Wednesday 30 May 2018

سچل سرمست وٽ جلال جو تصور


شير مهراڻي
فطرت جي سونهن جا ٻه وڏا مظهر آهن، هڪ جمال ٻيو جلال! جمال تي تمام گهڻو لکيو ويو آهي، بحث مباحثا به ٿيا آهن. پر جلال تي تمام گهٽ لکيو ويو آهي. پهريون ڀيرو مشهور ڏاهي لائنجائس (273_213ع)  “آن دي سبلائيم” يعني “جلال بابت” ڪتاب لکي جلال کي جمال جو حصو سڏيو. هن چيو هو، سبليميشن (جلال)   روح جي عظمت جو پاڇولو آهي ۽ جلال کي ئي  سونهن جو اصل محور ۽ مرڪزآهي.
ڊاڪٽر نصير احمد ناصر لائنجائس لاءِ لکي ٿو، “لانجائس پهريون فلسفي هو جنهن جلال جو تصور پيش ڪيو.”
بعد ۾ مختلف مذهبن ۾ پڻ جلال جون توجيهون ۽ تشريحون آيون، خود خدا جي 99 نالن مان ڪيترن ئي نالن جو مفهوم جلالي آهي، جيئن جبار، قهار، قادر، جليل، جابر، ذواجلال والاڪرام وغيره جڏهن ته هندو مت ۾ شيو جي رقص جلال ۽ جمال ٻنهي جو گڏيل سرچشمو سمجھيو وڃي ٿو. “پنڊ پهڻ ٿيڻ وارن لمحن ۾ پنهنجي وجود جي امالڪ (Spontaneous ) اظهار لاءِ شيو رقص ڪري ٿو. جيڪو جيوت لاءِ نيون امنگون، اشارا ۽ سونهن جا جلوه، موسيقي جون لهرون، راڳ ۽ راڳڻين جا ٺاٺ ۽ ٻيو گھڻو ڪجھ پيدا ڪري ٿو.” جنهن ۾ جمال سان گڏ جلال آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ وجد آهي، ۽ وجد جلال جو وڏو اهڃاڻ آهي.
ان کان پوءِ اولهه ۾ ڪانٽ اسان کي هڪ اهڙي ڏاهي طور ملي ٿو جيڪو جماليات جي سڀني رخن کي سهڻي نموني سان نبيري ٿو. جيئن مشهور ڏاهي پال ڪروٿر لکيو آهي ته
“Kantian Aesthetic is not merely one among other; it is a philosophy that allows us to solve some of the most fundamental problems in aesthetics.”
مون اڳ به لکيو هو ته “ڪانٽ جمال سان گڏ جلال تي پڻ ذڪر جوڳو بحث ڪيو آهي. هن جو خيال آهي ته جلال وسيلي انسان اهو ڄاڻڻ جي اهل ٿئي ٿو ته انسان عقل جي لحاظ کان لا محدود ۽ تخيل جي لحاظ کان محدود رهي ٿو. ڪانٽ جلال ۽ جمال ۾ فرق واضع ڪري ٿو. هن جو خيال آهي ته نفيس ۽ جميل شين کي ڏسڻ سان انسان ۾ هم آهنگي ۽ لطافت پيدا ٿئي ٿي. جڏهن ته جليل ۽ رعبدار شيون انسان ۾ هيجان ۽ بي چيني پيدا ڪن ٿيون. ڪانٽ جلال کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿو. “Analysis of sublime” ۾ ڪانٽ چوي ٿو ته جلال ٻن طرحن جو هوندو آهي، هڪ جو واسطو فطرت جي  وسعت ۽ ٻي جو فطرت جي سگھ سان آهي. انسان سان جلال جو ڳانڍاپو ظاهر ڪندي ڪانٽ لکي ٿو  “The mind listens the voice of reason” يعني دماغ عقل جو آواز ٻڌي ٿو. فطري جاھ وجلال کي ڪانٽ هن طرح بيان ڪيو آهي.
“Bold over hanging, and as it were threatening rocks piled up in the sky: moving with lightning flashes: and thunder peals: volcanoes in all their violence of destruction, Hurricanes with their track of devastation, The bound less ocean in a state of turnalt, the lofty water fall of a might river and such like.”
ڪانٽ موجب اسان هڪ ڀيرو ٻيهر قدرت جي جلال اڳيان پاڻ کي هيڻو محسوس ڪيون ٿا. پر ان سان گڏوگڏ اسانجي اندر ۾ خوف جي پاتال مان هڪ اهڙي سگھ ڦٽي ٿي جيڪا قدرت جي انهن ڊيڄاريندڙ منظرن کي سر ڪرڻ ۽ پرکڻ لاءِ اتساهي ٿي. اها جلالي سگھ آهي، جيڪا اسان فطرت جي ئي جلال مان اخذ ڪيون ٿا. ۽ ان سگھ وسيلي اسان قوي نظارن، پهاڙن، ستارن، سيارن، سمنڊن، طوفانن، ڌٻڻ، زلزلن ۽ واچوڙن مان لنگھي انهن جو انت ڳولهڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا. توڙي جي بظاهر اهي منظر اسان جي جسماني توڙي احساساتي سگھ کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ سگھارا نظر اچن ٿا، پر اسان پنهنجي اندر ۾ موجود جلالي سگھ وسيلي انهن ۾ پاڻ کي گم ڪري ڇڏيون ٿا ۽ نتيجي طور ڪڏهن زلزلن جو مدار مٽائي ٿا ڇڏيون ته ڪڏهن طوفانن ۽ ٻوڏن جو رخ تبديل ٿا ڪري ڇڏيون، ڪڏهن هٿرادو مينهن ٿا وسايون ته ڪڏهن آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ پهاڙ سر ڪيون ٿاته ڪڏهن چنڊ تي پهچون ٿا. اهو سڀ ڪجھ فطرت جي سگھ جي اضافي مقدار وسيلي ممڪن آهي، جيڪا انسان کي ملي ٿي، جنهن لاءِ ڪانٽ چوي ٿو.
“This sublimity in the mind rise from of human self awareness, through felling of a transcendental power of the human mind.”
يعني انسان جڏهن دماغ جي ماروائي سگھ وسيلي پاڻ سڃاڻي ٿو ته ان ۾ اهڙو جلال پيدا ٿئي ٿو. ذهن  جي ماروائي سگھ جو مرڪز فطرت آهي ڪانٽ موجب انسان کي فطري جلال کان ڊڄڻ نه کپي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن انسان فطري جلال کان ڊڄندو ته هو ان جي ڇيد ڪرڻ ۾ اهڙي طرح ناڪام ويندو، جھڙي ريت ڪو ماڻهو ڪنهن خواهش يا لالچ هيٺ سونهن جو ادراڪ ڪرڻ گھرندو آهي؛ جيڪو ممڪن ئي نه آهي.
ايڊمنڊ برڪي جلال کي فطري جلال سان جوڙي رومانوي جلال جو استعارو متعارف ڪرايو. هن جو چوڻ هو ته جلال بنيادي طور تي خوف، ڊپ ۽ ڀئو پئدا ڪندو آهي، پر اهو ڪڏهن ڪڏهن وڻندڙ به ٿي سگهي ٿو، جيئن فطرت جو رومانوي جلال فرد جي حواسن تي خوشگوار احساس پئدا ڪري ٿو ۽ منجهس بهادريءَ جهڙو ڳڻ پئدا ڪري ٿو. سچل سرمست سرداري واري ڳالهه ان ئي زمري ۾ ڪئي آهي.

آھيان آءٌ اِسرارُ،
جيڏيون مون کي ڪير ڀانيو ٿيون!
ڪَنُ نه ڏيان ڪيچَ ڏي، ڀَنڀورؤن بيزارُ.
ڇَڏي بادشاھِي پانھِنجي، ڪِيَڙُمِ ھِتِ شِڪار.
آيُسِ ھِنَ عالَمَ ۾، باري چاڙھي بارُ.
آڻيو صِدقَ يقين سان، اديون ڙي اعتبارُ.
نوري ناري ناھيان، آھيان ربُ جبارُ.
مُرشِدَ ٻانھو نه چَيو، تون “سچو” آھين سَردارُ.

بِرھ جي بازار، جيڪا ڏسَڻ اِيندي.
جيڪا جو ڏسَندي تجلو تُنھنجو، وھَندي سا ڪِينَ قَرار؛
سودو جا ڪندي سِرَ جو، وھَندي سا ڪِينَ قَرار؛
چَوسُولَ اَندر، سُرخِيءَ مائِل، تيز گُھمي تلوار؛
جي ڪَنھن چَمڪو ڏٺو تُنھنجو، سا سِرُ ڏيندي سَردار؛
“سچو” اِنھيءَ سيرَ ۾، آھي ڪُسَڻَ جي ڪَار.
سونهن جي بنيادي قدرن ۾ جلال، جمال، رنگ ۽ نور شامل آهن. اهي چارئي عنصر ڌارڌار يا هم آهنگ ٿي سونهن جي لافانيت کي تخليق ڪن ٿا. جمال ۽ جلال ٻئي سونهن جا هڪ جيترا اهم مظهر ۽ منظر آهن. ڇو ته فطري جمال Natural Aesthetic ۾ جتي صبح جي ٿڌڙي هير، گلن جي خوشبو، مينهن جي سنهڙي بوندار، رات جي پهر ۾ ڳوٺاڻي ماحول ۾ نظر ايندڙتارن جون بي جوڙ قطارون ۽ کير ڌارا (شهر جي ميري روشني ۾ فطرت جا ڪيترائي نظارا گم ٿي وڃن ٿا، فطرت جي سونهن جو اصل مظهر۽ معراج ڳوٺاڻو ماحول هوندو آهي) شامل آهي، اتي فطرتي  جلال) Natural Sublime)۾ ڪڪرن جون ڊوڙندڙ قطارون، بادلن جي گجگوڙ، کنوڻ جا چمڪاٽ، وڄ جا ڪڙڪاٽ، آبشارن مان پاڻي جو ڪرڻ، سمنڊ جون ڇوليون وغيره شامل آهن. اهي ٻئي يعني جمال ۽ جلال  سونهن جا مظهر آهن. گھڻي وقت تائين جلال کي سونهن جو حصو تسليم نه پئي ڪيو ويو پر تحقيق مان اها ڳالھ ثابت ٿي آهي ته جلال پڻ جمال وانگر سونهن جو حصو آهي. ٻئي طرف سونهن جي بنيادي قدرن ۾ رنگ ۽ نور شامل آهن. رنگ ۽ نور جماليات جا اهڙا حسياتي ميلان آهن، جن ۾ سونهن نکري نروار ٿئي ٿي، انسان کي جتي شام جو سرخ رنگ وڻي ٿو، اتي صبح جي وهنتل روشني به لڀائي ٿي، جتي گلن جا ڳاڙها، نيرا، پيلا،  ۽ گلابي رنگ وڻن ٿا، اتي انهن ئي رنگن ۽ خوشبوئن جي اثر هيٺ من ۾ جيڪا تازگي پيدا ٿئي ٿي اها ان نور جو جلوو هوندي آهي، جيڪو  سونهن جي اثر هيٺ پيدا ٿئي ٿو. نتيجي طور عشق جو آڙاهه تيار ٿئي ٿو، ۽ هو جلوه گر ٿئي ٿو، سچل سائين چيو هو،
ڀَلي ڪَري آئين، ھِت تون گُھرجين يار!
ھِت تُنھنجِي گُھرَ گَھڻِي ھُئِي، دوست مِٺا دلدارَ!
جاڏي تاڏي جَلوو تُنھنجو، عَجب تُنھنجا چَمڪارَ.
ھِي ڀي ھو ڀِي ھِڪُ، ديسُ تُنھنجو چَئِين ڪُنڊين چوڌار.
اَچِي ٿئين ھِڪُ ”سَچوءَ“ سان، لاھي ٻيائِيءَ بارُ.
سنڌي ڪلاسيڪي شاعري کان ويندي جديد شاعري تائين جلال جو عنصر جنهن شاعر وٽ سڀ کان اتم ۽ اعليٰ درجي تي ملي ٿو اهو سچل سرمست آهي. هن جلال بابت يا ته ڪيترائي نوان استعارا متعارف ڪرايا آهن يا وري موجود يا مروج استعارن کي نئين معنيٰ ڏني آهي، جن کي اسان جلاليات جا استعارا يعني ‘ميٽافورس آف سبلمٽي’ سڏي سگهون ٿا، انهن خاص استعارن ۾ هي استعارا شامل آهن.
سردار ٿيڻ، سلطان ٿيڻ، شاهاڻو شملو ٻڌڻ، گهوٽ ٿيڻ، هنگامو ڪرڻ، هُل ڪرڻ، رب جبار سڏائڻ، اهڙو ڪم ڪرڻ جنهن ۾ سڀ اختيار پاڻ وٽ رکڻ، تلوار کڻڻ، تجلي ڏيڻ، تجلو اچڻ، ڪاتي سان ڪسجڻ، ڪسڻ، ڪهڻ ۽ ڪسي قربان ٿيڻ ، چشمن جي چمڪار،  کِنوڻين جي کيڪارَ، گوڙ يا گجگوڙ جي گجڪارَ؛ اَبَر ۾ آفتاب جو نمودار ٿيڻ ۽ ستارن جو تاب نه سهڻ، سوريءَ جو سينگارجڻ، سوريءَ جي هسواري ڪرڻ، سورهيه جو اسهڻ، معرڪو مارڻ،  شاھ سڏئڻ، ڏنگر ڏورڻ، مرد ٿي ميدان مارڻ، شوق ۾ شڪار ٿيڻ، پروانو بڻجي باهه ۾ پچڻ، حڪم هلائڻ،  محبت جو مچ ٻرڻ، عشق ڪمال ڪمائڻ، موت کان اڳ مرڻ، ڇاتي ڇاتي ڇير ٻڌي نچڻ يا اهڙا ٻيا به ڪيترائي استعارا آهن، جيڪي سچل سرمست جي جلالي رنگ جي شاهدي ڏين ٿا.
محبت مست مجنون ڪيا، ڪَئين خاصا خماري، او
اصل کَون عاشقن آهي، مٿي سُوريءَ سواري، او….
هِتَئون مُنهن سا نه موڙيندي، هوندي جا وره وارِي، او..
سڻو جا مير محبت جِي، ڪُٺَن کي ڪوٺَ ڪاري، او
جنين کي جوشَ جاڳايو، تنين ڪهڙي تياري، او
مجنون جو جنون هجي يا منصور جي سرمستي، سچل سرمست ٻنهي کي ٻٽ کڻي هلي ٿو. سچل سنڌ جو مجنون به آهي ڇاڪاڻ ته هو چوي ٿو، “سچو عشق ٻڍا نه ٿيوي، توڻي ٿيوي چٽڙي ڏاڙهي” يا وري هو چوي ٿو،
مون ساري سُڃاتِي، بازي بازيگر جِي
مَستِيءَ مَئُون مَنصورَ جو، ٿِئين جي جَماعِتي؛
سورھيه باسِج سِرَ تي، تون ڪُسَڻ جي ڪَاتِي؛
غيرُ نَه آڻجِ وچَ ۾، آھِين ظاھِر تون ذاتِي؛
مَتان ڀائِين پاڻ کي، تون “سَچَو” صفاتِي.
ڪلياڻ آڏواڻي سچل سائين بابت لکيو آهي ته: “هن صاحب جي تصور ۾ هڪ اهڙي غير فرقيوار سماج هئو، جنهن کي هينئر society classless چيو ٿو وڃي..” يعني هو،
ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون، مرد ٿيئن مردانو،
وهم سچل ڪڍ ٻانهپ وارو، شملو ٻڌ شهانو.
جهڙي روش جو قائل هو، شاعر جڏهن مروج سماجي قدرن کي ٽوڙي نئون گس ۽ رستو وٺي ٿو ته هو انقلابي ۽ ترقي پسند سڏجي ٿو. سچل جو جلال انقلابي به آهي ته ترقي پسند به آهي، ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ صاحب پڻ پنهنجي ڪتاب“سچل جون واديون” ۾ ڪيو آهي.
يعني هُو هڪ انقلابي، انسان دوست ۽ بي تعصب شخص هو. عشق سندس سوچ جو محور هو. اُن بابت چوي ٿو:
عشق عطا الاهي ملدا،
نيهن ڪوئي ڪسب ڪماون دا
پرجلال جي حوالي سان سڀنيءَ کان اهم سچل جو منصوري نعرو ۽ منصوري جلال آهي، جنهن جو مثال ٻي ڪنهن به شاعر وٽ نٿو ملي.. .
منصور سوريءَ تي چڙهيو، هر ڪنهن چيو ٿي واه واه،
عاشق اتي ئي سر ڏنو، اناالحق ٿيو سڀ ساه ساه.
عشق اچي نعرو هنيو، ٿيس سڀائي باه باه.
نظر مون کي هادي آيو، ٿيو سوئي الا الله.
عاشقن سُرڪي جا پيتي، ٿي سڀائي هو هوا،
منصور، شمس تبريز پارن، هٿ ڪياؤن جاه جاه.
ويا سمنڊ ۾ ڏيئي ٽٻي، سارو لڌائون سُڌ سماءُ،
الف سان جي گم هئا ٿيا، ڪُل شيءِ هرجاءِ جاءِ.
سچو ڏسڻ سان سُرخ ٿيو ۽ تخت تي هو شاه شاه،
رچي اُتاهون لعل ٿيو، سارو اهو هو خود خداءِ.

سچل پنڌ عشق دا سچا ،ٻيا ڪل پنڌ اجايا

اسد  چنا

سنڌ ڌرتيءَ کي جتي ٻيا اعزاز ۽فَضيلتون حاصل آهن  انهن سان گڏ اهو اعزاز به حاصل آهي ته سنڌ ڌرتي پنهنجي قديم ثقافتي ورثي سان گڏ صوفين جي ڌرتي آهي،تاريخ جا ورق ان ڳالھه جا چٽا ثبوت آهن ته هتان جا قديم رهواسي صوفياڻي مزاج جا آهن هنن وٽ ڪو به مذهبي مت ڀيد نه آهي،امن پسند،اخوت ۽ ڀائيچاري واري جذبي سان هميشه سرشار رهيا آهن اهڙي طرح جڏهن سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ تي نظر وجهبي ته اها به سڄي تصوف جي فڪر ۽ پرچار سان ڀريل ملندي.
قاضي قادن کان وٺي بيدل ،بيڪس تائين سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن سدائين حق ۽ سچ جي ڳالھه ڪئي آهي،مذهبي رواداري جو پيغام ڏنو آهي انسانيت  جي اعلي آدرشن جي ڳالهھ ڪئي آهي،پوءِ انهن مان ڪن اشارن ،تمثيلن ۽ تلميحن،ته ڪن وري وڏي واڪي ڀير تي ڏونڪو هڻي حق ۽ سچ جي ڳالھه ڪئي آهي،سنڌي ڪلاسيڪل شاعري ۾ لطيف سرڪار کان پوءِ جنهن شخصيت جو وڏو مقام آهي ۽ جنهن جي ڪلام ۾ منصوري مام ، رندي بيباڪي ، سمايل آهي جنهن انهن سڀني راز وارين ڳالهين کي اناالحق جو نعرو هڻندي کليو کلايو اظهار ڪيو جن کي لطيف سرڪارپنهنجي ڪلام ۾ گهڻي قدر راز ۾ رکيو،جنهن وڏي ديده دليري سان فرمايو ته ”نوري ناري ناهيان آهيان رب جبار،جيڏيون مون کي ڪير ٿيون ڀائنيو.“ اهو آهي فقير عبدالوهاب المعروف سچل سرمست. سائين منهنجا سچل سائين جو ڪلام جيئن ته پاڻ سڃاڻڻ ، مذهبي ڪٽرپڻي کي نندڻ، وحدت الوجودي فڪر جي پرچار، رواداري ،ڀائيچاري ۽ اخوت جهڙن موضوعن تي ڀرپور ملي ٿوان  سان گڏو گڏاهاواٽ به ٻڌائي ٿو جيڪا معرفت جي منزل کان اڳتي پهچڻ ۽الاهي اسرارن جي آشڪار ٿيڻ جي واٽ۽ دڳ آهي ،اهو سڀ ڪجھه زهد، تقوا،عبادت،رياضت،جي هجڻ سان گڏ اهو مقام جنهن جي لاءِ سچل سائين فرمائي ٿو ته
پيهي پروڙيم ته پنهون پاڻ ئي آهيان
پاڻ منجهان پاڻ کي هي پڙلاءُ پيوم
صحيح ڪن ڪيوم ته غير گمان اٿي ويا.
سائين منهنجا اها منزل جتي پهچڻ کان پوءِ سڀ وهم ،گمان ختم ٿي وڃن جٿي طالب ۽ مطلوب ۾ ڪا وٿي نه هجي،ان منزل تي پهچڻ جي واٽ ،سچل سائين عشق جي واٽ ٻڌائي آهي
سچل پنڌ عشق دا سچا ٻيا ڪل پنڌ اجايا
عشق جنهن جي لاءِ حسين بن منصورحلاج چيو ته عسق جي نماز آهي ٻه رقعتون پر ان جي لاءِ وضو رت سان ڪرڻو پئي ٿو.سچل سائين به ان عشق جي واٽ جي ڳالهھ ڪئي آهي اهو دڳ اهڙو هادي آهي جو اتي سڀ مذهبي اختلاف گم ٿي وڃن ٿا. ڪلياڻ آڏواڻي پنهنجي ڪتاب (( شاھ ، سچل ، سامي)) ۾ لکي ٿو ته (( حافظ چوي ٿو ته بنده عشقيم، واز هر دوجهان آزاديم. يعني عشق جو ٻانهو آهيان ۽ ٻنهي جهانن کان فارغ،)) سچل به عشق کي پنهنجو مذهب ڪري مڃيو آهي جيڪو ٻيا سڀ مذهب معاف ٿو ڪرائي،۽ سچل سائين وڏي واڪي ان ڳالهھ جو اقرار ٿو ڪري ته اسان  اهي ظاهري عابد ناهيون جيڪي ٺھي جا ٺاھ ٺاهيون ويٺا آهن،هونئن به الله پاڪ محبوب حقيقي جي عبادت ان لاءِ ناهي ڪئي ويندي ته ڪو ان کي عبادت جي ضرورت آ،پر عبادت ان لاءِ هجڻ گهرجي ته هوئي عبادت جي لائق آهي.۽ اهڙو اظهار سچل سائين ڪندي فرمائي ٿو ته اسان اهي ظاهري پير ، ملان قاضي ناهيون اسان جيڪوبه ڪجھه سکيو آ اهو سڀ  عشق الاهي سکيو آ،
بزرگ شيخ مشائخ يارونا مخدوم ٿياسي
نڪي قاضي نڪي ملان معلم پير بڻياسي
نڪي ٺاھ ٺڳي جا ٺاھي رنگ رساءِ رکياسي
سچا ٻاجهون عشق الله جي ڪو هنر نه سکياسي
سائين منهجا عشق  الاهي ئي اهڙو دڳ،اهڙو رستو،اهڙي واٽ آهي جيڪو عاشق کان ٻيا ڪشالا ڇڏرائي تن اندر طواف ڪرائي ٿو ۽ پوءِ عاشق کي ڪنهن ٻي جاءِ تي محبوب کي ڳولڻ جي ضرورت ڪانهي صوفين وٽ مجاز حقيقت تائين پهچڻ جي ڏاڪڻ تصور ڪيل ملي ٿو مجازي حسن هڪ پردو آهي جنهن جي پويان حقيقي محبوب پنهنجو جمال لڪايو آهي، جيئن لطيف سرڪار فرمايو ته
پاڻهي جل جلاله پاڻهي جان جمال
پاڻهي صورت پرين جي پاڻهي حسن ڪمال
پاڻهي پير مريد ٿي پاڻهي پاڻ خيال
سڀ سڀوئي حال منجهان ئي معلوم ٿئي (شاھ)
سائين منهنجا اها معرفت واري منزل مجاز کان حقيقيت ڏانهن واري واٽ سچل سائين عشق جي واٽ ٻڌائيندي اهو به واضع ڪيو آهي ته حضرت انسان ئي آهي جنهن کي اها عشق جي سوغات عطا ٿيل آهي۽ انهي عشق جي برڪت سان انسان حقيقي محبوب سان ملي ٿو،اها عشق جي سوغات ،امانت فرشتن کي به ناهي مليل ،
ناهي ميسر ملڪن اها امانت
ان عشق جي امانت جو بار کڻڻ ڪو سولو ڪم ناهي ان جو بار وڏو ڏکيو آهي ملائڪن به اها امانت ان ڪري نه قبولي سچل سائين فرمائي ٿو ته
سڀ ڪنهن جو ڪم نه آهي،نيهن کڻن ڪي نيهي
ملڪ فلڪ تان ڪين قبولي عشق امانت ايهي
سچل سائين انسان کي مليل ان عشق جي امانت کي کڻڻ کان پوءِ اهو به واضع ڪري ٿو ته اهو عاشق سڏائڻ ڪو سو لو ڪم نه آهي پر ان تي قائم رهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي الاهي عاشق سڏائڻ مشڪل بازي آهي
سچو سارا مشڪل بازي عاشق نام سڏاون
عاشق نام سڏاوڻ سوکا،اوکا اس پر رهڻا هي
جيئن لطيف سرڪار فرمايو ته ( عشق ناهي راند جو کيڏنس ڳڀرو)) سائين منهنجا جڏهن عشق الاهي جي چڻنگ سالڪ جي  دل ۾ لڳي ٿي ته پوعقل،علم ، سڀ حيران ۽ دنگ رهجي ٿا وڃن مطلب ته صرف و نحو،فقه،فلسفا،منطق،  سڀ عشق جي عميق ۾ اچي ختم ٿي وڃن ٿا.جيئن لطيف سرڪار فرمايو ته،((عقل ،مت،شرم ٽيئي نيهن نهوڙيا)) ته سچل سائين به اهڙو ئي اظهار فرمايو ته
طبل سڀ تم ٿياجڏهن نوبت نيهن وڄائي
نحو صرف ويو سڀ وسري جاتي پاڻ خيال کپائي
رمز پنهنجي راز جي تو سچو کي سمجهائي
ڪتابن ۾ وڌم منهن ٿي ته ٿئي خور سندگي حاصل
لڳي دل اوچتي توسان وسري برھ ب ت ث
سائين منهنجا اهو الاهي عشق جنهن م منصور بن حلاج مرڪندي سولي تي چڙهي ٿوجنهن جي رمز ۾ اچي حافظ ۽ سچل سائين جهومڻ لڳن ٿا اها هڪ الاهي عنايت آهي جيڪا ڪنهن تي به نازل ٿي سگهي ٿي،اهو عشق ڪنهن جي پنهنجي اختيار م نه آهي پر قدرت جي طرفان انهن سچن سالڪن جي لاءِ هڪ سوغات آهي ۽ سچل سائين ان ڳالهھ جو برملا اظهار ڪندي اهو نڪتو سمجهائي ٿو ته اها عاشقي پنهنجي اختيار م نه آهي ته ڪو محنت ڪري حاصل ڪجي اها هڪ  ڏات آهي ،ڇا ڪڏهن ڪنهن بادل کي پنهنجي هٿ سان پڪڙي پنهنجي مٿان مينهن وسايو آ اها ته رب جي رحمت آ ته ڪٿي ٿي نازل ٿئي،سچل سائين فرمائي ٿو ته
عشق عطار الاهي ملدانهين ڪوئي ڪسب ڪماڻدا
ڪڪر ٿا ڪنهن هٿ نهين انداسر تي ابر وساوڻدا
سائين منهنجا مجموعي طور تي سچل سائين  وٽ عشق جي اپٽار گهڻي ۽ واضع انداز م ملي ٿي جنهن مان خبر پوي ٿي ته ظاهري طور تي ورد وظيفا حقيقي محبوب جو وصال حاصل ڪرڻ لاءِ ڪافي نه آهن پران حقيقي وصل لاءِ عشق جو هجڻ لازمي آهي۽ اهو عشق ڪنهن جي ذاتي ملڪيت نه آهي اها سوغات الاهي آهي جنهن تي هو راڻو راضي ٿئي ۽ عطا ڪريس،سچل سائين ڏاهپ ،دانشمندي جو ڌڻي آهي ملاڻڪي ماحول ۽ انسان دشمن ريتن رسمن جو سخت مخالف آهي سندس ڪلام انسان  دوستي ، رواداري ، کي نقصان پهچائيندڙ مذهبي ڪٽرپڻي وارين روايتن جي خلاف اعلان بغاوت آهي.ماضي ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي امن سڪون رواداري واري ڌرتيءَ تي ڌارين پاران جيڪي ڪاهون ڪيون ويون ۽ سنڌ ڌرتيءَ واسين ڏاڍا سور سٺا ڪن کي گهاڻي ۾ پيڙيو ويو ڪي سوريءَ جو سينگار بڻيا،ته انهن ۾ ڪي اهڙا به عالم سڳورا هئا جيڪي انهن دين جي ٺيڪيدارن حملا آورن جا طرفدار ٿي بيٺا ۽ پيري مريدي جو پوش پائي ڪاني ڪرامت وارا ٿي ويٺا،ڊاڪٽر نواز علي شوق پنهنجي ڪتاب ((شال نه وسرين تون)) ۾ لکي ٿو ته ((مغلن جي دور ۾ جيڪي عالم سڳورا ،زاهد ،شيخ،پير،۽بزرگ دهلي جي درٻار سان وابست هئا انهن جي پيري مريدي سنڌ ۾ به هئي انهن جو ڪاني ڪرامتي هجڻ ڌارين جي ايجنٽ هجڻ جو ثبوت آهي ان کان علاوه ڪن عالمن سڳورن پنهنجي تقريرن ۽ تحريرن جي ذريعي تفرقي بازي کي هواڏني ته جيئن گهڻا مذهبي ٽولا وجود م اچن ۽ پاڻ ۾ وڙهندا رهن .)) ته سائين منهنجا جڏهن شيخ مشائخ ۽ بزرگ اهڙي قسم جي تعليم ڏيندا رهيا ته سچل سائين جهڙو بي باڪ ، سچار ، وڏي واڪي انهن جي سفاڪ چهري تان شرافت جو پردو ڇڪي لاٿو ۽ عوام کي ٻڌايو ته
مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا
شيخي پيري مريدي بي حد ڀلائيا
ڪن نمازون نوڙي پڙهيون ڪن مندر وسايا
اوڏا ڪين آيا عقل وارا عشق جي
بيت ۾ سچل سائين جتي مذهبي جنونيت کي نندي ٿو ان سان گڏ اها ڳالهھ به واضع ڪري ٿو ته بزرگي ، پيري ، مريدي صرف ظاهري عبادتن سان حاصل نه ٿي ٿي سگهي جيسيتائين عشق وارو دڳ نه وٺبو،موجوده دور ۾ وڌندڙ مذهبي ڪٽرپڻي کي ختم ڪرڻ لاءِ ۽ رواداري قائم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته سنڌ جي صوفياڻي فڪر کي ٻيهر جيارجي ۽ اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن اسان شاھ،سچل،سامي جي ڏسيل واٽ عشق جي دڳ کي اختيار ڪنداسون،باقي سڀ پنڌ اجايا آهن.


سچل سر مست رحه جي سر سسئي جو فلسفو

سعيد چانڊيو
سنڌي شاعري جي افق تي شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ کان پوءِ جنهن شاعر کي مان مليو اهو آهي سچل سرمست . سچل سرمست وارو زمانو ادبي لحاظ کان ڪمال جو دور هو ، سندس زندگيءَ جي ابتدائي ڏينهن ۾ ڪلهوڙن جي حڪمراني هئي . ڪلهوڙا جيڪي سنڌ جا اصل رهاڪو هئا، سندن دور سنڌ جي تاريخ ۾ سياسي ، ثقافتي ، اقتصادي ۽ علمي ادبي لحاظ کان وڏي اهميت وارو هو. هي اهو دور هو جنهن کي سنڌي ادب جو سونهري دور چيو وڃي ٿو. سچل سائين جي زندگي جا آخري ستيتاليهھ سال ٽالپرن جي صاحبي واري دور ۾ گذريا. ٽالپرن جي دور ۾ سنڌي شاعريءَ عروج ماڻيو ، هن دور ۾ ڪلاسيڪي شاعري جي پختگيءَ سان گڏوگڏ علم عروض جي استعمال ڪري سنڌي ادب ۾ عربي ۽ فارسي لفظن ۽ اصطلاحن جي استعمال جو رجحان وڌيو ، اهڙي طرح سنڌي ادب جي آبياري ۽ واڌ ويجهھ ٿي .
سچل سرمست ساڃاھ ۽ شعور وارو شاعر هو ، تنهنڪري ئي سندس ڪلام گھڻ پاسائون آهي . سندس ڪلام ۾ رندي ۽ بيباڪي به ملندي ته مستي ۽ مڌُ به ملندو ، انتظاري ۽ بيقراري به ملندي ، حب الوطني ، همت ۽ حوصلو به ملندو . ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو ته :
“ سچل سرمست غور ۽ فڪر جو شاعر آهي ، ۽ اعليٰ فڪر پيش ڪري ٿو. سندس سوچ تمام مٿانهين آهي  جنهن ۾ خيال ۽ فڪر جي آزادي آهي، انساني زندگي ، مزاج ۽ فطرت جو تجزيو آهي. سندس خيال ۽ فڪر صرف تصوراتي نه آهي ، پر ان جي هڪ عملي صورت پيش ڪندي تلقين ڪري ٿو ۽ پيغام پهچائي ٿو . پر افسوس جو سندس پيغام کي پرکڻ وارا ڪونهن.”
سچل سرمست وٽ به سورمي سسئي جو ڪردار شاھ لطيف وانگر جدوجهد ڪرڻ وارو ، تڪليفون سهڻ وارو ۽ تڪليفن سان ئي مقصد کي ماڻڻ ۾ ويساھ رکي ٿو. ان کان علاوه هن سر ۾ خالق ۽ بندي جو رشتو به سمايل آهي ته ٻانهي کي گھرجي ته هو پنهنجي مالڪ ۽ خالق آڏو آزي نازي سان ٻانهپ جو مقام حاصل ڪري ، ۽ اهڙي طرح عارف بندي کي عارفانه مقام تڏهن ملندو جڏهن هو رحمت للعالمين جي رحمت ۾ اميد رکندو . سچل وٽ سسئي ڏکن کي سک جو انعام سمجهي ٿي ۽ ڏکن منجهھ ئي سکن جي اميد رکي ٿي . ماٺ ڪري ويهڻ کي مهڻو ٿي سمجهي ۽ ان ڪري پئي ٿي ڏوري. غفلت ۾ وڏو نقصان ٿي ڀانئين تنهنڪري هو سجاڳي کي پسند ڪري ٿي ڇو ته سجاڳي ۾ ئي انساني ڪاميابي جو راز سمايل آهي. سچل سرمست نا اميد ۽ نراسائي کان وڌيڪ اميد ۽ آس جو قائل آهي . هو محنت ۾ پختو يقين رکي ٿو ۽ ماٺ ڪري ويهڻ کي مهڻو سمجھي سسئي جي واتان ٿو چورائي ته :
مـتان وهين مــاٺ ۾ ، منجهھ جــلديءَ ڄُــل ،
هتي ويهھ نه ، هل ، تان ڪي پڄين پنڌ کي .
سچل وٽ قول ۽ فعل به وڏي معنيٰ پيو رکي ، ڇو انسان جي سچائي يا صادق ۽ امين هجڻ جي اندازو سندس قول ۽ فعل مان لڳايو ويندو آهي . سچل هڪ جريد عالم هو ، تنهنڪري هو قول ڪرڻ ۽ ان کي پارڻ جو قائل هو  پوءِ ڀلي ڪيتريون به تڪليفون پلئه پون پر پنهنجي قول تي قائم رهڻ کي وڌيڪ ٿو اهميت ڏئي . تنهنڪري فرمايائين ته :
ويـهھ مَ وسـاريج ، متان مـاٺ ڪـري ويهــين ،
قولُ اهو پاڙيج ، هو جو ڪيڙئي هوت سان .
جيڪي سکن جا متلاشي آهن ، اهي اصل ۾ هڏ حرام آهن ، اهي تريءَ تي بهشت ٿا گھرن جيڪو ملڻو ناهي. پر پوءِ به هو ان ڳالهھ ۾ ويساھ ٿا رکن ته پاڻ ئي ڪم ٿي ويندو. سچل سرمست انهن کي خبردار ٿو ڪري ، هو چوي ٿو ته جيڪي سک سان ويهي رهيا انهن منزل ڪو نه ماڻي ، انهن کان سندن منزل ڏور ٿيندي ٿي وئي جيڪا هو ڏسن ڪو نه ٿا . حقيقت ۾ جن سکن سان سنگت رکي انهن ڪاميابي کي ٿڏي ڇڏيو .
جــي گـوندر گوش نه ڪــن ، کُھ پيون ســي سـرتيون ،
جن سنگت ساڻ سُکن ، سي پاڻون هوت پري ڪيون .
سچل سکن جي اصلي مزي ۽ حقيقت جي ڳالهھ ڪندي فرمائي ٿو ته  جن کي سکن جي حقيقت معلوم آهي ، اهي ڏکن ۽ ڏولاون جي پرواھ نه ٿا ڪن، نه فقط ايترو پر هو پنهنجو سرساھ به قربان ڪري ڇڏين ٿا. ڇو ته هنن کي خبر آهي ته سک ملندا ئي ڏکن کان پوءِ آهن ، تنهنڪري انهن سکن جو مزو ئي پنهنجو آهي جيڪي تمام گھڻن ڪشالن کان پوءِ ملندا آهن . تنهنڪري سچل سسئي جي زباني چوايو ته :
سينڌيون جي سکن ، تنين گوندر گھوريا ،
ڏنــم ڪـڱاڻ ڏکــن ، هــي سر ســارو ســٽ ۾ .
سسئيءَ کي پنهنجي ذات کان وڌيڪ پنهنجي پرينءَ جي ذات هئي ، سندس لبن تي هر وقت ان جي ئي تات هئي ، حقيقت ۾ پنهنجي مراد کي ماڻن جو اهو ئي حقيقي رستو آهي، ته توهان پاڻ کي ٻين کان وڌ نه سمجھو ، ڇو ته جي جيڪڏهن توهان پاڻ کي مڪمل سمجھيو ته پوءِ  اوهان ان مقام کي ڪو نه پهچي سگھندئو جنهن جي توهان کي تلاش آهي. اهو ئي سبب آهي ته سچل سسئيءَ جي ڪردار ۾ اها ڳالهھ رکي ته هوءَ پنهنجي جان کان وڌيڪ پنهنجي طالب جي ذات کي عزيز رکي ٿي ۽ هر دم سندس وات اها ئي وائي آهي ته :
جَت موچاري جاتِ ، چڱي جاتِ جتن جي ،
وائـي تـن جـي وات ، سـدا اٿـم سـرتيون .
سچل سرمست وٽ نون خيالن جي کاڻ هئي ، جنهن جي اظهار جي هن نئين راھ ڏيکاري . جنهن تي سندس همعصر ۽ پوءِ ايندڙ شاعر ان راھ جا راهي بڻيا . هن صوفيانه فڪر کي هڪ جداگانه رنگ ڏنو ، جنهن جر تتبع سندس همعصرن ۽ پوءِ ايندڙ شاعرن ڪئي ، نه صرف فڪر جي پوئواري ڪئي اٿائون بلڪه هنن سچل سائين جي اسلوب بيان ، ڪافي جي فني گھاڙيٽن ، لفظن جي چونڊ ۽ استعارن کان علاوه اصطلاحن ۽ فقرن جي استعمال واري واٽ ۾ هو سچل جا پوئلڳ بڻيا آهن.
(روزاني عوامي آواز 30 مئي 2018ع)

Sunday 27 May 2018

سنڌي غزل جي پختي شاعره ؛ روبينه ابڙو


روبينا ابڙو، 24 آڪٽوبر 1971ع تي ڳوٺ ڳيريلي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هوءَ سنڌي ٻوليءَ جي شاعر عورتن ۾ غزل جي شاعريءَ ۾ اهم مقام رکي ٿي. سندس غزل فني ۽ فڪري حوالي سان پختا ۽ متاثر ڪندڙ آهن. هن ادبي دنيا ۾ 1991ع کان پير پاتو. ابتدا ۾ ڪجهه ڪهاڻيون لکيائين، جيڪي ريڊيو خيرپور جي پروگرامن ۾ نشر ٿيون، پر پوءِ هن پنهنجي لاءِ شاعريءَ جو ميدان چونڊيو ۽ شاعر عورتن ۾ نالو پيدا ڪيو. مريم مجيدي ۽ سحر امداد واري ٽهيءَ کان پوءِ واري ٽهيءَ ۾ روبينا ابڙو ۽ رخسانه پريت ئي غزل جون ٻه پختيون شاعرائون آهن. روبينا ابڙو ايم. اي سنڌي (1995ع) ۽ ايم. اي ايڪانامڪس (1997ع) آهي. هوءَ گورنمينٽ گرلس مڊل اسڪول نظر محلي، لاڙڪاڻي ۾ اُستاد طور پڙهائي رهي آهي. سندس شاعري ۽ مضمون سنڌي ٻوليءَ جي مختلف رسالن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. هوءَ هن وقت لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي
وري مقتلن مان اُٿيو هُل آ
نئون سنڌ ۾ ڪو ٽڙيو گُل آ۔

کڻي نيڻَ ڏسُ ڪيڏي ڦلواري آ
وڻيو توکي هڪڙو ئي ڇو ڦُل آ؟

اُهو جُزِِِِِ جي آهي اندر آُلجهيو
رهيو ذات پنهنجيءَ ۾ جو ڪُل آ۔

خُدا ڀي هُيو حيرتن ۾ ٻُڏل
هي ڪهڙي بََشَر جي نئين ڀُل آ۔

ڪٿي ڪوئي ڪافر پيو واڪَ ڏي
ته ايمان ڪنهنجي جو ڇا مُله آ؟

سڄي سرشٽي پئي ڇاڇولجي
اچي پاڻ ڇاڇول ۽ ڇُل آ

رهيو مدتن کان اندر منتظر
اچي جيءُ جهوليءَ اندر جُهل آ

جيئن واءُ گُهلجي ٿي ساگر مٿان
اسان جي مٿان ڀي ايئن گُهل آ

آءَ اورارَ تي ، هو پرئين پارَ تي
ٻڌي درميان پيارَ جي پُل آ۔

وري ڪُفرَ جو ڪوئي ڪلمو پڙهي
اچي عشقَ راهن مٿي رُل آ۔۔
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ


سَچُ تَتل ٿرـ واريءَ جهڙو
جنهن تي هلندي پيرَ سڙن ٿا
.
پوءِ به زوران زور کڄن ٿا

سَچُ ته "شاهه عنايت" جهڙو
جهوڪَ اندر جهونجهارُ ڏٺوسين
.
صوفين جو سردار ڏٺوسين

سَچُ ته پاڻ ‌‌‌‌‌‌‌‌‌‌”بلاول“ آهي
ور ور جو ورجايو ويندو
.
گهاڻي ۾ پيڙايو ويندو

سَچُ "ڀٽائيءَ جو تنبورو"
جنهن مان سُرَ سوين نڪرن ٿا
سنڌ سموريءَ ۾ پَکڙن ٿا۔

سَچُ ته ”سچل“ جي سرمستي
ماٺ ٿئي تان مشرڪ ڀانئي
.
ڪڇي تان ڪافر چورائي

سَچُ ”قلندر“ جو ”مي رقصم
ڌرتي ۽ آڪاس ڀي رقصان
.
عام هجي يا خاص به رقصان

سَچُ ته "مائي بختاور" جان
جنهن کي ٻڌندي ھنيائوَ ڪنبن ٿا
وڏ ڌڻين جا ڪنڌ جهڪن ٿا۔

سَچُ ”ڪنورَ“ جي لوليءَ جهڙو
گونجي گهٽي گهٽي هر گام
جنهن ۾ الله، ايشور، رام۔

سَچُ "ڀٽي" جي ڦاهيءَ
سارا آمر ڀڻ ڀڻ ڪن ٿا
جلادن ڪا هٿَ ڏڪن ٿا۔

سَچُ ”عباسيءَ“ جي مک جهڙو
ڳاڙهو گُلُ گلاب ڏٺو سين
.
موت مهانگو خواب ڏٺو سين

سَچُ ته "سيد" جي سمجهاڻي
آزادي ايمان اسان جو
.
سنڌ پرستي شان اسانجو

سَچُ ته ”بگٽيءَ“ تي بمباري
آمر جا ايوان ڌڏن ٿا
ڀاري ڀاري برجَ لڏن ٿا۔

سَچُ ته بلڪل ”بينظير
ڪاري اُڀَ تي تاري وانگي
.
اناالحق جي نعري وانگي

سَچُ ته ”سوڀي“ جي ارڏائي
عشق اٽلتا ساڻ هلن ٿا
.
دنيا سان جي ڪين ٺهن ٿا

سَچُ ته نانگن جي ٻرَ جهڙو
جيڪو هٿ ڏنگائڻ ايندو
سوئي نينهن نڀائڻ ايندو۔

هر ڪنهن واري تي ڀوڳيو آ
پر ڇا سڀني هي سوچيو آ
ڪنهن سان تن جي ياري آهي

سَچُ وڏو ڏوهاري آهي۔
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
اي ڀورا بادل ڇا جي لئه مون تو ۾ نيڻ کُپايا هِن؟
تو پنهنجي پويان آگم آگم ڪيڏا نيڻ رُلايا هِن!

ڪُجهه خواب اکين جي کِڙڪين مان ڏئي ڀڙڪوڪالهه اڏامي ويا،
مون تو لئه پو ڀي ڪومل ڪومل سپنا چار بچايا هِن!

تون خالق هُئين تخليق بڻين ڄڻ مورت مان تصوير بڻين،
تون منهنجو ئي رهندو آهين توڙي سو روپ مٽايا هِن!

مان چُپ هان ڪائي ڳالهه ته آ، پوءِ هيڏا سڏ پُڪارون ڇو؟
تون ڄاڻين ٿو مون ڇا جي لئه هِي هيڏا سڏ لنوايا هِن؟

مان اچڻي ناهيان ڄاڻين ٿو پوڀي تون راهه نهارين ٿو،
مان وِير جيان واپس ورندس تنهنجاسڀ خيال اجايا هن!

ڇا سوچين پيو، ٿو ڪيرُ ڦري هن ڌرتي کان امبر تائين،
ڇو بي ترتيب ستارن ۾ تو پنهنجا نيڻ وڃايا هن!؟

تون هرهر ياد نه ڪر مون کي،ڏِسُ هينئن برباد نه ڪر مون کي،
مون ڏاڍي مُشڪل سان ساٿي ڪجهه تنهنجا خيال ڀلايا هِن!!
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
اڃان ته سوچ ۾ وڏي
ڪا آڳ ٿي ٻري پئي۔۔۔۔
اڃا اکين جي ڍنڍ ۾
ڪا ياد ٿي تري پئي۔۔۔۔۔

اڃا دلين ۾ درد ڪو
ڏکي پيو دکي پيو۔۔۔۔
اڃان ته جيُ ڪوڙ کي
ٿڏي پيو ٿڏي پيو۔۔۔۔

اڃان اسانجي درد تي
نکارا نکارا آ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
اڃان اسانجي سار ۾
خيام جو خمار آ۔۔۔۔۔

اڃان اسانجو پاڻ تي
يقين آ يقين آ۔۔۔۔۔
يقين ئي ته آ خدا
يقين ئي ته دين آ۔۔۔

اڃان اميد آس ڪا
ٽٽي ن آ ٽٽي نه آ۔۔۔۔
اڃان نه من مان روشني
کٽي نه آ کٽي نه آ۔۔۔۔

اڃان اسانجي روح ۾
ڪا ڪربلا جي شام آ۔۔۔۔
اڃان اسانجي صبر ۾
"حسين جو پيام آ۔۔۔۔۔

اڃان ته ماٺ جي مٿان
صداقتن جو باز آ۔۔۔۔۔
اڃان اسانجي خامشي
سوالن ۾ شمار آ۔۔۔۔۔

اڃان اسانجي هر گهڙي
بهار جي حصار ۾۔۔۔۔۔
اڃان اسانجو آ جيو آ
پيار جي حصار ۾۔۔۔

اڃان ته مند آ نئي
اڃان جوان سال آ۔۔۔۔
اڃان ته پنهنجي درد تي
نئون نئون جمال آ۔۔۔۔

اڃان وفا جي راه ۾
ڪريا نه هون ڪريا نه هون۔۔۔
اڃان ته پنهنجي قول تان
ڦريا نه هون ڦريا نه هون۔۔۔
اڃان اسانجو جوصلو
پهاڙ کان مٿي گهڻو
اڃان ته اس وڏ ڦڙو
اسان مٿان وسي گهڻو۔۔۔

اڃان سانجي زندگي
رڙهي رڙهي رڙهي پئي
اڃان ته ڏات هيکلي
وڙهي وڙهي وڙهي پئي۔۔۔۔

اڃان ته وار سامهون
آ اوٽ سنڌ ٿي پئي۔۔
اڃان ته هر سوال جي
آ موٽ سنڌ ٿي پئي۔۔۔

وڇائي ڀل ڪو ڪيترو به
نفرتن جي ڄار کي۔۔۔۔۔
نه قيد ٿو ڪري سگهي
هو سار کي پيار کي۔۔۔۔۔۔

ڀلا ڪڏهن ڪا خاڪ ڀي
آ اڀ جي ڇهي سگهي
ڀلا ڪڏهن ڪا رات ڀي
آ ڏينهن کي پڄي سگهي۔۔۔۔

گهڻو ٿيو گهڻو ٿيو
جو جنهن چيو گهڻو چيو
ٻڌي ڇڏيو ڏسي ڇڏيو
جو جنهن ڪيو گهڻو ڪيو۔۔

اسانجي چپ چپات کي
آ ڏات حوصلو ڏنو۔۔۔۔
اسان جي طرف کان سڄي
آ سنڌ فيصلو ڏنو
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌ

ڏينهن پڳو ۽ شام ٿياسين
هيڪل گهر جي گام ٿياسين

جڳ سان جهيڙي جيتيوسين پر،
عشق اڳيان نيلام ٿياسين .

وسري توکان ڀي وينداسين،
هيڪر جي گمنام ٿياسين .

سڌ متارن کي جنهن جي آ،
پاڻ پروڪا جام ٿياسين .

جگنو جهڙي جوت اسان ۾ ،
اونداھ جا انجام ٿياسين.

عشق اچي آکيرو اڏيو،
گهاٽي بڙ جي لام ٿياسين.

مور ٽھوڪي سمجهائي سا،
مينهوڳيء جي مام ٿياسين.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
مِلڻ جي مُند ۾ وِڇڙي وَيا هُون،
بَهارن ۾ پِرين! اُجڙي وَيا هُون.
خوشيءَ جي قافلي سان هلندي هلندي
غمن جي موڙَ تي رُڪجي وَيا هُون.
رکيو جنهن سوچ ۾ صديون اسان کي،
اُنهيءَ کان اوچتو وسري وَيا هُون.
پُڪاريو هو وٺي تو نانءُ دِل ۾،
آهين حيران ڪِئن پهچي وَيا هُون.
هُئين سوچن کي ميڙيندو سدائين،
هَلي آ، ڏِس وري وِکري وَيا هُون.
ٻنهي کي وقت ڪاٿي آ پُڄايو،
نقش ڇا، نانوَ ڀي ڀُلجي وَيا هُون.