Sunday 6 May 2018

“سليم ڳاڙھوي” ؛ــ ھڪ فقير صفت ۽سهڻو سخنور شاعر



تحرير ؛ عاجز سومرو
سونهاري سنڌ جي پاڪ  ۽پوتر ڌرتيء صدين کان درويش صفت: عالم ،سخن  فهم ۽  سخن  سنج  شاعر پيدا ڪيا آهن جن هميشه سنڌي ٻولي ۽ سنڌ وارن جي خدمت ڪئي آهي. انھن نيڪ انسانن ۽ ڀلن ماڻهن مان سليم ڳاڙهوي به ھڪ ٿي گذريو آھي.
ولادت 15 ؛ مارچ1925 ع تي فقير الهڏني مھر جي گھر ھڪ ٻالڪ پيدا ٿيو جنھن جو نالو الهورايو رکيو ويو. جنھن اڳتي ھلي "سليم ڳاڙھوي" جي تخلص سان گوشه نشين ر هڻ جي باوجود شاعري جي دنيا ۾ ڌاڪو ويهاريو. “سليم ڳاڙهوي" ڳوٺ ڳاڙهي ء ۾ ڄائو. ڳوٺ ڳاڙهي سکر _پير ڳوٺ روڊ تي 8  ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي.ڳوٺ ڳاڙهي سنڌو دريا جي کاٻي پاسي صدين کان آباد آهي.
هي ڳوٺ خيرپور ميرس ضلعي ۾ آھي 1783ع ۾  خيرپور جي نالي سان مير سهراب خان پنھنجي حڪومت قائم ڪئي. سندس دور ۾ گوله شاهه وڏو سپهه سالار هو. جنھن جي جوڙايل مسجد خيرپور شھر جي ٻاهران ميرعلي بازار ۾ ٽن قبن واري مسجد آھي جنهن تي“ 1224 هجري” اڪريل آھي. جيڪا مسجد گوله شاهه ٺهرائي هئي. هن وقت پراڻن نشانن مان صرف اها مسجد ئي آھي. مذڪوره گولا شاهه مير سهراب خان جي وقت جتي هن وقت ڳوٺ ڳاڙهي اڏيل آهي اتي پاڻيء جي ڳاڙهي ڍوري ڀرسان شڪار جي ڪري ماڻهو رهايا. اڳتي هلي ان ڳوٺ ڳاڙهي جي شڪل اختيار ڪئي. بعد ۾ مٿس“ ڳاڙهي ڳوٺ” نالو پئجي ويو.ھڪ دفعي فقير "سليم ڳاڙهوي‘ مرحوم ٻڌايو ته اسان وڏن کان ٻڌو ھو ته فقير مڱڻا جيڪي گهرن مان سين ھڻي خير وٺندا ھئا. انهن کان اهي لفظ ٻڌم ته “عاليپور جي” يعني  ان جي اڏيندڙ جو نالو گمنام آھي ، باقي“ ڳاڙهي گولا شاهه” جي ، يعٰني ڳاڙهي ڳوٺ گولا شاه اڏايو هو.
سليم ڳاڙهويء جو گھراڻو فقيرن جو گھراڻو  سڏبو آهي جيئن ته فقير الهه ورايو “سليم ڳاڙهوي” بن فقير حاجي الهڏنو بن فقير محمد الياس بن فقير ڪبير. مذڪوره ٽيئي افراد درگاه حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائيء جا فقير هئا.انهن ماڻهن ۾ شرافت،سادگي ۽ ماڻهپي واري مڻيا اتم درجي ۾ ڀريل هئي .سليم ڳاڙهوي به انهن صفتن سان موصوف رهيو،سليم ڳاڙهويء جو خاندان پوڻين ٻن صدين کان ڳوٺ ڳاڙهيء ۾ سڪونت پذير آهي.ان کان اڳ سندن خاندان شڪارپور ضلعي جي حبيب ڳوٺ جو رهاڪو هو.ڳوٺ ڳاڙهيء ۾ سندن خاندان کي ڪافي باغات ۽ زرعي زمين آهي،
تعليم ؛ سليم ڳاڙهوي مرحوم پنهن جي تعليم جي شروعات چئن سالن جي عمر ۾ قرآن سريف ناظره پڙهڻ سان ڪئي.بعد ۾ ڳاڙهي اسڪول مان چار درجا پاس ڪيائين.ڳاڙهيء ۾ اسڪول 1928ع ۾ کليو هو.ان کان پوء ست درجا فائينل پريالوء جي اسڪول مان ڪيائين.فائينل جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوء کيس نوڪريء جو آرڊر مليو پر پاڻ پنهنجي طبيعت موجب ان کان انڪار ڪيائين ۽ پنهنجي زرعي زمين ۽ باغات سنڀالڻ لڳو. سليم پڙهيل ته ست درجا هو. پر سندس مطالعو تمام اونهو هو.  تعاليٰ کيس غضب جو حافظو عطا ڪيو ھو. کيس تاريخي احوال صفحن سوڌا ياد هوندا هئاا. اردو ۽ سنڌي شعراء جا اشعار ياد هوندا ھئس. سنڌي اردو لغت تي کيس ڪامل دسترس هئي. ڳوٺ ڳاڙهي موري جا استاد ڪرام ڪنهن لقظ جي معنيٰ ۾ منجهي پوندا هئا ته سليم ڳاڙهوي مرحوم کان ان جي معنيٰ پڇندا ھئا.مرحوم کين ان جي ڌاتوء ۽ اهو لفظ ڪهڙي ڀاشا جو آھي ان جي معنيٰ کان واقف ڪندو هو. مرحوم 1984ع بعد اکين جو نور ڪمزور هٿڻ سبب پڙهڻ ڇڏي ڏنو پر سندس علم ادب سان ايڏو ته اتساهه ھو جو ڪو پڙهيل وٽس اچي ويهندو ھو ته هي مرحوم ان کي ڪتاب ڏئي ھم تن گوش ٿي ان کي ٻڌندو ھو. 83 ع ۾ يحٰيٰ اسپتال سکر مان ۽ 99  ع ۾ شجاع آباد پنجاب مان اکين جو آيريشن ڪرايائين. ان بعد زندگي باغ ۽ مسجد تائين محدود ڪري ڇڏيائين.
شاعري جو آغاز: هيء حقيقت آھي ته خوشي ۽ غم جا جذبات شاعر جي ذهن ۾ تحرڪ پيدا ڪن ٿا. اهي جذبات موزون لفظن ۽ جملن جو روپ ڌارين ٿا. جن کي اشعار چيو وڃي ٿو. "سليم ڳاڙهوي" جي شاعري جي ابتدا به ھڪ اهڙي معمولي واقعي بعد ٿي. اھو ھيئن ته سليم ڳاڙهوي قرآن حاجي محمد يوسف جي گهر واريء وٽ پورو ڪيو. ان مائي صاحبه ٻڌايو ته ننڍڙي الهورايي کي لوٽي ڀرڻ ليء ڏني وئي .هو لوٽي ڀري موٽيو ته واٽ تي ٿاٻڙجڻ سبب لوٽي ڪري پئي .لوٽي جو ٺڪريون به ميڙيندو رهيو. ته بي ساخت سندس زبان مان موزون سٽون به نڪتيون ته“ ڌکڙي من مکڻي”. اهڙي طرج سندس شاعريء جو آغاز ٿيو. اسڪول واري زندگيء ۾ سندس استاد شعر گوئي کان حيرت  ۾پئجي ويندا هئا. سندس باقاعده موزون شاعري جو دور 1947ع ۾ شروع ٿيو .ھن ڏس ۾ سندس مشهور معروف سنڌي ادبي رسالي  "اديب سٿ" سندس رهنمائي ڪئي سندس ادبي استاد محمود خادم لاڙ ڪاڻوي هو. رسالن ۽ ڪتابن ۾ استاد شاعرن جو ڪلام پڙهي ھينئن ۾ هنڊائيندو ھو. اڳتي ھلي سنڌي زبان جي ھڪ برک ۽ مڃيل شاعر جو مقام حاصل ڪيائين. سليم ڳاڙهوي, شاعري ڃي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس ٻاجهارو ڪلاممهرا ڻ رسالي، نئين زندگي، پيغام‘. مطلب ته سنڌ ۽ ھند جي سڀني سنڌي رسالن جي زينت بڻيل آهي. ڳوٺ راميجن لڳ ڳاڙهي جو رهاڪو کلومل 98 ع ۾ هندستان پنھنجي ماٽٽن ڏي گهمڻ ويو. ان اچي مرحوم کي ٻڌايو ته ته پوني ۾ ھڪ هنڌ ڀت تي شعر لکيل هو. اتي ڪجه ماڻھو اھو پڙهي رھيا هئا ته مان انهن کان پچيو ته اهو ڇا ٿا پڙهو؟ فورن چوڻ لڳا ته سنڌ جي شاعر سليم ڳاڙھوي جو شعر پڙهون پيا. مان انهن کي چيو ته اهو ته اسان جي ڳوٺ جو آھي. ھي ان جو شعر آھي. ان تي ھو ڏاڍا خوش ٿيڻ لڳا.
سليم" صاحب جي شاعراڻي فن تي تبصرو ڪندي مولانا  غلام محمد گرامي ‘مهراڻ شاعر نمبر۾ لکي ٿو : "محترم سليم ڳاڙهوي پنهنجي دلنشين ۽ شيرين ڪلام جي حيثيت سان ادبي دنيا ۾ وڏو مقام حاصل ڪري چڪو آھي.سندس شاعري پختگي  ۽ عمدگيء جو ھڪ سهڻو مثال آهي." سليم ڳاڙهوي مشهوري ۽ شهرت کان پري ھو. شروعاتي زندگي کان گوشه نشين رهيو ۽ سڄي
زندگي. سچائي. ڪم گوئي۽ پرهيزگاري سان بسر ڪيائين. سليم صاحب ھڪ سڄاڻ باغبان به هو. ھڪ رونقدار باغ جي سنڀال، ڪتابن جو مطالعو۽ شعر وشاعري سندس مشغلا هئا. صوم صلوات جو پابند، نهايت متقي انسان هو. ورد وظيفا به ورتائين. ڪافي  لوڪ انسانن جي صحبت ۾ به ويٺو. انهن ۾ حضرت حماد ، حضرت مولانا احمد علي لاهوري. حضرت مولانا احمد الدين ڪيهر وغيره شامل آهن. آخري وقت ۾ حضرت مولانا محمد عثمان عباسي سانگن واري  بزرگ سان سندس روحاني رهاڻيون ٿينديون ھيون. جڏهن سليم جي وفات ٿي ته سانگن واري بزرگ کي خبر پئي ته سندس باغ ۾ آيو. اتي ڪجھه وقت بيهي اسان کي چيائين ته فقير صاحب جي قبر ۾ ته جنت جي دري کلي پئي آهي.
بزم سليم: سن  1956 ع ڌاران موري ۾ ‘بزم سليم " نالي سندس دوستن ۽ء شاگردن هڪ علمي مجلس قائم ڪئي. جنھن وسيلي فقير صاحب ڪيترن نون شاعرن جي تربيت ڪئي ۽ علمي مجلسن جي آبياري ڪئي. سندس ساٿين ء ۽ شاگردن ۾ ولي محمد نديم انصاري ، حليم سنڌي.، حباب انصاري ، . غلام عباس خنجر مياڻوي منير سولنگي ، عزيز ڳاڙهوي مهيسر خادم رفيقوي ۽ ھي ناچيز عاجز سومرو. مون کي سندس خدمت ۾  12 سال رهڻ جو شرف حاصل ٿيو. ھي ٻه ڃار لفظ لکڻ جهڙو ٿيو آھيان سي مرحوم جي شفقت ۽ رفاقت جو نتيجو آھي. مذڪوره شخصيتون پنھنجي دور جون سٺيون علمي ادبي شخصيتون هيون.
خوبيون: اتسان خوبين ۽ خامين جو مجسمو آهي. پر ڳاڙهوي مرحوم جون خوبيون خامين تي ڇانيل هيون. فقير سليم ڳاڙهوي ڪم گو. صاف گو. خاموش طبع. گوشه نشين. خوش طبع، ھمدرد. دلنشين ڳالهائيندڙ ھو. ادب جو گوهر. علم جو جوھر ۽ معلومات جو ڀنڍار هو. سندس ذهن تاريخ ساز واقعن سان لبزيز هو. جڏھن گفتگو ڪندو ھو ته معلومات جا واهڙ وھائي ڇڏيندو ھو. ايڏو ته سنڀالي سنڀالي ڳالهائيندو ھو جو جڻ موتين جي ورکا پيو ڪري. سمجهي سوچي هر لفظ کي مناسب وقت تي استعمال ڪرڻ جي کيس خدائي ڏات مليل هئي .مرحوم سادگي پسند. غريبن ۽ پاڙي وارن جو وقت ۾ ڪم اچڻ وارو. انتهائي پاڪيزه زندگي گذارڻ وارو انسان هو. مرحوم انتها درجي جو حساس طبع. ڪنھن به انسان. يا جانور جي تڪليف تي تڙپي پوندو هو.  ھڪ دفعي مان سندس باغ جي بيٺڪ ۾ ويٺو هوس. گرميء جا ڏينهن ھئا. ھڪ ڪڙمي پنهنجي ٻنيء تي وڃي رهيو هو. سندس پويان نندڙو پٽ پيرن اگهاڙو پيء جي پوئتان وڃي رهيو هو. فقير صاحپ پيرن اگهاڙو تڪڙ ۾ اٿي ان کي وڃي کنيو. مان وٽس پهتس. مون کي چيائين ته يار! ھن کي کڻ پنهنجي گهر ڇڏي اچ. هن کي هيٺ نه لاهجان پير سڙي ويندس. پاڻ ان وقت تائين بيٺو رهيو جيستائين مان ان ٻار کي گھر وارن جي حوالي ڪري نه آيس. سندس باغ ۾ ڪٿان ڪو ڪتو اچي رهيو. ان کي اڳ ۾ ماني کارائي پوء پاڻ ماني کائيندو هو. مرحوم جي پنهنجي ديس وارن  سان  ۽ سنڌي زبان سان انتهائي عقيدت هئي. جيڪا سندس شعرن ۾ نمايان آھي
اولاد: مرحوم جي شريڪ حيات شادي بعد 2 3 سال زندهه رهي جنھن مان کيس اشرف نالي ھڪ پٽ ڄائو هو جيڪو چئن سالن ۾ وفات ڪري ويو هو. شريڪ حيات جي لاڏاڻي کان پوء ٻي شادي نه ڪيائين ۽ باقي مجدد زندگي ٿي گذاريائين.
سليم ڳاڙهوي جي ڀائيٽي منظور احمد وٽ سليم صاحب جو اڻڇپيل ديوان ۽ ٻه ٽي شاعري جا مجموعا غير مطبوع آهن.
وفات: سنڌي زبان جو هي ممتاز قادرالڪلام ۽ ڪهنه مشق شاعر، فقير صفت انسان 4 سيپٽمبر 1987 ع مطابق  10 محرم الحرام 1408هه تي حرڪت قلب بند ٿيڻ سبب ڪراچيء ۾ وفات ڪئي جتي علاج لئي ويل هو. مرحوم کي سنڌن جي سور جو موروثي مرض هو سندس تربت باغ ۾ آهي جيڪا پاڻ وصيت ڪئي ھئائون: سندس شاگرد حليم سنڌي جو هي شعر حقيقت جي عڪاسي ڪري ٿو؛

سنڌ ساري ۾ سندس خال جو ڀرجڻ مشڪل،
اهڙو شاعر ۽ سخن بار ھو استاد سليم
رحمتون روح انهي جي تي رهن شال حليم
مرد مومن مڻيادار هو استاد سليم.
سليم ڳاڙهوي اردو ۽ سنڌي زبان ۾ شاعري ڪئي .منهنجي موجودگي ۾ سليم ڳاڙهوي وٽ جن اديبن شاعرن جا خط ايندا ھئا. جن سان سندس محبت جو رشتو هو انھن ۾ رئيس امروهوي، محمد ابراهيم. "خليل. نثار بزمي. طالب المولي، پروفيسر اسد  ڀٽو مرحوم. عطامحمد حامي وغيره. عطا محمد حامي ته ڪيترا دفعا سندس زيارت ڪرڻ آيو هو. افسوس ته مذڪوره شاعرن جا ڪجه خط مون وٽ به هئا. پر ھن وقت ڳوٺ ڳاڙهي کان خيرپور شفٽ ٿيڻ سبب گم ٿي ويا آھن.
10 محرم شام جو سندس جنازي نماز ٿي: اڪثر ڪري ان ڏينهن تي سواري بند هوندي آهي ، پر ڳاڙهي ننڍڙي ڳوٺ ۾ وڏي جنازي نماز تي خلق جو اچڻ هر ماڻهوء کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو. هر ھڪ ايئن پئي چيو ته  هيڏي وڏي جنازي نماز اسان ھن ڳوٺ ۾ پنهنجي زندگيء ۾ نه ڏٺي آھي.

نعت شريف

تنھنجي نالي سان نبي. ھر قلب ٿو الفت رکي،
تنھنجي درجي خاڪ سان ھر چشم ٿو رغبت رکي
تنهنجي قدمن ئي آ بخشي چنڊ تارن کي ضيا.
تنھنجي هستي ٻن جهانن لاء ٿي زينت رکي
حسن تنھنجي کان مليو ھر غنچه گل کي جمال.
تنهنجو گفتگو بلبلن جي روح کي راحت رکي ،
تنهنجي ڪوچي جي گدائي بادشاهيء کان ڀلي
ڇانو درجي ۾ رهڻ جي ٿو ھما حسرت رکي
عرش ايندو ڏ سي  ملڪن کي چيو
ھي اھو احمد اٿو جو ٿو غم امت رکي.
هي اهو ئي رحمت للعالمين محبوب آهه،
زخم سيني تي سهي جو منهن مٿان شققت رکي .
زندگيء ۾ ٻيو عمل سهڻو نه ٿيو مون کان سليم
صرف سرور جي ثنا جي ٿي زبان عادت ر کي
********

حمد

زماني کي هلائيندڙ چلائيندڙ خدا آهي۔
سموري خلق کي روزي رسائيندڙ خدا آهي۔
فلڪ سج چنڊ ۽ ڌرتي ڪيائين پنهنجي قدرت سان،
ملائڪ جن ۽ ماڻهو نپائيندڙ خدا آهي۔
اٿاري ٻاڦ پاڻيءَ مان ڪري ٿو بند بادل ۾،
اشاري امر سان بادل وسائيندڙ خدا آهي۔
وسائي وڏ ڦڙا واحد ڦٽائي ٿو سلا ساوا،
سلن ۾ سنگ ۽ داڻا سمائيندڙ خدا آهي۔
جبل ۽ جهنگ جوڙيندڙ نديون نهرون وهائيندڙ،
بيابانن ۽ بحرن کي بنائيندڙ خدا آهي۔
گلن کي رنگ ٿو بخشي مٺاڻ آڻي ٿو ميون ۾،
نراليون نعمتون وهوا وهائيندڙ خدا آهي۔
خوشي ۽ خير جو مالڪ ڀلائي سان ڀلو بيشڪ،
مرادن جا مٺا ميوا چکائيندڙ خدا آهي۔
سليم“ آهين ته ساجهر ئي وٺي هل واٽ وحدت جي،
مسافر کي مٺي منزل ملائيندڙ خدا آهي۔

سنڌڙيءَ کي سلام
سليم ڳاڙهوي

سنڌڙيءَ کي سلام
سنڌڙيءَ جي سرزمين توکي سلام!
اي محبت جي امين توکي سلام!
تنهنجو نقشو، دل جو نقشو، سُوڌ، سُوڌ،
اي دلاور، دل نشين توکي سلام!
سُونهن ۽ سُرهاڻ جي تون کاڻ خاص،
حُسن ۾ ڪامل حَسين توکي سلام!
تو ۾ ڪيئي مہ جبين ۽ نازنين،
مهه جبين اي نازنين توکي سلام
ڏيههُ تون ڏيهن ۾ بيشڪ بي مثال،
بي شمار ۽ بهترين توکي سلام!
نينهن جا تو ۾ وسن ٿا مينهڙا،
سُونهن ۽ سچ جي زمين توکي سلام!
آه هرهڪ دل ۾ تنهنجو احترام،
ٿي ڪري هرهڪ جبين توکي سلام!
موه تنهنجي ۾ مڪان، طالب مڪين،
ٿا چون تنهنجا مڪين توکي سلام!
سنڌڙي اي سنڌڙي تنهنجو ’سليم،
ٿو چوي سر ساهه سين توکي سلام
*****

وطن جي چمن کي سنواري هلو، سنواري، سُڌاري، اُجاري هلو.

سخا جي نظر سان نهاري هلو، وفا جي اکر کي اُچاري هلو.

سوين سِجَ اُڀ تي اُڀاري هلو، سڄو ساٿُ ساري سنڀاري هلو.
ڪدورت ۽ ڪيني کي دل مان ڪڍي، فقط ديس جو ڌيان ڌاري هلو.

جبل، جهنگ، دريا لتاڙي لنگهو، ڏکن جي ته ڏونگر کي ڏاري هلو.

ڪچَائي، ڪُپت، ڪوڙُ ڪوري ڪڍو، صداقت ۽ سچ جي سهَاري هلو.

بلنديءَ جي عظمت جا کوڙي عَلمَ، زماني کي حيرت ڏياري هلو.

ڪنارا اچي نيٺ چُمندا قدم، تَوڪل جي تُرهي کي تاري هلو.

هلڻ جو، وڌڻ جو، بِگلُ ٿو وڄي، اُٿو قافلي، کي اُٿاري هلو.

امانت اوهان کي، ٿي سُونهي ”سليم“، هلو سبز پرچم اُڏاري هلو.
*******
"سليم" ڳاڙهوي

ااي پاڪ هوا ، اي پاڪ هوا، احوال وڃي ڪر عربئ صه سان،
هن حالت جا هن امت جا احوال وڃي ڪر عربئ صه سان

اسلام سان ڌوڪيبازي آ۔ ايمان سان ڌوڪيبازي آ،
اڄ دين سان دشمن ڪن ٿا دغا، احوال وڃي ڪر عربئ صه سان

قانون نه جاري قرآني، هر جاء تي آهي حيراني
انصاف، عدالت ناهه صفا احوال وڃي ڪر عربئ صه سان

اڄ امت فرقا فرقا ٿي _ اڄ ملت طبقا طبقا ٿي
توحيد پرستي جي ٿي گلا احوال وڃي ڪر عربئ صه سان

جو تنهجو طريقو حقاني_ مخلوق انهئ کان بيگاني،
انسان ٿيا حيوان صفا احوال وڃي ڪر عربئ صه سان

اسلام جو نام لڄائن ٿا_ الزام عجيب لڳائن ٿا،
نالي جا مسلمان ڏسجن ٿا احوال وڃي ڪر عربئ صه سان

پڳدار جي در تي پڪار ڪجانء _ دلگير "سليم" جي دانهن ڏجانء،
پهچاء پرينء وٽ صاف صدا احوال وڃي ڪر عربئ سان۔
********
سليم ڳاڙهوي

دل جي زخمن کي ذرا آرام ڏيندو ٿو هلان،
عدل ۽ انصاف جا پيغام ڏيندو ٿو هلان.
هڪ محبت جي نشي، هڪ ڪيف، هڪ اسرار لاءِ،
جامَ دل جي ۾ مَيء گلفام ڏيندو ٿو هلان.
رند آهن مست، مَي ۾ ٿا وڃن غوطا هڻي،
شيخ ۽ پنڊت کي هڪ هڪ جام ڏيندو ٿو هلان.
زندگي منهنجي به هڪ سوداگري چئجي عجيب،
رنج وٺندو ٿو هلان، آرام ڏيندو ٿو هلان.
مصرعا، هي بيت، هي دل ۽ جگر جا ڳچ ڳڀَا،
اي وٺڻ وارؤ! وٺو، بيدام ڏيندو ٿو هلان.
درد مان در مان پيدا ٿي وڃي ٿو، ان سبب،
پنهنجي دل کي درد جو انعام ڏيندو ٿو هلان.
تون متان مون کي وسارين پنهنجي قربن کان ’سليم‘،
او پرني، توکي خدا جو نام ڏيندو ٿو هلان.
******
سليم ڳاڙهوي

جو دم جيئو جهان ۾، بهارن جِيان جيئو،
گلبار زندگيءَ جي نظانر جيان جيئو!
غفلت جي ننڊ وقت جي دولت وڃائي ٿي،
هردم ٿي هوشيار، ستارن جيان جيئو!
هن زندگيءَ جي بحر ۾ زنده رهڻ سِکو،
موجن جيان جيئو، ۽ ڪنارن جيان جيئو!
شهباز ٿي جيئڻ ۾ بلنديءَ جو راز آهه،
مورن جيان جيئو، ۽ نه مارن جيان جيئو!
هلندا هلو، ٿي تيز ترقيءَ جي راهه تي،
جيئرن جينا، حيات نگارن جيان جيئو!
جنهن سان کُلن اُميد جون مکڙيون هزارها،
چيٽانگ ٿيو چمن ۾، چنارن جيان جيئو!
مرڻو پوي ته مست پتنگن جيان مرو،
جيئرا رهو ته شوخ شرارن جيان جيئو!
سستي ۽ بزدليءَ جو جيئڻ موت کان بُرو،
جوڌن جيان جيئو ۽ سَگهارن جيان جيئو!
پنهنجي خوديءَ جو شان پَسايو جهان کي،
سرويچ ٿي، ’سليم‘، سهارن جيان جيئو!
******
سليم ڳاڙهوي
نظم

مون سان ڪو هلندو؟

آءُ هلان ٿو پيار جي پاسي، مون سان ڪو هلندو؟
پيار سندي سنسار جي پاسي، مون سان ڪو هلندو؟

ڏينهن ڏٺي ۾ لک ۽ جهولا، راتيون ڪاريون ڪاريون،
چنڊ طرف، چمڪار جي پاسي، مون سان ڪو هلندو؟

ڏک جا ڏونگر ڏوري ڏوري، سک جي نگري ڏسبي،
ڪاڪ ڪنڌيءَ، اسرار جي پاسي، مون سان ڪو هلندو؟

پرت پرائڻ، پيار پرائڻ، ماڳ محمد بار پرائڻ،
سور سهڻ، ايثار جي پاسي، مون سان ڪو هلندو؟

منصورن جون ڳالهيون آهن، سر جو سانگو لاهي،
درد پرائي دار جي پاسي، مون سان ڪو هلندو؟

هاوڙ آهه حواسن تي ۽ مونجهه گهڻي آ من تي،
هيج طرف، هٻڪار جي پاسي، مون سان ڪو هلندو؟

ننڍڙي ٻيڙي، واءُ اڻائو، ڇوهه ۾ آهن ڇوليون،
آر ڇڏي، هُن پار جي پاسي، مون سان ڪو هلندو؟
ڪچ جون ڪوڏيون ڀوري جهوري، سچ جا ماڻڪ ماڻڻ،
جهول جهلي وينجهار جي پاسي، مون سان ڪو هلندو؟

جنهن سان پختا روح جا رشتا، جنهن سان نينهن جا ناتا،
دلبر ڏي، دلدار جي پاسي، مون سان ڪو هلندو؟
*****
گيت
ٻيڙي پار اُڪار، او مانجهي، ٻيڙي پار اُڪار.

ننڍڙي ٻيڙي، ڪُن ٿا ڪڙڪن، سامهون آهي سير،
ڪاريون راتيون، واءُ اڻائو، وير مٿاهون وير،
سوچي سمجهي ونجهه هلائج، غفلت ۾ نه گذار؛
او مانجهي، ٻيڙي پار اُڪار.
وک وک تي هڪ واڳو ويٺو، ڇوليءَ ڇوليءَ ڇوهه،
مانگر مڇ کي مارڻ ڪارڻ، بازن کي ڪر لوهه،
ڪاهج ڪاهج، سڙهه کي ساهج، همت مور نه هار؛
او مانجهي، ٻيڙي پار اُڪار.

ٻيڙيءَ وارا غم جا ماريا، تنهنجي لاري لاري،
هيڻن جو هڏ ڏوکي ٿي هل، ٻيڙي پار اُڪاري،
سچ جو ساٿي سچن کي سونهي، ڪوڙن سان ڪر ڪار:
او مانجهي، ٻيڙي پار اُڪار.

پاڻي آخر پاڻي ٿيندو، ڇوليون ڇوهه ڇڏينديون،
هار ڳچيءَ ۾ توکي پوندا، سوڀون پير چُمنديون،
پل پل توکي پار اُڪاري، نينهن منجهان ته نهار.
او مانجهي، ٻيڙي پار اُڪار.
****