Friday 11 May 2018

لطـيف جي شاعـريءَ ۾ عشـق جو فلسفو


معراج منگي ڏوڪري:

شاعري جي گلابي گس تي شاعرن پيار ۽ محبت جا ڪيترائي رنگين خوشبودار گلاب پوکيا آهن جن جي خوشبوءِ سان جڳ کي معطر بنايو ويندو آهي. سنڌي ادب جي هر صنف چاهي اها ادبي هجي، تاريخ  هجي، ناول هجي، افسانو هجي ، ڪهاڻي هجي، ڪالم نگاري هجي يا ٻيو ڪجهه ليڪن هنن ۾ شاعري هڪ الڳ حيثيت رکي ٿي. پر جي اها شاعري شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي هجي ته دنيا جي ساري حُسُناڪي اچي گڏ ٿئي ٿي هن ڪائنات ۾ لطيف سائين جيڪي انڊلٺي رنگ ڏٺا آهن اهڙن ئي لفظن جو اظهار لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ رنگن سان اوتيون آهي. سهڻي لطيف جي شاعريءَ ۾ الهامي پيغام آهي رهبري آهي. رهنمائي آهي شاعريءَ وارو شعور آهي، پيار آهي، محبت آهي ڌرتيءَ جي خوشبوءِ آهي، وطن جي حب آهي، ثقافت جي سڃاڻپ آهي، ٻوليءَ جي افاديت آهي، انقلاب جي اهڃاڻ آهي، سسئيءَ جا سور آهن، جبلن جا پنڌ ۽ پيچرا آهن، سحرائن ۽ ويرانين جا پس منظر آهن. هماليا جا حوصلا سمايل آهن لطيف سائينءَ جي شاعري ايندڙ وقت ته ڇا پر قيامت تائين ملڪن ۽ قومن جي رهبري ۽ رهنمائي ڪندي رهندي. لطيف سائين هميشه محبوب جي نازن، نخرن ادائن جلون کي پئي جيءَ ۾ جايون ڏنيون آهن. لطيف سائين محبوب جي ديدار ۽ جلوي پئسڻ لاءِ جبل جهاڳيا لڪون ۽ جهولا سرتي وسايا جانيءَ جي هڪڙي جلوي لاءِ پنهنجو تن من قربان ڪيو آهي. شاهه سائين عاشقن کي عشق جو اهڙو ته درس ڏنو آهي جو عاشق معشوق جي لاءِ پنهنجي دل، جان، مال، ملڪيت هر شئيءِ انهن لاءِ وقف ڪري ڇڏيندا آهن. وئين به عشق جون ڪي مقرر سرحدون يا حد بنديون ناهن هونديون ۽ نه وري عشق جي ڪا مند يا موسم هوندي آهي. عشق ته الله تعالي جو ڏنل انمول تحفو هوندو آهي جيڪو هر انسان کي ورثي ۾ مليل هوندو آهي جنهن کان جان ڇڏائڻ جو انسان سوچي به نه ٿو سگهي. ڇو ته عشق کانسواءِ انسان اڌورو ۽ اڻ پورو هوندو آهي. عاشق سوليءَ يا موت کان ناهن ڊڄندا عاشق سدائين سر مرڪندي پنهنجي کي محبوب پاڻ ۾ پسندي ڏيندا آهن. جنهن جو مثال لطيف سرڪار سر سهڻيءَ ۾ ميهار سان سچي هجڻ جو ڪيو آهي. سهڻيءَ ڪڏهن به سر جو سانگو ناهي ڪيو هميشه سيرن لهرن ڪُنَنِ جو مقابلو ڪري پئي ميهار وٽ پهچڻ وارو واعدو نڀايو آهي. لطيف سائين مومل جي ڳالهه جيڪا مومل پنهنجي حُسُنَ تي تمام گهڻو ناز ڪندي هئي ۽ ڪيترائي مانجهي مڙس پنهنجي طلسمي ادا سان گهايا هئا سا! پاڻ سندري عشق ۾ ڪيئن ٿي اڙجي وڃي لطيف چواڻي.
گـــجـــر گهــــڻــا گهائــــيا، پــاڻــا لڳــس گهاءُ
مـينـڌري لاءِ لڳس ڪانُ ڪاپار ۾ (شاهه)
مومل راڻي گهڻن کي پنهنجي حُسُنَ جا جلوا ڏيکاري پنهنجي حُسُنَ تي مست ڪري انهن گهوٽن کي ڪهايو پر هاڻي جڏهن کيس مينڌري جو عشق لڳس  ۽ سندس ڪاپار ۾ مندائي جو تکو تير لڳس ته هوءَ پاڻ سندس عشق ۾ فنا ٿيڻ لڳي عشق مرد کي به ٿئي ته عورت کي به ٿئي عشق ٻنهي لاءِ هڪجهڙي حيثيت رکي ٿو عشق ذات پات جو پوڄاري ناهي هوندوعشق محبوب جي اکين مان جنم وٺي عاشقن کي قيد ڪندو آهي. سندس ننڊون فٽائي اوجاڳا ڪرائيندو آهي. جبل جهاڳرائيندو آهي محبوب کي پڻ حاصل ڪرڻ لاءِ شهر ڳوٺ ڇڏرائيندو آهي. ڪشالا ڪرائيندو آهي رڻ پٽ وسرائيندو آهي رڙيون ريهون ڪرائيندو آهي لطيف سائين عشق جي ڳالهه پنهنجي هن بيت ۾هيئن چوي ٿو.
عشق نه آهي راند ته ڪي کيڏنس ڳڀرو!
جــي جسي جان جي ڀڃي جو هيڪاند !
ســـــر نــــيزي پانــــد، اڇل تــه اڌ ٿــــــئي.
عشق جو رمزون تمام گهڻو نراليون هونديون آهن عشق ته هر انسان ڪري ٿو ليڪن لطيف سائين چوي ٿو عشق هر ڪنهن جي ڳالهه نه آهي جو جنهن کي جيئن وڻي تيئن عشق ڪري سچي ۽ حقيقي عشق جي منزل اوکي آهي. حقيقي محبوب تي پسڻ حاصل ڪرڻ ان ۾ گم ٿي وڃڻ ۽ ان جو حصو وجودبڻجي وڃڻ ڪنهن عام ماڻهوکان گهڻو مٿي آهي. لطيف سرڪار پنهنجي هن بيت ۾ چوي ٿو،
عشق جي آڙاهه ۾ سر جو سانگ نه ڪر،
لاهي ســــر لــــطيف چئي دوســت اڳيان در
عشــــق نانـــگ کپــــر، خـبر کاڌن کي پــوي.
لطيف سائينءَ جيئن عشق کي پرکيو پروڙيو ۽ سمجهيو آهي ائين ڀلا ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي جو عشق سان پاند اٽڪائي ۽ بچي وڃي ڪو به عاشق عشق لڳڻ کان پوءِ پاڻ کي سنڀالي ناهي سگهيو ڪڏهن به سنئين لڱين گهمي ناهي سگهيو هميشه محبوب جي يادن ۾ پاڻ کي پاڻ ۾ وڃائي ٿو ڇڏي. شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ انيڪ رنگ اوتيا آهن لطيف ڪائنات جي رنگا رنگينيءَ کي پنهنجي من ۾ وسايو آهي سندس سوچ، لوچ ۽ فلسفانو انداز غور ۽ فڪر انسان ذات لاءِ پيغام آهي. رهبري آهي رهنمائي آهي صوفين ۽ بزرگن کي دعوت آهي خدا سان ملي، هڪ ٿيڻ جي منزل تي پهچڻ جي دعوا ڪندي لطيف جو هي بيت.
وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولهين هوت کي!
لڪـــو ڪيــــن لطــــيف  چئــي، ٻاروچي ٻار،
نائــــــين نيــــڻ نهــــار، تو ۾ ديـــــرو دوست جو
شاهه سائين چوي ٿو جو ڪجهه آهي سو پاڻ ۾ آهي تون پاڻ کي سمجهي وٺندي ته پوري ڪائنات ئي سمجهي وٺندي جي عشق ڪرڻو ئي آهي ته الله سان عشق ڪر جيڪا تنهنجي حقيقي منزل آهي تنهنجو مقصد آهي لطيف سائين عشق جي ڳالهه عزازيل جي ڪندي ٻڌائي ٿو ته هن صرف الله سان عشق ڪيو پر   اهڙو عشق به ڪيائين جو محبوبن جي محفل کان ئي ٻاهر ٿئڻو پيس شاهه لطيف عاشق زهر پياڪ جي ڳالهه ڪهڙي نه سهڻي نموني ڪئي آهي.
عاشـــــــق زهر پياڪ، وهُ ڏســــي وهسن گهڻو،
ڪـــــڙي ۽ قاتــــل جـــــا هـمــــيـشہ هيـراڪ،
لڳين لنئـــو، لطـــــيف چئي، فـــنا ڪيا فـــراق،
توڻـي چـڪن چاڪ ته به آه نه سلن عام کي.
عشق حقيقي هجي يا مجازي، عاشق کي سور ته پسڻا ئي آهن، عشق ۾ ڪڙي ۽ جان وٺندڙ زهر جو ذائقو چکڻو ئي پوندو آهي، محبوب کي حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه سهڻو ئي آهي. شاهه سائين پنهنجي سور مين جو ذڪر ڀرپور نموني ڪيو آهي جن ۾ مومل، ليلا، ماروي، سهڻي، سسئي، سورٺ، نوري، نماڻي ۽ ٻيون ڪيتريون سورميون آهن پر انهن مان شايد سائين سسئي کي خوب لکيو آهي، ڳايو آهي، واکاڻيو آهي. لطيف سرڪار سسئي لاءِ ڪجهه هن طرح پنهنجي بيت ۾ ذڪر ڪيو آهي.
سسئــــــي ڪين سمجهو، اوري آريءَ ساڻ،
ڪري پيک ٻنهويءَ، سين پاڌار يا نئين پاڻ،
جـــــن وڄــــــايو ڄـــــاڻ! ٻـــانڀن ٻروچن سين.
معنيٰ سسئي پنهونءَ کي ويجهو ٿي عشق جو راز نه پروڙيو پنهونءَ سان ڏيٺ رکي پاڻ پڌرو ڪيو. پنهنجي هستي پرينءَ ۾ گم نه ڪيائين هن اڻ ڄاڻ ٻانڀڻياڻيءَ نيٺ ٻروچن ۾ پنهنجي خودي گم ڪئي  هئي جيڪا خودي هيس، فراق ۾ اها گم ڪيائين. لطيف سائين سسئي تي پورا پنج سر لکيا آهن جن ۾ سُر سسئي، سُر آبري، سُر معذوري، سُر ديسي، سُر ڪوهياري ۽ سر حسيني انهن سُرن ۾ لطيف سائين سسئي جي ڏکن، ڏاکڻن، تڪليفن، ڪمزورين، همٿن، حوصلن، جبلن، لڪن، جهولن، پٿريلي پنڌن، مطلب ته انهن سڀني شين جو ذڪر جيڪي سسئي جي هر سور سان سلهاڙيل آهن. ۽ سسئي جي اڻاگهي عشق جو فلسفو جنهن سسئي کي ڪٿان کان ڪٿي پهچايو. سسئي جهڙا مضبوط عاشق ئي پنهنجي سِرَ تي سڀ ڪجهه پيا سهندا آهن. پر ڪڏهن به ٿڪبا نه  آهن. لطيف سرڪار سسئي لاءِ هن بيت ۾ لکي ٿو.
ســـــڌائتي سڀ ڪا، بک نه باسي ڪــا،
جيـهيءَ تيهيءَ ذات جي، جنبش ناهي جاءِ،
مون سين هلي سا، جا جيءُ مٺو نه ڪــري.
سڌ ڪرڻ وارو هر ڪوئي هوندو آهي، ليڪن بُک ڪاٽڻ پنڌ پيرين ڪرڻ وارو اڃ مرڻ، پرينءَ کي ڳولهڻ لاءِ صرف سسئي سرتي سڀ ڪجهه سهي ٿي سگهي. باقي هر ڪنهن جي جاءِ ناهي تڏهن سسئي چئي ٿي ته مون سان اها هلي جيڪا بکون ڪاٽي جبل جهاڳي پيرين پنڌ ڪري جانورن سان منهن مقابل ٿئي ۽ پنهنجي جان پياري نه ڪري پوءِ اها هلي ٿي سگهي شاهه سائين پيار محبت انسانيت ۽ عشق الهامي جو نياپو ڏئي ٿو دل جي پاڪيزگي جو درس ڏئي ٿو. شاهه سائين جي نظر ۾ الله جو حقيقي عشق ئي آهي جيڪو دل ۽ روح جي تار سان جڙيل آهي. ۽ الله ئي آهي جيڪو هر شيءِ تي وس وارو آهي ۽ هر دل ۾ وسندڙ آهي هر شيءَ کي ڄاڻندڙ آهي. اهو ئي مالڪ آهي، خالق آهي، اهو ئي ظاهر آهي، اهو ئي باطن آهي، اهو ئي محبوب آهي، اهو ئي معبود آهي ۽ اهو ئي عبادت جي لائق آهي لطيف سائين الله جي ڳالهه هن بيت ۾ هيئن ڪري ٿو.
پاڻهيــــــن جــل جلالہ، پاڻـــــــــهين جــــان جمـــال
پــاڻهين صورت پرينءَ جي، پاڻهيـــن حسن ڪمال
پاڻــــــهين پــــــير مـــــريد ٿئي، پاڻهيــــــن پاڻ خيال
ســـڀ ســــــڀوئي حــــال منجهان ئي معـــلوم ٿئي.
لطيف سائين الله تعالي جي عشق واري ڳالهه تمام سهڻي نموني سمجهائي آهي کيس ئي  عشق جو صاحب سمجهي ٿو ۽ کيس ئي عاشق ۽ معشوق سمجهي ٿو. لطيف سائين جي شاعري ۾ سونهن سوڀيا حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي هونءَ به شاعري قدرتي ڏات آهي ۽ ڏانءُ آهي. ۽ اهو ئي ڏانءُ اسان کي لطيف سرڪار سيکاري ٿو. لطيف سرڪار جي شاعري دنيا جون خوبصورت رنگينون ارپي ٿي مسرتون ۽ لذتون ارپي ٿي قدرتي نظارا پسرائي ٿي لطيف جي شاعري مينهن آهي نياپو آهي پرين لاءِ پيغام آهي لطيف جي شاعري محبوب کي التجائون ڪري ٿي ۽ کيس چوي ٿي ته اي پرين تون ئي سڀ ڪجهه منهنجو آهين تون آهين ته آءُ آهيان تو کانسواءِ آءُ اڌورو ۽ اڻپورو آهيان لطيف سرڪار  هن بيت ۾ چوي ٿو.
جانب ائين نه جڳاءِ جيئن ماريو موٽيو نه پڇين،
رتـــــي رت نه سنجـــــــــــري سڪ تنهنجي ساءِ،
اســـــان تــــــوئي لاءِ ٿـــي بر ۾ پڇائون ڪيون.
لطيف سهڻو پنهنجي پرين کي چوي ٿو اي جاني، اي پرين، اي محبوب توکي ائين نه ٿو جڳائي جو مون کي محبت ۾ ماري  عشق ۾ اڙائي (ڦاسائي) هليو وئين ته وري موٽڻ جي نه ٿو ڪرين تنهنجي عشق جي سور ۾ منهنجي جان جو رت ئي سڙي سڪي ويو آهي هاڻي ته منهنجي جسم ۾ رتيءَ جيترو به رت ناهي رهيو ۽ منهنجي نيڻن جي ننڊ پڻ ڦٽل آهي ۽ اسان تنهنجي لاءِ ڳجهه ئي ڳجهه ۾ پئي پوڄائون ڪيون آهن ۽ توکي ئي پئي پوڄيو آهي. لطيف سائين محبوب جي عشق جي ڳالهه هيئن به ڪري ٿو.

عشق اهڙي ذات جو مانجهي مونجهائي مين کي،
ڏيـــــهان ڏورڻ ڏونگـــــــرين، روئــــڻ سڄيائي رات،
اٿـــــي ويـــــٺي تـــــات، مــــــيان مــــحبوبن جــي .
معنى عشق اهڙي قسم جي ماجرا آهي جا پهلوانن ۽ سورمن کي ئي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏي ٿي ۽ عشق وارن جون ننڊون فٽائي ڇڏي ٿي. ۽ ڏينهن جو جبل ڏورڻ، ڪشالا ڪڍڻ ۽ رات جو ساري ساري رات ويهي اوجاڳا ڪرائڻ ۽ ڳوڙها (لڙڪ) وهائڻ عشق جي عادت ۾ آهي. ڀٽائيءَ جي شاعري ستل ضمير کي جاڳائي ٿي ۽ اگهور ننڊ مان پٽي اٿاري ٿي. سندس شاعريءَ ۾ پيار ۽ محبت جا نت نوان انداز آهن. محبوب جا ماڻا ۽ عاشقن جو عازيون نيازيون سمايل آهن. لطيف نوريءَ جي نياز ۽ نوڙت جي ڳالهه پنهنجي هن بيت ۾ هيئن ڪري ٿو.
تون سمو آئون گندري، مون ۾ عيبن جوءَ،
پســــــي راڻـــــــين روءِ، مـــتان ماڱر مٽئين !
نوري نماڻي ڄام تماچي کي چوي ٿي تون سمون آهين سردار آءُ گندري ذات جي مهاڻي آهيان ڪڏهن ائين نه ٿئي جو تون پنهنجي راڻين جو منهن ڏسي مون کان منهڙو مٽي ڇڏين ۽ آءُ رلجي نه وڃان لطيف سائين نوريءَ جي ڳالهه پنهنجي هن بيت ۾ چوي ٿو،
تون سمون آءُ گندري مون ۾ عيب اپار،
پســـي لي لغــــار  متـان مــــاڱر مـــٽئين !
اي سمان سردار آءُ گندري ذات جي مهاڻي آهيان مون ۾ ايترا ته عيب آهن جو ڳڻڻ کان تمام گهڻا آهن ۽ مون ۾ مڇيءَ جي کک ڏسي متان پنهنجو منهڙو مٽائي ڇڏين ۽ آءُ رلي وڃان نوري پنهنجا سڀئي عيب تماچي اڳيان کولي اظهاري ٿي ۽ کيس ٻڌائي ٿي ته مون ۾ هر عيب آهي آءُ پنهنجي عيبن کي ڏسي پنهنجي غربت کي ڏسي ڊڄان ٿي. لطيف نوريءَ جي ڳالهه هن طرح به ڪئي آهي.
تــــــون تــــــماچـــي تـــــڙ ڌڻــــــــي، آءُ مهـــــاڻي مــي،
مون کي ڏيها ڏُهاڳَ مَ ڏي، آئون جا نالي سُيَسِ تنهنجي.
تون تماچي سردار بندر جو حاڪم آهين، خاوند آهين ۽ مان نسورو ئي مهاڻي آهيان ۽ تنهنجي نالي سان سڏجڻ ۾ ٿي اچان ڇو ته تنهنجي حق ٻڌي زال آهيان تنهن ڪري ڪڏهن به مونکي ڏهاڳ نه ڏجانءِ ۽ پاڻ کان الڳ نه ڪجانءِ نوريءَ جو نياز ۽ نوڙت ڏسي ته تماچي ته اڳئي ئي ڪُٺل هو سو ڀلا ڪيئن عشق کي ايڏي سزا ڏي تماچي ته عشق جي راهه ۾ پانڌيئڙو بڻجي مهاڻن جي وڃين ٿو ڄار کي کڻي ۽ نوريءَ جي مائٽن سان وڃي گڏ مڇيون ٿو ماري ۽ دل نوريءَ جي عشق ۾ اڙائي نوريءَ جي مائٽن سان تمام گهڻو مهربان رهي ٿو ۽ سندن مٿان شفقت جو ڪڪر بڻجي وسي ٿو. لطيف سائين نوريءَ ۽ ڪينجهر جي ڳالهه هن بيت ۾ هيئنءَ ڪئي آ.
هيٺ جر، مٿي مــڃر پاســي ۾ وڻراہ ،
اچي وڃي وچ ۾،  تماچيءَ جي ســـــاءَ،
لڳي اتر واءَ، ڪيــنجهر هنـــــدور ٿئي.
يعني هيٺ اوجل جل مٿان جهڳٽا وڻن جا ۽ پاسي کان وڻڪار. نوري ڄام تماچيءَ جي صحبت جو رس وٺڻ لاءِ هيڏاهن هوڏانهن انهيءَ  فضا ۾ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي سير پئي ڪري ۽ ڪينجهر جو پاڻي هندورو بڻجي ( پينگهو) لڏندو لمندو پاسن کان خوبصورت نظارا پسرائيندو رهي ٿو ۽ تماچي عهد ٿو ڪري اي نوري مون دنيا ۾ تو کان وڌ ڪابه حسين شيءِ نه ڏٺي آهي ۽ نه ئي تو جيئان ڪنهن ۾ ڪو نياز نوڙت ئي آهي. مون پنهنجو تن، من، جان، مال، ملڪيت، بادشاهي، ڪائنات جون سڀئي خوشيون تنهنجي جهوليءَ ۾ آڻي رکيون آهن ۽ تون ئي منهنجي حقي حقي منزل آهين ڀلي ڇونه محلات جون راڻيون توسان ريس ڪن ۽ ويس وڳا ڪن پر تنهنجي لائق نه ٿي سگهنديون، تنهنجي سيرت ۽ سورت تي منهنجي هر شئيءِ قربان.
روزاني مهراڻ حيدرآباد