئي ٿي سندن رابطو وقت جي هر لمحي سان فعال ۽ ڳنڍيل هو.سندن روزمرهه جي زندگيء جو مشاهدو ڪمال درجي جو هو.ڪائنات جي حسن کي ڏسي ڪائنات جي خالق تائين پهچڻ جي رستي جو سفر، مشاهدي جي حيران ڪندڙ نتيجن سان سينگاريل نظر اچي ٿو.
پاڻ    ئي      جل    جلاله.   پاڻ  ئي   جان    جمال،
پاڻ ئي صورت پرينء جي،پاڻ ئي حسن ڪمال،
سڀ   سڀوئي    حال،     منجهان   ئي    معلوم ٿئي.
ڪائنات جا راز پاڻهي صوفيء جي من ۾ منڪشف ٿين ٿا جڏهن ته سائنس لاڳيتو ان راز جي کوجنا ۾ مصروف رهندي ٿي اچي. شاه لطيف جي شاعري وحدت ۽ ڪثرت جو خوبصورت سنگم آهي. سائنس ٻڌائي ته انساني خليي يا سيل جو مرڪز ئي زندگيء جو مرڪز آهي جنهن جو بنياد امائنو ايسڊ سان پيو.ڊي اين اي امائنو ايسڊ سان ئي جڙيل آهي جيڪو ڪروموسوم جوڙي ٿو.ايمونو ايسڊ پروٽين جو ايڪو آهي،زمين جيو گھرڙي جو ظهور امائنو ايسڊ ذريعي ئي ممڪن بڻيو جنهن ملي ڪري مرڪز بڻايو ۽ ان نيوڪلس يا مرڪز سان ئي جيوگھرڙي کي وجود مليو.هڪ نظريي مطابق پاڻي ۽ امائنو ايسڊ زمين تي ڪنهن پڇڙ تاري ذريعي پهتا.زمين تي ڪرندڙ اسٽار ڊسٽ ۾ امائنو ايسڊ  جا آثار مليا آهن.ڪنهن ڪيميائي ماهر جي چوڻ مطابق؛ ” هڪ مقرر ٿيل سانچو آهي جيڪو هر جڳهه تي استعمال ٿي رهيو آهي،ڪنهن ڏينهن اهو به معلوم ٿي ويندو ته اها قوت ڪهڙيء طرح هڪ هنڌ جمع ڪئي ويئي آهي جنهن مان مادي جا ڍير تيار ڪيا وڃن ٿا.“

حقيقت اها آهي ته هڪ منظم قوت هن ڪائنات ۾ سفر ڪري رهي آهي جنهن هر شيء کي پنهن جي مرڪز جو پابند ڪري رکيو آهي.شين جي وچ ۾ معيار ۽ مقدار جي گھٽ وڌائي يا توازن سان تشريح جو انداز بدلجي وڃي ٿو.اها منظم قوت انسان جي اندر ذهن جي صورت ۾ موجود آهي.ذهن جيڪو قدرت جي ڪرشماتي تخليق آهي پر ان کي انتشار کان مرڪزيت طرف آڻڻو ٿو پوي ۽ اهو مرڪز انسان جو شعور آهي جڏهن ته لاشعور وري روحانيت جو مرڪز آهي.لاشعور ۾ لامحدوديت جنون جو سبب بڻجي ٿي ان ڪري شعور سان رابطو موجود لمحي جو ادراڪ بخشي ٿو.ان نقطي کي ذهن ۾ رکي جيڪر شاهه صاحب جي ڪلام جو مطالعو ڪبو ته ڪيتريون ئي لڪيل ۽ نيون حقيقتون  نڪري نروار ٿينديونن وينديون ۽ زندگيء جي ڪيترن ئي منجھيل مامرن تران پردو کڄندو ويندو.
(روزاني عوامي اواز 22 آڪٽوبر 2018ع)

Thursday 18 October 2018

هنجن ڏي هيڪار،جي ڳڻ ڪري نهارئين.



شفيق الرحمان شاڪر
سهڻو لطيف ٿو فرمائي ته
“ هنجن ڏي هيڪار جي ڳڻ ڪري نهارئين،
ٻگھن سان ٻيهار، هوند ٻيلهه نه ٻڌين ڪڏهن.”
لطيف سائينء جو بنيادي طور تي مخاطب هر انسان آهي.هو انسان کي هن ڪائنات جي جنهن اعليٰ،اشرف،شاندار ۽ عزت ڀرئي مقام تي فائز ڏسڻ گھري ٿو انهيء منزل جو رستو نهايت ئي سادي،آسان ۽ مثالي انداز ۾ اهڙو ته چٽو ڪري ٿو جو ان رستي جي پانڌيئڙن  جي ذهن ۾ ڪو وهم گمان، مونجھارو ۽ دل ۾ ڪو وسوسو باقي نه رهي.سندس شاعريء ۾ هي جو مثالن واريون سمجھاڻيون موجود ملن ٿيون انهن جو مقصد به اهو آهي ته ڳالهه کي اهڙو ته آسان ۽چٽو ڪري پيش ڪجي جو گھٽ کان گھٽ عقل رکندڙ انسان به آسانيء سان اهي عظيم  راز ۽ رمزون سمجھي سگھي.
هنج يا هنجهه هڪ پکي آهي جنهن کي اردو ۽ هنديء ۾ “هنس” چيو ويندو آهي سو شاهه صاحب لاء نهايت ئي مثالي ، وڻندڙ ،عمدو ۽ سهڻوپکي رهيو آهي.سهڻا پکي ته ٻيا به کوڙ آهن پر هنج جون ڪجهه عادتون،خصلتون ۽ فطرت اهڙي ته وڻندڙ  ۽ اعليٰ آهي جيڪا هن کي ٻين پکين تي فضيلت ۽ برتري بخشي ٿي.ڇا هنج پکيء جي سونهن هن کي ٻين پکين کان منفرد ۽ مختلف بڻائي ٿي؟پر انهيء کان اڳ ان سوال جو وجواب ڳولهڻو پوندو ته آخر سونهن آهي ڇا؟سراسري طور تي ان جو عام جواب ته اهو ئي ٿي سگھي ٿو ته جيڪا شيء دل کي وڻي ۽ من کي موهي ۽ نظر کي سهڻي لڳي سا سونهن آهي ته پوء شاهه سائينء جي هن شعر جو ڪهڙو مطلب ورتو وڃي ته
“ صورت گھڻا سهڻا،ٽاڻا سندن ٽوهه،
ريلو ڏيئي روح، جو کائي سو کامي مري.”
يعني ڪيترائي انسان  صورت ۾ اهڙا سهڻا آهن جهڙا ٽوهه سهڻا هوندا آهن پر سندن ٽاڻا يعني خصلتون  ٽوهه جي ڪوڙاڻ ۽ زهر جهڙيون هونديون آهن.جيڪر ٽوهن جي ان ظاهري سونهن سوڀيا تي ڪنهنجو من هرکجي ۽ هو هن مان ذرو چکي ويهي ته ان جي زهر جهڙي ذائقي کان سڙي ۽ کامي وڃي.ته چئبو ته شاهه سائين ظاهري صورت ۽ ڏيک ويک سان سونهن کي نٿو ڳنڍي جو سونهن ڪنهن شيء جي طبعي خاصيتن سان نه پر سندس ڪيميائي خاصيتن سان تعلق رکي ٿي.ايئن کڻي چئجي ته سونهن ڪا جسماني نه پر روحاني شيء آهي.هاڻي اچو پهرئين بيت طرف ته  شاهه سائين انسان کي هنجن جون خصلتون اختيار ڪرڻ ۽ ٻگھن جي خصلتن کان پاڻ کي بچائڻ جي تلقين ڪري ٿو.ٻگھه به هڪڙو پکي آهي جنهن جي فطرت ۽ طبيعت ۾ گندگي ۽ غلاظت سان محبت ۽ چاهت ڀريل آهي.اهو سدائين ڪني پاڻيء ۾ ئي ويهڻ پسند ڪندو آهي ۽ سندس کاڌو پيتو به گندگي ۽ غلاظت آهي.جڏهن ته ان جي ابتڙ هنج سدائين صاف پاڻيء ۾ ئي گھاريندو آهي ۽ گندگي يا غلاظت پسند نه ڪندو آهي.بک مرندي به اهو ڪنهن گندي خوراڪ يا ڪني پاڻيء طرف نهاري به نٿو.
“ پکي ٻيا مچن، هنجهه سدائين ڏٻرا،
ماريء سندي مامري، سدا رڃ رهن،
ستو لوڪ لطيف چئي،هو آڌيء اڏامن،
الا! ان    پکين، سر ۾ سک نه ماڻيو.”
ٻگھن سان ٻيلهه ٻڌڻ بدران هنجن جي صحبت ان ڪري ضروري آهي جو ٻيا پکي هر قسم جو گند ۽ غلاظت کائي مچي پون ٿا پر ويچارا هنجهه بکن سبب سدائين ڏٻرا ۽ ڪمزور رهن ٿا.آخر اها ڪهڙي ماجرا آهي  جو اهي کاڌي پيتي جي هنڌن تي رهڻ بدران رڃ جو سفر اختيار ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا؟ شاهه صاحب فرمائين ٿا ته انهن کي هروقت شڪاريء جو خوف رهي ٿو .هتي شڪاريء مان مراد انسان جو نفس يا شيطان آهي جيڪو هروقت انسان کي سڌي رستي تان ٿيڙڻ لاء سرگرم رهي ٿو.جڏهن سڄو لوڪ سمهي ننڊ جا مزا ماڻي ٿو ته اهي هنجهه آڌيء رات جو اٿي اڏامن ٿا.مطلب ته خدا جا اهي پيارا بندا جيڪي رات جو اٿي پنهنجي ڌڻيء کي ٻاڏائين ٿا،آهه ۽ زاري ڪن ٿا ۽ پنهنجن گناهن جي معافي گھرن ٿا،پنهنجي مالڪ سان دل جون ڳالهيون سلين ٿا.سو انهن پکين دنيا جي هن سر ۾ ڪڏهن به لاپرواهه ۽ غافل بڻجي نه گذاريو جنهن ڪري اهي هر وقت سکن بجاء ڏکن ۾ گذارين ٿا.
“ پاڻيء ۾ پونئرا پيا، چلڙ چڪ گھڻي،
ويا چت کڻي، تنهن سر مٿان هنجڙا.“
هنجهن جي فطرت رکندڙ انهن عظيم انسانن جڏهن اندر جي اکين سان دنيا جي دورنگيء جو نظارو ڪيو ته انهن ان جي اصل حقيقت ۽ سچائي ڳولي ورتي ته دنيا جي ان مها ساگر جي پاڻيء ۾ پونئرا پيل آهن ۽ انهيء ۾ چلڙ ۽ چڪڻ سواء ٻيو ڪجهه ناهي تڏهن کان انهن جي دنيا تان دل کڄي ويئي.جڏهن انهن دنيا جي حقيقت کي صحيح سڃاتو ته پوء
“ ڇڏي تانگهه طلب جي، لوچي لاڙهو ٿيا،
موتي جي مهراڻ جا، هنجهن هٿ ڪيا،
هلي هيڪ ٿيا، پکي ماڻڪ پاڻ ۾،. ”
جڏهن انهن جي دلين مان دنيا ۽ سندس فاني شين جو هوس ۽ حرص ختم ٿي ويو ته پوء اهي املهه ماڻڪن جي ڳولا ۽ طلب ۾ لڳي ويا ۽ محنت ڪري مهراڻ جا اهي موتي وڃي هٿ ڪيائون پوء وحدت ۽ ڪثرت جي فلسفي مطابق اهي انهن ماڻڪن سان ملي پاڻ ئي ماڻڪ بڻجي ويا.شاهه صاحب هنجن جي هڪ ٻي خصلت جو به ذڪر ڪري ٿو ته هنجهه سڀ جا سڀ اڇا اجرا ۽ صاف آهن،انهن ۾ ڪا ميرائي آهي ئي ڪانه،جنهن هنڌ تي ڪي گھڙيون گھاري وڃن ته سندن سڳنڌ سان اهو هنڌ ئي سرهو ٿيو وڃي.
“ هنجهه مڙوئي هنجهه، ميرو منجهن ناهه ڪو،
جت  رهن  سنجهه، سو  سر  ڪيائون   سرهو.”
سو اي انسان! ٻگهن جهڙن بد خصلت انسانن سان سنگت سجائي پنهنجي برباديء جو سامان نه جوڙ جو هنجن جو اهو شان ناهي جو ٻگھن سان ويهي بيلهه ٻڌن.
“ هنجن نه اهڙا پار، جيئن ٻيلي ٿين ٻگھن جا،
اٺئي  پهر  ان  کي،         ساڻيهه   جي سنڀار،
هيرو هنجهنئون ڌار، جيوري نه ٻي جات کي.”
هنجهن ۽ ٻگھن ۾  وڏو فرق اهو آهي جو هنجهن کي هر وقت پنهنجي اصل وطن يعني آخرت جي سار سنڀال ۽ يادگيري رهي ٿي  ۽ حقيقت اها آهي ته معرفت جو موتي هنجهن سواء پکين جي ٻي ڪنهن ذات جي حصي ۾ نٿو اچي.