Saturday 5 May 2018

محسن ڪڪڙائي ؛ ڳوڙهي فڪر وارو شاعر


تحرير ؛ آزاد انور ڪانڌڙو
ڪي شخصيتون ڪنهن شهر جي حوالي سان سڃاتيون وينديون آهن ۽ ڪي شهر وري ڪن شخصيتن جي حوالي سان سڃاتا ويندا آهن. سنڌ جو برک شاعر محسن ڪڪڙائي به ڪڪڙ شهر جي سڃاڻپ بڻيل رهيو. سائين محسن ڪڪڙائي اهڙن انسانن مان هو، جيڪو جسماني طور ۲ اپريل ۲۰۰۵ع تي اسان کان جدا ٿي ويو آهي، پر هو پنهنجي شاهڪار ۽ اڻ وسرندڙ تخليقن ذريعي هميشه زندهه رهندو. اهڙن انسانن کي موت ڪڏهن به مات نٿو ڪري سگهي. سائين محسن ڪڪڙائيءَ جو جنم ۴ جولاءِ ۱۹۳۷ع تي ڪڪڙ ۾ سيد احمد شاهه تراب لڪياريءَ جي گهر ۾ ٿيو. سندس اصل نالو نياز علي شاهه هو. ايم اي، بي ايڊ، اديب سنڌي، اديب فاضل ۽ اديب عالم پاس محسن ڪڪڙائي رٽائرڊ هاءِ اسڪول ٽيچر هو. ۱۹۵۱ع کان لکڻ جي شروعات ڪندڙ محسن ڪڪڙائيءَ کي ۱۹۶۸ع ۾ قومي نغمن واري مقابلي ۾ سنڌي زبان ۾ بهترين نظم لکڻ تي پهريون نمبر انعام مليو. ۱۹۶۴ع ۾ ريڊيو حيدرآباد تي سندس ڪلام نشر ٿيندو رهيو. سندس پهريون شعري مجموعو ”اُمنگون“ ۱۹۶۲ع ۾ ڇپيو. سال ۲۰۰۵ع ۾ سندس شعري مجموعو ”سونهن جي ساڃهه“ ڇپيو، سندس ٻين ڇپيل ڪتابن ۾ ”ليلا جا خط“ ۽ ”سوريءَ چڙهيو سچ“ آهن. جڏهن ته، سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ مجنون جي ڊائري، انار ڪلي، ڪنهن جي ڳالهه ڳراٺڙي، مقبوليت، ڏک سکن جي سونهن، روحاني رهبر، تذڪراءِ اولياءِ سنڌي، اربيلا عشاق، زينت الادب، شاهه نجف، ديوانِ محسن ۽ ٻيا شامل آهن. محسن ڪڪڙائي بنيادي طور پيار، محبت ۽ سونهن جو شاعر هو. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ حسن ۽ پيار جا گيت ڳايا. سندس شاعريءَ ۾ پيار، محبت ۽ سونهن جا مختلف رنگ آهن ۽ اهي سمورا محرڪ سندس شاعريءَ ۾ موجود آهن، جيڪي هڪ سٺي شاعر وٽ هجڻ گهرجن، فني لحاظ کان به محسن ڪڪڙائي پختو ۽ پڪو شاعر هو. هن کي پنهنجي انفراديت، سڃاڻپ ۽ شاعرانه سونهن هئي. هن ادب ۾ هڪ اهڙي دور ۾ قدم رکيا يا ائين کڻي چئجي ته سنڌ جي اهڙي تاريخي دور جي پيداوار هو، جنهن دور ۾ شاعرن جي وڏي سٿ ۾ پاڻ مڃرائڻ وڏو مسئلو بڻيل هو، ان دور ۾ محسن ڪڪڙائي پنهنجي خوبصورت تخليقن ذريعي پنهنجو نالو روشن ڪيو. نه رڳو پنهنجو نالو روشن ڪيو، پر پنهنجي جنم ڀومي، ڪڪڙ کي به علمي ادبي حلقي ۾ شهرت ڏياري. سندس شاعري پڙهبي ته، جديد شاعر هجي يا قديم شاعر، اهو داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه سگهندو. سندس نثر پڙهبو ته، ائين محسوس ٿيندو ته محسن هن دور جو بهترين ۽ سگهارو نثر نويس نظر ايندو. ۶۸ سالا اسان جو جوان جذبن وارو شاعر محسن ڪڪڙائي، پنهنجي شاهڪار تخليقن باوجود بيماريءَ دوران مسيحا جي نالي ۾ موجود جلادن ۽ انسانيت جي دشمنن جي نامناسب رويي ڪري زندگيءَ جي جنگ هارائي ويٺو. اڄ محسن ڪڪڙائي اسان وٽ جسماني طور ته موجود نه آهي، پر سندس فن ۽ فڪر شاهڪار تخليقن جي صورت ۾ اسان وٽ موجود آهن. هن راتين جون راتيون جاڳي اوجاڳا ڪري شاعريءَ جا ديپ جلائي پنهنجي تخليقن سان جديد سنڌي شاعريءَ کي روشن ڪيو. سندس شاعري مستقبل ۾ هميشه لاءِ چمڪندي، ٻرندي ۽ روشني پکيڙيندي رهندي.
هڪڙو هو وڏي فڪر ۽ فن جو سائين،
ٻيو، ڌن جو ڌڻي هوندي به من جو سائين،
قدرت کان مليون سنڌ کي هستيون ٻه امر،
هڪ ڀٽ جو ڌڻي ۽ ٻيو سن جو سائين.
(سنڌي شخصيتون بلاگ تان ورتل)

ڇڏيو ته سونهن جي هڪڙي جهلڪ ڏسي ته وٺان،
خدا جو نور اکين سان سهي، چُمي ته وٺان.
چوڻ جي ڳالهه سدائين چوڻ کان رهجي وئي،
اکيون، اکين کي پڙهن ٿيون ته پوءِ پڙهي ته وٺان.
اسان جو پيار به گونگو ته هوءَ به چُپ چُپ آ،
چلو، اميد جي ٽانڊن مٿان پَچي ته وٺان.
نه ذڪر سونهن جو کٽندو، نه ٿيندو ڪَڪ محسن،
اڃا به دل ٿي چوي، سونهن تي لکي ته وٺان.
********
اڄ اچڻ جو هن ڪيو انجام آ، مان به ٿورو پاڻ کي ٺاهي وٺان
تنهنجون سڀ فرمائشون پوريون ڪبيون، بس رڳو هن ٻار کي ڳاهي وٺان،
مون گهري نيرن ته هن مرڪي چيو، ترس من بس کير سانباهي وٺان.
تيستائين هن ٻٻر هيٺان ٿي ويهه، جيستائين جاٽ هي ڪاهي وٺان.
چند گهڙيون ويهه ”محسن“ مان اجهو، گهر جو ڪم منٽن ۾ ٿي لاهي وٺان.
********
سونهن ڏسندي سرور ملندو آ،
ڄڻ ته انڌي کي نور ملندو آ.
انتهائي خلوص جو بدلو،
 ڪنهن نه ڪنهن کي ضرور ملندو آ.
جنهن سان جنهن سان به ويهه چار گهڙيون،
 سو ته زخمن کان چور ملندو آ.
احترامن اسان سلام ڪيون.
 انتقامن حضور ملندو آ.
ڪنهن کي ڪنهن کي ميار ڏيون ويهي،
 جنهن کي ڏس بي قصور ملندو آ.
دوستي حسن ۽ ڪتابن مان،
 مون کي سچ جو شعور ملندو آ.
اڌ مئو ٿو ڪري وجهي ”محسن“
 جيڪو سڄڻن کان سور ملندو آ.
*****
غزل 
محسن“ ڪڪڙائي

ــــــــــــــــــ 
منھنجي تصور ۾ ھڪ خاڪو،
پاڪ ۽ پوتر آ ناپاڪو!
ـ
ڪنھن جي ياد ۽ چاھت ھوندي،
پوءِ به دل ۾ آھي خلا، ڪو.
ـ
ڪنھن جي محفل ڀي ويراني،
ڪنھن جي ويراني ڀي واڪو.
ـ
جنھن کي روڳين روڳ بنايو،
اُن جيوَن کي ڪري به ڇا ڪو؟
ـ
مايوسيءَ ۾ اڪثر مونکي،
آٿت ڏيندو آھه، الا، ڪو.
ـ
محسن“ تُنھنجي دردمنديءَ جو،

ديس سڄي ۾ آھي ڌاڪو.
*****