Tuesday 8 May 2018

محمد صديق مسافر ؛ نظارن ۽ نزاڪتن جو شاعر



محمد صديق مسافر ؛  نظارن ۽ نزاڪتن جو شاعر
گل محمد شاه راشدي
محمد صديق مسافر جي پيءِ گلاب خان شيدي جو اصل نالو ”بلال“ هو، کيس آفريڪا جي اڀرنديئن ڀاگي ”زنجبار“ مان، ستن سالن جي ڄمار ۾، مسقط جي واپاري شيخ حسين خريد ڪيو، اتان غلام علي سنگتراش کيس خريد ڪري سنڌ ۾ آندو، ان کان وري ٽنڊي باگي جي مخدوم صبر علي کيس خريد ڪري آزادي سان پاڻ وٽ رهايو، سندس نيڪ خصلتن جي ڪري مخدوم صاحب سندس نالو بدلائي گلاب رکيو، اتي ئي 86 سالن جي عمر ۾ تاريخ 12 ڊسمبر 1879ع تي رحلت ڪيائين. پيءَ جي وفات کان اڳ 13 شعبان 1297هه مطابق 1 اپريل 1879ع تي ٽنڊي باگي، ضلعي بدين ۾ محمد صديق جنم ورتو. محمد صديق ”مسافر“ شروعاتي تعليم پنهنجي جنم ڀومي ٽنڊي باگي ۾ حاصل ڪئي ۽ حيدرآباد مان فائنل جو امتحان پاس ڪري، پهرين جنوري 1902ع تي پرائمري ماستر ٿيو، ان کانپوءِ جلدي ترقي ڪري ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد ۾ استاد بڻيو. کيس شعر ۽ ادب سان گهرو لڳاءُ هو. ان سلسلي ۾ پهريائين سيد فاضل شاهه ”فاضل“، حاجي عبداللطيف ۽ سيد حاجي محمد علي شاهه ۽ پوءِ آخوند فقير محمد عاجز کان فيض حاصل ڪيائين. آخر ”مسافر“ تخلص سان شاعري ۾ نروار ٿيو. شاعري ۾ ڪيترين ئي صنفن، جهڙوڪ، غزل، قصيدن، رياعين، مثنوين، مسدس، قطعن، نظم، گيت، مناجات، جاڳن ۽ ڪافين وغيره پڻ خوب لکيو اٿس ۽ سڀئي صنفون يادگار ڇڏيون اٿس. شاعري سان گڏو گڏ نثر تي پڻ گهڻو ڪجهه لکيو اٿس، مطلب ته سندس قلم جي قرب سنڌي ادب کي بي بها لکڻيون عطا ڪيون آهن، سندس علمي، ادبي ۽ تحقيقي مقالا پنهنجو مٽ پاڻ آهن. ٽريننگ ڪاليج ۾ نوڪري دوران اتان نڪرندڙ ماهوار ”اخبار تعليم“ جي ادارت جا فرائض 1903 ۽ 1904ع کان وٺي 18 سالن تائين بجا آڻيندو رهيو. جنهن ۾ سندس بيشمار ڇپيا، اخبار تعليم ۾سندس ڇپيل مضمونن جو معيار تمام اعليٰ آهي. جنهن مان سندس ذهني اڏام ۽ گهرائي جو بخوبي اندازو ٿئي ٿو. انهي کانسواءِ سندس ڪيتريون ئي تخليقون، سنڌ مان نڪرندڙ رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿينديون رهيون. خاص ڪري درسي ڪتابن لکڻ ۾ سندس ثاني ڪو ورلي لڀندو. ادبي خدمتن سان گڏو گڏ، سندس علمي خدمتون پڻ هڪ بيش بها خزانو آهن. محمد صديق، مسافر هڪ مڪمل استاد، ماهر تعليم ۽ هڪ علمي اداري جي حيثيت رکندڙ سڄاڻ انسان ۽ روحاني رسائي ماڻيندڙ بزرگ ٿي گذريو آهي. پاڻ ٻاراڻي ادب تي پڻ ڪيترائي مقالا، مضمون ۽ شاعري لکي اٿس، سندس تخليق ڪيل ٻاراڻو ادب، خاص طور تي سنڌي پهرئين، ٻئي ۽ ٽئين ڪتاب جا سڀ نظم ۽ ڪي نثر ۾ لکيل سبق، پونا ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي درسي ڪتابن ۾ شامل ڪيا ويا، انهي جي مڃتا طور کيس ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن بمبئي طرفان نقد انعام ۽ آفرين نامو ڏنو ويو. محمد صديق ”مسافر“ جا ترجمو ڪيل ڪتاب، پڙهڻ بعد ائين ٿو ڀائنجي، ڄڻ خود ئي تصنيف ڪيا اٿس. سندس همعصرن ۾، خاص طور تي ديوان ڪوڙو مل، ديوان ننديرام ۽ ديوان ڪشنچند ”عزيز ” جهڙا شاعر ۽ ليکڪ شامل هئا، پر ”مسافر“ صاحب علمي ۽ ادبي نقطي نگاهه کان پنهنجو مٽ پاڻ هو. ”گلستان بوستان“ جو ترجمو، گلشن بهار، غلام محمد شهواڻي جي نالي سان ڇپيو ۽ ڪتاب جي ديپاچي ۾ لکيل آهي ته مسافر صاحب طرفان بيتن جو مطلب ڏنو ويو آهي پر لڳي ايئن ٿو ته اهو ترجمو مسافر صاحب جوئي ڪيل آهي، پر مالي مشڪلات جي ڪري اهو ترجمو پاڻ ڇپرائي نه سگهيو ۽ شهواڻي صاحب جي نالي ۾ڇپجي پڌرو ٿيو، ان کانسواءِ ڪيترن ئي اديبن جي راءِ آهي ته محمد صديق مسافر جا ڪي ڪتاب، جيڪي محمد صديق ميمڻ جي نالي سان ڇپيا، سي پڻ سندس ئي ڪاوشن جو نتيجو آهن. محمد صديق ”مسافر“جو سڀ کان وڏو ڪارنامو سندس اهي ڪوششون آهن، جن جي نتيجي ۾ خان بهادر مير غلام محمد خان ٽالپر، لاڙ جي اٻوجهه عوام جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ ٽنڊي باگي ۾ هڪ تعليمي اداري جو بنياد وڌو. ابتدا ۾ اهو اسڪول محمد صديق مسافر جي نگراني ۾ پنجن شاگردن سان، پهرين جنوري 1920ع تي شروع ڪيو ويو، انهي مقصد لاءِ ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد مان کيس موڪل وٺرائي ٽنڊي باگي واري اسڪول ۾ مقرر ڪيو ويو، جتي پاڻ 1925ع تائين اسڪول جو منتظم اعليٰ رهيو. اپريل 1925 ۾ جڏهن هڪ گريجوئيٽ کي هيڊ ماستر مقرر ڪري ٽنڊي باگي موڪليو ويو. ان وقت اسڪول ۾ شاگرد جو تعداد 150 کي وڃي پهتو هو ۽ ست استاد اتي پڙهائيندا هئا. ان بعد به مسافر صاحب اسڪول ۾ فرسٽ اسسٽنٽ ۽ بورڊنگ هائوس جي مينجر جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو رهيو. اهو اسڪول يعني لارينس مدرسه ۽ مير غلام محمد هاءِ اسڪول اڄڪلهه انٽر ڪاليج جي سطح تي پهچي لاڙ جي عوام جي ذهنن کي علم سان پرنور ڪري رهيو آهي. انهي ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته، مير غلام محمد خان ٽالپر لاڙ جو سرسيد هو. جنهن هن علائقي جي غريب ماڻهن جي اولاد لاءِ مفت تعليم جو بندوبست ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هزار ها خاندان تعليم جي نور سان منور ٿيا ۽ وڏن عهدن تي پهتا. انهي عظيم ڪارنامي ۾ محمد صديق مسافر مير صاحب جن سان ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو ۽ لاڙ ۾ تعليمي ڦهلاءُ ۽ ٻين سماجي ڪمن ۾ مير صاحب جو صلاحڪار ٿي رهيو. محمد صديق ”مسافر “ سن 1930ع ۾ رٽائر ٿيڻ کانپوءِ مستقل طور ٽنڊي باگي ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ ٽنڊي باگي ۾ زناني اسڪول قائم ڪرڻ لاءِ به مير صاحب جن کي پاڻ مشورو ڏنو هئائون. زناني اسڪول کلڻ بعد مير صاحب طرفان مٿس اها ذميداري رکي وئي ته، روزانه ٻه اڍائي ڪلاڪ اسڪول جي تعليم ۽ انتظاميا ۾ ملائي ماسترياڻي جي مدد ۽ رهنمائي ڪندو رهي ۽ اسڪول جي هر گهرج ۽ ضرورت مير صاحب جي ڌيان تي آڻيندو رهي. مير صاحب جو خيال هو ته، ڇوڪرين لاءِ به بورڊنگ هائوس ٺهرائجي ته جيئن آسپاس وارن ڳوٺن مان نياڻيون تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اتي رهي سگهن. پر افسوس جو مير صاحب انهن ارادن کي عملي جامو پهرائي نه سگهيو ۽ اوچتو 12 فيبروري 1923ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. جنهن ڪري لاڙ جا اصلاحي ڪم ۽ تعليمي پروگرام اڌ ۾ رهجي ويا. محمد صديق ”مسافر“ 86 ورهين جي ڄمار ۾ تاريخ 4 ربيع الاخر 1381 هه مطابق16 مئي 1961ع تي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ٽنڊي باگي ۾ وفات ڪئي ۽ اتي ئي مرحوم غلام محمد ٽالپر جي ويجهو دفن ڪيو ويو.
(سنڌ سلامت ڪمپيوٽر تان ورتل)
محمد صديق مسافر جي شاعري
ماءُ ۽ پيءُ جو چيو مڃجي،
سدا ادب ۾ تن جي رهجي.
نت استاد کي مان ڏجي،
جيئن هو چوي تيئن ڪجي.
ڀاءُ ۽ ڀيڻ سان رکجي پيار،
تن سان نه ڪجي ڪو تڪرار.
سوير سمهجي سويل اُٿجي،
اول ڌڻيءَ جو نالو ڳنهجي.
ڪوڙ نه چئجي ڏجي نه گار،
شيءِ چورائي ٿجي نه خوار.
هِن نصيحت تي جو ئي هلندو،
مائٽ مٽ کي سو ئي وڻندو.

محمد صديق "مسافر ''

ويساک جو مهينو، جنهن ۾ لڪون ۽ جهولا،
ڄڻ آسمان اڇليا ٿي گرم گرم گولا،
گذريو ٿي ڏينهن ڏکيرو، پر رات جو به رولا،
ڪن کي پکا هٿن ۾،. ڪن جا کُڏن کٽولا،
'ٿڌڪار ڪا ٿئي ''' هئي، ائ وات سڀ جي وائي،
'ري مينهن مهر''،. جي ٻي آڌر سجهي نه ڪائي،

هارين هينئان لهي ويا، دل سست ڪئي سنگهارن،
پروردگار پل پل، پي ياد ڪيو پهنوارن،
ٿي. بيقرار فطرت،. پسنديئي. بيقرارن،
پيو ٿرٿلو فلڪ ۾، منجه نکترن سيارن،
ات عرش جو هينئون پڻ، بي اختيار ٿي پيو،
هارڻ هنجن جي ڪارڻ، تهدل تيار ٿي پيو،

موليٰ جي مهر برسي، ڌرتي جي اڃ اجهاڻي،
سرسبز سينو ان جو،. مرڪي هينئر نماڻي،
ٿر بر تلاء تراين،. پلٽيو پلر جو پاڻي،
گل ڦل ٽڙيا ولين ۾،. وڻڪار موج ماڻي،
برسات رئ بکن ۾،. جي ٿي ويا ها پورا،
ٽپيو ڏين ٿا ٽاڏون،. اڄ ڍور سي سمورا،

اڀ کي ڏني امانت، ڌرتئ بخار سان جا،
اڀ ڪئي ادا امانت، لڙڪن قطار سان سا،
قدرت ڪشش ٻنهي ۾، ڪئي اهڙي ڪار سا،
ڪثرت ۾ نقطو وحدت، لاٿائين تار سان ڇا،
پوء موج ۾ ''، مسافر ''برسات ڇو نه آڻي؟
ٿو ذرو ذرو جنهن جو،. تن کي تکو ئي تاڻي،



تون اجهو آڌار آهين، جڳ سڄي جو اي ڌڻي،
جيس مٽ تنهنجو نه هرگز جوڙ ٻيو ڪو اي ڌڻي.

ساڻ ڪرم احسان تنهنجي رات گذري خير سان،
ڏينهن پڻ سک سان گذارج اسان جو سارو اي ڌڻي.

واٽ نيڪيءَ جي هلائج جنهن مان حاصل جس ٿئي،
ڏوهه پاپن کان اسانکي رک تون آجو اي ڌڻي.

علم ۽ اخلاق جا بهرا تون بخشج ڀال سان،
ڪج پڌر نيڪيءَ سان استادن جو نالو اي ڌڻي.

سا هلائج راهه مٽ مائٽ جي دل راهي رهي،
من مرادن سان ”مسافر“ ڪج قرارو اي ڌڻي.


سهڻائي- ڪوجهائي
رنگ ڪارو ڇوڪري هڪڙي جو هو،
رنگ گورو هو مگر ڀاڻس سندو.
ٻئي ڄڻا هئا پاڻ ۾ رانديون ڪندا،
سٺي عادت ڪابه تن ۾ ڪانه ڪا.
ڏينهن هڪڙي ڪا ڏٺائون آرسي،
پنهنجي گهر مان سا کنيائون آرسي.
پنهنجي پنهنجي ان ۾ صورت تن ڏٺي،
ڀاءُ صورت ڀيڻ جي کلندي ملي.
ڀاءُ کي کلندي ڏٺو ٿي ڀيڻ جيئن،
شرم ۽ ڏک تنهن کي دل ۾ ٿيو ٿي تيئن.
روئي آئي ماءُ پنهنجيءَ وٽ اها،
هيئن لڳي ڏک سان چوڻ ماڻس کي سا.
”تون ادا کي چئو امان جيجل! هينئر،
تان ڏسي نه آرسي ڇو ڪيئن به پر“.
ماءُ ان جي جا هئي بلڪل هوشيار،
لڙڪ ڌيءَ جا اگهي ڪيائين پيار.
”هٿ رکي ڳلڙن تي ماءُ ان کي چيو،
ڪير ٿو چئي ههڙي صورت کي برو؟“
”آهه صورت سهڻي هيءَ اي منهنجي جان!
ڪجهه نه ڪر دل پنهنجي ۾ ڏک جو نشان“.
”جي ٿيو ڪو توکي اهڙو ئي خيال،
جي اٿئي ڪوجهائيءَ جو دل تي ملال.“
”تان سدائين پيئي ڪر ڌيءَ ٺيڪ ڪم،
ٻن جهانن ۾ رهي تنهنجو شرم.“
”جي نٿي صورت سٺي ڪهڙو شرم،
رک لڇڻ سهڻا ته گذري سهڻو دم“.
”۽ وري ڪوٺي چيو ڇوڪر کي ماءُ،

ڪر نه بابا! پنهنجي صورت تي اٿاءُ“.
”ڀيڻ جي صورت تي کل تو ڇو ڪئي؟
ڪهڙي بڇڙائي ”نظر تنهنجي پئي؟“
چنڊ جهڙي تنهنجي صورت آهه جا،
ههڙي عادت جي ڪري ڪم جي نه سا“.
”شڪل ڪنهنجي جي هجي سچ پچ بري،
ان جي چئو ڪهڙي انهيءَ ۾ چوڪ ٿي؟“
۽ ڏني جنهن کي سٺي صورت خدا،
هٺ ڪرڻ جو ان کي حق ڪهڙو ابا؟“.
شڪل پنهنجي پنهنجي هٿ سان ٺاهي ڪو،
فخر صورت تي ڪري بيشڪ اُهو.
”ڪر سدا ڪپڙا چڱا اي منهنجا چنڊ،
تان لڳن صورت سندءِ کي چار چنڊ“.
سهڻي صورت سان لڇڻ سهڻا سونهن،
ڪر ”مسافر“ جي ابا! ايءَ ڳالهه ڪن.

چڱن جي سنگت
چڱن جي سنگت ۾ گذارج سدا،
جو صحبت جو ٿئي ٿو اثر اي ادا.
جنهن جي سنگت ۾ وڌي مان  شان،
چڱن جي سنگت آهي پارس سمان.
چڱن جي سنگت مان ملي ماڻهپو،
چڱين عادتن جو به رستو اهو.
 سنگت بد سندو آهه بچڙوئي ڦل،
رهج تون انهيءَ کان سدائين ڇٽل.
سنگت آهه بڇڙيءَ جي کي هر هنڌ ڌڪار،
رهي ٿو ڪسنگي خراب ۽ خوار.

ڌيان سان ڪم ڪرڻ
ڪم جي وقت ڌيان ڪم ۾ ڌريو.
راند جي وقت راند روند ڪريو.
ان طرح سان جو ڪندو پيو ڪم،
خـوش  گـذاريـندو  سـو  ادا  هـر دم.
ڪم ڪرڻو هجي سمورو ڪجي،
مور اڌ ۾ ڇڏي نه تنهن کي ڏجي.
جو اڌو گابرو ٿئي ٿو ڪم،
فائدو ناهه ان ۾ ڪو هر دم.
وقت هڪڙي ۾ ڪم به هڪڙو ڪريو،
خيال دل جو سمورو ان ۾ ڌريو.
سانگو ناهي جي ٿيندو ٿورو کڻي،
ته به ڀلائي انهيءَ ۾ ٿيندي گهڻي.
ڪم ڪرڻ جي اهائي ريت عجيب،
فتح سڀ ڪم ۾ ائين ٿئي ٿي نصيب.
وقت ضايع ڪيو اجايو جنهن،
نيٺ ڇيهو وڏو پرايو تنهن.
خوش گذارڻ گهرين سدائين جي،
ياد هي بيت تون رکج دل تي.
ڪم جي وقت ڌيان ڪم ۾ ڌريو،
راند جي وقت راند روند ڪريو.