Monday 7 May 2018

عالمن جو سج ؛ مرزا قليچ بيگ



جنم
مرزا قليچ بيگ جي ڄم جي تاريخ تي اختلاف آهي ڪن هندن تي سنس ڄم جي تاريخ 7 آڪٽوبر 1850ع پڻ ڄاڻايل آهي، جنهن تحت مرزا قليچ بيگ حيدراباد شهر جي ٽنڊي ٺوڙهي نالي هڪ پاڙي ۾ ڄائو.
مرزا قليچ بيگ لاءِ جديد سنڌي ادب جو معمار ۽ ابو ۽ انگريز دور ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي آسمان جو سج ليکيو وڃي ٿو. جهڙيءَ ريت ڪلاسيڪي ۽ روايتي شاعريءَ کان پوءِ ڪشنچند بيوس ۽ شيخ اياز جديد شاعريءَ ۾ انقلاب آڻي، پنهنجي دور ۾ وڏو شعري ڇال ڏنو، اهڙيءَ ريت قليچ بيگ سنڌي نثر جي دنيا ۾ گهڻ پاسائون انقلاب ۽ تبديلي آندي. جيتوڻيڪ سندس ڪيترن هندو مسلم همعصرن جو سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ به ڳاڻيٽي جهڙو ڪردار آهي، پر قليچ بيگ جو قد، مقام ۽ مرتبو ٻين سڀني کان مٿانهون ڀانيو وڃي ٿل. اها حيرت جوڳي ڳالھ آهي ته هڪ روينيو آفيسر، پنهنجي منصب جا لوازمات ۽ جوابداريون فرض شناسيءَ سان بجا آڻيندي، پنهنجي ٻوليءَ ۽ ادب جي دامن ۾ 457 ڪتابن جو وسيع ذخيرو ۽ سرمايو داخل ڪري.

خدمتون
هي عالم شخص هڪ ئي وقت سنڌي، انگريزي، فارسي، عربي، ترڪي ۽ اردو زبانن تي دسترس رکندڙ هو. سندس علمي ۽ ادبي پورهئي تي نظر وجهبي، ته هو هڪ ئي وقت افساني، ناٽڪ، ناول، تنقيد، شاعري، تاريخ، تهذيب، تعليم، اخلاق، مذهب، طب، تصوف، سوانح، آتم ڪٿا، لغت، ٻوليءَ، سائنس، لطيفيات، لسانيات، گرامر، موسيقيءَ، زراعت، باغباني، سائنس، حشرات الارض، ٻارن جي ادب، تقابلي مذهب، مطلب ته علم ادب جي ڪيترين ئي شاخن تي ڪتاب ترجمو ۽ الٿو ڪندي نظر اچي ٿو، پر سندس وفات کان اڄ تائين سندس علمي پورهيو مڪمل صورت ۾ ڇپائجي نہ سگھيو آھي. 76 ورهيه ڄمار ماڻيندڙ شخص 50 سالن يا اڌ صديءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي 457 ڪتاب ڏنا. سنڌي ادبي بورڊ ڪي قدر ان ڏس ۾ ڪم ڪيو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي خدمتگار جي حيثيت ۾ مرزا قليچ بيگ هڪ مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي.

طبيعت
قليچ علم ۽ حلم جو صاحب سمجھيو وڃي ٿو. هو گهٽ ڳالهائيندو هو، پر لکندو وڌيڪ هو. نوڙت ۽ نهٺائي هن جي مزاج جو حصو هئي. ڪنهن فارسيءَ واري ڇا ته ٺيڪ چيو آهي:

خوب مِي ُگويد سخن هر ڪس ڪه گفتارش ڪم است
ميوه نيڪو پر وَرد هر شاخئه اي بارش ڪم است.
(جيڪو گهٽ ڳالهائڻو آهي، ڪهڙو نه چڱو ٿو ڳالهائي. جنهن ٽاريءَ تي برسات گهٽ پوندي آهي، ان تي ميوو ڀلو ٿيندو آهي)

تاثر
نامياري عالم ايم ايڇ پنهور پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته هو 1953ع ڌاري زرعي انجنيئر طور سنڌ سرڪار جي ملازمت ۾ داخل ٿيو. ستت ئي زرعي کاتي جي ان وقت جي ڊائريڪٽر اي ايم مختلف فيصلن ۽ انهن جي ڪم ڪار تي خبر ناما/رسالا تيار ڪرڻ واسطي محترم ڪريم ڏنو راڄپر جي مدد لاءِ مون کي حڪم ڪيو ۽ چيو ته انگريزيءَ ۾ زرعي اصطلاح ڪافي آهن، پر سنڌي اصطلاحات ڳولي ڪڍجن. پنهور صاحب لکي ٿو ته وٽس مسٽر کمڀاتا ۽ ڪوڙي مل چندن مل کلناڻيءَ جي ٻن ڪتابن کان سواءِ مرزا قليچ بيگ جا ٻه ڪتاب ”باغ ۽ باغباني“ ۽ ”زمين پوکڻ جو علم ۽ هنر“ موجود هئا. چئن ئي ڪتابن ۾ زراعت جا سنڌي لفظ ۽ اصطلاح ڏنل هئا، پر چڪاس کان پوءِ اسان مرزا قليچ بيگ جي لفظن ۽ اصطلاحن کي اختيار ڪيو. پنهور صاحب ان مضمون ۾ اهو به خيال ڏيکاريو آهي ته ڪتاب زراعت ۽ باغبانيءَ تي جديد گھُرجن آهر رڳو 53 حاشيا لکجن ۽ ”زمين جو علم ۽ هنر“ ڪتاب ۾ صرف 50 صفحن جو واڌارو ڪجي ته ٻئي ڪتاب جديد معيار جا زرعي درسي ڪتاب بنجي سگهن ٿا.

تاريخ تي ڪتاب
سنڌ جي تاريخ تي مقامي تاريخدانن تمام گهٽ قلم کنيو آهي، جنهن ڳالھ کي محسوس ڪندي مرزا قليچ بيگ هيٺيان 8 ڪتاب لکيا، جن جي تاريخي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. (1) چچنامو (انگريزي) (2) سنڌ جي تاريخ (انگريزي) (3) سنڌ جي تاريخ تصويرن سان (4) سنڌ جي مختصر تاريخ (5) سنڌ جا قديم شهر ۽ انهن ۾ وسندڙ ماڻهو (6) رياست خيرپور جي تاريخ (7) چچنامو سنڌي.
لسانيات
ٻولي، لسانيات، لغت هڪ اهم موضوع آهي، جنهن بابت قليچ جو ڪم بنيادي حيثيت رکي ٿو. جيتوڻيڪ ٻولين جي نظرين ۾ جديد تحقيق جي حوالي سان وڏي تبديلي اچي چڪي آهي، پوءِ به مرزا صاحب جي ڪم کي ٻوليءَ ۽ لسانيات جا ماهر وساري نٿا سگهن. مرزا صاحب (1) لغات لطيفي (2) سنڌي وياڪرڻ (چار ڀاڱا) (3)Philological curiosity (4) سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ (5) سنڌي لغات قديمي (6) پهاڪن جي حڪمت (7) پارسي زبان جي تاريخ (8) Persian entomology جهڙا اهم ڪتاب لکي، پنهنجي علميت جي ڇاپ ڇڏي آهي.

لطيفيات
لطيفيات جي موضوع تي ڊاڪٽر ٽرمپ ۽ ايڇ ٽي سورلي کان سواءِ اوائلي لطيفي پارکن ۾ سنڌي عالمن مان مرزا قليچ بيگ ئي واحد اديب ۽ عالم هو، جنهن 8 ڪتاب لکيا. انهن ۾ (1) شاهه جو رسالو (2) Life of Shah Abdullah (3) ساڳئي ڪتاب سنڌي جو ترجمو: احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو. (4) شاهه جي مختلف سرن جي تشريح تي مشتمل ڪتابڙا (5) لغات لطيفي (6) لطيفي لات (7) شاهه جي رسالي جي ڪنجي (هي ڪتاب اڃا اڻ ڇپيل آهي.)
(وڪيپيڊيا)

شاعري؛

رات جامزا

ڇا مزي سان آئي اڄ رونق مٽائي راتڙي،
روز روشن کان به وڌ ا ڄ ٿي سهائي راتڙي.
چنڊ چڙهيو چوڏهينء جو ۽ چوڏس چٽو چانڊاڻ ٿيو،
نور جي برسات جٿ ڪٿ ٿي وسائي راتڙي.
گل کليا گلشن ۾ بيحد،ٿي اچي هٻڪار خوش،
ٿي گلابي عطر اڄ گويا وسائي راتڙي.
ماهتابي جي مزي ۾ ٿو لڳي محبوب خوب،
ريجھه مر عاشق ڪري، تنهن کي رھائي راتڙي.
عيش عشرت کانسوا ٻولي  نه گهرجي ڪابه اڄ،
من ڪري مسرور. غم کي ٿي گنوائي راتڙي.
شوق مان دل جي پون پرجي رٺل پڻ ھهڙي رات،
وڇڙيل ورھين جي محبن کي ملائي راتڙي.
دردمندن کي دلاسو، بيدلين کي ڀروسو،
سڀ کي حال آهر قليچا، ٿي سيبائي راتڙي.
*******


زماني جي حالت

ويو اخلاص عالم مان ،عجب ھي دور آيو آھه
ڊڄي سڀ خلق ظالم کان، عجب ھي دور آيو آھ
نه يارن ۾ رھي ياري،نه. ڀائن ۾ وفاداري،
سچائي وئي اٿي ساري، عجب هي دور آيو آهه.
گهڻا جيڪو مڪر ڄاڻي، وڻي ھر ڪنهن کي ٿو ھاڻي،
کريو کوٽو مزا ماڻي، عجب ھي دور ايو آھه
دغابازن جي اڄ بازي، چغل خورن مان سڀ راضي،
تڙين جي آبرو تازي، عجب هي دور آيو آهه.
ھنر وارن جي بدحالي، ڦرن در در مٿي سوالي،
لچن جي اڄ چلي چالي،. عجب ھي دور آيو آھه.
“قليچ” آھين سياڻو جي،نه رک ڪو ڀروسو تن تي
گذارج تن کان تون پاسي،عجب هي دور آيو آهه.

بهار جي مند

اڄ عجائب رنگ سان گلزار ۾ آئي بهار.
درد وارن کي دلين ۾ لهس، لئون لائي بهار.
ٿي بهاري وئي خزان،سرسبز ٿيا صحرا سڀئي،
واھه بلبل کي ڏني. گل گل سندي وائي بهار.
مي به ۽ مينا به ۽ ساغر به سڀ موجود آھ،
ناھي جي محبوب مون وٽ.ڌوڙ پئي ڇائي بهار
هاء اڄ ھهڙن مزن ۾ ٿو ڏسان خورشيد ڪانه،
آھي ان ري جابجا. ارمان ۾ جائي بهار.
جي مليو محبوب ٿيا چوڏھن طبق روشن “قليچ”
ورنه آھي ھر طرف, افسوس! اونڌائي بهار.

صباجي ھٿان پيغام

ڏي صبا سعيو ڪري، آڻي سنيهو يار جو،
مڻ موھن منٺار دلبر. دل گهرئي دلدار جو.
ٿي بهاري. وئي خزان ساوا ٿيا صحرا سڀئي
بلبلن ۾ گفتگو پيو. ھو کهڙي گزار جو.
ٿو وجهان ھر وقت فالون. ۽ نهاريان چو طرف،
مانه ڪاٿئون ڪو لنوي. ڪانکل پرين جي پار جو.
عمر ساري ھجر جي ھاڃي ڪيو مون کي ھلاڪ،
يا الاھي! حال  ڪونهي برھه جي بيمار جو.
عمر نه کا. ڪر صبر سورن ۾ سدائين اي “قليچ”!
مردمؤرئون ڪين ڪن، سنسو اٺهي سنسار جو.

سڀ ڪجھه ٿيو ته ڇاٿيو؟

دنيا ۾ دل جو مطلب پورو ٿيو ته ڇا ٿيو؟
آخر مليو نه جي رب،ٻيو سڀ مليو ته ڇا ٿيو؟
مر ھت ھجي ئي شاھي، لک لشڪر۽ سپاھي.
ٿيندين عدم ڏي راهي.جڳ فتح ڪيو ته ڇا ٿيو؟
ٿين علم ۾ جي ڪامل. ڪر پڻ عمل کي شامل،
عالم جي ٿيو نه عامل. دفتر لکيو ڇا ٿيو؟
ھت فڪر جو فسانو. ھت زر جو ٿي زمانو،
ھٿ ڪر تون ھو خزانو. ھي مال ويو ڇا ٿيو؟
دنيا جا سک ڦٽا ڪر، وٺ آخرت کي آخر،
سودي ۾ سود خاطر،نقصان پيو ته ڇا ٿيو؟
آھي قليچ‘ ارمان، ڪيو شرڪ تو کي شيطان
من جي نه ٿيو مسلمان ،ڪلمو پڙھيو ته ڇا ٿيو؟

ڪڏھن ڪهڙيون ڪڏھن ڪهڙيون.

عجب چالون عجيبن جون،ڪڏهن ڪهڙيون ڪڏهن ڪهڙيون.
وجھن حيرت ۾ جڳ کي ٿيون، ڪڏهن ڪهڙيون ڪڏهن ڪهڙيون.
اکيون تيغ ۽ ڀرون خنجر. کڙا پنبڻين جا ٿيا لشڪر،
ڪيون مون سان انهي ڪارون، ڪڏھن ڪهڙيون ڪڏھن ڪهڙيون
کلي ڳالهائي ڪڏھن مونسان، ڪڏھن بيزار ٿئي مون کان،
عجب مون سان ھلي رمزون، ڪڏھن ڪهڙيون ڪڏھن ڪهڙيون
نرالو عاشقن جو حال،اميد ۽ ڊپ ۾ ٿيا پامال،
رهن تن کي سدا ڳڻتيون، ڪڏهن ڪهڙيون ڪڏهن ڪهڙيون.
ٿئن ڪڏھن ڊپ وڇوڙي جا. ملن ڪڏھن وصل جا واعدا،
ٻڌن هر روز ٿا ٻوليون ، ڪڏهن ڪهڙيون ڪڏهن ڪهڙيون.
. ڪريان ڪهڙا "قليچ" اظهار. زماني جا عجيب اسرار
عجب ٻڌجن ٿيون خبرون، ڪڏھن ڪهڙيون ڪڏھن ڪهڙيون