Monday 14 May 2018

سنڌ جو غالب ؛ فيض بخشاپوري


فيض بخشاپوري [ ولادت 1341هه = 1922ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
بلوچ قوم جي مشهور رند قبيلي جو ناميارو قومي شاعر، فيض الله خان ولد مصري خان ڊومبڪي ، 1341هه مطابق 1922ع ۾ ضلعي جيڪب آباد تعلقي ڪشمور جي ڳوٺ بخشاپور ۾ جنم ورتو آهي. اِنهيءَ نسبت سان پاڻ کي ”فيض بخشاپوريءَ“ جي نالي سان پڌرو ڪيو اٿس. ابتدائي تعليم بخشاپور جي تعليمي ادارن مان حاصل ڪيائين. ننڍپڻ کان ئي موزون طبيعت هيس؛ جنهن ڪري شعر چوڻ جي مشق ڪرڻ لڳو. سندس والد بزرگوار نهايت سنجيده، پرهيزگار وفادار ۽ مانائتو مڙس هو. وٽس ڪنهن به شيءِ جي ڪمي ڪانه هئي. اهڙي ئي سانتيڪي ۽ سکڻي ماحول ۾ فيض صاحب ابتدائي تعليم جا مرحلا ته تيزيءَ سان طيءِ ڪيا، پر پوءِ وڌيڪ تعليم کي ترڪ ڪري، زمينداري پيشي سان لونءَ لڳايائين. پنجن سالن جي مختصر عرصي ۾ کيس پنهنجي قومي سردار، مير تاج محمد خان ڊومبڪيءَ جي صحبت ملي ويئي، جيڪو پڻ سخن شناس، علم جو اڪابر ۽ وڏو دانا هو. اهڙي نيڪ بخت جي نظر فيض اثر هيٺ ”فيض“ صاحب کي ڪافي ڪتابن جي مطالعي جو موقعو مليو. پوءِ ته سنڌيءَ سان گڏ اردو ڪتابن ۾ به چڱي مهارت حاصل ڪري ورتائين.
 شاعريءَ جي لونجهه ته سندس اندر ۾ اڳ ئي لڳل هئي، ويتر هينئر نيڪن جي صحبت ۾ وڌي وڻ ٿي ويئي. پوءِ ته بنا استاد جي، اندر جي اُڌمن کي لفظن جي لڙهيءَ ۾ لس پوئيندو رهيو. خدا جي فضل سان هينئر سندس ڪلام چوٽيءَ جي شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس دينوي تعليم ”اديب“ تائين آهي – 1956ع کان صحافت جي صف ۾ ايندي، جيڪب آباد مان ”مساوات“ نالي هفتيوار اخبار جاري ڪيائين، جيڪا تاحل هلندي پئي اچي. صحافتي زندگيءَ ۾ کيس زماني جون لهرون ۽ لوڏا به آيا، مگر هر محاذ تي، ايماني قوت، مستقل مزاجيءَ، ۽ قومي وقار جي اُصلن تحت پڌري پٽ مظاهرو ڪندو آيو.
هيل تائين ”فيض“ صاحب پنهنجي ڪلام جا چار مجموعا مرتب ڪيا آهن؛ جن مان ”شعلهء عشق“ (1958ع ۾) ۽ ”خمخانهء فيض“ (1967ع ۾) ڪافي مقبول ٿي چڪا آهن. اڃا ”گنجينهء فيض“ ۽ ”سر چشمه فيض“ قلمي صورت ۾ وٽس ڪٻٽ جي زينت بڻيل آهن. اميد ته جلد منظر عام تي ايندا. فيض جي سنڌي خواه اردو ڪلام ۾ استعارا، تشبيهون ۽ ڪنايه ڪثرت سان استعمال ٿيل آهن. ازانسواءِ فارسي لفظن جو پيوند به هنڌين ماڳين ڪيل آهي؛ انهيءَ لحاظ کان ٿوري ڄاڻ رکندڙ لاءِ آسانيءَ سان استفادو حاصل ڪرڻ البته دشوار آهي. مگر ڪلام ۾ بناوت، سجاوت، سلاست، بلاغت، جدت، نفاست ۽ لطافت وغيره جا ڪافي آثا ملڻ ڪري قي قدر آساني ٿي پئي آهي. وطن جي حب سان گڏ حسن و عشق جو به جا بجاءِ ذڪر آندو اٿس. سندس مستقل پتو: ”گلشير محلو؛ ڪنڌڪوٽ“ آهي. هيٺ سندس ڪلام جو نمونو ملاحظه فرمايو:-

زمين ڇا ڇا نه ٿي پيدا ڪري، محنت ڪري ڪوئي.
ڪڻڪ، جوئر، چڻا، ڄانڀو، مٽر، تر، ٻاجهري ساري.
عيان هر شاخ- گل ۾ قطرهء- خون- رگ- گلچين،
ٿئي ٿي جانفشانيءَ سان بيابانن ۾ گلزاري.

***********


لحظه لحظه هن تي ; فيض بخشاپوري
حاصل هر دوجهان عشق رسول،
بندگي ڀي ورنه آ ڪار فضول.
عاشق، احمد آ محبوبِ خدا،
لحظه لحظه هن تي رحمت جو نزول.
هو ارادو جو کڻان دوستِ دعا،
مزده هاتف دعا ٿي وئي قبول.
سرو قامت کان قيامت مضطرب،
تابِ رخ کان مهرِ محشر آ ملول.
جنت فردوس ڀي توکان سواءِ،
ناقبول و ناقبول و ناقبول.
آبروءِ عشق آهي سر ڏيڻ،
برسرِ دار آهي مقصد جو حصول.
بوجهل اُستادِ اهلِ علم آ،
ٿي دبستانِ ڀي ويو شهرِ جهول.
هو خدا آگاهه آهي خدا شناس،
معتقدِ شيوهءِ ابنِ بطول.
مون ڪيو ڪوتاهه پيچ و تاب سان،
قصهءِ زلفِ دراز آ ”فيض“ طول.



خانئه دل ۾ لامڪان آهي ، عرش تي منهنجو آشيان آهي.
ڇو اچان مان فريب هستي ۾ ، رنگ و بو جو هي جهان آهي.
مفلسي وجه بيڪسي يا رب ، ڪوئي مهمان نه ميزبان آهي.
ڪافر عشق آ بت ڪافر ، جو مسلمان تي بدگمان آهي.
ڇا بگاڙيان ٿو، خلق جو يارب ، ڇو ڀلا هو ، حريف جان آهي.
راز دل گرڏيان، ڏيان ڪنهن کي ، ڪوئي همدم نه رازدان آهي.
ڪير تو کان ڪري ٿو سر پيارو ، امتحان تي ڇو امتحان آهي.
بيڪفن لاش ” فيض “ جو هائي ، ڪوئي ڪانڌي نه نوحه خوان آهي.
********

خيال ڪاڪل پيچان ۾ پيچ و تاب هجي،
شب فراق ۾ تا سحر اضطراب هجي.
خطاب غيرڏي ،روء سخن هجي مون ڏي
صنم حجاب جي پردي ۾ بي حجاب هجي.
مران ٿو رشڪ کان قاصد سان هم ڪلام نه ٿي،
بضبط خط ۾ لکي ڏيس جو جواب هجي.
جمال تنهنجي گھڻا خوبرو خراب ڪيا،
نه تون ئي هجين ها نه ڪو خراب هجي.
ندين صحبت رنگين تي دوجهان قربان،
شراب نابه ھجي يارپرشباب ھجي.
برنگ فيض ڪوئي باده مست عشق رھي،
جگر ڪباب ھجي ۽ خون دل خراب هجي.
*******

دل وحشي نه آهي دلربا جي پيار جي قابل،
نه چثم نازسا آھي رخ انوارجي قابل.
ڪيان ڇو ڪعبه ومندر۾ آخر مان جبين سائي
جبين شوق آھي منهنجي  پايه يار جي قابل.
رھڻ ڏي داستان دل کي ٿٿين متان رسوا،
نه آھي را زدل اي رازدان اظهارجي قابل،
طبع پرخارکان گهريم لب گل رنگ جوبوسو،
چيو هن جوش ۾ ڀرجي ،آهين سنگسار جي قابل.
مقيد بي قضا هن کي،ڪيئي ڇو دام گيسو ۾،
نه آهي مرغ دل  اي گلشن  رخ ڄار جي قابل.
قرار ايندو ڪٿي شهر خموشان  ۾ نه دفنايو
ھي لاش "فيض" آھي ڪوچه دلدارجي قابل.