Thursday 24 October 2019

لڏيو لطيفن، پلاڻي پنڌ پيا


فقير حاجن نظاماڻي

لطيف سائين مومل ۽ راڻي جي سُر ۾ مختلف خيالي پرواز ڪئي آهي،
پاڻ اهڙي ريت سمجھائين ٿا جيئن استاد سمجھائي شاگرد کي، مائٽ سمجھائي اولاد کي، مرشد سمجھائي مريدن کي، جيئن رهبر سمجھائي پوئلڳن کي. پاڻ رهنمائي ڪري، ائين ئي اسان جي واٽ تي روشني ڪن ٿا، جيئن انڌيري راهه تي ڏيئو ٻري، لطيفي راهه هميشه ٻين جي سجاڳي جو سبب اڳ به ٿي آهي، هاڻ ٿئي ٿي، اڳتي به انھي ريت اسان جي ڀلائي ۽ بهتري وارن ڪمن ۾ ڪم ايندي رهندي، هادي جي هدايت جو طريقو ته ڏسجي ڪيئن ٿا رهنمائي ڪن، پاڻ فرمائين ٿا ته:
 لڏيو لطيفن، پلاڻي پنڌ پيا،
هٿان حبيبن، ڪونه ڏکوئيو ڪڏهن.
لطيف سائين هنن بيت جي معنى ۾ سمجھه جو دائرو وڌائي ڇڏيو آهي. لطيف اکر جو ڪيتريون معنائون آهن، جن مان  ڪجھه هي آهن، سٻاجھو، نفيس، باريڪ، نازڪ، ڪومل، مقدس، نرم، سھڻو، پاڪ، سڄڻ، مھربان، عمدو، محبوب، نيڻ ٺار، ناپيد، شفاف، دُرلڀ وغيره. هن مان اهو مطلب نڪري ٿو جيڪو ان قسم جو انسان هوندو آهي، ان جي ذات مان ڪنھن کي به تڪليف ڪانه ٿيندي آهي، انھن جي هٿان ڪنھن کي به تڪليف ڪانه ملندي آهي، هو ڪنھن جي لاءِ به تڪليفن جو سبب نه بڻبا آهن، هميشه ٻين جي لاءِ گھاٽي وڻ وانگر ڇپر ڇانوَ هوندا آهن.
لڊاڻيان لطيف چئي، کَٽُون کنيائون،
ڇڏي حيلا هليا، مومل ماڻيائون،
وڃي ڪاڪ ڪنڌين ۾، لڏو لاٿائون،
ڀيرو ڀڳائون، آسڻ آسودا ٿيا.
اوهان جي خيال ۾ هي اُها ڪاڪ آهي جيڪا مومل جادو واري ٺھرائي هئي، جتي بادشاهه ايندا هئا، جيڪي حياتيون ۽ پيسا لُٽائي ويندا هئا، ته پوءِ اِها اوهان جي ڀُل به ٿي سگھي ٿي. هن بيت ۾ هڪ اکر آهي ”کَٽُون“ کنيائون، جنھن جي سڌي سنئين معنى آهي ته جڏهن انسان هن دنيا مان لڏي ويندو آهي يعني وفات ڪري ويندو آهي ته ان جو لاش کٽ تي کنيو ويندو آهي، هي ڪاڪ قبر ڏانھن وڃڻ جو اشارو آهي، هن هنڌ جا سڀ حيلا بھانا ڇڏي وڃي، پنھنجي آخري آرامگاهه تي پھتا، هنن کي مومل ملي ويئي. هي قبرستان جا واسي ٿيا، وري ورڻ جو ڪو به آسرو قبر وارن مان نه رکبو آهي، ظاهري مومل جي مثال سان سمجھاڻي آهي، باقي ڳالھه هن جي آخري سفر جي آهي. هي ڳالھه فقير ڪن ٿا ته لطيف سائين ڪاڪ، مومل، گُجر قبر کي ڪوٺيو آهي، فقير چون ٿا ته اي  قليل زندگي جا مسافر انسان! تون اڳتي لاءِ سوچ، تنھنجو هي گھر ڪونھي ڪو، تنھنجو سفر اڃان اڳتي آهي، وري ڪا ٻئي مسافري به توکي  ڪرڻي آهي، زندگي مسلسل حرڪت جو نالو آهي جيڪا ڪنھن به هڪ جڳهه تي بيھي ئي ڪانه ٿي، هر گھڙي انسان وڏو ٿيندو پيو وڃي:
آتڻ سڻي ان جا، آئيا مينڌرا مير،
مومل جي مجلس جي، هئي تن اُڪير،
وريا ڪين وير، ٿئيڙن لوڙهه لڊاڻي ڪنڌيين.
مالڪ سائين جا به عجب رنگ آهن ته ارواح پيدا ڪيائين، پوءِ ٻئي مرحلي ۾ انھن کي جاڳائي، پوءِ واري واري سان انهن کي جسم ڏنائين، وري انھن کان اهو جسم ڦريو به ويندو، وري جسمن سان حساب ڪتاب ڪيو ويندو، ڏوهه ثواب سان تعلق جسم جو هوندو آهي، پر روح ڪيستائين گڏ هوندو، اها خبر ته صرف مالڪ سائين کي آهي. الغرض صدين جو مسافر هي روح تمام گهڻو ٿڪجي پوندو آهي، گھڙي ساعت جي آرام لاءِ منزلون مٽيندو رهندو آهي، فطرت آهي يا قانون قدرت پر ائين ٿيڻ لازمي آهي، اگر ڪو انسان يا ساهه وارو چاهي ته ان فطرت ۾ تِر برابر تبديلي نٿو ڪري سگھي. لطيف سائين فرمائين ٿا ته:
هيڪر هالاڻو، ڪرها ٿيندو ڪاڪ تي
لطيف سائين جن فرمائين ٿا ته ڪجھه به ڪرين تون جي لک حيلا بھانا ڪرين پر توکي هڪ ڏينھن اهو ڏسڻو آهي، جنھن وقت روح جسم جو ساٿي نه هوندو، جسم ۽ روح پيدا به الڳ ٿيل آهن، هڪ وقت ۾ ٿي به الڳ ويندا، فقير چون ٿا اسان پنھنجي پاڻ بابت ائين سمجھون ٿا، اسان جسم آهيون پر روح کانسواءِ جسم جو هجڻ اوهان سمجھي ته ويا هوندا ته ڪھڙي حيثيت آهي.
ڪاڪ نه جھليا ڪاپڙي، موهيا نه محلن،
ٻائن ۽ ٻانھين جي، ٻجھيو تان نه ٻجھن،
لکين لاهوتين، اهڙيون اوري  ڇڏيون.
يا
ڪاڪ نه جھليا ڪاپڙي، ڪنھن نه موهيا مال،
ڇورين ڏنا ڇال،ته به لاهوتي لنگھي ويا.
لطيف سائين فرمائين ٿا ته ڪاڪ انھن ماڻھن کي روڪي ڪين سگھي، جيڪي هتي جي رنگينن جا محتاج نه هئا، هو هميشه پنھنجي ڳڻ جا پڪا هئا، هنن پنھنجي مالڪ جي مقابلي ۾ ڪنھن کي به نه رکيو، هن زندگي جي سفر کي قليل ڄاتو، اڳتي جي سفر جا مسافر به رهيا ته سفير به، ٻين تائين به حق جو هوڪو ڏيندا رهيا. لطيف سائين جي نظر ڪا عام نظر نه هئي، پاڻ هميشه اڳتي جي سفر کي سوچ ۾ رکي ٻڌائين ٿا. ڪٿي مرشد سائين هن دنيا کي ڪاڪ چون ٿا، جيئن ڪاڪ نه جھليا ڪاپڙي، وري هن وائي ۾ ڪاڪ اڳتي جي سفر کي چيو اٿن.
تان تون ويھه سنبھي، ساٿي ادا، پانڌي ادا
ڪاڪ هلبو ڪڏهين
ڪوٺائو ڪريم جو آيو، پھي پريان، ادا
حُڪم ڏيندي هٿ ۾، هاڻي هل هتان، ادا
لکين لوڊاڻيا، مٿي واٽ ويا، ادا
جنھن کان پڇان سو چوي، آيو اُتان ڪونه، ادا
بيشڪ ان ڳالھه کان ڪوبه انڪاري ناهي جيڪو چوي ته هتان هلبو، هي مانجھاندي جو ماڳ آهي، هتي نه ڪير رهيو آهي نه رهندو، فنا جي جھان ۾ بقا واري زندگي ناهي رهڻي، جسم ۾ روح ائين آهي جيئن هو قيدي هجي، بي تاب هجي، پنھنجي اصل ڏانھن وڃڻ جي تلاش ۾ هجي، مالڪ سائين جي فقيرن ڪڏهن هن ماڳ کي پنھنجي اصل سان نه ملايو آهي، رهي رهبو به آخر ڪيترو، ڪنھن کي به ان وقت جي خبر ڪانھي ڪا، جڏهن هتان هلبو، اڪيلا آيا آهيون اڪيلا وينداسين. لطيف سائين هن بيت ۾ فرمائين ٿا ته:
نه وارث نه ولھو، نه سڱ نه سياڪو،
تو پوڄاڻان سپرين ، آيم اولاڪو،
پانڌي پارانڀو، ڏجان ڍاٽي ڍول کي.
لطيف سائين جن فرمائين ٿا ته مومل چوي ٿي ته منھنجو اوهان سواءِ ڪير به ناهي، اي منھنجا راڻان اوهان کان سواءِ مون کي تڪليف آهي، اهو نياپو منھنجي راڻي کي اي قاصد تون ڏجان، ڪيترا رخ هن بيت جا آهن، جيتريون اسان جون سوچون هونديون لطيف سائين جي بيت بابت سوچي سگھون ٿا، فقير هن بيت بابت چون ٿا ته لطيف اڳين ڪاڪ جي ڳالھه ٿا ڪن، جنھن تي سڀني کي هلڻو آهي، مومل واري ڪاڪ جون ڳالھيون به مرشد سائين ڪيون آهن.
ڏجان ڍاٽي ڍول کي، سنيھو ساري،
مونکي ڦٽ فراق جو، مينڌرا ماري،
اچين جي واري، ڪرهو ڪميني تي.
عشق عاشقن جا سينا ساڙيا، عشق عاشقن جا ڦڦڙ ڦاڙي ڇڏيندو آهي، اصل ۾ فراق  به موت کان گھٽ ناهي، موت ۾ تن انسان هڪ بار مري ويندو آهي، پر فراق جي جدائي ۾ انسان بار بار پيو مرندو آهي.
ڪرهو ڪميني تي، سوڍا وار سڄاڻ،
ڪوه ڪريندي ڪاڪ کي، تن توئي ساڻ،
لاهي غير گمان، اڱڻ آءُ اُڪنڊيين.
لطيف سائين مومل جي زباني فرمائين پيا ته اي راڻل تنھنجو ڪرهو ڪاهي اچ، مونکي هن ڪاڪ جي ضرورت ڪانھي ڪا، منھنجو تن اوهان سان آهي، اي راڻل جيڪي اوهان جي دل ۾ منھنجي لاءِ غير گمان آهي، سو دل مان ڪڍي ڇڏيو.
اڱڻ آءٌ اُڪنڊئين، پرچي پيارا،
پلڪ پراهون نه ٿئين، جيءُ جا جيارا،
نينھان نظارا، سَڃ مان سور لھي...
(روزاني عبرت 24 آڪٽوبر 2019ع)