Tuesday 5 June 2018

قاضي قادن ؛ پهريون سنڌي شاعر




قاضي قاضن ) 1484ع 1551ع (
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سمن جي دور جو مشهور سنڌي شاعر ۽ بزرگ هستي، قاضي قاضن بن ابوسعيد بکري بن زين الدين بن ابوالخير قاضي، وقت جو وڏو عالم ۽ مصنف ٿي گذريو آهي. هڪ اندازي موجب سندس ولادت 3 شعبان 889هه مطابق 27 جولاءِ 1484ع تي ٿي آهي. سندس وڏا سيوستان (سيوهڻ) جا ويٺل هئا. سندس والد بااخلاق، خدا شناس، چست، حاضر جواب ۽ ناميارو شخص هو؛ جنهن پنهنجي نينگر کي ابتدا ۾ قرآن پاڪ ناظران سان گڏ حافظ قرآن ۽ خوش الحان قرات (تجديد) جو سبق ڏياريو. ازانسواءِ کيس تفسير، حدي، تصوف فقہ، اُصول، تعويذات (ابجد)، علمه آلات، علم رياض ۽ علم الانشاءَ جي به ڀليءَ ڀت ڄاڻ هئي. متقي، پرهيزگار ۽ خدا ترس به حد درجي جو هو.
قاضي صاحب، مرزا شاه حسن اَرغون (حڪومت 928هه 962هه) جي ڏينهن ۾ بکر جو قاضي مقرر ٿيو ۽ ويهه ورهيه اُت عهدي تي فائز رهي، 947هه (1540ع) ۾، ڏاڏي جي ڏنل ”فضاواري ڪرسي“ ڇڏيائين. ساڳئي سال، ٻنهي جهانن جي سردار، حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم جن جي زيارت نصيب ٿيس. غالباً 67 ورهين جي ڄمار ۾، 29 ربيع الثاني 958هه مطابق 11 آڪٽوبر 1551ع تي وفات ڪيائين. سندس خاص صحبتي: قاضي عبدالله بن ابراهيم رانٽيو ۽ شيخ عبدالله بن سعد درٻيلوي سڏبا هئا. سندس وڏو ڀاءُ قاضي عبدالغفار پڻ اعليٰ پايي جو عالم، فاضل ۽ ناليرو بزرگ ٿي گذريو آهي؛ ۽ ننڍو ڀاءُ قاضي نصرالله کانئس پوءِ بکر جو قاضي بڻيو هو.
قاضي قاضن، سنڌ ۾ سمن جون سرداريون؛ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو (حڪومت 864هه 914هه) ۽ ڄام فيروز (حڪومت 914هه 927هه) کان ارغونن جي حڪمرانن ۾: شاه بيگ ارغون (حڪومت 927ع 928ع)، شاهه حسن ارغون (حڪومت 928هه 962هه) تائين پئي سنڀريو. پاڻ سنڌي زبان ۾ شاعري به ڪئي اٿس، جن مان ست بيت، شاهه عبدالڪريم بلڙي رح (1538ع 1626ع) جي ملفوظات (”بيان العارفين“ عرف ”تنبيهه الغافلين“) ۾ درج ٿيل ملن ٿا، جيڪي ٽيڪنڪ جي لحاظ کان ”هندي ڇند وديا“ جي اُصولن موجب آهن، جن ۾ تصوف ۽ وحدت الوجود واري واٽ بابت سکيا ڏنل آهي. سندس ڪلام صنايع و بدايع سان مزين آهي؛ جنهن ۾ ”الاهياتي فلسفو“ ، رمز ۽ اشاري سان سمجهايو ويو آهي.
قاضي صاحب ڪتابي علم کي ”سڀڪجهه“ نه ٿو سمجهي، بلڪ انسان کي ”منڊي ماڪوڙي“ ۽ دنيا کي ”کوه“ سان تشبيهه ڏيندي زندگيءَ جو عڪس بيان ڪيو آهي. بيتن جي زبان فصيح هجڻ سان گڏ بليغ ۽ سلامت سان سمورن لوازمات سان همڪنار نظر اچي ٿي. نموني طور هڪ بيت هيٺ ملاحظه فرمايو:-
جوڳي جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾،
تهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري.“

(2) ڪن محققن ”قاذن“ يا ”قادن“ نالو به ڄاڻايو آهي، جيڪو منهنجي راءِ مطابق غلط آهي.
(3) بکر جو اصل نالو ”فرشته“ آهي؛ جنهن تي سيد محمد مڪيءَ جي بکره (باک ڦٽڻ) ۾ آمدت وقت مٿس ”بکر“ نالو پيو آهي. هتان جي رهاڪن کي ”بکري“ سڏبو آهي. ڪنهن زماني ۾ هن شهر کي وڏي اهميت حاصل هئي. قدامت جي لحاظ کان روهڙي ۽ سکر کان به جهونو آهي. نزاڪت ۽ صفائيءَ جي لحاظ کان ٺٽي کان پوءِ ”بکر“ جو ئي بيان ڪيو ويندو آهي. [”تحففته الڪرام“ (جلد 3، سنڌي ترجمو) مير عليشير ”قانع“، سنڌي ادبي بورڊ، 1857ع، صفحو 311]
(1) قاضي قاضن جا وڏا اصل ۾ اُچ شريف (ملتان) جا ويٺل هئا، جتان پوءِ سنڌ ۾ سيوهڻ شريف ۽ ٺٽي ۾ اچي آباد ٿيا هئا. سندن جد- امجد ابوالخير، بکر ۾ اچي مقيم ٿيو هو [”قاضي قادن جو ڪلام“ هيرو ٺڪر“ پوڄا پبلڪيشنس C-8/163B، لارينس روڊ، دهلي 110035؛ 1978ع، صفحو 53].
(1) تازو (1978ع ۾) هندستان جي هريانه ۾ روهتڪ لڳ رانيلا مان، پراڻي ديوناگري سنڌيءَ ۾ لکيل 112 بيت هٿ آيا آهن، جن کي اُتان جي نوجوان شاعر، هيرو ڄيٺانند لعل ٺڪر سهيڙي، سموهي، سينگاري ۽ مرتب ڪري، ”قاضي قادن جو ڪلام“ نالي سان ڪتابي صورت ۾ پڌرو ڪيو آهي؛ جنهن تي محققن جي ڇنڊ ڇاڻ ٿي رهي آهي.
)سنڌي شخصيتون بلاگ تان ورتل)

قاضي قاضن
نالو       قاضي قاضن ابن ابو سعيد بکر وارو
پي جو نالو:      ابوسعيد بکر وارو
پيدائش:            1463 بکر (موجوده سکر)
وفات: 1551 مدينو ,حجاز موجوده سعودي عرب

قاضي قاضن 463-1551)- اهو پهريون شاعر آهي، جنهن جو ڪلام تحريري طور پهرين شاھ ڪريم، جي ڪلام سان گڏ مليو ۽ پوء 1978 ع ۾ ڀارت مان هٿ آيو۔ قاضي قاضن جو ذڪر پهريان مير محمد معصوم (7 رمضان 944ھ 60 ذي 1014 ھ/ 7 فيبروري 1528ع _ 4 اپريل 1606ع) پنهنجي ڪتاب تاريخ سنڌ المعروف ب تاريخ معصومي, ۾ ڪيو۔ مير معصوم.جو زمانو قاضي قاضن کي ويجهو آهي قاضي قاضن جي وفات واري سال (1551ع)مير معصوم اندازا 34 سالن جو هو۔ هن تاريخ معصومي جي لکجڻ جو سال ڪٿي نن لکيو آهي، پر هڪ هنڌ (ص 124 فارسي)، مرزا شاھ بيگ هٿان بکر جي قلعي جي مرمت جو بيان ڪندي لکي ٿو هن وقت تائين - 1009 ھ ۾ اهو قلعو موجود آهي هن ۾ آڻ طآحڙ اهي ت وفاتکان 504 سال اڳ تاريخ معصومي قاضي قاضن جي باري ۾ مير معصومي لکي ٿو ت ؛ قاضي قاضن بن قاضي ابو سعيد زين الدين بکري، سندس وڏا ٺٽي ۽ سيوستان جي شهر ۾ رهندا ها۔ سندن ڏاڏو ابو الخير جو فضيلت جو صاحب هو، سو وڃي بکر ۾ سنڌ جي ٻين تاريخن ۽ ادبي تاريخن ۾ ب قاضي قاضن جو احوال آيو آهي ۔ پر قاضي قاضن جي سوانح ۽ ڪلام تي حقيقي تحقيق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪئي آهي۔
سوانح
قاضي قاضن جو خاندان هڪ علم وارو خاندان هو قاضي قاضن بکر ۾ ڄائو سندس ابتدائي تعليم ب بکر ۾ ٿي ۔ هو قرآن مجيد ، حديث ، تفسير ، فقه ، تصوف ۽ ٻين علمن جي زيورن سان سينگار جي اعليٰ  مرتبي تي پهتو ۔ ڊاڪٽر بلوچ ، قاضي قاضن جي اعليٰ بابت لکي ٿو : اعليٰ  تعليم سنڌ ۾ گهڻو ڪري سيوهڻ ۽ ٺٽي ۾ ۽ سنڌ کان ٻاهر گجرات جي شهر نهر والي (پٽن)، يا احمد آباد ۾ حاصل ڪئي هوندائين ۔ ان وقت سنڌ ۽ گجرات جي وچ ۾ سياسي ۽ ثقافتي ناتا هئا ۔ ۽ ٻنهي ملڪن جي تعليمي درسگاهن ۽ عالمن ۾ ويجهڙائي ھئي۔ جيڪا پوء گهڻي وقت تائين هلندي آئي ۔ تحصيل علم کان پوء قاضي قاضن زندگي جي حقيقي معاملن ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪيو ۔ هو سنڌ جي سما حاڪم ڄام نظام الدين جي دور ۾ ۽ ان کان پوء ڄام فيروز توڙي ارغون حاڪم ش حڪومتاھ بيگ ۽ شاھ حسنجي دور ۾ قاضي ۽ اعتماد وارو ماڻهو رهيو ۔ علم جي ڪري هن جو درجو ۽ اثر نظر اچي ٿو ۔ سما حڪومت جي خاتمي جي افراتفري ۾ سندس ڪٽمب ب تڪليف هيٺ آيو ، فهم و فراست سان انهن کي آزاد ڪرايائين ۽ شاھ بيگ مرزا کي فرلٽ ۽ زيادتي بند ڪرڻ لاء آماده ڪيائين، قاضي قاضن عالم فاضل ۽ صوفي هو ۔ هو سيد ميران محمد مهدي جو مريد مهدي جو سنڌ ۾ اچڻ مهدوي تحريڪ لاء فائدي وارو ثابت ٿيو ڪيترا هن دائري ۾ شامل ٿيا۔

"قاضي قاضن ولد قاضي محمد قاسم سيوستان جي مشهور بزرگن ۽ عالمن فاضلن مان آهي. هو مشهور قاضي ابوالخير واري جي اولاد مان هو. قاضي قاضن وڏو حافظ، قاري ۽ عالم هو. فقهه، حديث، تفسير ۽ تصوّف ۽ انشا جي علمن ۾ خوب ماهر هو ۽ حاجي به هو ۽ گھڻو سير سفر ڪيو هئائين ۽ نيٺ سيد محمد مهدي جونپوريءَ جو مريد ٿيو، تنهنڪري ظاهري شريعت وارن عالمن جي مٿس ٽوڪ رهندي هئي. مرزا شاهه حسن جي راڄ ۾ موروئي حق موجب هو بکر جو قاضي ٿيو. پيريءَ جي ڪري قضا جو ڪم پنهنجي ڀاءُ قاضي نصر﷢ جي حوالي ڪري پاڻ گوشه نشين ٿيو ۽ سنه 958 هه ۾ وفات ڪيائين. قاضي قاضن جو سنڌي شعر به آهي. سندس پوٽي محمد بن يعقوب گھڻو وقت دهليءَ ۾ گذاريو. چڱو شاعر ۽ خوشنويس هو. سندس ديوان موجود آهي. قاضي قاضن جي وڏي پٽ عبدالغفار کي ته ” اسدالعلماء“ جو لقب هو ۽ انهيءَ جو پٽ قاضي محمد ظهير پهرين ٺٽي جو، پوءَ لاهور جو قاضي ٿيو ۽ اُتي وفات ڪيائين. گھڻن ڪتابن جون حاشيون لکيائين."[1]
شاعري
قاضي قاضن جي سوانح جا ڪي اڃا ب روشن ٿي ن سگهيا آهن ۔ انهن ۾ هڪ سندس شعر جي دستيابي جو آهي پهرين پهرين شاھ ڪريم (1538_1623ع) ، قاضي قاضن جا ست بيت مريدن ۽ معتقدن جي اڳيان پڙهيا ، هي بيت شاھ ڪريم جي رسالي ۾ قاضي قاضن جي نالي سان محفوظ رهيا ، اهي هي آهن ۔

1۔جوڳي جاڳايوس ، ستو هوس ننڍ ۾
تهان پوء ٿيوس ، سندي پريان پيچري

2۔ سيئي سيل ٿيام ، پڙهيام جي پاڻ لئھ
اکر اڳيان اڀري ، واڳون ٿي وريام،

3۔ ڪنز قدوري قافيھ ، ڪو ڪو ن پڙهيوم
سو پار ئي ٻيو ، جئان پرين لڌوم

4 لو ڪان نهو صرف ، مون مطالع سپرين
سو ئي پڙهيوسو پڙهان ، سو ئي سو حرف

5 سڄڻ منجھ هئام ، مون ويٺي واء ٿيا
هيڏان هوڏانهن هٿڙ اا، هئين جار وڌام

6 سائر ڏي لت ، اونچي نيچي ٻوڙيئي
هيڪائي هيڪ ٿيو، ويئي سڀ جهت

7. لا لاهيندي ڪن کي ، لا مورهين نانھ
بلا ري پريان، ڪٿ ن ڏسي ڪو ٻيو۔

پهرين بيت ۾ هڪ واقعي ڏي ادبي تاريخن ۾ اشاريو ڪيو ويو آهي ت ڪو ماڻھو قاضي قاضن جي مسجد ۾ پير محراب ڏانهن ڪري ستل هو اطلاع ملڻ تي قاضي قاضن درو کڻي آيو ۽ پيرن وٽ هڻڻ لاء الاريائين ت ات مٿو نظر آيو اهڙي طرح ٻھ ڀيرا ائين ڪيائين پر ڪامياب ن ٿيو ۔ ان تي ان شخص کيس چيو ت پير جيڏانهن کپي اوڏانهن ڪر ي پر دل حقيقي محبوب ڏي ڪر اهو ٻڌي قاضي صاحب درو کڻي اڇليو ۽ اهو بيت چيائين ۔ خانبهادر ميمڻ ادبي تاريخ ۾ جوڳي لفظ ڪم آڻڻ کي مسلمان جي بي تعصبي جو مظهرو ڄڻو آھي ، اها ڪا وڏي ڳالھ ن آهي هنن ستن بيتن مان قاضي قاضن جي ڪلام کي پارکن صوفيان ڪلام ۾ ابتدائي ڪلام ڪري ڄاتو آهي۔ جنهن ۾ حقيقي محبوب جي جلوي پسڻ لاء پاڻ وسارڻ جي تلقين ڪيل آهي ۽ اهو ب ڏزيو ويو آهي ت صرف و نحو ڪوڙئين ڪتابن مان محبوب هٿ ڪو ن ايندو اوهو ڪو ٻيو رستو آهي جيڪو اختيار ڪرڻ سان الله سان واصل ٿيو۔ ڪيترو وقت انهن ئي ستن بيتن کي قاضي قاضن جو ڪلام پئي ڄاتو ويو ۽ هڪ طرح کيس صوفي شاعر ڄاتو ويو ۽ ٻي طرف اڪثر سندس سياسي ڪردار تي قوم پرستن حلقن اعتراض ب پئي ڪيا۔ تان جو 1978 ع ۾ دهلي مان هيري ٺڪر جو ڪتاب ٗ ٗ قاضي قاضن جو ڪلامٗ ٗ  شايع ٿيو۔ هن ۾ 112 بيت قاضي قاضن جا درج ڪيا ويا آهن۔ هن ڪتاب تي جلد ئي پاڪستان ۾ تبصرا ڪيا ويا، جن ۾ ٽي اهم تفصيلي تبصرا ڊاڪٽر بلوچ ، ڊاڪٽر سنديلي ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسي جا هئا۔ جيڪي سماهي مهراڻ جي شماره نمبر ، 1978/4, 1979/1, 1979/2 , 1979/4 ۾ شايع ٿيا هنن اسڪالرن بيتن ۽ پڙهئين توڙي معنائن تي پنهنجا رايا پيش ڪيا ڊاڪٽر بلوچ پوء ب هن ڪلام جو مطالعو جاري رکيو ، ۽ تحقيق جا لوازما ادا ڪندي 1999 ع ۾ قاضي قاضن جو رسالو شايع ڪيو ۔ هن ۾ ن رڳو هيري ٺڪر جي هريانا صوبي جي راڻيلا مٺ (مندر) وارو مليل ڪلام اڳيان رکيائين پر وڌيڪ تحقيق ڪندي ٻيا ب دستخط نسخا ۽ ذريعا استعمال ڪيائين
(وڪيپيڊيا)

قاضي قادن جي ڪلام جون نمايان خصوصيتون
ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ ”ٽه ماهي مهراڻ“ جي 1977ع جي پرچي نمبر 1 ۽ ٻه ۾ لکي ٿو ته ”سنڌي شاعري جي شروعات ڪيتري به پراڻي هجي پر اُن تي مفيد مواد سورهين صدي عيسوي کان پوءِ ئي دستياب ٿي سگهيو آهي. اُهو ئي سبب آهي جو انهي دور جي شاعرن کي سنڌي شاعري جو بانيڪار (Pioneer) سڏيو وڃي ٿو. انهن بانيڪار شاعرن ۾ قاضي قادن، مخدوم نوح، شاهه ڪريم بلڙي وارو وڏي اهميت رکن ٿا. ”سنڌي بانيڪار شاعرن جو اڳواڻ قاضي قادن آهي.“
قاضي قادن جي شاعري سنڌ جي بنيادي شاعري آهي، جنهن تي مسلسل ڪم ڪري، پوين اساسي سنڌي شاعرن پالي، نپائي، سگهارو بنائي، خوب عروج تي پهچايو. قاضي قادن جي شاعري ۾ دوهي کان وٺي بيت تائين جي مرحلن جي جهلڪ نظر اچي ٿي.
قاضي قادن هڪ وڏو شاعر، تخليقي صلاحيتن جو مالڪ ۽ برک تجربيڪار فنڪار هو. هن دوهي جي سخت پابندين کي دور ڪري دوها سورٽا چند جوڙي سنڌي بيت کي اُسرڻ ۽ ترقي ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو. سنڌي بيت جي شاعري جو هوءِ بانيڪار ۽ پايو وجهندڙ آهي.
قاضي قادن سنڌ جي ريتن رسمن، ادبي روايتن جهڙوڪ اصطلاح، محاورا، تشبيهون، تمثيلون، تجنيس حرفي وغيره کي پنهنجي ڪلام ۾ شامل ڪري سنڌي اساسي شاعري جي بنياد رکڻ ۾ مدد ڪئي. هن سنڌي قصن ۽ داستانن کي پنهنجي ڪلام ۾ شامل ڪيو. هن هنجهه ۽ ٻاٻيهي جهڙن پکين جا گيت ڳاتا. هن پنهنجي ڪلام ۾ مختلف موضوع جهڙوڪ واڍوڙيل ۽ ويج، سورهيه ۽ رُڪ رهندي راند، ترهو ۽ تار، ٻيڙ ۽ سمنڊ سونهان ۽ معلم، بٺ ۽ باهه، لڱو مڱڻو، سخا، سسئي جو پنهونءَ لاءِ پنڌ، ليلا جي چنيسر کي منت، گهاتو ڀائرن کي سندس پيءَ جي نصيحت انهن مڙني جي تمثيلن ۽ تلميحن کي بيتن ۾ ڪم آندو ۽ اهڙن اهڃاڻن لاءِ موزون الفاظ ۽ اصطلاح استعمال ڪيا. اُهي موزون اصلاح سنڌي اساسي شاعريءَ جا مکيه موضوع بنيا.
قاضي قادن پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن جو جهجهو ڪلام هٿ آيو آهي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌي ماخذن ۽ دادو ديال جي روايتن کي گڏ ڪري، هن جي 135 بيتن کي پنهنجي مرتب ڪيل ڪتاب ”قاضي قادن جو رسالو“ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
قاضي قادن پهريون سنڌي شاعر آهي، جيڪو سنڌ ۽ هنڌ ۾ مشهور آهي. هن جو ڪلام سنڌي ماخذن ۽ هنڌ ۾ جمع ڪيل گرنٿن مان ملڻ اِهو ثابت ڪري ٿو ته قاضي قادن هڪ عالم، بزرگ ۽ شاعر جي حيثيت ۾ نه صرف سنڌ ۾ پر هنڌ جي ڪن علائقن ۾ ڏاڍو نامر شاعر ۽ فنڪار ٿي گذريو آهي.
قاضي قادن پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن پنهنجي ڪلام ۾ ”جوڳي“ جي لفظ کي ڪم آندو آهي. اُن کان پوءِ جي شاعرن جهڙوڪ شاهه عنات رضوي، شاهه لطيف ۽ ٻين شاعري ۾ جوڳي جي لفظ کي استعمال ڪري ڪيترائي رنگ رچايا آهن ۽ منڊ مچايا آهن. جيڪڏهن اسين قاضي قادن کي سنڌي شاعريءَ ۾ اهڃاڻڪاريءَ جو باني چئون ته اِهو نامناسب نه ٿيندو.

قاضي قادن جي شاعري
محمد صديق ميمڻ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي ادبي تاريخ ڀاڱو پهريون ۾ لکي ٿو ته سنڌ جو بنيادي تحريري شعر قاضي قاضن کان شروع ٿئي ٿو. هو ڪڏهن ڪڏهن بيت به چوندو هو. انهن بيتن مان رڳو 7 بيت شاهه ڪريم جي رسالي ۾ موجود آهن جي شاهه ڪريم بلڙي وارو پنهنجي مجلسن ۾ مريدن کي ٻڌائيندو هو. اُهي ست سنڌي بيت شاهه ڪريم، شاهه عبداللطيف ۽ ساميءَ جي شعر جا بنيادي پٿر آهن.“
قاضي قادن پنهنجي شاعري جو آغاز دوهن ذريعي ڪيو. هن ڪيترائي ارتقائي مرحلا طئي ڪري بيت جي صنف جوڙي سنڌي شاعري ۾ هڪ وڏو انقلاب برپا ڪيو. هن کان پوءِ وارن شاعرن جهڙوڪ شاهه ڪريم، شاهه لطف الله قادري، شاهه عنات رضوي ۽ شاهه لطيف بيت کي خوب ترقي ڏيئي بيت کي سنڌي شاعري جي نمائنده صنف بنائي ڇڏيو.
قاضي قادن پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن دوها، سورٺا، دوها سورٺا ميل ۽ بيت جوڙيا ۽ سنڌي شاعري کي عوام ۾ مقبول بنايو.

(1) دوهو:
دوهي ۾ ٻه مصراعون ٿينديون آهن ۽ قافيو ٻنهي مصراعن جي پٺيان ايندو آهي. دوهي جي هر هڪ مصرع جا ٻه ڀاڱا ٿيندا آهن. پهرين اڌ ۾ 13 ماترائون ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ 11 ماترائون هونديون آهن. دوهي ۾ ڪل 48 ماترائون هونديون آهن.
ڪاغذ ڪاري اکرين مُتا مون سيڻين،
گهورين گهڻين وڃايا، اُن مندين نيڻين.

(2) سورٺو:
سورٺو وري دوهي جي اُلٽ هوندو آهي، هر هڪ مصرع جي پهرين حصي ۾ 11 ۽ ٻئي حصي ۾ 13 ماترائون هونديون آهن. قافيو ٻنهي مصرائن جي وچ ۾ ايندو آهي.
سر هيڪڙي وسن، جر ۾ نينهن نه گڏيو،
سار نه سالُورن، مٿي ڪنوَل ڦلاريا.“

(3) دوها سورٺا ميل:
دوها، سورٺا ميل ۾ به ٻه مصراعون هونديون آهن پهرين مصرع سورٺي جي مصرع هوندي آهي. جنهن ۾ پهرين اڌ ۾ 11 ماترائون ۽ ٻئي اڌ ۾ 13 ماترائون هونديون آهن. قافيو پهرين اڌ جي پٺيان ايندو آهي. ٻئي مصرع وري دوهي جي مصرع جهڙي هوندي آهي، جنهن جي پهرين اڌ ۾ 13 ۽ ٻئي اڌ ۾ 11 ماترائون هونديون آهن. قافيو مصرع جي ٻئي اڌ پٺيان ايندو آهي.
”ڪُن ڪُلاچيءَ پار سڏ نه سُڄي ساٽئين،
گهاتوئين سندا مَڪُرا ڪنهن ٻئي پار نهار.“

(4) بيت:
بيت ۾ ٻه يا ٻن کان مٿي مصراعون هونديون آهن پهرين مصرع ۾ قافيو ڪڏهن مصرع جي پهرين اڌ پُٺيان يا وري مصرع جي ٻئي اڌ پٺيان ايندو آهي. ٻئي مصرع جو قافيو وچ ۾ ايندو آهي.
”رب سڃاڻن سُٿرو، پاڻ سُڃاڻن ڏکُ،
تان تان ڪج مَ سُک، جان جان پسين نه پاڻ کي.“
قاضي قادن پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن اڻٿڪ محنت ڪري، دوهي کي قافين جي پابندين کان آجو ڪري دوهي جي صنف ۾ وسعت پيدا ڪئي ۽ سنڌي شاعري ۾ تبديليون آڻي بيت جي صنف کي اُسرڻ ۽ ترقي ڪرڻ جو موقعو ڏنو.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌ جي روايت وارن ماخذن جهڙوڪ تذڪره قطبيھ، گُلزار ابرار، بيان العارفين، شاهه جو رسالو، حڪايات الصالحين، ملفوظات خزانھ المعرفت ۽ دادو ديال جي ماخذن جئپور گرنت 6، سنتون ڪي واڻي ۽ ورهد سَڪل ويدانت وچار سار مت جو باريڪي سان مطالعو ڪري قاضي قادن جو رسالو مرتب ڪيو آهي.
قاضي قادن جي ڪلام کي رسالو سڏڻ مناسب نٿو لڳي. هن وقت تائين رسالي جو تصور به نه اُڀريو هو. سنڌي شاعري ۾ رسالو جوڙڻ وارو پهريون شاعر ميون شاهه عنات رضوي آهي. قاضي قادن جي رسالي ۾ 135 بيت آهن. اُنهن مان 1 بيت هڪ مصرع وارو، 1 بيت ٽن مصراعن وارو ۽ 1 بيت چئن مصراعن وارو آهي. باقي بچيل 132 دوها سورٺا ميل ۽ 8 بيت آهن.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ورهد سڪل ويدانت ويچار سارمت ۾ ڏنل ”ڪاجي ڪاجن جي ڪي ساکي“ وانگي قاضي قادن جي ڪلام کي جُدا جُدا عنوانن ۾ ورهائي وڏي آساني پيدا ڪئي آهي.

قاضي قادن جي شاعري جا رنگ ۽ روايتون
موجوده ڄاڻ مطابق سنڌي شاعري جي شروعات ڳاهه، دوهي، يا ڪنهن ٻئي ديسي صنف ذريعي ٿي. ”دودو چنيسر“ سنڌي شاعري جي آڳاٽي وير ڪٿا (Epic) چيو وڃي ٿو. هن وير ڪٿا ۾ ڏنل واقعا تاريخي طور تي سگهارا نٿا لڳن، هن ڪهاڻي ۾ دوهن سان گڏ ٽن چئن سٽن وارا ڪافي بيت به آهن جيڪي پڙهندڙن کي منجهائن ٿا.

قديم سنڌي شاعري جا موضوع
آڳاٽي سنڌي شاعري ٽڙيل پکڙيل آهي. اُها زباني روايتن مان ڳولي ڪڍي ويئي آهي. اُها شاعري دعائيه فقرن، تعريفي جملن، جنگي نعرن، واقعاتي بيتن، ڳاهن، روحاني اشارن، رومانوي رازن، اڳڪٿين، تعليمي نڪتن وغيره تي مشتمل آهي. اچو ته چند قديم سنڌي شاعرن کي پڙهون ۽ سنڌي شاعري جو حال معلوم ڪريون.
(1) سومرن جي دور جو مشهور شاعر حسن الدين جيڪو ”پير پٺي“ جي نالي سان مشهور ٿيو هن جي باري ۾ هي چُوڻي مشهور هئي:
”بابرڪت، پير پٺو، هڪ مُئو، ٻيو ڏٺُ.“
(2) شيخ جيو ٺٽي جو هڪ بزرگ هو جنهن پنهنجي مرشد کي بچائڻ لاءِ پاڻ کي گهوري ڇڏيو. هڪ تعريفي نعري ۾ هن جو ذڪر ائين آيل آهي:
”تبيخ جيو مڪلي جو ڏيئو.“

(3) مخدوم احمد ڀٽي هڪ وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي. هو نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) ۾ هڪ سماع جي محفل ۾ ويٺو هو ته هڪ سوناري ڇوڪري هي سنڌي بيت پڙهيو، جو ٻڌڻ سان مخدوم وصال ڪري ويو.
”سڏڙو سڻي پرينءَ جو، وانگي جي نه ورن،
ڪوڙي دعويٰ دوست جي، ڪڄاڙي کي ڪن.“
روحاني رشتي ۾ ڄڻ سر جو سودو طئي ٿي ويو.
(4) سنه 1372ع ۾ ڄام جوڻي سردار ڄام تماچي ۽ سندس فرزند کي دهلي ڏانهن قيد ڪرائي موڪليو. اها خبر جڏهن سندس مرشد شيخ حماد کي پيئي تڏهن ڄام جوڻي کي پاراتو هي سنڌي ڳاهه ڏنائون.
”جوڻو مت اوڻو، ڄام تماچي راءِ،
سٻاجهي ٻاجهه پيئي، توسين ٽٺو راءِ.“
(5) جڏهن ڄام تماچي ۽ سندس پٽ آزاد ٿي موٽي ريها هئا ته واٽ تي درويش نوح هوٿياڻيءَ سان مليا. هن دُعا ڪئي هي نعرو هنيو:
”جوڻو وڃي جهوري ماريو،
ڄام تماچي شهرين چاڙهيو.“
(6) هي رومانوي خيالن وارو بيت اسحاق آهنگر جو آهي.
”ٿيان مان جرڪ، وهان سڄن جي سپ تي،
مان ڪرين ڍرڪ، ٻولي ٻاجهاري سين.“
ڇا سِڪ، ڇا نماڻي ۽ ڇا نوڙتا آهي.
(7) ماموئي فقيرن جا چيل بيت منجهائيندڙ آهن. انهن بيتن مان ڪي بيت، ڪي سورٺا ۽ ڪي دوها آهن. هڪ ٽه سٽو به آهي. هي بيت پيشنگوئي جي صورت ۾ آهن. هي هڪ پيشنگوئي وارو بيت آهي:
”هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اوڙ،
بهه، مڇي ۽ لوڙهه، سمي ويندي سوکڙي.“
قاضي قادن کان اڳ واري سنڌي شاعري ٽڙيل پکڙيل هئي، ٿوري هئي، اڻپوري هئي. اُها فني لوازمن کان وانجهيل هئي. اُن ۾ ربط، ترتيب، تسلسل، فڪر، مقصد وغيره جي کوٽ هئي.

قاضي قادن جون خدمتون
قاضي قادن آڳاٽي شاعري جي خامين کي سامهون رکي شاعري ڪئي. هن سنڌي شاعري کي غير سنجيده حالتن مان ڪڍي سنجيده ماحول طرف آندو. هن شاعري کي درٻاري ۽ نيم تاريخي واقعن جي ڌٻڻ مان ڪڍي ٻاهر ڪيو. هن سنڌي شاعري کي جيارڻ، ڀٽن، ڀانن جي قصه گوئي ۽ وندر ورونهه، انعام اڪرام ۽ خوشامند جي لاءِ ڪيل غير معياري شاعري کان آجو ڪرائي، اُن کي ادبي درجو ڏيارڻ جي جاکوڙ ڪئي. هن فڪر کي ريتن، رسمن ۽ حالتن جي اجاين ورن وڪڙن مان آجو ڪرائي، اُن کي آزاد فضا طرف متوجهه ڪيو.
(1) قاضي قادن پنهنجي ڪلام ۾ سسئي پنهون، سهڻي ميهار، مومل راڻو ۽ ليلان چنيسر واري ڪهاڻين جا حوالا ڏنا ۽ انهن کي تمثيلن طور ڪم آندو. هن جون تشبيهون معنيٰ جا موتي آهن، جيڪي مقامي ماحول ۽ آس پاس جي پس منظر مان کنيل آهن. تلاءُ، هنجهه، پکين ۽ ڪنول گل واريون تشبيهون، ٻاٻيهي جو تڙڦي ڦرڻ، ٻيڙين تارڻ واريون تشبيهون توڙي ويڄن ۽ واڍوڙن واريون تشبيهون، اهي سڀ اسان جي ڌرتي ۽ زندگي مان ورتل آهن.
(2) قاضي قادن پنهنجي ڪلام ۾ جوڳين، ڪاپڙين آديسين جو ذڪر ڪري آئنده جي شاعرن لاءِ هڪ نئين روايت قائم ڪئي. جنهن تي هلي انهن ڪمال ڪارناما ڪري ڏيکاريا آهن.
(3) قاضي قادن جي ڪلام ۾ ”وراڻ“ يا ”تڪرار“ واري فني سٽاءَ نظر اچي ٿي جيڪا سنڌي شاعري جي سونهن ۽ شناخت آهي.
(4) قاضي قادن جي ڪلام ۾ ٻن مصراعن کان مٿي مصراعن وارا ڪجهه شعر ملن ٿا. هن جي ڪلام ۾ ٻن ٽن سٽن وارا ۽ چئن سٽن وارو شعر به موجود آهي.
(5) قاضي قادن سنڌ جي عوامي ڳالهين ۽ داستانن جي روايت کي عارفانه فڪر جي عنوانن سان ملائي ڇڏيو. قاضي قادن عام قصن ۾ ۽ زندگي جي عام مشغلن جي قالب ۾ اعليٰ فڪر ۽ معنيٰ جا ماڻ ڀري، خاصن جي خاص فڪر کي عوام جي عام ذوق سان ملائي سنڌي شاعري ۾ هڪ نئين روايت کي پڪو پختو بنائي، سنڌي شاعري ۾ هڪ نئون لاڙو پيدا ڪيو.
(6) قاضي قادن سنڌ جي ترجماني ڪندڙ موضوعن جهڙوڪ واڍوڙا ۽ ويڄ، سورهيه ۽ رڪ رهندي راند، ترهو ۽ تار، ٻيڙا ۽ سمنڊ، سونهان ۽ معلم، سخي جي سخا وغيره جي تمثيلن ۽ تلميحن کي پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آندو ۽ ان کي نفاست، لطاف، اعليٰ اخلاقيت، فراخدلي ۽ شفتگي سان بيان ڪري سنڌ ۾ اساسي (ڪلاسيڪي) شاعري جو بنياد وڌو. انهي لحاظ کان پروفيسر رام پنجواڻي قاضي قادن کي سنڌي اساسي شاعري جو ”بابو“ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هن کي سنڌي اساسي شاعري جو ”ابو“ سڏي ٿو.

قاضي قادن جي شاعري جو مضمون
تصوف يا رب پاڪ جي رازن ۽ رمزن جو انسان ۽ انساني زندگيءَ تي معنيٰ خيز اثر جهڙا نڪتا قاضي قادن جي ڪلام جو مضمون آهن. قاضي قادن هڪ وڏو صوفي ۽ باڪمال شاعر هو. هن تصوف جي فلسفي کي صوفيانه بزرگي ۽ تخليقي صلاحيتن جي ذريعي ڪمال ڪاريگري سان پيش ڪري وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي.

تصوف
”قاضي قادن جو ڪلام“ جي مولف هيري ٺڪر جي ان راءِ ۾ وزن نظر اچي ٿو ته ”قاضي قادن جي شاعري تصوف ۽ ويدانت جي شاعري آهي.“ قاضي قادن جي شاعري تي تصوف جو چٽو ۽ گهرو اثر نظر اچي ٿو ڇاڪاڻ ته هو سنڌ ديش جو رهاڪو هو جنهن ننڍي کنڊ جي لاءِ تصوف جو دروازو کوليو هو.
تصوف يا صوفي مت موجب خدا ڪا دور جي شيءِ ناهي. صوفي خدا سان هڪ شخصي گهرائي جو تجربو ڪن ٿا. صوفين جو مقصد آهي ڪائنات جي خالق کي سڃاڻڻ ۽ انهي جي زير اثر پاڻ کي سڃاڻڻ جو آخرڪار ذريعو بنجي وڃي ٿو. قاضي قادن جي ڪلام ۾ سڄو زور پاڻ سڃاڻڻ تي آهي.

”ليهان لک ڪيام، پسڻ کي پاڻان پرين،
سوجهي سيڻ لڌام، من منجهين ئي سُپرين.“
*-*-*
”پهرين پاڻي پرک، پرين پرکڻ سوکڙا،
در پي سوئي رک، جتان ڏکائون لهين.“
قاضي قادن ”وحدت الوجود“ واري نظريئي جو قائل هو وحدت الوجود جو مطلب آهي ”هم اوست“ يا سڀ ڪجهه اُهو ئي آهي. قاضي قادن جي ڪلام ۾ اِهو خيال ڇانيو پيو آهي.
”پاني وانگي رنگ ۾، پاڻو واڻ رتاس،
رگيندڙ آ پاڻ ڌڻي، سڀي رنگ سنداس.“
انهيءَ خيال کان متاثر ٿي شاهه لطيف هي بيت لکيو:
”پاڻ ئي پسي پاڻ کي، پاڻ ئي محبوب،
پاڻ ئي خلقي خوب، پاڻ ئي طالب تن جو.

ويدانت
قاضي قادن جي شعر تي ٻيو چٽو اثر آهي ويدانت جو. ويدانتي فلسفي جو نچوڙ آهي ته برهم، تت يا سڄي ڪائنات جو وجود هڪ ئي آهي، ٻيو جو ڪجهه آهي سو مايا يا طلسم آهي. مخلوق اگيان جي ڀولي ۾ ڀلجي هن ناپائدار سنسار کي سچ سمجهي ويٺو آهي. اصل چيز برهم يا خالق کي وساري ويٺو آهي. قاضي قادن ويدانت جي ان فلسفي کي هن نموني ۾ بيان ڪيو آهي:
”پرين وساري رت روئن، ڪٻڌي ري ڪارڻ،
ڪنچن راس رچاءِ ڪي ٻُڪئين ڊور وجهن.“
هن خيال کي قاضي قادن ڪمل ۽ ڏيڏير واري تمثيل ذريعي هن طرح بيان ڪيو آهي. سنسار روپي تلاءِ ۾ انسان روپي ڏيڏر جنهن کي اها خبر ئي ناهي سو تلاءَ جي تري ۾ ليڙيون پائي مٽي ويٺو کائي.

”جي سالورو سُڌ لهي، ڪملان سندي ڪاءِ،
ته پيو پاتال ۾، هوند نه مٽي کاءِ.“
تصوف ۽ ويدانت قاضي قادن جي ڪلام ۾ تاڃي پيٽي جيان لڳا پيا آهن.

سنڌ جون حالتون
قاضي قادن سنڌ جو هوشمند ۽ جرتمند ترجمان هو. هن سنڌ، سنڌ جي ماڻهن ۽ انهن جي خيالن، سوچ، ثقافت، ادب ۽ ترقي لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي. هن سنڌ جي ماڻهن جي ترجماني ڪندڙ موضوعن کي پنهنجي شاعري ۾ ڳايو ۽ خوب ناموس پاتي. هن سنڌ جي سورهين ۽ اُنهن جي رڪ وهندي راند، سُونهن ۽ معلمن، ٻيڙين ۽ سمنڊ، ترهن ۽ تارُن، سنجيد جي سخا لوڪ قصن لوڪ داستانن ۽ تلميحن طور استعمال ڪري نه صرف سنڌ کي ساراهيو پر پنهنجي فڪر کي فروغ به ڏنو سنڌ ۽ سنڌين جي شان ۽ شوڪت، جوش ۽ جرئت، همت ۽ جاکوڙ، سورهيائي ۽ خوداعتمادي، ماڻهن جي آدرشن ۽ اُنهن جي طلب قاضي قادن جي ڪلام جا اهم مضمون آهن. هن جي ڪردار ۾ ڀل ڪي اوڻايون هجن پر هو جرتمند آهي، سورهيه آهي ۽ خود اعتمادي هن جي ڪردار جو وڏو گڻ آهي.
”رڪ رهندي سامهون، سروهيه سي جاون.“

قاضي قادن جي شاعري جو اثر
ادب جي تاريخ جي مصنف محمد صديق ميمڻ جي اِها راءِ وزندار آهي ته قاضي قادن جا ست بيت شاهه ڪريم شاهه عبداللطيف ۽ سامي جي شعر جا بنيادي پٿر آهن. سنڌ جا سڀيئي اساسي شاعر قاضي قادن جي ڪلام کان ڏاڍو متاثر ٿيا ۽ هن جي ڪلام جي اثر هيٺ وڏا شاعري ڪارناما سرانجام ڏيئي سنڌي شاعري جي خوب خدمت ڪئي.

شاهه ڪريم تي اثر
شاهه ڪريم جي ڪلام تي قاضي قادن جو گهرو اثر نظر اچي ٿو. شاهه ڪريم قاضي قادن جي ڪلام کان ايڏو متاثر ٿيو جو هو سندس بيتن کي ياد ڪري پنهنجي سماع جي مجلسن ۾ مريدن کي ٻڌائيندو هو. اُنهن بيتن مان ست بيت محفوظ رهجي ويا جيڪي بياض العارفين ۾ درج ٿي مقبول ٿيا. قاضي قادن جي بيتن جي مضمون ۽ معنيٰ کان متاثر ٿي شاهه ڪريم پاڻ پنهنجا بيت چيا. شاهه ڪريم جي بيتن تي قاضي قادن جي ڪلام جو اثر هن مثال مان ظاهر ٿئي ٿو.

قاضي قادن جو بيت:
”پهرين پاڻ وڃاءِ، پاڻ وڃائي پاڻ وڃائي سو لهي،
من اندر مهه پاءِ، توئي اندر سپرين.“

شاهه ڪريم جو بيت:
”پيرين پاڻ وڃاءِ، پاڻ وڃائي هو لھ،
تهان ڌار نه سپرين، مھ منجهئين پاءِ،.“

شاهه لطيف تي اثر
شاهه لطيف جي شاعري تي قاضي قادن جي ڪلام جا واضح اثر ڏسي سگهجن ٿا، شاهه جي رسالي ۾ قاضي قادن جا ڪافي بيت شامل آهن پر شاهه لطيف جا پنهنجا به گهڻائي بيت آهن جن ۾ قاضي قادن جي بيتن ۾ سمايل فڪر ۽ معنيٰ جي جهلڪ نظر اچي ٿي.

قاضي قادن جو بيت:
”الف ٻيا وسار، الف اڳهون ئي ياد ڪر،
سو تون ڏيئو ٻار، سو نه اجهاميه ڪڏهن.“

شاهه لطيف جو بيت:
اکر پڙهه الف جو، ٻيا ورق سڀ وسار،
اندر تون اُجار، پنا پڙهندين ڪيترا.“

قاضي قادن جو بيت:
”لائي لام الف سان، ڪاتب لکن جيئن،
مون هينئڙو پريان سين لڳو آهي تيئن.“

شاهه لطيف جو بيت:
”ڪاتب لکين جيئن، لائي لام الف سان،
اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهي روح ۾.“

شاهه لطيف قاضي قادن جي ڪن عنوانن ۽ مضمونن کي پنهنجي رسالي جي سُرن جا عنوان بنايا. قاضي قادن جي بيتن جي ڪن سٽن کي پنهنجي سٽن ۾ آندو ۽ انهن ۾ سمايل معنيٰ ۽ مفهوم کي وڌيڪ چٽو ڪيو ۽ قادن جي فڪر جي ڪن رُخن کي چٽو ڪيو. مثلاً قاضي قادن اِهو اشارو ڏنو.
”جيئن ڦڦڙ ماهه ۾ ائين روزا عيد نماز.“
شاهه لطيف انهي بيت ۾ سمايل معنيٰ کي وڌيڪ کولي اُن کي وڏي منزل تي پهچايو.
”روضـــا ۽ نـــمــازون، اي پـــڻ چـــڱــو ڪم،
اوڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرين کي.“
قاضي قادن جي ڪلام جو اثر شاهه لطف الله قادري ۽ ميين شاهه عنات رضوي جي ڪلام ۾ به صاف صاف ڏ سڄي ٿو ڪيترن ئي سنڌي شاعرن جي فڪر، محاوري ۽ عبارت تي به هن جو زوردار اثر چٽائي سان نظر اچي ٿو.

قاضي قادن جو سنڌ کان ٻاهر اثر
قاضي قادن جي ڪلام جو اثر سنڌ جي صوفين، سالڪن ۽ اساسي شاعرن تي خوب پيو. سنڌ کان ٻاهر وارن سنتن ۽ ساڌن کي پڻ هن جي شاعري ۽ فڪر ڏاڍو متاثر ڪيو. سيوهڻ ۽ پاٽ جا قابل ۽ ڪشادهه دل ۽ ڪشادهه دماغ وارا عالم سنڌ مان لڏي هندستان ويا. اُتي ڪيترائي سنت ۽ ساڌو قاضي قادن جي ڪلام ۽ عارفانه فڪر کان متاثر ٿيا. هنن قاضي قادن جي بيتن جي ذخيري کي سانڍيو ۽ برهانپور تائين پهچايو. سنڌ اندر قاضي قادن جا بيت هر هنڌ مشهور ٿيا ڇاڪاڻ ته قاضي قادن نه رڳو وڏي حال ۽ قال وارو مفڪر هو پر هڪ وڏو عالم ۽ ناميارو شاعر به هو. عالمن جي محفلن ۾ درسگاهن ۾ سندس بيتن جو ذڪر لازمي هو. اُن جو ثبوت اُن وقت جي درسي ۽ تعليمي مواد مان ملي ٿو جيڪي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي مرتب ڪيل ڪتاب سنڌي ٻولي جو آڳاٽو منظوم ذخيرو ۾ محفوظ ڪيل آهي.

قاضي قادن جو دادو ديال تي اثر
گجرات راجسٿان جو شاعر دادو ديال جيڪو قاضي قادن جي وفات وقت ننڍو هو سو به قاضي قادن جي بيتن ۽ انهن ۾ سمايل فڪر کان ڏاڍو متاثر هو. هن به ڪيترائي سنڌي ۾ بيت ۽ دوها لکيا. هو قاضي قادن کي گُر پير سمجهندو هو. اِن جو ثبوت هن بيت ۾ آهي جيڪو دادو ديال جي روايتي ماخذ ”ڪاجي ڪادن جي ڪي ساکي“ ۾ موجود آهي.
”تون ويرون ئي وير، جوڳي سو جو جڳ ۾،
تون اسان جو پير، سُڌي ڏئين سرير ۾.“
دادو ديال جي سنڌي بيتن ۾ سمايل خيالن تي قاضي قادن جو اثر صاف ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

قاضي قادن جو يبت:
”جي تو لاتي رچمچ، ته لڪڻ ڇپن ناه،
زهر هلال هٿ ڪر، ڪارڻ پريان کاءِ.“

دادو ديال جو بيت:
سَتمگر هَم دَم مين، ڪٺَن سنجم رهيا نه جاءِ،
زهر هلاهل هٿ ڪر ڪارڻ پريان کاءِ.“

قاضي قادن جي ڪلام جو سنڌ ۽ هنڌ ۾ وڏو اثر آهي. سنڌ ۽ هند جا اديب ۽ نقاد ڪوششون ڪري رهيا آهن. اِهو امڪان موجود آهي ته سنڌ ۾ به ڪن درگاهن تاريخي هنڌن ۽ قديم شاهي ڪُتبخانن ۽ هندستان جي ڪن ٻين مٺن ۾ ڪي ديوناگري لپيءَ ۾ لکيل قاضي قادن ۽ ٻين سنڌي شاعرن جا ذخيرا موجود هُجن انهن کي ڳولي لهجي، جيئن ته سنڌي شاعري جي وڌيڪ گم ٿيل ذخيرن کي هٿ ڪري سنڌي جي اڻپوري شاعري کي ڪنهن حد تائين پورو ڪرڻ لاءِ جتن ڪري سگهجن.

قاضي قادن جي شاعري جون خوبيون
قاضي قادن ڪمال جو شاعر هو. هن سنڌ، ملتان، گجرا ت۽ راجسٿان ۽ ڪن علائقن ۾ اُتي جي وڏن وڏن شاعرن سان ادبي ڪچهريون ڪيون هجن، اُنهن کان ڪجهه سکيو هجي ۽ ڪجهه اُنهن کي سيکاريو هجي شاعري تي عبور حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن سنڌ ۾ شاعري جي بازار گرم ڪئي، ماڻهن کي موهيو ۽ متاثر ڪيو، سڀ هن جي شاعري جي حسين، رنگين ۽ مٺڙين ۽ من موهيندڙ خوبين جا متوالا ٿي ويا.

تصوف ۽ ويدانت جو ميل
قاضي قادن جي شاعري جي پهرين خوبي آهي تصوف ۽ ويدانت جو مٺڙو ميل انهي ڪري هن جو ڪلام سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر مارواڙ، ملتان، ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات جي ٻين ايراضين ۾ ڏاڍو مقبول رهيو. انهن علائقن جا راڳي قاضي قادن جي ڪلام کي پنهنجن مجلسن ۾ ڳائي دل وندرائيندا رهيا. اُنهن جي ڪوشش سان سندس ڪلام مقبول ٿيو ۽ پراڻن ڪتابن ۾ محفوظ رهيو.

سنڌي لوڪ قصن ۽ داستانن جو اثر
قاضي قادن جي ڪلام جي ٻئي خوبي آهي ته هن سنڌ جي لوڪ قصن ۽ ڪهاڻين تمثيلي طور پيش ڪري پنهنجي ڪلام کي نئون ڏنو آهي ۽ ان ۾ معنيٰ جا موتي ڀري دلين کي گرمايو آهي. هن کان پوءِ وارن شاعرن جهڙوڪ شاهه ڪريم شاهه لطف الله قادري، شاهه عنات رضوي، شاهه لطيف ۽ ٻين پنهنجي ڪلام ۾ انهن تمثيلن کي ڪمال فنڪاري سان پيش ڪري خوب رنگ رچايا آهن.

وڻندڙ انداز بيان
قاضي قادن جي شاعري جي ٽئين خوبي آهي مٺڙي ٻولي ۽ وڻندڙ اسلوب بيان سيد حسام الدين راشدي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب“ ۾ لکيو آهي ته ”هي (قاضي قادن) پهريون شاعر آهي جنهن جا شعر نهايت ئي صاف سُٿرا، بامقصد ۽ وڻندڙ ٻوليءَ ۾ مليا آهن. بيان جو انداز به دل کي وڻندڙ آهي.“
”جنهن محبت من ۾، سي ميرائي سونهن،
تن ۾ برن مشعلان، سنديان سُپرين.“
*-*-*
”ڪڏهن ٻيرين ٻوُر، ڪڏهن ڦل نه هڪڙو،
ڪڏهن پريان پور، ڪڏهن سڪان سَڏ کي.“
*-*-*
”اُڀرندي سِجان، پرين جي نه پسنديون،
ڪڍي کي ڪانگان، نوالا نيڻ ڏيان.“

موسيقيت
قاضي قادن جي ڪلام جي چوٿين خوبي آهي موسيقيت. قاضي قادن سنڌ، ملتان، مارواڙ (راجسٿان) ڪاٺياواڙ ۽ گجرات جي موسيقيءَ جي روايتن کان چڱي طرح واقف هو. هن پنهنجي ڪلام ۾ انهن علائقن جي موسيقيءَ جو رنگ ڀري پنهنجي ڪلام ۾ ميٺاج، خوبصورتي ۽ جادوئي اثر ڀري اُن کي ڏاڍو مقبول بنايو. مٺڙن لفظن جي چونڊ، انهن جي مٺڙي ترتيب ۽ انهي ترتيب مان ڦٽي نڪتل موسيقي بيمثال آهي. سندس ڪلام جي مٺڙي موسيقيت جا هي چند مثال آهن.
جي تو لائي رچمچ، ڇنڀڻ لڪڻ ناهه،
زهر هلال هٿ ڪر، ڪارڻ پريان کاءِ.

اونهان اندر ماه، ٻاهر ڌڪ نه پڌرا،
ويڄ ڪريندو دانهن، پسڻ سان واڍوڙيا.
*-*-*
سوڻيريان سنهڙو، جھ تن ڪيوءِ نه تيئن،
توکي اکڙين ۾، پرين پائيندا ڪيئن.

قاضي قادن جون ادبي خدمتون
قاضي قادن هڪ وڏو عالم، ناميارو شاعر ۽ اعليٰ صلاحيتن جو مالڪ هو. هن پنهنجي شاعراڻه ڏات، تجربي ۽ مشاهدي جو استعمال ڪري سنڌي شاعري کي سرجي هڪ وڏو ادبي ڪارنامو سرانجام ڏنو.

اعليٰ صلاحيتن جو مالڪ
قاضي قادن کان اڳ ۾ سنڌي شاعري موجود ڪو نه هئي. قاضي قادن ئي پهريون تحريري سنڌي شاعر آهي. هن کان اڳ ۾ زباني طور تي سنڌي شاعري بابت ڪي روايتون ملن ٿيون. اُها زباني شاعري ٽڙيل پکڙيل آهي. جنهن جا موضوع آهن. حڪمرانن جي ساراهه، ويرن ۽ سورمن جي واکاڻ، سنجين ۽ سردارن جي تعريف، کل ڀوڳ، گلاخوري ۽ اجائي ٽان ٽون وغيره. سنڌي شاعري فڪر ۽ مقصديت کان وانجهيل هئي. سنڌي تحريري شاعري جو باني قاضي قادن آهي. هن جي شاعري سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي ترجماني ڪندڙ شاعري آهي.

سڌي اساسي شاعري جي جوڙجڪ
قاضي قادن سنڌ جي سر زمين، اُن جي ماڻهن، انهن جي مقامي، مذهبي، تاريخي، ثقافتي ۽ اقتصادي معاملن، لوڪ ڪهاڻين ۽ لوڪ داستانن، سندن ذاتي ڪاوشن، سندن خوابن ۽ سندن جنگين وغيره، سندن ڪاميابين ۽ ڪامرانين مان عنوان چونڊي ۽ انهن کي خود اعتمادي، بلند اخلاقي ۽ دل فريبانه انداز ۾ بيان ڪري سنڌي اساسي شاعري جو بنياد رکيو. قاضي قادن جي اساسي شاعري جو مطالعو ڪريو ۽ سرور حاصل ڪريو.
چئه سڀڪوءِ، محبتي مان ٿيان،
اندر اگهيو سوئي جو سيباڻو سڄڻان،
*-*-*
روز محثر ڏينهڙي، ستر سج تپن.
سڀوئي جهُڙ ڀانيان، جي مون پرين مڙن
*-*-*
حقيقي مون سيڻ، وسن شهر حقيق ۾
ڳالهيان چون حقيقيان، چون حقيقي ويڻ.

وڌيڪ مصراعن وارا شعر
قاضي قادن ٻن مصراعن کان مٿي وارا شعر به سرجيا هڪ ٽن سٽن وارو ۽ 1 چئن سٽن وارو بيت ٻنهي بيتن ۾ قافيا ٽن يا چئن سٽن جي پٺيان آهن. هي هڪ چئن سٽن وارو بيت آهي.
”جي مون ڏيئين لک ڌڙ، ڌڙ ڌڙ لک سران،
سِر سِر لک مُهان ٿيئن، مُهه مُهه لک ڄڀان،

سڀي ڄڀان تکيان، تڪڙيان لوان،
صفت تنهنجي راجيا توهئون ڪيئن ڪران.“

اعليٰ صلاحيتن جو مالڪ
قاضي قادن هڪ عظيم تخليقڪار ۽ اعليٰ صلاحيتن وارو شاعر هو. هن نه صرف سنڌي شاعري کي سرجيو پر اُن جي بامقصد اظاهر جي لاءِ هڪ سريلو اسلوب به ايجاد ڪيو. انهي جي ڪري سنڌ جي قديم ۽ جديد شاعري کي اظاهر بيان جو مضبوط طريقيڪار مليو.

ڪائومنهن ڏيئي، پيٺا جي درياءِ ۾،
پسندا سيئي، ماڻڪ اکين سين.
*-*-*
ڀڳو سڄو نه ٿئي، من هوتا هلُ ڳچُ،
ڪنين سڻيو نه منيئي، اکين ڏِٺو سچ.

دوها سورٺا ميل جي جوڙجڪ
قاضي قادن دوهي سورٺي ميل جو استعمال ڪري دوهي جي صنف کي قافين جي پابندين کان آجو ڪرايو ۽ دوهي ۾ وسعت پيدا ڪئي. هن قافين جون جايون بدلائي، مصراعن ۾ واڌارو آڻي، بيت جي صنف سرجي،جي بيت جي صنف نه هجي ها ته سنڌي شاعري به ڪا نه هجي ها. هي دوها سورٺا ميل جا ڪجهه بيت آهن:
لوڪان نحو صرف، مون مطالع سپرين،
سوئي پڙهيو، سو پڙهان، سوئي سو حرف
*-*-*
”ڪڍي ڪاجو راءِ، جني ٻج نه پوکيو،
راهون روح رچنديون، تِني کي ڪياءِ.“
قاضي قادن ڪمال جو شاعر هو هن پنهنجي شاعرانه ڏات، تجربي مشاهدي ۽ تخليقي ڪاريگري جي رستي سنڌي شاعري کي سرجيو، اُن جي اظهار لاءِ اسلوب بيان جوڙيو ۽ نوان نوان فني لوازمات تيار ڪري سنڌي شاعري کي خوب ترقي ڏياري.

قاضي قادن جي عبارت
قاضي قادن جي ڪلام جي اها هڪڙي بيمثال خوبي آهي، جو هن نه صرف سنڌي ڪلام جوڙيو پر اُن جي لاءِ عبارت به گهڙي. قاضي قادن جي عبارت هن جي فڪر، سوچ ۽ آواز کي دلفريب نموني ۾ ظاهر ڪرڻ جو هڪ فطري ذريعو آهي. اعليٰ فڪر کي ظهار ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ عبارت جوڙي قاضي قادن وڏو ادبي ڪم ڪيو آهي. قاضي قادن جي عبارت سادي، سلوڻي، عام فهم ۽ مٺڙي ۽ من موهيندڙ آهي.

قاضي قادن جي ٻولي
قاضي قادن جي ڪلام جي ٻولي سنڌ جي اُتر ۽ سري واري سنڌي ٻولي آهي. اُن تي سرائيڪي ۽ ملتاني جو به اثر آهي. قاضي قادن جي ڪلام ۾ بکر علائقي واري سرائيڪي ٻوليءَ ۾ چيل بيت به شامل آهن. هن جي سنڌي توڙي سرائيڪي ۾ چيل بيتن تي راجسٿاني لهجن ۽ محاورن جو اثر پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿو قاضي قادن احمد آباد ۾ رهيو ۽ پڙهيو راجسٿان طرف سير ۽ سفر ڪيائين جنهن ڪري ڪي لفظ جهڙوڪ سالور = ڏيڏر، کڙ = گاهه وغيره انهن ڀاڱن جا پڻ پنهنجن بيتن ۾ آندا آهن. قاضي قادن جي بيتن ۾ سنڌ ۽ سرائيڪي جي آميزش جا اهڃاڻ موجود آهن:

سان نه اسان جيتريءَ، اوهان کي نه اسان جيتري،
سڀيئي ڄڀان تکيان، سڀ زبانون تکيون،
سڄڻ ڏجڻ ديک ڪي سڄڻ کي ظاهراً دشمن رنگ ۾ ڏسڻ.

”آئون“ بدران ”مان“ جو استعمال قاضي قادن جي ٻولي ۾ ٿيل آهي جيئن اڃان تائين اترئين ڀاڱي جي سنڌي ۾ آهي.
مان کي سڄڻ گڏيو، مونکي سڄن گڏيو،
جتي هوئن مان پرين، جتي منهنجا پرين هجن.
هيٺئين سنڌ جي لفظ کي جمع بنائڻ لاءِ لفظ جي پٺيان ”ئون“ لڳائبو آهي جيئن ڄڀ، ڄڀون، دانهن دانهون، وير ويرون، لهر، لهرون وغيره پر قاضي قادن جي ڪلام ۾ اتر سنڌ جيان ”آن“ لڳائبو آهي. جيئن زبر زبران، زير زيران، آئت آئتان وغيره.
”زبران، زبران، آيتان، اکر انت نه پار“
ٻانهون = ٻانهان، سر سران، ڄڀ ڄڀان، دانهن = دانهان، ليهه، ليهان وغيره.
قاضي قادن جو اسلوب ڳرو ۽ گهرو آهي. لفظن جي جوڙ ۽ سٽاءِ ۾ انوکائي آهي. سندس اسلوب بيان جي اِها عجيب خوبي آهي جو بيت جي پهرين سٽ ۾ سمايل معنيٰ ۽ خيال جي تصديق ٻئي سٽ ۾ ٿيل آهي. ٻئي سٽ ڄڻ پهرين سٽ جو جواز ۽ جواب آهي. مثلاً
تان تان سورهيه سڀڪو، جان جان مھ نه مڙن،
رڪ وهندي سامهون، سورهيه سي جاون.“
*-*-*
”ڍڪ پاڻي منجهه ٻاٻيها ٻُڏي مئا.
جي تو پوي سمجهه، تان تو ڳيرو نه ٿيوين.“
قاضي قادن جي سنڌي ٻولي تي پنجابي جو اثر به ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڪٿي ڪٿي هن ”ن“ جي بدران ”ڻ“ کي استعمال ڪيو آهي.
(1) ”پڙهندو پئي ويو، ڪوڙين لک قراڻ، (قرآن).
(2) ”اک اندر سريو، جاڳي پيس جواڻ. (جوان).
قاضي قادن قرآن جو حافظ هو ۽ عربي شاعري به ڄاڻندو هوندو تنهن هوندي به سندس ٻولي تي انهن ٻولين جو تمام گهٽ اثر نظر اچي ٿو. سندس ڪلام ۾ سنسڪرت لفظ چڱي تعداد ۾ ملن ٿا جهڙوڪ سرپ، راس، ڪنچن، سالور وغيره ان جا ڪجهه مثال آهن.

فني لوازمن جو استعمال
شاعر گهڻو ڪري پنهنجي ڪلام کي دلچسپ بنائڻ لاءِ ڪن فني لوازمن جهڙوڪ چونڊ لفط، تشبيهن، چوڻين، تجنيس حرفي، موسيقي وغيره جو استعمال ڪندو آهي. قاضي قادن به اهڙا فني لوازمات ڪم آڻي پنهنجي عبارت کي دلڪش ۽ ڪارآمد بنايو آهي.

چونڊ لفظ:
”وڄ، بادل ۽ واءُ، ڊڄ نه لهرين لڳيو،
سڌر سونهان چاءُ، ٻيڙي ٻُڏڻ ناهه ڪو.“
*-*-*
”چوي سڀڪوءِ، محبتي مان ٿيان،
اندر اگهيو سوءِ، جون سيباڻو سڄڻان.“

تشبيهون
”اکيون آڪا سانھ، فوجون ڪري الٽيون،
سوڙهي گلي منجهه نھ، لوچي پرين لهنديون.“
*-*-*
”ڪاغذ ڪاري اکرين، مون واچيندو لڌو،
سڄڻ اچي اکرين، مون لوڙيندو لڌو.“

چوڻيون:
”جيئن ڦڦر ماه ۾، تيئن روزا، عيد نماز.“
”خين محبت من ۾، سي ميرائي سُونهن.“
*-*-*
”علت وڃيس ئي نا، عادت ڪڏهن نه جاءِ،
اُٽ ڪڻڪين ڇڏيو، چُڻ جواسا کاءِ.“

تجنيس حرفي:
”ڪهي ڪيا شهيد، تو جي اکڙين سان،
تن تنهنجي تاتڙي، نه ڪو عيش نه عيد.“
*-*-*
”جان جان سو نه پسن، جنهن ڪارڻ جوڳي ٿيا،
تان تان سناسين، ورهه وهامي راتڙي.“

موسيقي:
”پاڙي ۾ وڻ هيڪڙو، سر مون گهڻو سُهاءِ،
ٺار وهاري سڄڻان، ڇڙي به وڻراهه.“
*-*-*
”اسين سڪون جن کي، تان سي اسين پاڻ.“
قاضي قادن هڪ سُريلو سرجڻهار هو. هن مختلف ادبي ۽ فني لوازما استعمال ڪري پنهنجي عبارت ۾ سڀيئي رنگ ڀري ڇڏيا آهن. قديم سنڌي شاعري ۾ هن جي عبارت بيمثال آهي. اڄوڪي دور ۾ به هن جي عبارت پنهنجو مٽ پاڻ آهي.

قاضي قادن جي ڪلام جي اهميت
قاضي قادن کُلي دل ۽ کُلي دماغ وارو سنڌ جو صوفي بزرگ ۽ شعور جاڳائڻ وارو منفرد ۽ نرالو شاعر هو. هو ديني توڙي دنيوي معاملن جو وڏو ماهر هو. هن سنڌ جي ماڻهن جي ٻنهي ميدانن ۾ وڏي مدد ڪئي.

ديني تعليم
قاضي قادن ديني تعليم کي فروغ ڏيئي سنڌ واسين جي اندر کي اُجاريو ۽ انهن کي حق جي راهه طرف متوجه ڪندي عمل جو ڪو ڏيو بنايو. هن انهن کي پاڻ پرکڻ ۽ اُن جي ذريعي رب کي پرکڻ جو درس ڏنو. هن انهن جي لاءِ نيڪي جون راهون روشن ڪري انهن کي بلند اخلاقي، نيڪ عمل ۽ خلق جي خدمت جو نئون ۽ نرالو پيغام پهچايو. چند مثال هيٺ ڏجن ٿا:
جان ئي پاران پڌرو، ٻڌائون سو سَڏ،
مون هينئڙو تائين ٿيو، سپيريان سان گڏ.
*-*-*
جني سرسندو نور، جيلاه سو سونهون ٿئي،
تيلاهه لڀن سپرين، ڳالهه ھجي مور.
*-*-*
جنھين محبت من ۾، سي ميرائي سونهن“

دنيوي تعليم
قاضي قادن سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي جذبن ، ويچارن ۽ آدرشن جو سريلو اظھار آھي. ھن جي شاعري سنڌين جي دلين جو آواز ۽ روح جو راڳ آھي. ھن جي شاعري جا ٻول احمد ملاح پنهنجو تمثيلون تلميحون ، اھڃاڻ وپهنجن حرخي جا نوان نرالا رنگ ۽ طرح طرح جون ترڪيون ھن کي سنڏ جو قابل ۽ سگهارو فرزند ثابت ڪن ٿيون جو ميرو ھوندي به ھنج جيان سڄي سنڌ ۾ سونهي ٿو.
قاضي قادن جو ڪلام سنڌ، سنڌ جي ماڻهن ۽ سنڌ جي ثقافت جي ترجماني ڪري ٿو. سنڌ جي قصن ۽ داستانن کي تمثيلن ۽ تلميحن ذريعي بيان ڪري سنڌ جي سپوٽن جي زندگي گهارڻ جي روپن کي عالم آشڪار ڪري ٿو. سنڌ جا ماڻهو ڌرتي سان محبت ڪرڻ وارا ۽ اون جي حفاظت لاءِ جانيون قربان ڪرڻ وارا آھن. جاکوڙ انهن جي جيون جو مول مقصد آھي. ھو ڪاميابي ۽ ڪامراني جي منزل تي پهچڻ لاءِ راھو سيکارن ٿا ته سچو سورھيه اُھو جو رڪ وھندي راند ۾ تارين سامهون وڃي ۽ وڏن پهلوانن جي منهن مقابل ٿئي.
” تان تان سورھيه سڀڪو ، جان جان م لا نه مڙن،
رڪ وھندي سامهون، سورھيه سي جاون“
*-*-*
”ڏر نه چئو مُ ايئن، نپجيئي اُڀ ڪارڙا،
جت ڀڙو مڙندا ڀينئن، تن لڀندي مڙساندڪر.“

قاضي قادن جي شاعري جو اثر
قاضي قادن سنڌ جو وڏو سرجڻهار شاعر هو. هو ننڍي کنڊ جي ڪيترن ئي ٻولين جي وڏن شاعرن جو همعصر هو. سنڌ جي ڀروارن علائقن جهڙوڪ پنجاب، راجسٿان ۽ گجرات ۾ وڏا وڏا شاعر ٿي گذريا آهن. پنجاب ۾ شاهه فريد 1440ع 1575ع راجسٿان ۾ ميران ٻائي (1506ع 1566ع) ۽ گجرات ۾ نرسي مهتا (1413ع 1479ع) جي شاعري جو وڏو چرچو هو. قاضي قادن سير ۽ سفر جي دوران انهن علائقن ۾ ويو. هن انهن علائقن ۾ انهن ۽ ٻين شاعرن جو ڪلام ٻُڌو هوندو ۽ انهن کان متاثر به ٿيو هوندو. هن پنهنجو ڪلام به اُتي ٻڌايو هوندو ۽ اُتي جي شاعرن کي به متاثر ڪيو هوندائين.
راجسٿان گجرات جو شاعر دادو ديال جيڪو قاضي قادن جي وفات وقت ننڍو هو، قاضي قادن جي ڪلام جو عاشق هو ۽ قاضي قادن کي پنهنجو گُر پير سمجهندو هو. هو قاضي قادن کان ڏاڍو متاثر هو. دادو ديال قاضي قادن جي زير اثر سنڌي ۾ ڪيترائي دوها ۽ بيت به جوڙيا.
شاهه عبداللطيف لاءِ مشهور آهي ته هن جيڪو ڪُنو چاڙهيو اُن جو ڍڪڻ سچل لاٿو، پر شاهه لطيف جنهن ڪني جو ڍڪڻ لاٿو، اُهو ڪُنو قاضي قادن چاڙهيو هو. قاضي قادن سنڌ جو پهريون تحريري شاعر آهي. سڄي سنڌي اساسي شاعري هن جي زير اثر اُسري، اُڀري ۽ عروج حاصل ڪيو. قاضي قادن پنهنجن فن، فڪر، عبارت، لفظن، اصطلاحن، موضوعن، اهڃاڻن، لوڪ قصن ۽ داستانن ۽ انهن جي تمثيلن ۽ تلميحن کي پنهنجي شاعري ۾ جاءِ ڏيئي اُن کي خوب ترقي ڏياري. اُن شاعري جو اثر شاهه ڪريم، شاهه لطف الله قادري، شاهه عنات رضوي، شاهه لطيف ۽ ٻين اساسي شاعرن تي صاف ۽ گهرو نظر اچي رهيو اهي. سنڌ جا اساسي توڙي جديد شاعر به قاضي قادن جي ڪلام کان متاثر آهن.

قاضي قادن جو جديد شاعرن تي اثر
قاضي قادن جي ڪلام جو سڌي يا اڻسڌي طرح جديد سنڌي شاعرن تي به اثر نطر اچي رهيو آهي. قاضي قادن جي ڪلام جي موضوعن ۽ عنوانن جهڙوڪ رت وهندي راند، ترهو ۽ تار، ٻيڙا ۽ سمنڊ، سنڌي لوڪ قصن ۽ داستانن جي ڪردارن، سخين، سردارن، گهاتوئن جو اثر جديد سنڌي شاعرن شيخ اياز، نياز همايوني، اُستاد بخاري، تنوير عباسي، سروپچندر شاد، تاج جويي ۽ ٻين شاعرن تي گهرو نظر اچي رهيو آهي. انهن شاعرن سنڌ جي سورمن، سرويچن ۽ وطن پرست اڳواڻن ۽ جانسار سپوٽن جي شان ۾ ڪيڏارا لکي نه صرف سنڌي کي سنواريو ۽ سينگاريو آهي پر اُنهن کي نئين نموني ۾ ڳائي، انهن کي نئين معنيٰ بخشي، سنڌ جي سوچ کي انقلابي راهه ڏيکاري آهي. قاضي قادن جو ڪلام اهم آهي. انهي جي اهميت هميشھ قائم ۽ دائم رهڻ واري آهي. هن سنڌي شاعري کي باقائدي جنم ڏنو، اُن کي پاليو ۽ نپايو ۽ اُن کي وڏي اوج تي پهچايو. جي قاضي قادن شاعري نه ڪري ها ته سنڌي شاعري به نه هجي ها يا اڌوري ۽ اڻپوري هجي ها. قاضي قادن بيشڪ سنڌي شاعري جو باني مباني آهي.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ

ڪڏهن ٻيڙيءَ ٻور، ڪڏهن ڦل نه هيڪڙو،
ڪڏهن پريان جا پور، ڪڏهن سڪان سڏ کي.
.....................................................
عين قصر، در لک ڪوڙين سهسين کڙڪيان،
جان ئي ڪريان پرک، تان ئي سڄڻ سامهان.
.......................................................
لِيهان لک ڪيام، پسڻ کي پاڻان پرين،
سُوجھي سيڻ لَڌام، من منجهيئي سُپرين.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
زيران زبران آيتان ،اکر انت نه پار،
هڪڙي ئي ايمان ۾، لهنس سڀ سار.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
جون جون پاڙهه ۽ لک ڪؤڙين ڪتبان جي پڙھين،
ايء سڀائي سک، جان جان پريان نه مڙين
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
ڪنز،قدوري  ڪافيان ڪي ڪين پڙهيام،
سو ڏيهه ئي ڪو ٻيوجان تي پرين لڌام.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
پڙهندو پئي ويو ،ڪوڙين لک قرآن،
لکي لوڪ نه سگھيو پاڻي اندر پاڻ.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
گهر گهري نه ڪين، سائين توديدار کي،
ڪيهي هج ڪرين سا به پنهنجي رب ڏانهن.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
ستي.ويٺي،اٿيي ،ڳالهائيندي،ڳيندي،
اسان تنهنجي تاتڙي.واٽيڙين ويندي.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
اکر ٻيا وسار، الف انگ ئي يادڪر.
سو تون ڏيئو ٻار جونه اجهي ڪڏهين.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
لائي لام الف سان  ڪاتب لکي جيئن،
مون هينئڙو پريان سان لڳو آ هي تيئن.
‏ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
جو پاڻ جيئون پڌرو  ٻڌان آئون سڏ،
مون ھينئڙو تان ئي ڪييو سپيريان سون گڏ.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ
پهروئي پريام جا، مون سان ئي سيؤڙان
هينئڙو ھيج پنڌ ڪري، لڳوڪنهن ڪٰوڙان.
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ