Friday 30 September 2022

گلابن جو هڳاءُ رکندڙ شاعر؛ سجاد ميراڻي


 

سنڌ جي نامياري شاعر سجاد ميراڻيءَ جو اصل نالو غلام حسين ولد علي بخش ميراڻي آهي. سندس جنم پهرين مارچ 1956ع تي خيرپور ضلعي جي تاريخي شهر پريالوءِ ۾ ٿيو. تعليم جي لحاظ کان ايم. اي (سنڌي ادب) ۽ ايم. ايڊ آهي. تعليم کاتي ۾ استاد آهي. سجاد ڪيترا ڀيرا سنڌي ادبي سنگت، ضلعي خيرپورميرس جو ضلعي رابطا سيڪريٽري ۽ مرڪزي عهديدار به رهي چڪو آهي. سنڌي ٻوليءَ جو پختو شاعر آهي. هن شاعريءَ جي لڳ ڀڳ سمورين صنفن کي اظهار جو ذريعو بڻايو آهي.، پر غزل ۽ خاص طور وائيءَ تي عبور رکي ٿو. سندس شاعري سادي اظهار، آسان لفظن ۽ مترنم لهجي جو مرڪب آهي. سجاد ميراڻيءَ جي شاعريءَ جا ٽي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن: (1) ’دلدار وڏي شيءِ آ‘ (2005ع، (2) ’مان تنهنجو هان‘ (2010ع) ۽ (3) ’جيءُ جياريو جن‘ (2011ع) شامل آهن. کيس ادبي خدمتن تي ’سچل اوارڊ‘، ’حامي اوارڊ‘، ’سليم ڳاڙهوي اوارڊ‘، ’مولانا عبدالله چانڊيو اوارڊ‘، ’مخدوم اسماعيل پريالوئي اوارڊ‘، ’سرمد سنڌي اوارڊ‘ ۽ ڪيترا سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن.

ڪنهن ، ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بوءِ بهار جي

وشال ڪائنات جهڙي شهر”پرين جي لوءِ“ ۾ جنم وٺندڙ سائين سجاد ميراني مونکي لطيف سائينءَ جي هن بيت وانگي ڀاسندو آهي ته:

” ڪنهن، ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بوءِ بهار جي“

۽ سچي ڳالهه اها آهي ته مونکي سجاد مان بهار جي خوشبوءِ ايندي آهي. 15 سالن کان سائينءَ سان منهنجي شناسائي آهي سائين منهنجو استاد ۽ مون سان پيار ڪندڙ پُر خلوص دوست آهي. سجاد ميرانيءَ سان دوستن مان جيترو ويجهو مان رهيو آهيان شايد ڪو رهيو هجي. سائين سونهن جو سدائين سيوا ڪندڙ رهيو اهي.سائين سجاد ميراڻيءَ ۾ ٻي وڏي خوبي هيءَ آهي ته ه ماڻهو شناس ۽ محفل شناس هجڻ سان گڏ مزاحيه طبيعت رکندڙ سچو ۽ کرو ماڻهو آهي جيسيتائين سجاد ميراڻيءَ جي شاعريءَ جو تعلق آهي ته مان سائينءَ جو صرف هي هڪ شعر پڙهندس ته:

سنڌ، سونهن ۽ سچ سجاد

جتي ٽنهي جي ڳالهه هلي

اُتي تون ڀي ، اچ سجاد

ته سائين سنڌ سونهن ۽ سچ جو شاعر آهي وڌيڪ پڙهندڙ راءِ ڏئي سگهن ٿا.

 

هريش ڪمار.آر.ڌوميجا

 

گلابن جو هڳاءُ رکندڙ سجاد

سجاد ميراڻي، سنڌي ادبي سنگت جي ڪارڪن واري رُوپ کان وٺي هڪ شاعر تائين ، ڄاتل سڃاتل نالو آهي. پنهنجي تَرَ ۽ اُن جي آسپاس ٿيندڙ مشاعرن ۾ هو سدائين نمايان رهيو آهي. محفل ۾ دوستن جي ٽوٽڪن ۽ ڀوڳن جو مرڪز رهندڙ هِن شاعر ۾ سهپَ ۽ رواداريءَ جا ڪافي گُڻ موجود آهن. شخصيت ۾ پريالوءِجي گُلابن جو هڳاءُ رکندڙ هِن شاعر جي شاعري کجينجي فصل وانگر آهي. ۽ اُها متاثر ڪندڙ ۽ وڻندڙ به ضرور آهي. هن ڪتاب ۾ به سندس اهڙي من موهيندڙ شاعري موجود آهي. جنهن کي پڙهي اوهان محسوس ڪندا ته هِن اوهان جي دل جي ڳالهه ڪئي آهي.

                            ادل سومرو

شاعري

 

پرين جي ناهي شهر ۾ شهر ٻسو ٿو لڳي

گهٽي۽ پاڙو ٻسو ۽ گهر ٻسو ٿو لڳي

مسيت ۾ نه محبت نه پيار مندر ۾

مسيت ڀي آ ٻسي ۽ مندر به ٻسو ٿولڳي

نه ڏينهن جو آ مليو ۽ نه رات ٿيو درشن

تڏهن ته شام جو هر پهر ٻسو ٿو لڳي

پرين جو پياري هليو ويو خمار جي وياسين

لٿو نشو ته پو پنهنجو اندر ٻسو ٿو لڳي

اسان ته يار جا پيرا کڻي پٺيان وياسين

مليو ته يار ته سارو سفر ٻسو ٿو لڳي

سجاد!سونهن سڄي ۽ عشق انڌو آ

ناهي جي يار ته شمس و قمر ٻسو ٿو لڳي

*

سونهن سوا سجاد ميراڻي ڪيئن ڪندو

تو ئي ڏس او منهنجي راڻي ڪيئن ڪندو

پنهنجي پلوَ سان ڪين جي اُگهندين او سائنڻ!

منهنجي اکين مان وهندڙ پاڻي ڪيئن ڪندو

هن جي چپن مان پيار جا جام پئي ٿو پيو

اهڙو ماڻهو پيار پڄاڻي ڪيئن ڪندو

ڪَنُ لائي ٿي هُن جي ڳالهه ٻڌي ويئي

پوءِ ڀلا هو بند ڪهاڻي ڪيئن ڪندو

سونهن سَڏي ”سجاد ميراڻي“ منهن موڙي

اهڙي غلطي ڄاڻي واڻي ڪيئن ڪندو

 

انصاف ڪري سگهندين؟

دل صاف ڪري سگهندين؟

مان ڏوهه مڃان به کڻي

تون معاف ڪري سگهندين؟

تون منهنجي محبت جو

اعتراف ڪري سگهندين؟

هي منهنجا درد پرين

ڏسِ هاف ڪري سگهندين؟

هاڻ آءٌ هلان ٿو پيو

سِي آف ڪري سگهندين؟

 

موٽ مٺڙا وڃائجي نه وڃين

پيهه آهي ته ڳاهجي نه وڃين

سڪ جي ساگر کان پرڀرو ٿي بيهه

پيار پائي ٿو پائجي نه وڃين

ٻر ڀلي تون مگر حفاظت سان

هن هوا ۾ وسائجي نه وڃين

تون سراپا غزل ۽ گيت آهين

ڪنهن به راڳيءَ کان ڳائجي نه وڃين

ايترو ڀي پري نه ٿيءُ پرين!

خوف آهي ته ڪٿ وسارجي نه وڃين

*

مون کي ڏسندي کلي هلي ويئي

ڇوڪري کيچلي هلي ويئي

مان ته هن کي گهڻو روڪيو پر

اک هڻي چلولي هلي ويئي

هوءَ بلورن سان راند کيڏي ۽

ڌڪ هڻي گِدَ پِلي هلي ويئي

منهنجي سامهون رقيب منهنجي سان

هوءَ کلي هلي ويئي

 

پيار آهي ته زندگي آهي

باقي سڀ ڪوڙ ۽ ٺڳي آهي

آءُ ڪمري ڇو بتي ٻاريان

هن جي چاهت جي روشني آهي

هو جڏهن کان شهر ڇڏي ويو آ

هر گهٽي ڄڻ ٻسي ٻسي آهي

هن جي مُک کي ڏسي ڦڻي ٿو ڏيان

هن جو مُک ئي ته آرسي آهي

آءٌ محفل ۾ خوش نصيب آهيان

جاءِ ڀرسان رکي وئي آهي

مون سان موڪل کان پو اچي ملجان

ويندي ويندي چئي وئي آهي

هن کي هڪڙو دفعو ڏٺو هو بس

ننڊ سجاد ڇو رٺي آهي

 

 

هيڏي ساري ٿي پئي آهين

ڪيڏي پياري ٿي پئي آهين

ٿوري کٽڙي ٿوري مٺڙي

ٿوري کاري ٿي پئي آهين

هر ڪنهن تو ۾ اک وڌي آ

سنڌ سونهاري ٿي پئي آهين

اکيون اُلا ڇاتيءَ ڇوليون

توبهه زاري ٿي پئي آهين

هر ڪنهن تو رنڱي ڇڏيو آ

مينديءَ ڏاري ٿي پئي آهين

جنهن کي ڏسين ٿي ڪهي ڇڏين ٿي

سونهن سگهاري ٿي پئي آهين

 

 

تون کان ڌار ٿيان

گنهگار ٿيان

تون ته ٻار ٿيئن

مان ڀي ٻار ٿيان

تنهنجي ڳوٺ اچي

ڪنهن تي بار ٿيان

آءُ پرين! مونڏي

گلن هار ٿيان

هٿ رتا ڪر تون

مينديءَ ڏار ٿيان

سجاد! سونهن مٿان

هر هر وار ٿيان

 

ڪوئلا ڪوئلا دل جگر ٿي ويو

تنهنجي وئي کان پو سائين! حشر ٿي ويو

تنهنجي پيرن ۾ جيڪو به پامال ٿيو

سو سدائين او سهڻا امر ٿي ويو

جنهن کي محفل مان تو آ ڌڪاري ڇڏيو

سو ويچارو ته ڏس دربدر ٿي ويو

تو ڏانهن ايندي جڏهن رات جو او پرين!

چنڊ ڀي چاهه مان همسفر ٿي ويو

تنهنجي آمد جو جنهن ڀي ٻڌو جان منِ!

جو جِتي هو اُتي منتظر ٿي ويو

سونهن سجاد جي لاءِ سڀ ڪجهه ته آ

سونهن ناهي ته هو بي ثمر ٿي ويو

 

ڳالهه منهنجي جو هوءَ ڪري ٿي پئي

نانءُ منهنجو کڻي پو ٺري ٿي پئي

خواب پنهنجا وهاڻي جي هيٺان رکي

ننڊ ۾ ڇرڪ ڇو هوءَ ڀري ٿي پئي

هيءُ ڪنهن جو اڃا آهي اوسيئڙو

در کليل ۽ بتي ڀي ٻري ٿي پئي

ڇو نه هِنَ ڌڻ جي ٻڪرار جا هٿ چمان

ڌڻ ۾ ڇيلي پرينءَ جي چرَي ٿي پئي

مون کي پڪ آ ته ايندي هوءَ اڄ هتي

ڪانءُ ٻولي ۽ اک ڀي ڦَري ٿي پئي

اچ ته توکي ڏسيان سجني ”سجاد“ جي

هوءَ تئي تي مڇي جا تري ٿي پئي

 

اکيون جو پري تو ڪيون هن پرين!

خوشيون سڀ ختم ٿي ويون هن پرين!

نڪي تيل سرما نڪي تڙ ڦليل

ڄنڊن ۾ پيون، ڄيون هن پرين!

مايوسي ۽ نفرت جدائي ۽ غم

اوهان کان ئي مليون، شيون هن پرين!

تنهنجي پيار خاطر سڄي لوڪ جون

گلائون به سر تي کنيون هن پرين!

رقيبن سان توکي ڏسي دل چيو

ته ٻه به ويون هن پرين!

 

 

نگاهن ملڻ سان نرالا ٿي پياسين

نيڻن جي مئه جا موالا ٿي پياسين

تهمت جي تڙ کان گهڻو ئي ڀڳاسين

مگر پو ڀي ٿورا آلا ٿي پياسين

اوهان جي وڃڻ کانپوءِ ساري شهر ۾

اسان ڄڻ ته لولا ملالا ٿي پياسين

اسان پيار هڪٻي سان ايڏو ڪيو جو

ماڻهن جي لئه ڄڻ حوالا ٿي پياسين

اوهان جي اچڻ تي جوجهومي اٿياسين

غزل گيت مورا جمالا ٿي پياسين

 

يار توکان سوا گهاربو ڪيترو

ديپ دل جو ڀلا ٻاربو ڪيترو

 

پيار پنهنجي جو ٻيڙو آ وچ سِير تي

ساٿ تنهنجي بنا تاربو ڪيترو

گڏ رقيبن سان توکي ڏسي دل جلي

دل جليءَ کي ڀلا ٺاربو ڪيترو

ڇو واعظ ٿو ٽوڪين مون کي ڀلا

سونهن ۽ سچ کي تاربو ڪيترو

زهر تنهنجي هٿن مان ٿو هر هر ملي

نيٺ پيئبو پرين هاربو ڪيترو

ياد توکي ڪندي اک لڳي وئي مٺا!

بيوفا کي ڀلا ساربو ڪيترو

 

 

چاهتن جو سفر

روشنن جو سفر

تو ڏانهن وک وک پرين

محبتن جو سفر

آجپي جو عمل

زندگين جو سفر

ڳالهه تنهنجي هلي

عظمتن جو سفر

ديس لئه سر ڏيڻ

غيرتن جو سفر

ليڙون ليڙون لٽا

غربتن جو سفر

سونهن ”سجاد“ لئه

راحتن جو سفر

 

سمنڊ جاڳي ٿو، ڇوليون جاڳن ٿيون

ڳوٺ ستل آهي، گوليون جاڳن ٿيون

سمنڊ ڪناري تي سانجهيءَ ويلي جو

کوڙ حسينن جون، ٽوليون جاڳن ٿيون

هوشو ٿيندين تون،هيمون ٿيندين تون

منهنجي امڙ جون، لوليون جاڳن ٿيون

ريل هلي ٿي پئي، جيل وٽان جڏهن

قيدي جاڳن ٿا، کَوليون جاڳن ٿيون

ڳوٺ جي ميلي ۾،ناچ هلي ٿو پيو

اڀريل ڇاتيون ۽ چوليون جاڳن ٿيون

 

 

سونهن کي لڪائبو ناهي

عشق کي سڪائبو ناهي

آهي دنيا هي پيارلئه سائين

هتي ڪنهن سان ڦٽائبو ناهي

هار گلڙن جو پيار مان پوئي

پاڻ کي پاڻ پائبو ناهي

ڪنڌ ڪٽجي ته لک دفعا ڪٽجي

ڪنڌ ليڪن جهڪائبوناهي

سونهن جيڪو گهري ته ڏئي ڇڏجي

سونهن آڏو نٽائبو ناهي

ڪنهن تي ٿورو ڪجي ڪري ڇڏجي

اُهو ”سجاد“ ڳائبو ناهي

 

*

سڄي حياتي رنو آ، ڪڏهن کليو ناهي

کلي به ڪيئن سندس يار جو مليو ناهي

سموري شهر جي ماڻهن ستايو ٿَس ڏاڍو

پرينءَ جي پاڙي ۾ گهر ٿَس تڏهن لڏيو ناهي

جهلي هو پيرَ ويو آ پرينءَ ڏانهن اچ وڃ کان

اداس آهي مگرپاڻ هن پليو ناهي

اندر ۾ پنندو رهي ٿو سڄڻ جا سور سڀئي

پڇڻ جي هوندي به سور هُن سليو ناهي

هڻي ٿو روز پيو ڌاڙا دلين جا ڏينهن ڏٺي

اڃا ته ڪنهن به انهيءَ کي ڪٿي جهليو ناهي

 

رات ڪاري عَذاب ڀوڳيان ٿو

بيقراري عذاب ڀوڳيان ٿو

 

ٿر جي ٿوهر جيان بڻيو جيون

واري واري عذاب ڀوڳيان ٿو

هوءَ اچڻ جو چئي هلي ويئي

انتظاري عَذاب ڀوڳيان ٿو

هن کي هڪڙو دفعو ڏٺو هو بس

عمر ساري عَذاب ڀوڳيان ٿو

هن جي لبڙن چريو ڪيو مونکي

توبهه زاري عَذاب ڀوڳيان ٿو

برف وانگر ڳري ختم ٿي وئي

هن جي ياري عَذاب ڀوڳيان ٿو

سائين منهنجا ”سجاد“ تي هاڻي

ڪر سَتاري، عذاب ڀوڳيان ٿو

 

ٻي سان منهنجو ڇا هي سائين!

سڀ ڪجهه توسان آهي سائين!

پنهنجو پيار آ پاڪ ۽ پوتر

ناهه ڀلي ڪو ناهي سائين!

ڪوڙ کِلي ٿو ڏند ڪڍي

سچ چڙهي ٿو ڦاهي سائين!

ڳاڙهي ڳل تان چميءَ وٺڻ جو

ڏس ڏنو آ ڏاهي سائين!

ميراڻي سان محبت ڪر تون

لاڳاپا سڀ لاهي سائين!

 

*تنهنجو نالو کڻندو آهيان

پنهنجو پاڻ کي وڻندو آهيان

تنهنجو نانءُ لکي او سائين

دعا جيان مان ٻڌندو آهيان

پاڪ ۽ پوتَر سيپارن جان

نانءُ اوهان جو چمندو آهيان

پنهنجي نالي جي چوڌاري

تنهنجو نالو لکندو آهيان

شهر جي چوواٽي تي بيهي

تنهنجي لاءِ مان پڇندو آهيان

سونهن”سجاد“ جي ڪمزوري آ

سونهن جي لاءِ مان سِڪندو آهيان

 

ڪاري رات به کُٽندي سائين!

اجهو باک به ڦٽندي سائين!

منهنجي هٿن مان هٿڪڙي هي

ڪَڙي ڪَڙي ٿي ٽٽندي سائين!

تنهجي جواني ڪَرِڙا موڙي

اُوچي ڳاٽ سان اُٿندي سائين!

ميراڻيءَ سان سونهن اوهان جي

ڀاڪر پائي ملندي سائين!

 

 

ڪارا وار قيد ڪڙولي

تنهنجي ڇاتي سنڌؤ ڇولي

نيڻ کڻي نهار نه سانئڻ!

لڳي نه ڪائي اولي سولي

تنهنجي پيار ائين ڪيو مونسان

جيئن ڪندا هِنِ هندو هولي

ڪيڏي مرڪ ۾ مام رکيل آ

ڪير سليندو اها پرولي

پيار جو دانُ وٺڻ لئه دلبر

جهلي آيو هان خالي جهولي

 

پرين سونهن جي ڪا سخاوت ته ڪر

اها عاشقن تي عنايت ته ڪر

هلي آ هلئون سمنڊ پيو ٿو سڏي

تون ڇولين سان ٿوري شرارت ته ڪر

ڏسي روز سپنا ڇو سپنو ٿي وئي آن

صنم پنهنجا سپنا حقيقت ته ڪر

ڇو آڪاش ۾ ٿي اڏامي پئي

لهي اڱڻِ تي عنايت ته ڪر

روئي روزُ رئو ڇو پئي آلو ڪرين

روئڻ مان ڇا ورندئي بغاوت ته ڪر