Tuesday 21 January 2020

عشق ۽ انقلاب جو شاعر ؛ ادل سولنگي




ادل سولنگي: مختصر تعارف
نالو: لعل بخش 
ولد: محمد حسين سولنگي
ادبي نانءُ: ادل سولنگي
جنم: 08 مارچ 1966ع (محرابپور تعلقو باڪراڻي)
 

تعليم
پرائمري: گورنمينٽ پرائمري اسڪول محرابپور
مئٽرڪ: گورنمينٽ هاءِ اسڪول مخدوم بلاول ضلعو دادو
 
لکڻ جي ابتدا: 1982ع کان.

ادبي خدمتون

• اسسٽنٽ ايڊيٽر: ماهوار ”پارس“ ڪراچي 1990ع کان 1995ع تائين
• اسسٽنٽ ايڊيٽر: هفتيوار سرتاج بدين 1995ع
• سب ايڊيٽر: روزانه ”پڪار“ ڪراچي 1996ع
• سب ايڊيٽر: عوامي آواز 2008،2007 - 2011ع
 
• سب ايڊيٽر: سنڌ ٽي وي نيوز ٻه سال.
• ايڊورٽائيزنگ شعبو: ماهوار ”لهرون“ ڪراچي 1996ع
 
• سرڪيوليشن مئنيجر: ماهوار ”رچنا“ ڪراچي 1999ع
 
• چيف ايڊيٽر: سلسليوار سمبارا، 2006ع کان.
• ايڊيٽر: ماهوار ”سارنگ“ ڪراچي 2010ع کان 2012ع تائين.


ادبي وابستگي

• جوائنٽ سيڪريٽري: س اس شاخ شاهه آباد دادو 1983ع
• خزانچي: س ا س شاخ دادو 1984ع
 
• سيڪريٽري: خزانچي ۽ ڪائونسلر س ا س شاخ محرابپور
 
1990ع کان 1992ع.
• جوائنٽ سيڪريٽري: س ا س شاخ ڏوڪري 2005- 2004.
 
• سيڪريٽري ۽ آڊيٽر: س ا س ڪراچي 1995ع کان.
• ميمبر صلاحڪاري بورڊ: سرسوتي ساهت گہر - ڏوڪري 2012ع کان.

سياسي وابستگي:

• ميمبر: جيئي سنڌ محاذ سان 1985ع کان 1995ع تائين.
• ميمبر: جيئي سنڌ قومي محاذ 1995ع کان اڄ تائين.
• ميمبر ليڪچر ڪاميٽي: جسقم تعلقو ڏوڪري 2005ع ۽ 2006ع.
• سيڪريٽري: جسقم ضلعو لاڙڪاڻو 28 ڊسمبر 2014ع کان.

سماجي وابستگي:

• صدر ۽ سيڪريٽري؛ وليج ويلفيئر سوسائٽي محرابپور 1986ع کان
 
1990ع.
• پريس ترجمان؛ سماجي تنظيمن جي ايڪشن ڪاميٽي تعلقو ڏوڪري.
• ميمبر مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽيءَ؛ ڳوٺ سڌار سنگت 1994ع
 
• سيڪريٽري ۽ انچارج؛ شاهه عنايت شهيد لائبريري محرابپور.
• چيئرمين - سيڪريٽري؛ مُهين جو دڙو اڪيدمي آف سنڌ (مختلف وقتن تي).
• گلوبل فائونڊيش هيومن رائيٽس نيٽورڪ اسلام آباد جو ميمبر.

سياسي سفر جا يادگار لمحا؛

• سنڌ ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران دادوءَ ۾ ساٿين سان گڏ ٽريلرس کي ساڙڻ، ڪورٽ، ريلوي اسٽشين ۽ جيل ساڙڻ جا ڪيس داخل ٿيا ۽ ڪيترو ئي وقت روپوشيءَ ۾ گذريو.
• 2001ع ۾ مورو باءِ پاس تي سنڌو درياءَ تي اڏجندڙ ڊيمن خلاف هنيل جسقم جي ڌرڻي مان گرفتار ڪيو ويو ۽ هڪ هفتي کان وڌيڪ مورو، گچيرو ۽ گولاڙچي ٿاڻن تي قيد ڪيو ويو.
• 2014ع ۾ 23 فيبروي کان 20 مارچ تائين جسقم جي آزادي مارچ ۾ سکر ساڌ ٻيلي کان ڪراچي تائين پيرين پنڌ مارچ ڪيو، وک وک تي سنڌ کي نئين رخ کان ڏسڻ جو موقعو مليو.

شادي؛ 11 جون 1983 ماساتِ سان.

اولاد؛ 1 سورٺ راڻي 2 سونهن راڻي 3 رابيل راڻي 4 مخدوم بلاول 5 ڄام سارنگ 6 سرمد 7 دارا شڪوه 8 فرحان

مليل ايوارڊ

1. ادبي خدمتن عيوض س ا س شاخ ڏوڪري 2001ع
2. بهترين شاعر ايوارڊ؛ س ا س شاخ ڏوڪري پاران 2002ع
 
3. ادبي خدمتن عيوض سنگت شاخ ڏوڪري پاران 2002ع ۾ رهاڻ رچائي وئي.
4. 2007ع ۾ نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ سنڌ پاران سماجي خدمتن عيوض سَنَدَ ڏني وئي.
 
5. 2007ع ۾ اسوا ڏوڪري پاران ادبي ۽ سماجي خدمتن عيوض مڃتا سَنَدَ ڏني وئي.

ڇپيل ڪتاب؛

1. خانه بدوش لفظن جا قافلا (شاعري) 2015ع
 

اڻ ڇپيل مجموعا.

• چيٽ جي چانڊاڻ (شاعري)
 
• پريالو جي گلابن جھڙا پرين (خاڪا)
• سرت سنگہرين نه قيد ٿيندي آ - (ڪتابن تي تبصرا)
 
• آزادي مارچ جون يادگيريون.

ڏس پتو؛

ٽپال گهر محرابپور تعلقو باقراڻي، ضلعو لاڙڪاڻو.
فون نمبر؛ 0344-8389326

مجيب نواب ميراڻي

ادل سولنگيءَ جي خانه بدوش لفظن جا قافلا (مهاڳ) : رکيل مورائي

سنڌي ٻوليءَ جي مها ڪوي شيخ اياز لکيو آهي:
سنڌ کي مون آڇيو ايڏو سُڪار،
ڏات جو ڪوئي ڏُڪار،
ڪو نه پوندو.
شايد اياز جي اها نيڪ خواهش ئي آهي، جنهن سبب سنڌ شاعريءَ جي حوالي ۾ ايتري خوشحال آهي، سُڪاريل آهي جو اها ڪنهن شاعراڻي ڏڪار جي ويجهو وڃي ئي نٿي سگهي. اياز جي ان نيڪ خواهش جي تناظر ۾ ڏسبو ته ادل جي شاعري پڻ ان سڪاريل سنڌ جي سڪار ۾ حصيدار آهي. جنهن کي الڳ نٿو ڪري سگهجي. واڌو اهو ته سنڌ جي شاعراڻي ادب ۾ هڪ نظم اهڙو به آهي، جيڪو ادل سولنگيءَ جي نالي ۽ حوالي سان سڃاتو ويندو، اهو نظم اهڙو آهي جنهن نظم ۾ اڪثر پنهنجي ان ماضيءَ جي تلاش آهي، جيڪو بظاهر اهم نه آهي تڏهن به ماضي آهي، ان ڪري اهو عزيز آهي.
جڏهن حال سٺو نه هوندو هي ته سٺو نه هوندي به ماضي عزيز لڳندو آهي، اهو انسان ذات جو گڏيل الميو آهي، جيڪي قومون، گروهه ۽ طبقا، پنهنجي آڪاس تي اڏامندڙ حال ۾ جيئن ٿا، انهن لاءِ شايد ماضي ايترو اهم نه آهي، جيترو انهن لاءِ اهم آهي، جن وٽ حال ڌنڌلو آهي ۽ مستقبل اونداهو آهي.
شخص ان سڄي سفر ۾ جيئن ته موجود آهي، ان ڪري هو الڳ شڪلين ۾ ماضي، حال توڻي مستقبل تي ويچارڻ کان پوءِ جيڪو ڪجهه ماڻي يا ڀوڳي ٿو، اهو هو پنهنجي حافظي ۾ محفوظ ڪري ٿو ۽ پوءِ وقت اچڻ تي ان سڀ کي پنهنجي تخليق ۾ اظهاري ٿو. تخليق جيڪا هن جي اندر جي آتم ڪٿا به آهي ته ٻاهر جو وهي کاتو به!
ائين هر شخص پنهنجو وهي کاتو ٺاهي ٿو، قلم سان، برش سان، ڇيڻيءَ سان يا ڪنهن ٻئي وسيلي/واهڻ جي معرفت.
ادل سولنگيءَ پنهنجي حافظي کي قلم وسيلي اظهاريو آهي، ڇاڪاڻ ته فائن آرٽ جو اهو شعبو کيس راس آيو آهي ۽ مستقل کيس راس آيو آهي، جيتوڻيڪ هو ننڍپڻ ۾ ڪن پنن تي ڪي وڻندڙن/اڻ وڻندڙ تصويرون به ٺاهيندو هئو، پر اهو شايد سندس ننڍپڻ هئو، جيڪو وقت کانئس پنن سميت کسي ورتو آهي، هاڻ هو اڌ صديءَ جو سفر ڪري جنهن هنڌ تي پڳو آهي، اهو اهڙو هنڌ آهي، جيڪو کيس، جيڪا به سڃاڻپ ڏيندو، اُها ئي سندس اولين ۽ آخرين سڃاڻپ هوندي.
اڄ تائين جيڪا هن جي سڃاڻپ سامهون ايندي رهي آهي اها هڪ نظم جي شاعر واري آهي ۽ اهو شاعراهڙو آهي، جيڪو موجوده سڀ ڪجهه کان باغي آهي، بيزار آهي، نااميد آهي. ايندڙجيڪي به ڪجهه آهي ان ۾ سندس اميد آهي، جيڪي ڪجهه هُن ماضيءَ ۾ وڃايو آهي، ان جي حاصل ڪرڻ جي تمنا آهي، غير اهم ماضيءَ کي اهم مستقبل ۾ تبديل ڪرڻ جو خواب آهي، جيڪو هن جي اکين جي ماڻڪين مان نڪرڻ وارو نه آهي، ان جي ساڀيان ڪهڙي ٿيڻي آهي، ان جو پتو نه آهي پر هو هڪ اهڙو شاعر آهي، جيڪو ان ساڀيان جي اوسيئڙي ۾ پنهنجا سڀ جنم ارپڻ ڪرڻ جو خواهشمند آهي، شايد هن ڀٽائيءَ سائين جي پوئلڳي ۾ سندس ان سٽ جو مقصد پنهنجو ڪيو آهي ته:
جي قيام مڙن، ته اوڏا ڀانئج سپرين.
ادل سولنگيءَ پنهنجي اڌ صديءَ جي عمر کي رسڻ واري وقت ۾ تازو هڪ نظم لکيو آهي ”وڃايل ڳوٺ جي ڳولا“ جنهن نظم کي کڻي مان سندس شخص توڻي شاعر جون ڪجهه وضاحتون ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس. اهڙي ڪوشش جنهن جو مقصد هن جي انهن نظمن، غزلن، گيتن ۽ واين جو پيرو کڻڻ هوندو، جن ۾ هن جو ماضي لڪل آهي ۽ جنهن جو سبب هن جو شاعر بڻجڻ آهي. ڇاڪڻ ته سندس ڪتاب ڇپجڻ کان پوءِ ڪيترائي نقاد سندس شاعريءَ تي لکندا، پر مان انهن کِڻن/پلن تي لکڻ چاهيان ٿو، جن کِڻن/پلن ۾ هن اهي نظم لکيا، جيڪي کِڻ/پَلَ منهنجي آڏو گذريا آهن ۽ جن جو مان اکين ڏٺو شاهد آهيان، شايد اهڙو شاهد هُو (ليکڪ) پاڻ به نه هجي. ۽ جيڪڏهن ڪو ٻيو ان سڀ کي سمجهڻ يا ڳولڻ چاهي ته اهو سندس نظم ”وڃايل ڳوٺ جي ڳولا“ ۾ مرڪز بڻيل هي سٽ پڙهي سگهي ٿو:
جڏهن ناري ڪناري سان اسان جو ڳوٺ هوندو هو.
مون کي گمان نه پر پڪ آهي ته ادل سولنگيءَ جو هيءُ نظم اهڙي ڪوشش آهي، جنهن ڪوشش پويان ڪنهن به شخص جي منشا فقط وقت جا پيرا جاچڻ نه هوندي آهي، پر انهيءَ پنڌ ۾ هو پنهنجي ڳوڙهن کي به تلاش ڪندو آهي، جيڪي هن جي ڪيترن ئي نسلن وهايا هوندا آهن.
ادل جي هن نظم ۾ ان ماضيءَ جي تلاش آهي، جيڪو ماضيءَ هن هڪ جو ئي نه بلڪه هن جي سموري خاندان جو ماضي آهي. اهڙو ماضي جيڪو ٻن حصن ۾ ورهايل آهي ۽ انهن ٻن حصن جي وچ ۾ سنڌو درياهه وهي ٿو. اهو سنڌو درياهه، جنهن جي ڪنارن تي دنيا جا پهريان گرنٿ/ويد لکيا ويا هئا، ۽ انهيءَ ئي سنڌو درياهه جي ڪناري تي ادل جي وڏن، پنج هزار سال اڳ هڪ شاندار تهذيب جوڙي هئي، جن جي پيروي ڪندي اڄ هو انهيءَ تهذيب کي محفوظ رکڻ لاءِ شاندار گيت جوڙي رهيو آهي. حيرت جي حد تائين اڄ به ادل پنهنجي ان ماضيءَ کان ٽٽو ناهي. اڄ به هو پنهنجي ماضيءَ کي اکين ۽ دل ۾ سانڍي ويٺو آهي. شايد سندس دل جڏهن پنهنجي هلچل پوري ڪندي ته هو پنهنجو اهو ماضي پنهنجي نئين نسل ڏانهن منتقل ڪندو، جيڪر هڪ ڪتاب جي روپ ۾ هوندو، جنهن ڪتاب جو نالو هوندو ” خانه بدوش لفظن جا قافلا“ هيءُ اهي قافلا آهن جيڪي مسلسل سفر ۾ آهن.
پراڻي ناري ڪناري تي اڏيل ڳوٺ، جنهن جي اڄ ادل سولنگيءَ کي تلاش آهي ۽ هو ان کي ماضيءَ جي جهروڪن مان جانچي رهيو آهي، دراصل اهو ڳوٺ ان ”حوا“ جو ڳوٺ آهي، جنهن کي ڪيئي صديون اڳ پنهنجو ”آدم “ اڪيلو ڇڏي ڪيڏانهن گم ٿي ويو هئو ۽ ”حوا“ اڄ ڏينهن تائين، پنهنجي ان آدم جي تلاش ۾ آهي.
۽ اهو آدم صدين کان پوءِ جڏهن واپس آيو ته اهو ادل جي روپ ۾ هئو. پر اڄ نه اها ”حوا“ هئي ۽ نه ئي اهو تصور وارو ڳوٺ هئو. جيڪو ناري جي ڪناري تي موجود هئو، هاڻ ته فقط اهو هن جي تصور ۾ موجود آهي، جنهن تصور ان ڳوٺ کي تلاشڻ لاءِ شاعريءَ جو روپ ورتو آهي.
اڄوڪو آدم، ادل سولنگي ان ”حوا“ جو ڀاڻج به آهي ته پُٽ به!
اڄ هُن جو نئون جنم آهي ۽ هن کي ڪنهن نئين ”حوا“ جي تلاش آهي. جيڪا فقط هڪڙي هئي، باقي ته سڀ ان جا پرتوا آهن، پاڇا آهن، جن لاءِ اياز چيو هوته:
حسين هن دنيا ۾ به ڇا ڇا هيا،
چــتـــائي ڏٺـــوسـيــن ته پاڇا هيا.
پوءِ به هو ان پاڇي جو پيڇو ڇڏي نه سگهيو آهي. ۽ اڄ به ان جي سار پسار کي پنهنجي زندگي سمجهي ٿو.
پراڻو نارو ۽ ان جي ڪناري تي وسيل ڳوٺ محرابپور. ادل جو جنم هنڌ آهي، شايد مرڻ هنڌ به! هن کي اتي ئي دفن ٿيڻو آهي، ڇو ته اتي ئي سندس تهذيب دفن آهي جنهن کي ”موهن جو دڙو“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.
ٻيو سبب اهو آهي ته هيءُ ڳوٺ هن جي ماءُ جو ڳوٺ به آهي ته محبوبه جو ڳوٺ به.
انساني سڀاءُ اهو آهي ته ڪو به شخص ٻه ڳوٺ ۽ ٻه ٻوليون ئي پنهنجون ڪندو آهي، يا ته اهي ماءُ جون هجن يا محبوبه جون ۽ ادل سان ته مٿيان ٻئي رشتا هن ڳوٺ جا جڙيل آهن.
هن ڳوٺ ادل جي دل ۾ ماءُ جي مامتا کان پوءِ محبت جي اها چڻنگ دکائي هئي، جيڪا سندس دل مان اڄ تائين وساڻي نه آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان آڳ ٻرندي ٻرندي پنهنجا ڪيئي روپ ظاهر ڪيا آهن، جيڪي شايد سنسار نه ڏٺا هوندا پر ڪڏهن ڪڏهن اُهي سڀ روپ سهيڙي ادل پنهنجي شاعريءَ جي روپ ۾ ظاهر ڪيا هوندا ۽ سندس زندگيءَ جي ٽيهن سالن جي ڊگهي شاعراڻي سفر ۾ اهي سڀ سانڍيل شعر جڏهن اڄ ظاهر ٿي رهيا آهن ته، سچ پچ سندس اهو سمورو سفر ڄڻ ظاهر ٿي پيو آهي، جيڪو هن ناري ڪناري تي اڏيل هڪ ڳوٺ (جيڪو هاڻ ننڍي شهر جو ڏيک ڏيندڙ آهي) کان شروع ڪيو هئو.
اڄ هو زندگيءَ جي اڌ صدي اورانگهي وري پنهنجي امڙ جي ان ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو آهي. جيڪو ڳوٺ به موجود آهي. ادل به موجود آهي. پر نه اهو نارو آهي ۽ نه اهو ماضي آهي، جنهن کي ادل پاڻ سان ڳنڍي هڪ بيحد خوبصورت نظم لکيو آهي :
جڏهن ناري ڪناري سان اسان جو ڳوٺ هوندو هو.
گذريل اڌ صديءَ جي اڌ جيترو حصو، ادل پنهنجي هن ڳوٺ کان پري رهيو آهي. پري رهڻ جا سبب ڪيترائي آهن، ڪڏهن روزگار سانگي، هُو ڳوٺ کان پري رهيو آهي ته ڪڏهن ڳوٺ هن کي پاڻ کان پري رکيو آهي. ائين ننڍي توڻي وڏي جلاوطني ڪڏهن انسان پاڻ قبولي ٿو ۽ ڪڏهن اڻ قبوليل جلاوطني کيس ڀوڳڻي پوي ٿي.
ادل سولنگيءَ جو ناناڻو ڳوٺ ۽ ڏاڏاڻو ڳوٺ سنڌوءَ جي الڳ الڳ ڪنارن تي آهن، وچ ۾ آيل فاصلي ۾ سنڌو درياهه جي تيز وهڪري سان گڏ مزاجن جو فاصلو به شامل آهي. جيڪو گڏجي ادل جي مزاج جو اپائيندڙ رهيو آهي. ادل جي مزاج ڏاڏاڻو ڳوٺ قبول ڪو نه ڪيو ۽ سندس ڏاڏاڻي ڳوٺ جي مزاج، سندس ناناڻي ڳوٺ جي مزاج کي قبول ڪو نه ڪيو، وچ ۾ ادل ۽ سندس روح پيڙبا رهيا آهن.
مون کي لڳندو آهي ته اهو ئي سبب آهي جو هو ذهني، روحاني، توڻي جسماني طور سموري ڄمار بيچين رهيو آهي ۽ مسلسل ڏاڏاڻي ڳوٺ ۽ ناناڻي ڳوٺ جي وچ ۾ سفر ڪندو رهيو آهي. سندس شاعري ان سفر جي روحاني، ذهني توڻي جسماني ڪٿا آهي. سندس شاعريءَ جا ٻيا پهلو الڳ آهن، جن تي ٻيا ڪيترائي ليکڪ/ نقاد لکندا.
ادل زندگيءَ ڳڻائڻ جيترا سال دادوءَ ۾ گذاريا آهن. ڪجهه وقت هالا ۾ گذاريو آهي. باقي وقت ڪراچيءَ ۽ پنهنجي ناناڻي ڳوٺ ۾ گذاريو آهي، ننڍڙو وقت هن ڏاڏاڻي ڳوٺ ۾ پڻ گذاريو آهي. جتي سندس ذهني، جسماني ۽ سماجي واڌ ويجهه ٿي آهي. چڱي وقت لاءِ هو دادوءَ ۾ رهيو. پنهنجي خاندان جي آجيوڪا لاءِ. جتي سندس سياسي ۽ ادبي اوسر شروع ٿي. هو شاعر بڻيو، سياسي ڪارڪن بڻيو. هن دنيا مان هليو ويندڙ پنهنجي شاعر ۽ عاشق ناني لعل بخش جي نالي پٺيان رکيل ماءُ پيءُ جي نالي بدران، پاڻ بابت رکيل شاعراڻي تخلص ادل سولنگيءَ جي نالي سان هن لکڻ جي شروعات ڪئي. ڇو ته سندس روح ۾ سندس شاعر نانو ويٺل آهي. جيڪو پنهنجي دور جو ناميارو عالم پڻ هئو.
مان ڀايان ٿو ته سندس پهرين ادبي دوستن مان اهم دوست اسان جو دلبر دوست ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ماڊرن ڪهاڻيڪار نور گهلو، اهم نقاد ۽ اسان جو مرحوم دوست ڊاڪٽر شمس سومرو ۽ نهايت خوبصورت شاعر ڀاءُ اظهر منگي آهن، جن جي گڏيل محبت ۽ صحبت ادل کي نصيب ٿي، اهو گذريل صديءَ جو اسيءَ وارو ڏهاڪو هئو.
سندس همعمر ۽ همعصر دادوءَ جي دوستن ۾ سقراط سيتائي، وزير منگي، مقبول گهلو ۽ ٻيا شامل آهن. جيڪي هاڻ ادب کان پري، پنهنجي پنهنجي دنيا وسائي ويٺا آهن ۽ ادل پنهنجي صحافتي دنيا ڇڏي، ادبي ۽ سياسي دنيا وسائي ويٺو آهي، ان ڳوٺ ۾ جيڪو ناري ڪناري تي اڏيل آهي. جنهن دنيا ۾ هو ڪيترو خوش ۽ ڪيترو ناخوش آهي، اهو سڀ سندس شاعري ٻڌائي ٿي جيڪا ”خانه بدوش لفظن جا قافلا“ جي نالي سان اڄ اسان سڀني جي هٿن ۾ آهي.
۽ هاڻ ادل سولنگيءَ شاعر بابت ڪجهه اهم ۽ ڪجهه غير اهم ڳالهيون.
*
اڪثر شاعرن جيان بي تربيت زندگي جيئندڙ ادل سولنگيءَ جي شاعريءَ جا سڀ بي ترتيب پنا.
جن کي پنو نالو ڏيڻ به پني سان زيادتي ٿيندي.
ردي ڪاڳر، گهرو وکر جي بلن تي ۽ سگريٽن جي پاڪيٽن جي اڇي پاسي لکيل شعر جڏهن هن ترتيب ڏنا آهن ته، مون کي معجزو لڳي رهيو آهي ۽ پڪ سان جڏهن هي ڪتاب ڇپبو ته منهنجو معجزن ۾ ويساهه وڌي ويندو. ٻيءَ طرح ڪو به اعليٰ شعر هڪ معجزو ئي ته آهي. ائين ادل سولنگيءَ جا ڪيترا نظم، گيت، غزل ۽ وايون پنهنجو پاڻ ۾ تخليقي معجزو سانڍيندڙ آهن. سندس شاعري سنڌي شاعري جي حصي ۾ اهڙو واڌارو آهي، جيڪو سندس نالي سان اظهاريو/ياد ڪيو ويندو. هن جي شاعريءَ جا سڀ پاسا سندس شخصيت ۽ ذهن جي آس پاس جا آهن، اهي جيڪو پيغام ڏين ٿا. اهو ادل پنهنجي شعور تي رسندڙ عمر کان وٺي اڄ تائين عملي طور به پهچائيندو رهيو آهي.
ادب ۾ چيو ويو آهي ته ڪا به باغي لکڻي، ان ليکڪ جي عمل طور سڃاتي ويندي آهي. ڇاڪاڻ ته ڪنهن ليکڪ جو لڳاتار لکڻ ئي سندس لڳاتار عمل آهي. پر ادل سولنگي اهڙو ليکڪ آهي، جنهن قلمي ويڙهه ۾ به پنهنجو حصو ڳنڍيو آهي ته عملي ويڙهه ۾ به سندس اڄ جي تاريخ تائين موجودگي سندس هڪ واڌو ويڙهه آهي.
ادل جي سياسي ۽ ادبي شعور واري عمر اسيءَ واري ڏهاڪي جي شروعاتي سالن کان ٿئي ٿي، جڏهن هن ملڪ سميت سموري سنڌ فوجي لانگ بوٽن جي هيٺان لتاڙجي رهي هئي. هيءُ اهڙو دور هو جنهن لکندڙن جو هڪ نئو نسل پيدا ڪيو، جنهن کي ”باغي نسل“ جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي، ادل ان نسل جو هڪ ليکڪ آهي ۽ ساڳئي وقت هڪ قومي سياسي ڪارڪن پڻ!.
هن نه فقط اهي نظم لکيا آهن، جيڪي هن ڪتاب ۾ محفوظ ٿي ويا آهن پر هن اهي نعرا به لکيا هئا، جيڪي اڄ سنڌ جي شهرن جي ديوارن تان ميسارجي ويا آهن، جن جي جڳهه اڄ انهن نعرن والاري آهي، جيڪي ٽڪي اگهه تي وڪامجي وڃڻ وارا آهن پر ادل اهي نعرا لکيا، جيڪي، جيتوڻيڪ اڄ ديوارن تان ته ميسارجي ويا آهن، پر سنڌي ماڻهن جي روح ۽ زبان تان، تيستائين شايد نه ميسارجي سگهن، جيستائين سنڌ پنهنجو پنج هزار سال اڳ وارو مان ۽ مرتبو حاصل نه ڪيو آهي.
ادل جا اهي آواز جيڪي وقت جي پيهه ۽ گوڙ شور ۾ گم ٿي ويا آهن، اهي ئي آواز هن پني تي اتاري رکيا هئا ته انهن جيڪو روپ اختيار ڪيو آهي اهو هن طرح آهي:
مون کي معاف ڪلجان او سانئڻ!
مان تنهنجو پوڄاري هوندي،
توکان ئي انڪاري ٿيندي،
تنهنجو ئي ڏوهاري ٿيندي،
توکي هٿ ٻڌان ٿو سانئڻ!
مون کي هاڻ وساري ڇڏجان.

ڌرتيءَ ماتا جي ٿڃ عيوض،
پنهنجي سگهه سهيڙڻ ڪارڻ،
گهاٽن ٻيلن جي هُن پاسي،
پنهنجو ساٿ سموهڻ ڪارڻ،
تنهنجو ساٿ ڇڏڻ ٿو چاهيان.
(نظم فيصلو)
۽ سچ پچ هن پنهنجو ساٿ سموهڻ ڪارڻ، ڪيترن ئي زماني جي ساٿن کي ڇڏي ڏنو ۽ اڄ تائين هو ان سفر تي هلي رهيو آهي. جيڪو سفر ڪٿي کٽڻو آهي، اها سُڌ اسان مان ڪنهن کي به نه آهي، پر هو پنهنجي ڌُن جو پڪو آهي. هن جو ماڳ شايد سندس اکيون ڏسي رهيون آهن، تڏهن ته پڪي ويساهه مان چوي ٿو:
سوچيان ٿو او منهنجي سانئڻ!
پنهنجي پريت نه مرڻي آهي،
ويس مٽائي ورڻو آهي،
ها! پر،
هن جنم ۾ شايد،
پنهنجو پاڻ ملڻ به شايد،
ناممڪن جيئن اڻٽر ناهي،
ها! هيءُ صرف جدائيءَ ويلو،
ڄاڻي سگهجانءِ،
ٻئي يُگ ويلي پوءِ به ملبو،
هن ڌرتيءَ تي،
جيڪا تنهنجي منهنجي هوندي،
وڏڙن جيان آسيس به ڏيندي،
تيستائين جي تون چاهين،
مون کي هاڻ وساري ڇڏجانءِ.
(نظم ساڳيو)
مٿئين نظم ۾ ادل جو اظهار انقلابي رومانويت وارو آهي. جيڪا انقلابي رومانويت فيض احمد فيض وٽ هن طرح هئي:
مقام فيض ڪوئي راهه ۾ جچا هي نهين،
جو ڪوءِ يار سي نڪلي تو سوءِ دار چلي.
۽ ساڳي انقلابي رومانويت اياز وٽ هن ريت آئي آهي:
ڪو ڪئين نه ڊوڙي مقتل ڏي، آ رت ۾ خوشبو مينديءَ جي،
ڪـو ڪئـين نه موتي زنـدان ڏي، ٿـا ذلـف ڇـڪـن زنجـيـرن جا.
ادل ان انقلابي رومانويت کي پنهنجو ڪندي جيڪي نظم لکيا آهن، اهي سڀ هن ڪتاب ۾ موجود آهن. ائين ادل جو نظم ”نتد، ڪٽارو، ڪنڌ“ هڪ ويڙهاڪ دور کي اظهاري ڪري ٿو. هن نظم ۾ ادل اهي اديب، شاعر، باغي، سياستدان ۽ انقلابي گڏ ڪيا آهن، جن پنهنجي پنهنجي ديسن ۽ ديس واسين جي آزاديءَ لاءِ ويڙهه کاڌي.
ادل به ان ويڙهه ۾ جٽيل آهي. اُن لاءِ هو مسلسل لکي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته لکڻ سندس زندگي آهي، پابلو نرودا لکيو هو ته ”لکڻ مون لاءِ ائين آهي جيئن ساهه کڻڻ، جيئن مان ساهه کڻڻ کان سواءِ زندهه رهي نه ٿو سگهان، تيئن لکڻ کان سواءِ به جيئرو نه رهي سگهندس.
پابلو جهڙا ڪردار ادل جي آدرشي ڪردارن ۾ شامل آهن، جن کان هو سڌي يا اڻ سڌي طرح متاثر رهيو آهي. دنيا جا هيءُ سڀ ويڙهاڪ/شخص/ليکڪ هڪ نظم ۾ آڻي، ادل ان نظم جي اهيمت کي ته وڌايو آهي پر پاڻ ۽ پنهنجي جدوجهد کي به چٽو ڪيو آهي ته هو زندگيءَ ۾ جيڪا عملي جدوجهد ڪر رهيو آهي، ان جو ماضي ڪهڙو آهي، جنهن مان انهن ملڪن ۽ ماڻهن جو سونهري مستقبل ڦٽي نڪتو هئو. هو اڄ سنڌ ۾ پڻ اهڙن شخصن/ليکڪن جي تلاش ۾ آهي. پر ان سڀ کان پوءِ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن ۽ پنهنجي تصور واري محبوبه لاءِ هو ڪهڙو سماج اڏڻ چاهي ٿو. اهو به هو ٻڌائي ٿو. ۽ ان سماج ۾ زندگي ڪيئن هوندي اهو به ٻڌائي ٿو. ڇو ته هو سمجهي ٿو ته:
محنتن ۽ محبتن جو ماڳ آهي زندگي،
ڪنوار جيان ڪوري نڪوري،
ماڪ ورني زندگي،
مُرڪ مينديءَ رنگ،
مٿي جا موڙ آهي زندگي،
ڪارونجهر جي ڪور،
نچندڙ مور آهي زندگي،
زندگي ڄڻ شاهه جي آ شاعري.
(نظم زندگي آهي ٽڙيل رابيل جيان)
۽ ان زندگيءَ جي سنوارڻ لاءِ ممڪن جتن ڪرڻا آهن، ڇاڪاڻ ته وري به زندگي اهم آهي، جيڪو شخص/ ليکڪ/ شاعر زندگيءَ جي اهميت جيتري وڌيڪ سمجهي ٿو، اهو ايترو ئي زندگيءَ جي ويجهو به آهي ته زندگيءَ سان پيار به ڪري ٿو. ائين ادل به زندگيءَ لاءِ اهوموهه وارو رويو رکي ٿو. سندس ويچار ۾:
زندگي ايڏي ڪساري ۽ ڪڙي ناهي پرين!
جو ڏسڻ ۽ وائسڻ کان،
اڳ کڻي ٿوڪارجي.
(نظم ساڳيو)
۽ پڪ جنهن شخص/ ليکڪ زندگيءَ جي اهيمت کي ڄاڻي ورتو. اهو هن ڪائنات کي فتح ڪرڻ جي سگهه حاصل ڪري وٺي ٿو.
ادل زندگيءَ ۾ جيڪو ڀوڳيو آهي. اهو پنهنجي شاعريءَ ۾ اظهاريو آهي. هن ان ڀوڳڻ کي جيڪو اظهار ڏنو آهي اهو نج سندس پنهنجو آهي، سندس ٻولي ان جو لهجو، ان جون تشبيهون، تمثيلون، هن پاڻ تراشيون آهن، جيڪي سندس روز مرهه جي زندگيءَ مان کڄي اچن ٿيون، جن جي پويان سندس مشاهدو آهي/ تجربو آهي، هو ان زندگيءَ مان گذريو آهي. هن ڪتابن ۾ پڙهيل جو ورجاءُ نه ڪيو آهي.
ها هن پڙهيل جو اثر ضرور قبوليو آهي، جيڪو اثر هر سنجيده پڙهندڙ قبوليندو آهي.
هُن پنهنجي پلئهِ پيل عذابن کي شاعراڻو اظهار ڏنو آهي، هن جو اظهار ان ڪري پنهنجو آهي ڇاڪاڻ جو هن جي محسوس ڪرڻ جو انداز پنهنجو آهي.
هر گهڙيءَ جو گهاءُ ٿو ماري وجهي،
پــيـار جـو پڇـتـاءُ ٿــو مـاري وجـهـي.
*
سپنو سپنو گلاب وانگـي آ،
ساڀيا ساڀيا، عذاب وانگي آ.
*
ڪير ڪنهن جي نٿو ٻڌي هاڻي،
لـوڪ بـي قــيـاس ٿــي ويو آهي.
*
جيون جهڙو زهر جا ڍُڪ،
پوءِ به پيان پيـو ڀريو ٻُڪ.
*
اوچـتـو اوچـتـو مليس هُـن سـان،
دل تي پٿر رکي کليس هُن سان.

هُن چيو رنجشون گهٽائي ڇڏيون،
مـان به ڄـڻ سـمـهتي ٿيس هُن سان.
مٿين غزلن جا شعر ادل سولنگيءَ جي شاعراڻي ساک ڀرين ٿا، جيتوڻيڪ شاعر جي سڃاڻپ شعر آهي، شعري صنف نه آهي، شعر ڪهڙي به صنف ۾ آهي اهو پوءِ آهي. اهو اول شعر هجڻ گهرجي. پوءِ به صنفن جي حوالي ۾ جيڪڏهن ڪنهن شاعر جو ڪاٿو ڪيو وڃي ته پڪ سان ادل نظم جو شاعر آهي ۽ اهو به طويل نظم جو، ڇاڪاڻ ته سندس طبعيت وانگر نظم اهڙي صنف آهي، جنهن ۾ گهڻو ڪجهه انگهائي چئي سگهجي ٿو، جيڪا گنجائش غزل ۾ نه آهي ۽ وائي ۾ ته بنهه به!
ادل وايون، بيت، غزل ۽ نظم هن ڪتاب ۾ ڏنا آهن ۽ ڪجهه هائيڪا/ٽيڙو پڻ! پوءِ به هو مڪمل نظم ۾ ٿئي ٿو.
شاعري زندگيءَ ڪن عڪسن کي ئي اظهاري سگهي ٿي، شايد ڪو به آرٽ زندگيءَ جي ڪن عڪسن کي ئي اظهار ڏيئي سگهي ٿو. خود زندگيءَ کي اظهار ڏيڻ ڪنهن به آرٽ ۾ ممڪن نه آهي، زندگيءَ جون باريڪيون، ڪائنات جي وسعتن جيتريون گهريون آهن، خود تخليقڪار پنهنجي ڀوڳنائن جي ڪن لمحن کي مڪمل اظهار ڏئي ۽ اهو محسوس ڪرائڻ جي سگهه رکي ته، اها سندس وڏي حاصلات آهي.
ائين ادل جا گهاريل ڪي لمحا ۽ انهن جا عڪس سندس الڳ الڳ شعرن ۾ آهن پوءِ به ٻڌي ليکي هن کي عشق ۽ انقلاب جو شاعر ڪوٺي سگهجي ٿو ۽ ٻنهي حوالن ۾ هو سموري ڄمار اعتماد سان بيٺو رهيو آهي. مٿس اهي ٻئي ڪيفيتون پنهنجي سموري شدت سان حاوي رهيون آهن، جنهن شدت سبب هن ڪٿي ڪٿي شاعريءَ جي باريڪين کي به نظرانداز ڪيو آهي يا انهن کي اورانگهي ويو آهي. سبب اهو آهي ته هن پنهنجي شاعريءَ ۾ بيهڻ جي گنجائش گهٽ رکي آهي، ڇاڪاڻ ته هو نظم جو شاعر آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي ذهين ليکڪ لعل پشپ چيو آهي ۽ لکيو به آهي ته ”شاعريءَ جي صنفن ۾ نظم ۾ بيهڻ جي گنجائش گهٽ آهي ۽ غزل ۾ ڊوڙڻ جي گنجائش گهٽ آهي.“
ٻيءَ طرح ادل جا نظم پڙهي، انهن جي رواني/ترنم ڏسي، اندازو ٿي ويندو ته هن جي طبعيت ۾ ڪيتري رواني/ترنم آهي، ان لاءِ ٻاهر نهارڻ جي ضرورت گهٽ پوندي، ذڪر طور علم عروض توڻي ڇند وديا جو ذڪر واڌو ذڪر ٿيندو! جنهن جي هروڀرو شعر کي ڪاڻ ڪڍڻ جي گهرج گهٽ آهي، ۽ اهڙي رد عمل ۾ ئي نثري نظم جهڙي سگهاري صنف وجود ۾ اچي چڪي آهي. ۽ وري ادل ته سدائين جديد شاعريءَ جي امام شيخ اياز جي هنن سٽن جي پوئلڳي ڪئي آهي ته:
ٿو ڪري پيـو ڏيـنـهـن رات، فـــائــلاتن فائــلات،
ڇو نه ٿو سوچي ته آهي، ديس جي ڇا ۾ نجات.
شايد ادل لاءِ هي حوالو به سندس آڏو آهي ته:
وڏا بحرزون وڏو شاعر پيدا نه ڪندا آهن، پر وڏو شاعر وڏا بحرزون پيدا ڪري سگهندو آهي.
ڇا به هجي ادل جي شاعري، خاص طور نظم، هن جي پنهنجي سڃاڻپ جو هڪ مضبوط حوالو بڻبو. جنهن تي سندس لهجي جي مهر آهي، سنڌي شاعريءَ ۾ ادل جو نظم هڪ هڪ ننڍڙو ئي سهي حوالو آڻيندو ته اها سندس وڏي حاصلات هوندي اهڙي پڪ آهي.
نظم جنهن ۾ هُن جو ڏک آهي، حالتن جو مشاهدو، مشاهدي مان جوڙيل تشبيهون، تمثيلون، استعارا آهن، جيڪي سڀ هن جا پنهنجا آهن، جيڪي شايد سندس همعصرن وٽ گهٽ نظر ايندا. انهن نظمن ۾ سندس غصو به پنهنجو آهي، جيڪو هن سماج، نظام ۽ رياستي دائري ۾ شامل ڏاڍاين ۽ بڇڙاين تي آهي. جيڪو ڪنهن به سوچيندڙ جي من ۾ رهي ٿو. خاص ڪري سنڌ تي سوچيندڙجي من ۾!
هڪ وقت هئو جيڪو اڄ کان ٽيهه ورهيه اڳ هئو، جنهن وقت ادل وائيءَ ڏانهن گهڻو ڌيان ڏنو هئو ته هن جو خيال هئو ته اها اسان جي پنهنجي صنف آهي، تنهن ڪري اسان ان ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه ڏيئي سگهون ٿا. هن نهايت سٺيون وايون لکيون هيون، جن مان ڪجهه وايون هن ڪتاب ۾ به شامل آهن، هڪ وائي ته مان هتي ڏيڻ کان سواءِ پاڻ کي روڪي نٿو سگهان، ڇاڪاڻ ته اها وائي جيتوڻيڪ لکي گذريل صديءَ جي نائين ڏهاڪي ۾ وئي هئي، پر ان ۾ اظهاريل اذيت اسان سڀني لاءِ اڄ به ساڳي آهي، محسوس ٿئي ٿو ته ٽيهن سالن جو وقت ته گذريو آهي پر سنڌ ۾ ڄڻ اڄ به اهو ساڳيو وقت آهي، سنڌي ماڻهونءَ لاءِ حالتون به اهي ئي آهن، جنهن ڪري ان وائي کي شايد وقت ڊگهي حياتي بخشي ڇڏي آهي، اسان جي ان کان وڌيڪ ڪهڙي بدنصيبي چئجي! جو اسان ۽ اسان جو سماج ۽ ان جو حالتون ٽيهن ورهين ۾ هڪ وک به اڳتي نه وڌي سگهيون آهن، البت ٻه وکون پوئتي ضرور ويون آهن.
وک وک آهن ورديون،
چـئـه واٽـا چـونـڪيـون،
ڪهڙي آهي زندگي،
ماڻهوءَ ماڻهوءَ جي مٿان،
تـاڻـيـل جِـــــــي - ٿــريــون،
ڪهڙي آهي زندگي.
ڳڀرن جي ڳولا پٺيان،
ڇـتـيـون ايـجـنـسيـون،
ڪهڙي آهي زندگي.
ايندي ويندي واٽ تي،
جُٺِ بـڻـيـل جهڙتـيـون،
ڪهڙي آهي زندگي.
ها! بس جيئون ٿا پيا،
نــرڄـــا نــڪ کـنــيــون،
ڪهڙي آهي زندگي.
ڪهڙي/ڪين جهڙي زندگي، سنڌ ۽ سنڌين مني صدي گذاري آهي، گذاري ڇا آهي، ڀوڳي آهي ۽ ساڳين حالتن ۾ ئي سنڌ سفر ڪري رهي آهي. ڪجهه به نه بدليو آهي. ادل جڏهن مٿين وائي لکي هئي، تڏهوڪي سنڌ ۽ اڄوڪي سنڌ ٻنهي جي تصوير ساڳي آهي ۽ لڳاتار سنڌ وڃائيندي رهي آهي. جنهن جو اونو به فقط سنڌي شاعر/اديب کي آهي. اهو ئي پيڙا ڀوڳي رهيو آهي ۽ اڄ جو سياستدان ڪنهن به سودي بازيءَ لاءِ سمورو وقت تيار ويٺو آهي.
جنهن سودي بازيءَ جو عذاب وري به سنڌي ماڻهو ۽ سنڌي اديب/شاعر ئي ڀوڳي ٿو. اهڙين حالتن ۾ تخليقڪار جي اڪيلائي ويڳاڻپ/ڪاوڙ کانئس ڇا ٿي لکرائي؟ اهو جيڪو، محمود درويش، لکيو، اهو جيڪو، پابلو نرودا لکيو، اهو جيڪو لورڪا لکيو اهو جيڪو قاضي نظرلاسلام لکيو ۽ اهو جيڪو اياز لکيو ۽ انهن جي پوئلڳي ۾ ادل سولنگي لکي رهيو آهي. اها لکڻ جي جنگ آهي، جيڪا وڙهي ويئي هئي، وڙهي وڃي پئي ۽ جيستائين ظلم آهي تيستائين وڙهي ويندي. ماڻهوءَ جي سمورن حقن لاءِ جيڪي حق هُن جي جيئڻ لاءِ آهن ۽ عالمي طور قبول ڪيا ويا آهن.
حيرت جي حد تائين وقت جي ساڳيائپ جو مثال ادل جي هڪ ٻي وائي به آهي، جيڪا پڻ ٽيهارو سال پهرئين لکيل آهي ۽ اڄ به ٿر جي حالتن جي نمائندگي ڪري رهي آهي:
بک وگهي آپگهات،
ڪري ونيءَ وَرُ،
ٿرٿلي ۾ ٿر.
مان انهن گهڙين ۾ ان احساس جي دٻاءَ هيٺ آهيان، جن گهڙين ۾ ورجايان ٿو ته، ادل جون حوالي طور آندل وايون کڻي، انهن جي تخليق ڪيل وقت بابت ٽيهه سال لکي رهي آهيان.
مجبوري اها آهي ته ادل جو هيءُ پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ هن جي سڄي اڌ صديءَ جي ميڙي چونڊي شامل آهي. ان ڪري سندس پڙهندڙ، هن جي شعور جي تيزيءَ جو ۽ ساڳئي وقت ڪنهن تخليق جي دائميت جو اندازو ڪري سگهندو. ٻيءَ طرح ڪنهن به تخليق لاءِ زمان ۽ مڪان جو ڪو به قيد نه آهي. ڀٽائي سميت دنيا جا سڀ عظينم تخليقڪار، هر دور ۾ نوان هوندا آهن. ائين شايد دنيا جا الميا به نوان هوندا آهن ۽ مستقل ڌرتيءَ ۽ انسان کي نئين نموني اذيت ڏيندا رهندا آهن. جن لاءِ زمان ۽ مڪان ڪا به اهميت نه ٿو رکي. خوشي، ڏک، پيار، نفرت ۽ غصو پڻ ساڳئي دائري ۾ اچن ٿا. جيڪي ازل کان ابد تائين رهڻا آهن. ها! انهن جون صورتون الڳ ٿي سگهن ٿيون، ائين انهن جو تخليق ۾ اظهار به الڳ ٿي سگهي ٿو. باقي سڀ ڪجهه ساڳيو رهڻو آهي، ازل ۽ ابد جي وچ تي. انسان ذات جي سفر جيان ۽ ان سفر ۾ انسان جي حالت ادل چواڻي ڪجهه هيئن آهي:
پنڌ واريءَ جو،
اگهاڙا پير هن جا،
اندر ۾ اڃ جون،
هزارين انتهائون،
ڪنهن هيٺلي هرڻ جهڙو،
هن جو جيون.
(نظم اڃ جو پنڌ)
جيون جو سفر ڊگهو آهي، ڪائنات جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين، جنهن ۾ ڇانو آهي، اُس آهي، پاڻي آهي، زمين آهي، جيون کي سفر ڪرڻو آهي. پر هڪ ڳالهه الڳ آهي اها هيءَ ته، ادل جي نسل جي لکندڙ لاءِ پهرئين ڏينهن کان مٿان ٻرندڙسج آهي پيرن هيٺان تتل واري آهي ۽ سفر اڻ کُٽ آهي، پوءِ به هن جو اتساهه هن کي ٿڪجي ويهڻ نٿو ڏئي. هو مسلسل هلندو رهي ٿو، لکندو رهي ٿو.
اڄ لکندو رهڻ واري سفر ۾ هو اڪيلو نه آهي، سندس آس پاڻ لکندڙن جي هڪ ڊگهي قطار آهي، هو انهيءَ قطار مان تيزيءَ مان اڳتي وڌي، ڪيئن پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي ٿو، اهو هن ڪتاب اچڻ کان پوءِ سڀني پڙهندڙن جي آڏو ظاهر ٿيندو. پاڻ پنهنجي سموري سفر جي ٿڪ ۽ سفر جي حاصلات سان گڏ. سندس حاصلات جيڪا هڪ ڪوتائي ڪتاب جي صورت ۾ هوندي. جنهن جو نالو هوندو ” خانه بدوش لفظن جا قافلا“ ان کان پوءِ هوندو سندس اطمينان ۽ وري نئين سفر جي شروعات جي تياري.
ائين کيس سفر ۾ ئي رهڻو آهي، جيڪو شاعراڻو سفر آهي ۽ جيڪو ڪڏهن به کٽڻو نه آهي، وچ ۾ ڪنهن به ماڳ تي حياتي کٽي وڃي ٿي، پويان رهجي وڃن ٿا پيرن جا نشان، جن کي ڏسي وري ڪي نوان مسافر ان پنڌ تي راهي ٿيڻا آهن ۽ بس!

رکيل مورائي
06.12.2014

ادل سولنگي
خانه بدوش لفظن جا قافلا
بندوقن جي ٺاٺا

چؤڏس ۽ چؤواٽا سائين،
بندوقن جي ٺاٺا آهي.
اوچين ماڙين واريون وسنديون،
اڀرن ڇپرن واريون وسنديون،
ڪَکَ پَنَ آهن آڳ اُلاڙي......
ڌرتي ٽانڊا اوڳاڇي ٿي،
ڄڻ ڪا وڄ ڪري پئي آهي،
ڪيڏو آهي روڄ ۽ راڙو،
پٽ تي زخمي پيءُ ڪراڙو،
ماءُ جو اندر اُلڪا اُلڪا،
ڀيڻ چپن تي سڏڪا سڏڪا،
ونيءَ چوڙيون ڇيهون ڇيهون،
لوڪ سمورو دانهون ڪيهون،
سنڌوءَ ڀر جا گهاٽا ٻيلا،
الا- هاڻي موت سان ميلا،
پنهنجي سگههِ جا سينو تاڻي،
سا چؤکنڀي آهي گهاڻي،
جڳ منهنجي جا سارا رشتا،
پياري ڌرتيءَ وارا رشتا،
انڌ جي ور چڙهي ويا آهن.
منهنجا پنهنجا سندر سندر،
کير ۽ ماکيءَ جهڙا رشتا،
آپگهات جي رڻ ۾ هاڻي،
ڪاهي پيا هن،
ڪير هجي جو تن کي روڪي،
۽ سمجهائي،
پيار ڀريون ٻانهون ڦهلائي،
ڇڪي پنهنجي ڇاتيءَ لائي،
ماڻهوءَ، ماڻهوءَ سامهون تاڻيل،
بندوقن جا رُخ مٽائي،
ماڻهن کي سَنئين دڳ تي لائي،
چؤڏس ۽ چؤواٽا سائين،
بندوقن جي ٺاٺا آهي........!!

ادل سولنگي
خانه بدوش لفظن جا قافلا
تو بنا او پرين!
وهه ڀريل گهاگهرون،
ڏيهه جون سانوڻيون،
اوپريون، اوپريون،
ماڪ وهنجاريل،
سونهن چانڊوڪيون.
ها پرين، ها پرين!
ڦول رابيل جا،
ٿوهرن وانگيان،
هٿ ڦٽي ٿا وجهن،
لوڪ جا ٽهڪڙا،
ڄڻ ته ٽانڊا هجن،
هير جا جهوٽڙا،
آڳ جان ڀاسجن،
اوپرو، اوپرو،
لوڪ انبوهه ۾.
ڄڻ ته آهيان ڪڙيل،
ڪنهن وڏي ڊوهه ۾،
پنهنجي ڌرتيءَ تان،
ڄڻ ڌڪاريل هجان،
ساٿ تنهنجي بنا،
آءٌ پينوءَ جيان،
جهول پنهنجو جهلي،
پيار پنندو هجان،
پٿرن جي جڙيل،
اوپري لوڪ کان،
تنهنجو ڏس ڪيئن پڇان،
سمنڊ جيڏو شهر،
آءٌ ٻيڙيءَ جيان،
ڪَل ڪانهي پرين!
ڪنهن ڪناري وڌان.
هيڏي سنسار ۾،
ڀٽڪندو ٿو وتان،
اڻ ڏٺي ڄارَ ۾،
ڦٿڪندو ٿو وتان،
ڌرتتي ڏينهن ۾،
ڇانوَ جيڪر ملي،
يا وري ڪو ڪڪر،
اُڀ تي اڀري اچي،
پيار تنهنجي جيان،
من جي ويران ها،
ٺوٺ ڌرتيءَ مٿان،
مرڪ اوتي وجهي،
کنوڻ جي روشني،
روپ تنهنجو رچي،
تنهنجي وسنديءَ جي،
گس جو ڏَسُ پوي،
آءٌ پل ۾ پرين!
ڪنهن پکيءَ وانگيان،
اُڏرندو، مُرڪندو،
مُرڪندو، اُڏرندو،
تنهنجي آ ڳنڌ مٿان،
پير پنهنجا رکان،
ٻانهن ڦهلائي تنهنجي ڪلهن تي رکان.
درد پنهنجي جيان،
توکي ڀاڪر ڀري،
پنهنجي سيني سان توکي لائي ڇڏيان،
هن سڄي لوڪ کان،
توکي نيڻن ۾ آءُ،
بس لڪائي ڇڏيان،
توبنا او پرين!
هيڏي سنسار ۾،
هيڪلو هيڪلو،
پاڻ کي پاڻ ڄڻ،
اوپرو- اوپرو- اوپرو ٿو لڳان،
او پرين! او پرين!
چنڊ جهڙا پرين.