Saturday 5 May 2018

احمد خان مدهوش - ڪاڇي جو مست شاعر


احمد خان مدهوش
احمد خان مدهوش انگريزي ٻولي (Ahmed Khan Madhosh) (پيدائش: 15 اپريل 1931ع- وفات : 26 جون 2010ع) سنڌ جو مشهور شاعر جنهن جا ڪافي ڪتاب ڇپيل آهن.
زندگي جو احوال
ناميارو شاعر احمد خان ولد حاجي خان (حاجي فقير شغلي) ذات سومرو، 15 اپريل 1931ع تي دادو ضلعو جي خيرپور ناٿن شاه تعلقو جي ڳوٺ سلطان چانڊيي ۾ ڄائو، 1932ع ۾ سندس خاندان ’جوهي‘ شهر ۾ اچي آباد ٿيو. 1949ع ۾ سنڌي فائنل، 1957ع ۾ انٽر ۽ 1965ع ۾ اديب فاضل سنڌيءَ جا امتحان پاس ڪيائينڳپل عرصو جوهيءَ ۾ استاد ٿي رهيو. سيد نجف علي شاھ سندس هم عصر شاعر هو. هن شاعريءَ جي سکيا فيض بخشاپوريءَ کان ورتي. . احمد خان اڳتي هلي شاعريءَ ۾ پنهنجو تخلص ”مدهوش“ رکيو، پاڻ سنڌ جو ڪهنه مشق سڄاڻ ۽ ناميارو شاعر هو. پاڻ استاد جهڙي مقدس پيشي سان لاڳاپيل هو. شاعري جي مڙني صنفن تي طبع آزمائيڪيائين، سندس ڪلام اخبارن، رسالن ۾ شايع ٿيندو رهي ٿو. سندس شاعري مختلف راڳين جي آواز ۾ ريڊيو تان پڻ نشر ٿيندي رهندي آهي.
ڪتاب
سندس شاعريءَ جا ٽي مجموعا ’دل جون ڳالهيون‘[1] سنڌي ادبي بورڊ پاران 1993ع ۾، اکين جا سنيها سنڌي ادبي بورڊ پاران 2011ع ۾ [2] ۽ ”نظر ۾ نظربند“ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ 2003ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا. استاد شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. غزل ۽ نظم جو وڏو شاعر آهي. سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر هيو. احمد خان مدهوش 26 جون 2010 تي وفات ڪئي.
وفات
احمد خان مدهوش ڪينسر جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿيو ۽ 26 جون 2010ع تي وفات ڪري ويو.
(حوالو ؛ وڪيپيڊيا)

احمد خان مدهوش - ڪاڇي جو مست شاعر
تحرير ؛ سليمان وساڻ
سنڌ جي عوامي شاعرن جو جڏهن به ذڪر نڪرندو ته ڪاڇي جي مست شاعر ۽ عوام پاران بيحد پسند ڪيو ويندڙ احمد خان مدهوش جو ذڪر ضرور نڪرندو۔ اڄ سندس ورسيء جي موقعي تي سنڌ سلامت جو سمورو ساٿ کيس سلام پيش ڪري رهيو آهي۔

دوست ڪنهن کان جدا خدا نه ڪري،
 ڪنهن کي هي غم عطا خدا نه ڪري
منهنجو سينو ڳڀا ڳڀا ٿي پئي،
 تير تنهنجو خطا خدا نه ڪري
روزِ محشر سواءِ تنهنجي ٻي،
ڪاڀي مون کان پڇا خدا نه ڪري
توکي سامهون ويهاري مدهوش،
 ڇا ڪري جي خدا خدا نه ڪري

سندس شاعري سنڌ جي ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي ۽ کين زبردست موٽ ملي۔ سندس شاعري سونهن، مجازي عشق سان گڏ سنڌ جي شاعري هئي۔ سندس رڳ رڳ ۾ ڄڻ ته سنڌ سمايل هئي۔ ڪاڇو هجي يا سنڌ جا گهر گهاٽ ياوري سنڌي ماڻهو سندس موضوع رهندا هئا۔

”ڀٽائيءَ جي بيتن جيان ڳائباسين
هٿن تي حنائن جيان لائباسين
جتي سنڌ ڌرتي اسان کي سڏيندي
اتي پاڻ ورڪر جيان پائباسين“.

اڄ اسين هوش وارا مدهوش جي نه هجڻ جي ڪمي دل سان محسوس ڪري رهيا آهيون. هو هڪ سٺي وقت تائين پنهنجي شاعري رستي ۽ شيرين زبان سان خلق کي موهيندو رهيو. هاڻ فقط اسان هوش وارن لئه مدهوش جون يادون ۽ جيئري جاڳندي شاعري آهي.

مان پکي هان پيار جو
پيار جي اظهار جو
مون کي مارجو نه ڌارجو
مدهوش جي مري وڃي
هوش کي سنڀارجو

ياوري

ڪرين ٿو وار کولي وار، سئو سئو وار او سهڻا
لڳا ٿم ڏنگ، انگ انگ ونگَ، جنهن جو دنگ ئي ناهي

مرحوم احمد خان مدهوش سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر هوندي به سندس ڪتاب ”اکين جا سنيها“ سال 2008ع ۾ ڇپرائڻ لاءِ ڏنو هو پر اڄ تائين اهو ڪتاب مرڻ گهڙي تائين شايع ٿي نه سگهيو. جنهن جي مرحوم کي خواهش هئي ته اهو جيئري ئي شايع ٿئي پر شايع ڪونه ٿي سگهيو، احمد خان مدهوش جي شاعري جا 2 ڪتاب ڇپيل آهن جن ۾ ”دل جون ڳالهيون“ ۽ ”نظر ۾ نظر بند“ شامل آهن. جڏهن ته 4 اڻ ڇپيل ڪتاب جن ۾ اکين جا سنيها، ديس ڌرتي لاءِ، مقالا تي مدهوش، وطن خاطر پيل آهن. سندس وفات کان هڪ ڏينهن پهريان مرحوم شاعر احمد خان مدهوش جي نالي سان جوهي ۾ هڪ روڊ هن جي نالي سان منسوب ڪيو ويو، مرحوم احمد خان مدهوش جي شاعري عابده پروين کان وٺي ڪري ممتاز لاشاري تائين فنڪارن ڳائي آهي. اڄ به هن جا مشهور گيت ڪي ٽي اين ۽ ڪشش چينل تان مختلف راڳين جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل نشر ٿي رهيا آهن. انهن ۾ سامهون سڄڻ هجي نظر ۾ نظر هجي (راڳي وحيد علي)، مان پکي هان پيار جو (ممتاز لاشاري)، سر لڳي سهڻي سڄڻ سان سر لڳي (تعمير حسين)، نهاري ناز مان نازڪ نماڻي دل نهوڙي وئين (عابده پروين)، جڏهن کان اک لڳي توسان تڏهن کان (برڪت علي) شامل آهن.
(سنڌ سلامت ڪمپيوٽر تان ورتل)
                                                                                                                                                                                                                          احمد خان مدهوش

چون ٿا حسن جي آ دلفريبي، دلڪشي، دوکو

چون ٿا حسن جي آ دلفريبي، دلڪشي، دوکو ــــ
مگر موڳي هي منهنجي دل، قبولي ئي نٿي دوکو
خدا خود آدميءَ کي آ ڪشش جي رنگ سان ٺاهيو
ٿيان ڪافر، اگر سمجهان وجود آدمي، دوکو
وڃي ٿي زندگي بي دم. تڏهن رهجي اي انسانو
جڏهن ڪائي ڏئي ٿي زندگيءَ کي زندگي دوکو
اجايو عشق تي الزام آ، ورنه حقيقت ۾
نه معشوقي قريب آهي، نه ڪائي عاشقي دوکو
محبت پاڪ جذبو آ، انهيءَ جذبي کي ورجايو
جو هن جذبي کان سگهيو آ، نه ڪنهن کي ڀي ملي دوکو
اُنهيءَ جي فلسفي جي ڳالهه تي ايمان ڪيئن آڻيان؟
نظر جنهن کي اچي ٿي، دوست! دنيا ئي سڄي دوکو
سمايل روح ناهي جيڪڏهن ’مدهوش‘ شعرن ۾
ته اهڙي قسم واري آ سموري شاعري دوکو
***
احمد خان مدهوش
حسنِ زيبا کي ڏسي،حسنِ ازل چئي ويٺس
حسنِ زيبا کي ڏسي،حسنِ ازل چئي ويٺس،
سونهن کي سونهن جي صانع جو بدل چئي ويٺس.
هُن جي صورت جو پرستار صدين کان آهيان،
هُن جي درشن کي ثوابن جو عمل چئي ويٺس.
هُن جي نيڻن کي سڏيم ڪوثر و تسنيم ڪري،
زلف جي ڇانو کي جنت جو محل چئي ويٺس.
هُن جي مرڪڻ کي چيم روپ مسيحائيءَجو،
۽ ڪجلدار نگاهن کي اجل چئي ويٺس.
دل لڳي منهنجي ڏسي داد ڏيو همسفرو!
عشق جي زور کي مشڪل کي سهل چئي ويٺس.
ڇا چيم ڇا نه چيم، ڪابه خبر ڪان رهي،
لاشعوريءَ ۾ ”مدهوش“ غزل چئي ويٺس.
***
احمد خان مدهوش

اڄ عجيبا! اک اڙائي، تو وڏو ٿورو ڪيو

اڄ عجيبا! اک اڙائي، تو وڏو ٿورو ڪيو
گهُور گهَرِيءَ ساڻ گهائي، تو وڏو ٿورو ڪيو
گُل وفائن جا مون حاضر جيئن ڪيا تُنهنجي اڳيان
دل جي دامن کي وڇائي، تو وڏو ٿورو ڪيو
مون اياڻي ڪنهن نه ڪم جهڙي، ڪريل انسان کي
پيار سان پنهنجو بنائي، تو وڏو ٿورو ڪيو
عشق جون ڳالهيون رهيون جي تنهنجي منهنجي درميان
لوڪ کان تن کي لڪائي تو وڏو ٿورو ڪيو
وقت جي اوجهڙ ۾ تنها ٿيڙ کائيندو ڏسي
مون رُليل کي راهَه لائي، تو وڏو ٿورو ڪيو
تُنهنجي نظرن تي لڳا پهرا ته ڀي نظرون کڻي
مامَ ۾ سڀ ڪجهه ٻُڌائي تو وڏو ٿورو ڪيو
سور سختين جا جبل سر جي مٿان اُڇلائي نيٺ
آزمائي آزمائي، تو وڏو ٿورو ڪيو
سمجهي بيڪارو جڏهن پنهنجن ڌڪاري هو ڇڏيو
دوستيءَ جو هٿ وڌائي تو وڏو ٿورو ڪيو
هُونءَ ته لک ’مدهوش‘ تي ٿورا سندءِ آهن مگر
اڄ اڱڻ تي پير پائي تو وڏو ٿورو ڪيو
***
احمد خان مدهوش

تون ته تون پر سڄڻ، مان به ”تون“ ٿي وڃان

تون ته تون پر سڄڻ، مان به ”تون“ ٿي وڃان،
ڪاش گڏجي وڃان، خوب اَڏجي وڃان.
ڏي نه ڏي ڪجهه نه ڏي، ايترو قرب ڏي،
پاڻ کان پاڻ پنهنجو به وسري وڃان.
شال مون تي رڳو پنهنجو پاڇو ڪرين،
جابجا سونهن وانگر پکڙجي وڃان.
دوزخون، جنتون سڀئي رهجي وڃن،
ڪثرتن جا تماشا به اُڪري وڃان.
ڇو گناهن ثوابن جون ڳالهيون اُٿن،
جيڪڏهن تنهنجي زلفن ۾ ٻَڌجي وڃان.
سڀ لتاڙي ڇڏيان، سرحدون هوش جون،
اهڙو ’مدهوش‘ ٿي، مست بڻجي وڃان.
***
احمد خان مدهوش

تون ۽ مان ٻئي هڪ هجون، هڪ هجون او هڪ هجون

تون ۽ مان ٻئي هڪ هجون، هڪ هجون او هڪ هجون
پيار ۾ ”مدهوش“ ٻئي، هڪ ٻئي جي لِڪ هجون
تون نڪي مون کان پري، مان نڪي توکان پري
هڪ ٻئي جي واسطي، ڄڻ منڊيءَ جي ٽِڪ هجون

تون نڪي مون کي ڇڏين، مان نڪي توکي ڇڏيان
هڪ ٻئي جي واسطي، ٻئي ڄڻا ڄڻ ڳِڪ هجون
تون نڪي مون لئه سِڪين، مان نڪي تو لئه سِڪان
هڪ ٻئي جي واسطي، ساهه واري سِڪ هجون
تون مٺو مون کي لڳين، مان مٺو توکي لڳان
هڪ ٻئي جي واسطي، پيار جهڙي پِڪ هجون
تون نڪي مون کي ڇڪين، مان نڪي توکي ڇڪيان
هڪ ٻئي جي واسطي، ڇيههَ کان وڌ ڇِڪ هجون
تون سهارو منهنجو ٿي، مان سهارو تنهنجو ٿيان
هڪ ٻئي جي واسطي، ڀرجهلا ۽ ڀِڪ هجون
***