Wednesday 16 May 2018

شاهه جي رسالي ۾ “سر ڪاپائتي ” جو فلسفو.


“ڪاپائتي” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي،“ڪپھ ڪتيندڙ” يا “ڪاپو۽ پورهيوڪندڙ”.
هي شاھ جي رسالي جو حقيقت سان ٽمٽار ۽ معنوي سُر آهي. جنهن ۾ شاھ صاحب پورهئي ۽ ڪاپي جي عظمت کي ساراهيو آهي.
ڄانتو جن ڄاڻي ، تن هٿان پهي نه ڇڏي.
ڪتُ ڪنبندي آءُ، متان ڀاڳ ڀر ڏيين !
سُٽُ اُني جو سَڦَرو،  جي پَرِ ۾ پِڃائين .
چون ٿا ته سنڌ جي حاڪم ميان نُور محمد ڪلهوڙي جِي گھر واري، مائي ڄامان سنڌ ۾ ڪيتريون ئي مسجدون جوڙايون. جن مان هڪڙي پُراڻي چوٽياريءَ ۾ ( جوڳين واريءَ ڀٽ تي) به ٺهرايائين. جنهن جو هڪڙو گُنبذ ، اڄ به پري کان ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
ڪن عالمن راءِ ڏني ته هي بادشاهي پئسن سان ، هڪ عورت جي جوڙايل مسجد شريف آهي. اِن ڪري هن ۾، نماز پڙهڻ بهتر نه آهي. اهو ٻُڌي مائي ڄامان کي افسوس ٿيو ۽ اُن ، من ۾ محبت پائي، پنهنجي محلات يا گھر جي اندرويهي،سُٽ ڪتي، اُن جا ڍيرا بازارن ۾ وڪڻي، اُنهيءَ هٿ جي پورهئي واريءَ رقم مان، ٻي مسجد شريف جوڙائي، جيڪا اڄ به موجوده چوٽياريءَ ۾ موجود ۽ صحيح سلامت آهي. اُن ۾ عالمن نماز پڙهي ۽ اڃان تائي قائم ، دائم ۽ آباد آهي. حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جڏهن هتي، درسگاھ چوٽياريءَ جي باني ميان مخدوم محمد مُبين ڪيريي ٿرائيءَ وٽ آيو، ۽ اهو ڪاپي وارو قصو معلوم ٿيس،  ته اُن ، هن عورت جي پورهئي کي وڏي مڃتا ڏني. سندس پورهئي کي سلام پيش ڪرڻ لاءِ، پاڻ پورو سُر ڪاپائتي لکندي فرمايائين؛
مُحبت پائي من ۾ ، رنڍا روڙيا جن،
تن جو صرافن، اَڻ توريو  اگھائيو .
سُر“ڪاپائتي” شاھ جي راڳ ۾ هلندڙ آهي، پر راڳ جي وڏي ڄاڻو فقيرن جي گذاري وڃڻ سببان، “ڪاپائتي راڳ” کي مسلسل نٿو ڳايو وڃي. هي شاھ جي رسالي جو نائون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 41 بيت، 2 وايون ۽ 2 داستان شامل آهن. هن سُرجو پهريون بيت “ توڻي تون ڪاتار ، جِمَ! هيڪلي ڀيريين ” ۽ آخري وائي “ آئون جا ويندڙي پار پرين جي، مون کي آيل! جھل مَ پاءِ ” آهي .
بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
جان ڪتين تان ڪتِ ، هيءَ هڏ! وهاڻي ،
ڪاپائتي  سڀڪا  ، ڪتي  سيباڻي  ،
ڄانتو جن ڄاڻي ، تن پهي هٿان نه ڇڏي.
(اي قربدار ڪاپائتي !) جي ڪپاھ ڪتڻ چاهين ٿي، ته هينئر ئي ڪتي وٺ . هي ويل به ڄاڻ هٿن مان ويئي ! هر هڪ ڪاپائتي، جڏهن به ڪتي ٿي، تڏهن وڻي ٿي ۽ مانائتي ٿئي ٿي. جن ڄاڻ منجھان ڄانتو، (جن ڪتڻ منجھان ڪمائيو) تن ڪپھ جي پوڻي، هٿن مان هيٺ ڪڏهن رکي ئي ڪا نه ڪا.
ڪتڻ جي ڪا نه ڪرين ، سُتي ساهين هڏ ،
صُباح اينديئي اوچتي ، عيد اُگھاڙن گڏ ،
جت سرتيون ڪنديون سڏ، اُت سڪندينءَ سينگار کي.
ڪپھ ڪتڻ جي ڪوشش ئي ڪو نه ٿي ڪرين، رڳو سُتي سُتي پئِي آرس ڀڃين . سُڀاڻي عيد ملهائڻ واريءَ گھڙي، اُگھاڙن سان گڏ، اچانڪ اچي ويندئي ! جتي سُهڻيون سرتيون هڪٻئي کي (سِهرن ڳائڻ لاءِ) سڏ ڪنديون، اُتي تون سُهڻي سينگار لاءِ ويٺي سڪندين .
سونَ ساريکا هٿڙا ، ڪُھُ نه ڪتين رڏ !؟
ويهي ڪُنڊ ڪاپوڪر، گٽيين گوهيون ڇڏ،
ته صرافاڻي سڏ ، مَرڪِيو هُوند مَٽائيين  .
اي رڏي ڪندڙ ڪاپائتي ! تنهنجا سونَ جهڙا سُهڻا ۽ پورهيو ڪندڙ پيارا پيارا هٿڙا آهن، پوءِ به تون ڪتين ڇو نه ٿي ؟ ڪنهن اڪيلي ڪُنڊ ۾ ويهي، ڪتڻ جو پورهيو ڪر ، گھٽين ۽ بازارن ۾ ، گھُتون ۽ گوهيون هڻڻ ڇڏي ڏي . ته جيئن (سُڀاڻي) صراف ۽ پارکُو جي سڏ تي، تون خوش ٿي سُٽ جو سودو ڪري سگھين .
ڀيريين ۽ ڀانئيين ، “ڀانئڻ” ڀڃي ڇڏ ،
ڪِتو وِتو پورهيو ، هوڏ وجھنديئي هڏ،
هِتِ ڏيڍومٽين ڏڏ ! هُتِ ڏڪن ڏهسي واريون.
(اي ڪاريگرڪاپائتي !) تون پنهنجو چرخو چورين به ٿي ۽ اُن تي ناز ۽ غُرُور به ڪرين ٿي ، اِهو “پنهنجي پاڻ کي سڀ ڪُجھ سمجھڻ” وارو خيال، ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏ ! اِهو اَجايو سَجايو ڪيل پورهيو، (هوڏ ۽ هستيءَ وارو خيال) هڪ ڏينهن هيٺ هاڃي ۾ وڃي هڻندئي ! اي اَياڻي ۽ ڏڏ ! هت ڏيڍوڻو سُٽ ٿي مٽائين، هُتِ ڏهوڻي ( تاڃي پيٽي ) واريون به ڏڪنديون ٿيون وڃن .
سُٽُ اُني جو سڦرو ، جي پَرِ ۾ پڃائين ،
آواز اُو ارٽ جو ، ساھُ نه سُڻائين ،
لِڪايو، لطيف چئي،  ڪنبيو  ڪتائين،
جي ماڻڪ مٽائين، توءِ مُلُ مَهانگو اُنِ جو.
سُٽُ (جو ڌاڳو ) اُنهن جو صفا سُٺو ۽ صاف سُٿرو هوندو آهي، جيڪيون پنهنجيءَ پَرِ ۾ اڪيليون ويهي ٿيون ڪپھ ڪتائين . اُهي قُربدار ڪاپائتيون چرخي چورڻ جو آواز، پنهنجي ساھ ۽ سرير کي به ڪو نه ٿيون سُڻائين . سُهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته “ اُهي پنهنجيءَ ڪپھ کي، ٻين کان لڪايو، ( خُدا جي خوف کان ڪنبيو ) پوءِ ٿيون پنهنجو پورهيو ڪن ”. جي اُهي، اُن سُٽ جي عيوض ۾ ماڻڪ ۽ موتي به وٺن ، ته به اُنهن جو سُٽ مُلھ ۾ اڃان وڌيڪ مهانگو هوندو آهي .
تاڃي توريائون ، ته عيب نکتا  اڳيان،
ڪوٺي ڪاپاتين کي ، پر ۾ پُڇيائون ،
اگلڙي  آئون ، مون کان ڀِڙا ڀڳا نه ٿيا .
جانچي جُونچي (ڦورو ڦولي) پوءِ وزن ڪيائون، ته ڦوري جي اندران، کوڙ سارا عيب نڪري آئيا . صرافن، سڀني سُٽ ڪتڻ وارين کي سڏي، اُنهن کان مخفيءَ طور معلوم ڪيو . ( اي اديون ڀينر ! ) آئون ميرڙي، گندڙي ۽ عيبن هاڻي ٿي، مون کان تندُن ۾ ڪپھ جون ننڍيون ڳنڍيون ۽ ڳوڙها، لسا ڪيا ڪو نه ٿيا .
“نفيءَ” جي “نانهن” سين ، پهي  پڃيائون ،
ڀِڙا جي “ڀانئڻ” جا ، ڀيري  ڀڳائون  ،
هُو جو وڻ “هُئڻ ” جو،  وڍي  وڌائون،
“اسين” ۽ “آئون” ، آتڻ ناھِ اُن جي  .

“نفيءَ” ۾ جيڪا “نانهن” موجود آهي، اُن سان ڪپھ جي پوڻيءَ ويهي ڪتيائون، (پِڃِي صاف ڪيائون) ڌاڳن جا “پاڻ ڀانئڻ” (تڪبر ۽ خُوديءَ) وارا ڳوڙها ۽ور وڪڙ،    ورائي ورائي کڻي صاف سُٿرا ۽ لِسا ڪيائون  . اُهو وڻ جيڪو “هُئڻ” ، “هستي” ۽ “هوڏ” وارو، من ۾ موجود هُين، سو وڍي، ڪپي ۽ ڪيرائي وڌائون . “اسين اسين” ۽ “آئون آئون” واري ٻولي ۽ لولي هاڻِ اُنهن جي ڪتڻ واريءَ جاءِ تي آهي ئي ڪانه ڪا ! مٿي ڏيکاريل شاھ جي رسالي جي سُر“ڪاپائتي” مان، ارٽ اورڻ، چرخو چورڻ ۽ سُٽ ڪتڻ جهڙن قيمتي عنوانن ۽ مثالن مان، اسان تيستائين قرب جو ڪاپو ڪندا رهون، جيستائين وڃي رتو راس ٿئي . جن انسانن، “نفيءَ” ۽ “نانهن ” ( يعني فنا ۽ نابُود جي فلسفي ) سان پنهنجي پهي پڃي ، ته اُنهن کٽيو، باقي “هُوند ” وارا ته هر حالت ۾هارائيندا ئي رهندا آهن . بقول ڀٽ ڌڻي “ اٺئي پهر ارٽ سين ، جي ڪتن ۽ ڪنبن ، تن جو صرافن ، ڦورو ڦوليو ڪينڪين ”.

استاد لغاري

(روزاني جيجل 16 مئي 2018ع)