Friday 25 May 2018

شاھ جي رسالي۾سُر“پرڀاتي” جو فلسفو


استاد لغاري :
“ پرڀاتي ” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي،“پِرڀات وارو. يا “صبح وارو”.هي شاھ جي رسالي جو حقيقت تي آڌاريل معنوي سُر آهي. جنهن ۾ سالڪ کي، اسُر ويل جو اُٿي، داتا جي در تي، ڪيرت (ساراھ واريون صدائون) ڪرڻ جي صلاح ڏنل آهي. شاھ صاحب چوي ٿو“اي منگتا ! تنهنجي تُنبي جي تارن تي ته ڪٽ چڙهي ويئي آهي، اِهو ڀانن ۽ ڀَٽ فقيرن جو ڀير ۽ نمونو ئي ڪونهي، جو ڪينرو ڪِلِيءَ تي ٽنگي ۽ بيهاري ڇڏين”.
ايءُ نه ڀانن ڀير ، جيئن ڪيريءَ ٽنگيو ڪينرو ،
سُونهاري  صُبوح  سين،  وجھي  ويٺين  وير ،
توکي  چوندو  ڪير ؟  ڪيرت  ڌاران  مڱڻو .
اي مڱڻا! اي ڏڏ! ڏاتار ته گھڻو ڏيندڙ آهي ۽ ڏيندڙ به اهڙو، جي اُنهيءَ جي سخا جي خبر، سَنهي ۽ گھڻي ڪتڻ وارن کي پئجي وڃي ته اُهي پنهنجا سمورا ساز ۽ سامان، پلڪ ۾ پُرزا پُرزا ڪري ڇڏين.
جيڪين ڏڏن ڏي ، ڳُجھ ڳُجھان ئي ڳُجھ ۾ ،
سو جي  سُڻين ڪڏهين ، ڪيرت وارا ڪي ،
ته ساز مڙيئي سي ، هوند پٿون ڪن پلڪ ۾.
اي مڱڻا ! ڏوھ ته سمورو تنهنجو ئي آهي، تون داتا جو در ڇڏي، ٻين ٺلهن ۽ سکڻن درن تي صدائون هڻندو وتين، اِن ڪري ئي ته تنهنجا حال هيڻا ٿي ويا آهن.
ڏاتار   ڏُک    ڪيا ،   پاڻان   مٿي   مڱڻي ،
“مون   در  ڇڏيو  مڱڻا! مڱين  ڪوھ  ٻيا ؟
تيلاهين    تو   پيا ،   وچان  وِلها  ڏينهڙا” .
پُوريا   در مَ پِنُ ، جن پِنيي پُورت نه ٿئي ،
ڏيھ  ۾  ڏاتر  هيڪڙو ، نانءُ  تنهين جوڳِنُ ،
جو رين رساڻي دِنُ ، ڏيئي ڏُرمائي ڪينڪين.
ڄاڻي    توءِ   مَ  ڄاڻ ، ايءُ   در اَٻوجھن جو ،
اِن  در  سيئي  اگھيا ، جن  نه  ڀانيو “ پاڻ ” ،
رُونجھاڻي    راڄاڻ  ،   آهي   اَٻوجھن   جو .
پرڀاتي، (جاجڪاڻي، وِهاڳ يا وِهاڳڙو) سنڌ جو آڳاٽو راڳ آهي. پرڀاتي جِي لئي،سنڌ جي قديم راڳ “ لوڙائُو” سان به ملي ٿي. هي شاھ جي رسالي جو يارهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 46 بيت، 4 وايون ۽ 2 داستان شامل اهن. هن سُر جو پهريون بيت “ ايءُ نه ڀانن ڀيرُ، جيئن ڪِيريءَ ٽنگيو ڪِينرو ” ۽ آخري وائي “ وڏا ڏاڻ ڏنائين ، کنيائين رختُ ريزالن جو” آهي .
بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
جاجڪ !  جيڏا  پس ، ويا سويرا ساڄ کڻي ،
ڪينر ڪِيريءَ ٽنگيو ، ڪنجھي لڳي ڪس ،
تو   گھِرندي  مس ،  لڄ  لنگھڪِي  ڇڏئي .
اي جاجڪ ! تون تنهنجا سينگا(هڪ جيڏا سرتا) ته ڏس، هُو صبح جو سويرا، وڄائڻ وارا ساز ۽ سامان کڻي، هتان روانا ٿي ويا آهن . تنهنجو ڪينرو (سُرندو ) ته سدائين ڪِليءَ تي ٽنگيو بيٺو آهي ۽ ساز جي ڪنجھي واري ڌاتُوءَ تي ڪٽ چڙهي ويئي آهي . توکي نئين ڏاڙهيءَ اڃان مس آئي آهي ، ته تو کڻي لنگھن واريءَ لڄ ڦٽي ڪئي آهي .
چارڻ  وس  نه  ڪاءِ ، ته  ڪا  ڪِيرت  جي  ڪري،
جني     سندو    مڱڻو ،   هٿ    تني    جي    آهِ ،
جي ڳارائينس ته ڳاءِ، جي سُمهارينس ته سُمهي رهي.
چارڻ ويچاري جي وس ۾ ڪا ڳالھ ئي ڪانهي ، ته هُو صدا ۽ ساراھ واريون وايون ڪري (يا نه ڪري ) سگھي . هِي جن مالڪن جو مڱڻو (ماڻهو ) آهي، سڀ ڪُجھ اُنهن (مالڪن) جي ئي هٿ وس ۾ آهي . جي هُو چون ٿا “ڳاءِ” ته ڳائي ٿو، جي هُو چون ٿا“سُمهي رھُ” ته ويچارو سُمهي ٿو رهي .
اُٿيو     اَٻوجھاءَ  !    سٻڙ      جو     سڏ      ٿيو ،
جيئن اَئين ڪِيرت ڪٽ نه سِکيا، تيئن پاڻا ريڌو راءَ،
“مڱو   مون    مُلاءَ ،   آئون   اوهان   جو   آهيان ”.
اي اَٻوجھو ! اُٿو ! سُهڻي سخي سٻڙ ڄام جو، صدا قبول ڪرڻ وارو  سڏ ٿيو آهي . جيئن جو اوهين ساراھ ۽ صدائون ڪرڻ قطعي ڪو نه سکيا آهيو! تيئن ئي توهان تي سُهڻو سردار، اڄ پاٻوھ ۽ پيار مان پاڻهي ئي پرچي پيو آهي . ( هُو چوي بيٺو) “اچو ! اوهين اڄ مون کان گھُرو! ڇو جو آئون ته آهيان ئي اوهان جو پنهنجو ”.
ڏڏ     ٿي  ،    ڏان    گھُر ،    ڇڏ   وڄا   جي  وائي ،
سٻڙ        رات     سنباهيا ،     تازِي     تو     لائِي ،
جو ڄاڻي نه ڪائي ، تنهن سين ٻيلي ڌڻي ٻاجھ ڪِي.
صفا اڻ ڄاڻ ٿي پئو! پوءِ وڃي انعام اڪرام حاصل ڪرڻ جي صدا هڻ ! ڄاڻ، علم ، حڪمت ۽ دانائيءَ جي بنھ ڳالھ ئي ڇڏي ڏي. سخي سٻڙ ڄام، رات سنبرائي، سِترائي، تيار ڪري بيهاريا آهن، تازِي گھوڙا خاص تنهنجي لاءِ ئي ! جيڪو مسڪين منگتو، صفا ڪُجھ به ڪو نه ٿو ڄاڻي، تنهن سان لي ٻيلي جي ڌڻي سدائين پئي مهرباني ۽ ٻاجھ ڪئي آهي .
اُٿي   ورُ !  ورناءِ ،  دانهون   دنبورن   جيون ،
اڳيان   اُنڙ ڄام   جي ،   لنگھا !   تون   ليلاءِ ،
جوڙ تندون، ڪر جاءِ ، متان سٻڙ جو سڏ ٿئي!  
اُٿي ! راڳ روپ واري ڌنڌي ڏي وراڻ ڪر، ٻين جي دنبورن جا سُهڻا ۽ سُريلا آواز ڪن ڏيئي ٻُڌ . اي لنگھا! سخي سردار اُنڙ ڄام جي اڳيان، تون وڃي عاجزيون ۽ ڪورنشون ڪر . (سُرندي جون) تندون ٺاهي جوڙي، صحي جاءِ تي لڳائي، تيار ڪري بيهار، متان اوچتو سٻڙ ڄام جو سڏ ٿئي !
ڏاتار”   ته   تون ،  ٻيا   مڙيئي   مڱڻا ،
مينهن  مندائتا  وسڻا ،  سدا وسين تون !
جي گھرِ اچين مون ، ته ميريائي مان لهان.
ڏيهن جو ڏاتار ته هڪڙو ئي تون آهين، ٻيا (جڳ جهان ۾) جيڪي به آهن، سي مڙيئي مڱڻا آهن . مينهن ته وسن ٿا (ڪڏهن ڪڏهن) مند اچڻ تي، تون ته سڀ ڄمار پنهنجيءَ رحمت وسائيندڙ آهين . جي مُحبت سان منهنجي گھر اچين ، ته آئون اگلي عيبدار ئي مانُ واريءَ ٿي پوان .
ڏڏ   وڏو   ڏڏ !   پاڻ   ڪوٺائي   “مڱڻو” ،
نه ڪنهن نيو پاڻ سين، نه ڪنهن ڪيو گڏ ،
سٻڙ   ڪري   سڏ  ،  ڏڏو  ڏوليءَ  چاڙهيو.
مڱڻهار ته موڳو، وڏو ڏڏ ۽ ڪُند ذهن آهي، پر اُن کي سخي سٻڙ ڄام پاڻهي ئي پاڻ وٽ گھُرايو آهي. نڪو هن کي ڪير پاڻ سان گڏ وٺي ويو ۽ نڪو ڪنهن پنهنجين ساٿين ۾ اُن کي شامل ڪيو. سُهڻي سخي سٻڙ ڄام پاڻهي ئي پاڻ ڏڏ کي سڏ ڪري ، ڏوليءَ تي چاڙهي، انعام اڪرام ڏيئي، ( مان شان سان ) روانو ڪيو .
شاھ جي رسالي جو سُر “پرڀاتي ” ، سُر“ بلاول ” جو ساٿي سُر آهي. جهڙيءَ ريت “يمن” ۽ “ڪلياڻ” ، “سامونڊري” ۽ “سريراڳ”  يا  “رامڪلي” ۽ “پُورب ” سُر آهن. سُر“پرڀاتي” ۾ ، هڪڙي داتا جي در تان گھُرڻ جي صلاح ڏنل آهي ۽ پُوريل درن تان پنڻ جي سخت منع ڪيل آهي . “ پُوريا در مَ پِنُ ، جن پِنيي پُورت نه ٿئي ، ڏيھ ۾ ڏاتر هيڪڙو ، نانءُ تنهين جو ڳنُ ، جو رين رساڻي دنُ ، ڏيئي ڏُرمائي ڪِينڪِين ” يا “ ڪُوڙا در دنيا جا ، جاجِڪ ! مڱين جي ” . اهڙيءَ ريت سُر“پرڀاتي” انساني روح کي تر و تازه ڪري، پنهنجي پُڄاڻيءَ تي پهچي ٿو ۽ اسان جي لاءِ، معنيٰ ۽ معرفت جا موتي مُهيا ڪري ٿو
 (روزاني مهراڻ 24 مئي 2018ع)