Friday 4 May 2018

سنڌي مزاحيه شاعريء جو سج؛ رئيس شمس الدين بلبل



ڏاهو ڏات ڌڻي: رئيس شمس الدين بلبل
 تحرير ؛ جوهر بروهي
سنڌ جي مشهور علمي ادبي هستي رئيس شمس الدين بلبل ولد رئيس بهادر خان شينا (ابڙو) 1857ع تي ميهڙ شهر ۾ ڄائو. سندس ڏاڏو ڪمال خان، بلوچستان جي علائقي ڀاڳناڙي مان سنڌ جي فريد آباد ڳوٺ لڳ رهائش اختيار ڪئي جتي کيس جائيداد حاصل ٿي. هيءُ گهراڻو هڪ عرصو هتي رهڻ کان پوءِ ميهڙ شهر ۾ سڪونت پذير ٿيو.
بهادر خان کي پنج پٽ هئا جن مان ٽي پٽ: وڏيرو پير بخش خان، موسيٰ خان ۽ ڪمال خان فريد آباد ۾ ڄاوا، ٻه پٽ: عيسيٰ خان ۽ شمس الدين ميهڙ ۾ ڄاوا. هن گهراڻي جي نسبت سان ”ابڙن جي ڪور“ اڄ به فريد آباد تعلقي ميهڙ ۾ آهي ۽ رئيس شمس الدين، ديهه واهي گاهي يونين ڪائونسل ٻليدائي تعلقي ميهڙ ۾ ڳوٺ ٻڌايو جيڪو ڳوٺ شمس الدين جي نالي سان اڄ به موجود آهي، جتي بلبل وارن جي زمين به آهي.
بلبل مرحوم ابتدائي تعليم ميهڙ لڳ ڳوٺ گاهي مهيسر جي ديني درسگاهه ۾ مولانا عصمت الله پيرزادي وٽان حاصل ڪئي. ان کان پوءِ ڪجهه وقت ڳوٺ باگو تيوڻو تعلقي ميهڙ ۾ مولانا نبي بخش مهيسر وٽ به تعليم پرائي. پوءِ بلبل پاٽ شريف جي مشهور ديني درسگاهه ۾ رهي سال 1872ع ۾ فاضل بڻيو. پاٽ شريف ۾ علمي ڪمال سان گڏ کيس ادبي ذوق ۽ سياسي مطالعو حاصل ٿيو. ساڳي وقت رئيس بلبل کي وقت جي ڪامل شخص حضرت نظام الدين صديقي پاٽائي جي صحبت نصيب ٿي ۽ سندس هٿ تي بيعت به ڪئي. مولانا دين محمد وفائي مرحوم، پنهنجي ڪتاب ”مشاهير سنڌ“ (جلد اول) ۾ بلبل مرحوم کي وقت جو ولي لکيو. سندس روحاني سلسلو هن ريت ڏنل آهي:
شمس الدين بلبل، شاهه نظام الدين صديقي پاٽائي، شاهه غلام صادق، خواجه غلام محمد معصوم ثاني مجددي، خواجه محمد صبغت الله مجددي، حضرت امام رباني مجدد الف ثاني شيخ احمد فاروقي سرهندي.
1879ع ۾ (عام چواڻي مطابق) شمس الدين مائٽن کان ناراض ٿي لاهور هليو ويو. لاهور ۾ ڪجهه عرصي کان پوءِ، هو دکن هليو ويو. هن اتي مختلف اخبارن جهڙوڪ: زميندار، اوڌ، انتخاب، لاجواب، خورشيد دکن، دکن پنچ، ۾ صحافتي خدمتون بجا آنديون. هو حيدرآباد دکن ۾ رهندو هو.
ميهڙ ۾ سندس ڪمي خاص طور محسوس ڪئي وئي. جنهن ڳالهه تان هو ناراض ٿي هليو ويو. سندن عزيزن ان جي اها ڳالهه مڃي ۽ ميهڙ جي معززن ڌڻي بخش ٿيٻو، خان بهادر محمد پريل خان ڪلهوڙو، رئيس ڪريم بخش خان جتوئي، وڏيرو محمد اسماعيل خان مهيسر منٿ ميڙ جو وفد ٿي حيدرآباد دکن ويا ۽ بلبل جا شرط قبوليندي کيس ميهڙ وٺي آيا. ميهڙ ۾ اچڻ کان پوءِ پنهنجن دوستن جي اصرار تي سکر ۽ ڪراچيءَ ۾ به رهيو. ڪراچي مان نڪرندڙ اخبار ”المعاون“ جو ايڊيٽر بڻيو. ان لاءِ مٿس جناب حسن علي آفندي زور ڀريو ته وڏي صلاحيت سان ”المعاون“ کي هلايو. ساڳئي وقت سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي جي فقه جي معلم مولانا محمد عثمان نورنگزادي جي ادارت هيٺ مدرسة الاسلام جو ماهوار رسالو ”جامع العلوم“ ڪن سببن جي ڪري ناڪام ٿيو ۽ اهو رسالو ڄڻ ته بند به ٿي ويو، ته مدرسة الاسلام جي انگريز پرنسپال مسٽر وائينسر صاحب به بلبل کي ”جامع العلوم“ جي ادارت لاءِ گذارش ڪئي. هن اهو علمي ڪم قبول ڪيو. بلبل مرحوم جي لکڻين جي ڪري المعاون، يا جامع العلوم کي سنڌ ۾ وڏي پذيرائي حاصل ٿي.
ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل لکي ٿو ته:
”بلبل جي قلمي صلاحيتون ڏسي، عالي جناب سيد علي اڪبر شاهه صاحب موجوده ايم.ايل.اي ۽ پارليمينٽري سيڪريٽري، سنڌ اسٽوڊنٽ ۽ رجسٽرار جامع عربيه حيدرآباد سنڌ، رسالي ”علمي دنيا“ ماهه اپريل 1930ع ۾ لکيو، ته معاون اخبار جي چارج وٺندي ئي، بلبل پنهنجي پر زور رنگين مضامين سان ان کي اهڙو ته زور وٺرايو، جو ساري سنڌ ۾ غلغلو پئجي ويو. جيڪي ماڻهو سندس سنڌي جي رنگينيءَ کان غير مانوس هئا، سي نهايت عجب ۽ حيرت ۾ پيا. هن اهڙي فصاحت ۽ بلاغت سان صنعتون ۽ استعارا ڪم آندا، جنهن جي مطالعي سان خود اهل قلم به دنگ رهجي ويا. سنڌي زبان ۾ ان فن جو کيس ’سنڌي انشاء جو موجد‘ چئي سگهجي ٿو“.
انهن اخبارن ۽ رسالن کان سواءِ بلبل ”ڪراچي گزٽ“ ڪراچي- اخبار ”الحق“ سکر پوءِ حيدرآباد- اخبار ”خيرخواهه“ ”لاڙڪاڻو“. اخبار ”مسافر“ حيدرآباد جو ايڊيٽر به هو. آخرڪار سالن جا سال ”آفتاب سنڌ“ سکر جو ايڊيٽر بڻيو سندس ادارت هيٺ نڪرندڙ هن اخبار کي بلبل مرحوم جي ادارت ۾ نڪرندڙ آخري اخبار چيو ويندو آهي.
سکر جي رهڻ دوران يا آفتاب سنڌ جي ادارت جي ڪارگذارين بابت ناميارو مؤرخ مولائي شيدائي لکي ٿو ته:
”سيٺ حاجي احمد فريئر روڊ تي پرنٽنگ پريس کولي روزانه ”آفتاب سنڌ“ سنڌيءَ ۾ جاري ڪرائي بلبل سنڌ مرحوم شمس الدين بلبل کي ايڊيٽر جي واڳ حوالي ڪئي جو وقت جو جيد عالم ۽ نظم ۽ نثر ۾ يد طولي رکندڙ اديب هو. روزاني ”آفتاب سنڌ“ جو بلاڪ به حضرت استاد بلبل تيار ڪرايو هو. آفتاب نالي جي پاسي کجيءَ جو وڻ هلال پر تاري بدران برطانوي بادشاهه جو تاج هو. انهن ٽن شڪلين جو مقصد هن طرح هو ته کجيءَ جو وڻ هلال معنيٰ ”آفتاب سنڌ“ اسلامي اخبار هئي. برٽش تاج معنيٰ هئي ته اخبار، انگريزن جي طرفدار ۽ وفادار. بلبل جو قلم ۽ اخبار جي مزاحيه پر ظرافت ڪالم سڀني جا ڍڍر ڍرا ڪري ڇڏيا.“
مولائي شيدائي پنهنجي مضمون ۾ هڪ واقعو لکيو:
”هڪڙي ڏينهن مون ڪاغذ تي کين ممبئي کاتي جو نقشو ڪڍي ڏيکاريو. منهنجي هٿ جي صفائي ڏسي مون کي چوڻ لڳا، پٽ رحيم، انشاءَ الله جيڪڏهن اهڙو ذوق شوق جاري رکندين ته پڪ ڪنهن ڏينهن چمڪندين!“
بلبل صاحب، 1904ع ۾ هڪ تعليمي تنظيم ”انجمن اتفاق الاسلام ميهڙ“ جوڙي! انجمن طرفان 1906ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام نالي تعليمي ادارو ميهڙ ۾ قائم ڪيو جتي شاگردن کي انگريزي تعليم جو موقعو فراهم ٿيو ۽ ٻاهرين شاگردن لاءِ فري بورڊنگ هائوس (شهر جي اندر تلاءُ جي اولهه ۾ موجوده پريس ڪلب وٽ) قائم ڪيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ بورڊنگ هائوس کي هڪ شاندار عمارت ۾ منتقل ڪيو ويو. اداري جي ڪاميابي لاءِ علائقي ۾ شعور رکندڙ ماڻهن ۽ زميندارن خوب تعاون ڪيو. هن مدرسي ۾ مڊل اسڪول تائين تعليم هلندڙ هئي. بلبل سائين جي وفات واري سال 1919ع ۾ هن مدرسي کي هاءِ اسڪول جو درجو مليو. يعني هيءُ ڪم علائقي واسين لاءِ بلبل مرحوم جي آخري تعليمي خدمت هئي. 1931ع ۾ ضلعي دادو جي پهرين ڪليڪٽر مسٽر جڳت سنگهه آئل مل هن اسڪول جي ترقي ۾ خاص دلچسپي ورتي پر هن اسڪول جو اصل نالو ”سنڌ مدرسة الاسلام“ مٽائي! جڳت سنگهه جي نالي سان ”اي جي هاءِ اسڪول ميهڙ“ رکيو ويو. هاڻي هن اسڪول کان سواءِ سندس لڳ اولهه ۾ ٻيو هاءِ اسڪول پنهنجي جدا انتظام سان به قائم ڪيو ويو آهي پر هن علمي ۽ ترقي واري دور ۾ به پراڻي هاءِ اسڪول کي ”ون“ ۽ نئين هاءِ اسڪول کي ”ٽو“ ڪوٺيو ٿو وڃي. هتان جي سڄاڻ حلقن هر دور ۾ مطالبو ڪيو آهي ته هاءِ اسڪولِ ون جو نالو حضرت بلبل سان منسوب ڪيو وڃي ۽ هاءِ اسڪول- ٽو کي ميهڙ جي نامياري شخصيت برک استاد ۽ تعليمي ماهر محترم سيد علي اصغر شاهه رضوي سان منسوب ڪيو وڃي. تعليم کاتي لاءِ هيءُ ننڍڙو مطالبو ڪو اوکو ڪونهي.
مارچ 1913ع ۾ سيٺ عبدالله هارون جي سرواڻيءَ ۾ هلال احمر جو هڪ وفد، ترڪي جي بادشاهه لاءِ امداد حاصل ڪرڻ لاءِ، ڪراچي کان ميهڙ آيو. هن وفد جي خاطر رات جو هڪ عام جلسو ميهڙ ۾ منعقد ٿيو. ميهڙ واسي وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيا! پرجوش تقريرن کان پوءِ بلبل مرحوم هڪ غزل پڙهيو.
ڀلي آيا! ڀلي، اي سر گروهه- قوم دين پرور
مجاهد في سبيل الله، فائز في هلال احمر
اوهان جي خاص خدمت آ خدا جي راهه ۾ ورنه،
ڪٿي بستان، ڪٿي ويران، ڪٿي بنگلا، ڪٿي هي بر.
هنن جي خير مقدم ۾ اسان کي هيئن چوڻ گهرجي،
اجها هي زر، اجهي زيور، اجهي هي گهر، اجهي بستر.

شعر ٻڌڻ سان جلسي ۾ موجود ماڻهن وفد کي ايترو چندو ڏنو جيڪو سنڌ ۾ مثال ليکيو ويو. جلسي ۾ موجود رئيس پيارو خان لغاري پوهه پارو هوندي، پنهنجو ڪوٽ لاهي، هلال احمر جي وفد جي حوالي ڪيو جيڪو جلسي اندر 125 رپين ۾ کتو!
بلاشڪ بلبل مرحوم، هڪ متحرڪ شخص هو پنهنجي همه گير صلاحيتن جي ڪري، خيرپور ميرس ۾ رياست جي نصابي ڪميٽيءَ جو مستقل ميمبر هو. سينيٽري ڪميٽي ميهڙ، اسڪول ڪميٽي ميهڙ ۾ ڊسپينسري ڪاميٽي ميهڙ- تعلقه لوڪلبورڊ جو سرڪاري ميمبر ۽ تعلقي جي پبلڪ ورڪس ڪاميٽي جو ميمبر رهيو. 1917ع ۾ ميهڙ جي آنريري بينچ مئجسٽيريٽن جو چيئرمن مقرر ٿيو.
سنڌي زبان سان گڏ بلبل مرحوم کي اردو، هندي، انگريزي، فارسي ۽ عربي تي عبور حاصل هو. انهن ٻولين ۾ سندس تحريرن (نثر، نظم) ملن ٿيون. هن ڪيئي ڪتاب به لکيا. سندس 38 ڪتاب ڇپيا. انهن مان ڪجهه نالا هن ريت آهن:
1. ديوانِ بلبل (سنڌي) 2. ڪلامِ بلبل (سنڌي) 3. نيچرل ڪريما 4. قلندري ميلو 5. چٽ سوال پٽ جواب 6. بهارِ عشق 7. آئينه تجارت مايه ظرافت 8. حل تجربات يعني شمس اللغات 9. ظريف الدولہ 10. گلزار لطائف 11. بخت بازي 12. ڪارو نيشن 13. رحيما سنڌي 14. بهارستان بلبل 15. تيرهن ڄار مڪرن جا مار 16. صدپندسودمند 17. عقل ۽ تهذيب 18. جام جم 19. مسلمان ۽ تعليم 20. انگريز ۽ مسلمان 21. مسلمانانِ سنڌ جي تعليم ۽ سرڪار 22. حرز البنياد علي شرح قانون وقف الاولاد 23. قرض جا مرض ۽ ان جا علاج 24. پليگي ڪريما 25. نيچري ما مقيما.
اڻ ڇپيل ڪتاب:
1. ديوانِ بلبل (فارسي) شمس المڪتوب (فارسي) 3. احسن التواريخ 4. مداح سرور 5. گنج معرفت.
بلبل مرحوم جي نثر ۽ نظم ۾ ظرافتي انداز کان سنڌ ۽ سنڌ واسي اهڙا متاثر ٿيا جو وقت جي اديبن سندس ان اسلوب جي ڪاميابيءَ جي کُليءَ طرح ڳالهه ڪئي. ان سلسلي ۾ ڪيترن عالمن جا رايا صفحن جي سينن تي سانڍيل آهن. انهن مان حاجي محمود خادم جي راءِ هن ريت آهي:
”ديوان نظامي سنڌي شاعريءَ تي تبصرو لکندي مون اڳي ڄاڻايو آهي ته سنڌي شاعريءَ جو جديد دور بلبل مرحوم کان شروع ٿئي ٿو. آءٌ وڌيڪ چوندس ته صحيح معنيٰ ۾ قومي شاعري بلبل مرحوم شروع ڪئي. جنهن لاءِ هن هيٺيان پنج طريقا استعمال ڪيا:
1. بلبل، قصيدي کي قا آني جي منزل تائين پهچائي، ان کان هر طرح نهايت مفيد ڪم ورتا.
2. توحيد، رسالت ۽ ٻين اسلامي ۽ قومي ۽ اخلاقي موضوعن تي شاعري ڪري ايمان ۽ اسلامي روح کي تازو ڪيائين.
3. نيچرل شاعري ڪري قوم کي قدر آشنا ۽ حقيقت پرست بنايائين.
4. سعدي جي ڪريما کي نئين پيرايي ۾ سنڌي جي چاشني ملائڻ سان محفوظ ڪيائين.
5. نوان استعارا، نيون تشبيهون، نيون تمثيلون، نيون ترڪيبيون، چست بندش، شوخ ادا، فصاحت بلاغت جهڙيون خالص فني خوبيون سنڌيءَ ۾ پيدا ڪري ٻوليءَ جو ادبي پهلو روشن ڪيائين.
حاجي محمود خادم وڌيڪ لکي ٿو ته:
”هو سياسي ميدان جو به هڪ سرگرم ڪارڪن، عمدو ليڊر، مفڪر، مدبر ۽ عوام جو دلدادو، مجلسن جو مور ۽ جادو بيان مقرر پڻ هو.
* هن مرحوم حسن علي آفندي سان گڏ پونا ڪميشن ۾ وڃي نهايت جفاڪشي سان انگ اکر ڪڍي تحريڪ هلائي ”دکن اگريڪلچر ريليف ايڪٽ“ کي سنڌ سان لاڳو ڪرايو.
* خاندان جي ملڪيتن بچائڻ لاءِ قائداعظم جي پيش ڪيل مسوده جو فائدو وٺي سنڌ لاءِ وقف علي الاولاد جهڙو مفيد قانون پاس ڪرايائين.
* سال 1907ع ۾ جڏهن آل انڊيا محمدن ايجوڪيشنل ڪانفرنس ڪراچي ۾ ٿي تڏهن سنڌي مسلمانن جي تعليم لاءِ هڪ ٺهراءُ پيش ڪري پاس ڪرايائين ۽ فارسي کي نصاب ۾ داخل ڪرڻ جي رٿ جي تائيد خود نواب وقار الملڪ صاحب ڪئي هئي.
* مسلمان ۽ تعليم نالي ڪتاب ڇپرائي شايع ڪيائين.
* پنهنجي ڳوٺ ۾ انگريزي اسڪول برپا ڪيائين جو پوءِ وڌي هاءِ اسڪول ٿيو.
* بلبل مرحوم پهريون ملي جذبي وارو شخص هو جنهن ترڪي جي جنگ يا جنگ بلقا دوران هلال احمر جي تحريڪ کي سرزمين تي آندو ۽ زور وٺايو.
* ايني بيسنت جڏهن هندستانين کي مذهبي رنگ ۾ ڀنڀلائي، انگريزي حڪومت جي ڄار ۾ اڻ سڌيءَ طرح وڌيڪ مضبوط جڪڙڻ جو ڍونگ رچايو ۽ هوم رول جي تحريڪ جاري ڪئي، تڏهن بلبل مرحوم رول چال جي اصليت کي پروڙي، ان جي خلاف زوردار تحريڪ هلائي ۽ مسلمانن کي خبردار ڪيو ته هن جي بيچ ۾ نه اچن“.
برصغير ۾ پاڪستان تحريڪ جو دور هڪ سياسي هلچل جو دور هو. اڳ ۾ ”ٻٽو قومي نظريو“ وجود ۾ آيو. يعني مسلمان جدا ۽ هندو الڳ قومون آهن. ان نظريي پٺيان جدا رياست جو هجڻ ضروري سمجهيو ويو. ان ريت پاڪستان وجود ۾ آيو.
عام طور اهو چيو ٿو وڃي، اهو نظريو ۽ جدا مملڪت جو تصور ڏيندڙ علامه اقبال آهي جنهن الله آباد ۾ مسلم ليگ جي اجلاس ۾ هندستان جي مسلمانن لاءِ هڪ جدا وطن بابت 1938ع ڌاري پنهنجو نظريو پيش ڪيو. پر بلبل مرحوم جا سوانح نگار ان ڳالهه جي ترديد ڪن ٿا. ڊاڪٽر محمد ابراهيم شيخ لکيو يا حاجي محمود لکي ٿو ته:
”اهڙي طرح مسلمانن لاءِ جدا قوميت جي صدا بلند ڪرڻ وارو پهريون مفڪر بلبل مرحوم هو، پنهنجي ڪتاب ”جام جم“ جي صفحي 56 تي لکي ٿو:
’خدا کي دانهن آهي ته مسلمانن جي حال تي ڪو رحم ڪري، ان جو اهو مطلب ناهي ته مسلمانن اصل پوليٽيڪل ميدان تي نه اچن. ماٺ ڪري سمهي پون. نه! نه! بي شڪ هو واسطو رکن ۽ شدمد سان حصو وٺن. مگر جداگانه پنهنجا قومي مذهبي ملڪي حق گهرن. غلاميءَ کان آزادي جا پهه پچائن. اسان جي قوميت جو آواز بلند ڪيو وڃي جا سڀني کان مٿي هئڻ گهرجي. ان ريت روايت ڪئي ٿي وڃي ته بلبل مرحوم سڪرات وقت آخري لفظ چيا: هندن جا بُجڪَا ڌار ڪيو، ۽ مسلمانن جا بُجڪا ڌار ڪيو.“
بلبل مرحوم جون ٻه گهرواريون هيون. سندس وڏي گهرواري ’گل بيبي خاتون‘ مان کيس پٽ رئيس عبدالفتاح ڄائو ۽ ٻي گهرواري ’بيبي خانزادي‘ مان کيس پٽ نالي ’ضياءُ الدين‘ ڄائو. ٻئي پٽ ادبي ذوق جا مالڪ هئا. مگر رئيس ضياء جون ادبي خدمتون ملڪان ملڪ مشهور هيون. ميهڙ شهر جو ناميارو استاد ۽ تعليمي ماهر سنڌ جي ادبي دنيا ۾ سنڌ جو خليل جبران طور سڃاتل اديب محمد نواز محزون ڀٽي مرحوم، رئيس عبدالفتاح خان جو سڳو ڏهٽو هو. رئيس شمس الدين بلبل ذات جا شينا آهن. اها تصديق مرحوم بلبل جي پوٽي ۽ سندس علم و ادب جو وارث رئيس شمس الدين (ثاني) به ڪئي. نا معلوم سببن جي ڪري هنن ابڙو به سڏايو. البت پراڻي تاريخ ۾ اهڙا اهڃاڻ ملن ٿا جو شينا (چينه) ابڙا ذاتين مان هڪ آهي.
وقت جو مشهور عالم ڏاهو رئيس شمس الدين بلبل مرض ۾ وٺجي ويو. جنهن کي ”ٻلي ڳڙ“ چيو وڃي ٿو. آخرڪار ڇنڇر ڏينهن 17 ذي الحج 1337 هجري، مطابق 15 سپيٽمبر 1919ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. کيس ميهڙ ۾ سندس گهر جي ڀرسان سندس ئي جوڙايل مسجد جي لڳ ڏکڻ ۾ جاءِ ڏني وئي. اها مسجد شينن واري مسجد جي نالي سان مشهور آهي.
بلبل جي ڪافي شاعري ۽ تمام گهڻو نثر ملي ٿو. هڪ غزل ملاحظه ٿئي:

اي! جاني! هي جڳ فاني اٿوَ! ڪن لوڪ صدا، بابا!
هر عمر روان رواني اٿوَ! آخر ته فنا هي فنا، بابا!
گياني نه رهيا، ڌياني نه رهيا، ڪيئي جوتش لاثاني نه رهيا،
ٿيا آخر سڀ فاني نه رهيا، فاني کي نه آهه بقا، بابا!
ڏسُ! ڪهڙا ڪهڙا شاهه ويا، افسوس نه تن جا نشان رهيا،
نه نشان رهيا، نه مڪان ميڪن، نه ڪي ماڙي باغ سرا، بابا!
نه ڪو شاهه رهي، نه وزير رهي، نه ڪو دانشمند دبير رهي،
نه امير رهي نه فقير رهي، هڪ رهندو پاڻ خدا، بابا!
ڌَنُ دولت خواب خيال اٿوَ، اقبال ڪمال زوال اٿوَ،
هي ملڪ پرائو مال اٿوَ! پنهنجي نه اٿوَ شيءِ ڪا، بابا!هن دم جو قدم ٿيو سوءِ عدم، هن موت ڪيا لک مڙس هضم،
هي ناز نعم يا جاهه حشم، ڪنهن سان به ڪندا نه وفا، بابا!هلُ هيڻو ٿي، ڪَر هورو هَڏ، ڇڏي ماڙيون ڪر نه خزانو گڏ،
ٿئي آخر نيٺ اجل جو سڏ، ۽ ٽرندي ڪين قضا، بابا!
گلزار ۾ گل ڦل ڪين رهي، ۽ باغ ۾ بلبل ڪين نه رهي،
هي غو غاغل غل ڪين رهي، نه ادا، نه ندا صدا، بابا!

ياد رهي ته بلبل مرحوم گاهي مهيسر جي درسگاهه ۾ تعليم دوران شاعري شروع ڪئي. تخلص ”بلبل“ تجويز ڪيو. ان بابت ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل جي ڪتاب ”بلبل سنڌ“ جو هيءُ اقتباس گهڻو ڪجهه اظهار ڪري ٿو:
”جيڪڏهن بلبل جي غزلن جي مختلف مقطعن کي غور سان جاچبو ته معلوم ٿيندو ته ان جا بجا گل ۽ بلبل جو ذڪر آندو آهي. ائين پيو معلوم ٿئي، ڄڻ لفظي رعايت کان ڪم ورتو اٿس. اصل ۾ ڳالهه ٻي ٿي معلوم ٿئي. يعني ان ۾ هڪ حقيقي راز رکيل آهي. جو هيءُ آهي ته مرحوم بلبل پهرين شادي عشق ۽ محبت جي ڪئي هئي. اسان جڏهن سندس فرزند ضياءُ الدين ضياء کان ان بابت لکي پڇيو، ان اسان جي ڳالهه جي تصديق ڪئي. اهو ئي سبب آهي، جو’ ديوان بلبل‘ ۾ گل ڏانهن هر هر خطاب ٿيل آهي. اهو تخلص به شايد انهي ڪري رکيو هئائين. بي طرح سندس طبعيت جي رنگيني ۽ وسعت سبب به موزون آهي. ’ديوان بلبل‘ به انهيءَ عشق جو نتيجو ٿو ڏسجي.“
رئيس شمس الدين بلبل جي وڇوڙي وقت سنڌ ۽ سنڌي ادبي حلقن ڪافي ڏک محسوس ڪيو. سندس ياد ۾ سنڌي ۽ اردو ۾ مرثيا لکيا ويا. جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا. هتي هدايت الله تارڪ نجفي جو بلبل مرحوم جي ياد ۾ لکيل فارسي غزل پيش ڪجي ٿو:

چون رئيس آن شمس الدين رحلت نمود،
شد دل- احباب زين رحلت دونيم.
چون رئيس و نامدار نيڪ نام،
سالڪ و فرزانه با طبع- سليم.
مشتغل بودي به شغل- دنيوي،
هَم به راهه- شرح بودي مستقيم.
شاعر و زيرڪ خردمندو سخي،
بافراست بود باقلب- صميم.
از مهه- ذوالحج، روز هفدهم،
صبح شنبه گشت درجنت مقيم.
يا الاهي، بهر مقبولان تو،
مسڪن- اوڪُن به گلزار نعيم.
باڪرم چون باد سال رحلتش،
گفت تارڪ، ”بلبل- باغ- ڪريم.“

بلبل مرحوم اوائل کان ”سنڌ محمدن ايسوسي ايشن“ جو بنيادي ميمبر هو. جنهن ۾ ميهڙ جا ٻيا ماڻهو به ميمبر هئا. ان کان سواءِ 1925ع ۾ بزم بلبل قائم ڪئي وئي. جنهن جو پهريون صدر رئيس عبدالفتاح خان بن رئيس شمس الدين بلبل هو. ان کان پوءِ رئيس ضياءُ الدين ضياءُ صدر بڻيو. شروعات کان وٺي پڄاڻي تائين مشهور شاعر شاهه محمود صوفي، بزم جو سيڪريٽري رهيو.
ميهڙ ۾ هن بزم ڪافي طرح ۽ غير طرح مشاهرا ڪرايا ۽ جمعيت الشعراء سنڌ جي سهڪار سان ميهڙ ادبي ڪانفرنسون به ڪوٺايون. ان ريت بزم طرفان ”بوستان بلبل“ جي نالي سان ماهوار ادبي رپورٽ جاري ڪئي وئي، جنهن جو سرپرست رئيس ضياءُ الدين ۽ مرتب جمع خان ’غريب‘ هو.
حافظ محمد احسن چنا، پنهنجي مضمون ۾ رئيس شمس الدين بلبل جي دوستن ۽ ساٿين جي نالن جي فهرست ڏني آهي، جيڪا هن ريت آهي:
شاعر ۽ اديب:
1. مولانا شفيع محمد مسجدي حقير تعلقو ميهڙ.
2. مولانا غلام محمد سوڍر، تعلقو ميهڙ.
(هي مجذوب شخص رئيس بلبل وٽ رهندو هو ۽ رئيس ضياءُ الدين ضياء جي خدمت به ڪئي.)
3. مولانا غلام رسول سوڍر تعلقو ميهڙ.
4. مولانا دين محمد اديب، فيروز شاهي.
5. ماستر جمع خان غريب، تعلقو ميهڙ.
6. حڪيم شاهه محمود صوفي، تعلقو ميهڙ
7. سرائي اميد علي زرداري، ٻورڙي خيرپورناٿن شاهه.
8. خان بهادر چاڪر خان شاهاڻي تعلقو جوهي
9. حافظ حاجي محمد احسن چنا- دادو
10. مخدوم نظام الدين صديقي، پاٽ شريف.

دادو ضلعي جا ٻيا نيڪ مرد:
11. حافظ ڪمال الدين ڏيپر
12. سيد امير علي شاهه، ٻٽ سرائي
13. رئيس قادر بخش خان سهتو، ميهڙ
14. وڏيرو دوست محمد خان ٿيٻو
15. مولانا محمد سليمان واعظ الاسلام
16. وڏيرو شير محمد خان ناريجو
17. سيد حاجي علي اڪبر شاهه، ميهڙ
18. وڏيرو محمد صادق جانوري
19. رئيس پيارو خان لغاري
سياستدان ۽ وڪيل:
20. خان بهادر غلام محمد خان لغاري
21. نواب حاجي امير علي لاهوري
22. جناب سر شاهنواز ڀٽو
23. جناب سر حاجي عبدالله هارون.
24. جناب حسن علي آفندي
25. جناب سيد الهڏنو شاهه ڊڀرئي وارو
26. جناب غلام محمد ”شيدي“، شڪارپور
27. جناب سر غلام حسين هدايت الله
28. سردار محمد يعقوب خان
29. شيخ محمد ابراهيم
30. خان بهادر نانا
31. ميان غلام محمد ڀرڳڙي
32. سردار عبدالباقي
33. جناب مير رحيم داد مولائي شيدائي
34. نواب ولي محمد لغاري
35. آغا گل محمد خان، شڪارپور
36. آخوند عطا محمد، مٽياري
37. خان بهادر غلام محمد غلام نبي شاهه، ميرپورخاص
38. مير مقبول خان

مذهبي پيشوا:
39. ميان حسن الله صديقي پاٽائي
40. مولانا عبدالغفور صاحب همايوني
41. مولانا غلام صديق شهدادڪوٽي
42. مولانا محمد عثمان نورنگزاده- ڪورائي
43. مخدوم محمد امين هالائي
44. حضرت شاهه مردان پير پاڳارو
45. خواجه عبدالرحمان سرهندي
46. خواجه حافظ حسن جان سرهندي
47. ميان عبدالڪريم مهيسر قاضي عارف
48. حضرت آقا محمد جان سرهندي
49. پير رفيع الدين صاحب سرهندي
50. سيد ڏنل شاهه (رٽائرڊ جج)
51. جناب محمد اڪمل، روهڙي

صحافي ۽ ايڊيٽر:
52. جناب محمد هاشم ”مخلص“
53. جناب مير بشارت حسين زيدي، خيرپورميرس
54. مولوي نور محمد صاحب نورل نظاماڻي

بلبل مرحوم جا هندو دوست:
55. سيٺ جيتو مل، ميهڙ
56. مکي گوئومل، ميهڙ
57. سيٺ پريتم داس، ميهڙ
58. ديوان چند رام وڪيل، ميهڙ
59. برجومل، ميهڙ
60. ديوان هاساسنگ- مدرسة الاسلام ميهڙ جو هيڊماستر
61. مسٽر مول چند- رٽائرڊ ڊپٽي ڪليڪٽر، دادو.

لاڙڪاڻي ضلعي جا شاعر:
62. حافظ عبدالله حافظ
63. مولانا در محمد خاڪ ڪانڌڙو
64. حاجي خانڻ چنجڻي
65. هدايت علي تارڪ نجفي
66. جناب نواز علي نياز
67. حاجي محمود خادم
68. ميان علي محمد قادري

سنڌ جا شاعر:
69. سيد غلام محمد شاهه گدا، حيدرآباد
70. سيد فاضل شاهه
71. مير عبدالحسين سانگي
72. پير نصير نوشهروفيروز
73. پير ڪمال نوشهروفيروز
74. ميان وڏل حيدري
75. اسد الله شاهه ٽکڙائي
76. سيد نواز علي شاهه ٽکڙائي
77. حافظ حامد ٽکڙائي
78. حافظ هارون ٽکڙائي
79. حافظ عبدالله بسمل ٽکڙائي
80. غلام مرتضيٰ شاهه مرتضائي، ٺٽو.
81. محمد ابراهيم صديقي خليل
82. مرزا قليچ بيگ
83. مرزا احمد علي جهرڪ
84. مير محمد شاهه حسيني لکوي
85. آخوند عبدالقادر بيدل، شڪارپور
86. حافظ محمد حيات شاهه نابين
87. زمان شاهه ساقي، ٺٽو
88. ميان غلام احمد نظاماڻي، ڪراچي
89. مولوي محمد عاقل
90. شاهه محمد ديدڙ
91. عثمان فقير سانگي
92. ڇتو فقير سانگي
93. دريا خان
94. خير محمد فقير هيسباڻي
95. مير حسن علي خان حسن
96. امام بخش خاد،م شڪارپور
97. ڀاون علي شاهه ساقي، بدين
98. مل محمود- پلي
99. پير امير علي شاهه
100. منٺار فقير راڄڙ
101. محمد فقير کٽياڻ
102. سيد ميران محمد شاهه (اول)
103. آخوند عزيز الله متعلوي، هالائي
104. محمد صديق ”مسافر“
105. ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقي
106. حڪيم مولانا فتح محمد سيوهاڻي
107. جناب محمد بخش واصف.

حافظ محمد احسن صاحب چنا جي هن فهرست ۾ ڪيترا ٻيا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا. جهڙوڪ: رئيس رضا محمد مهيسر، رئيس ولي محمد ولي، پير شاهه دوران ٻٽ سرائي، مولانا عبدالڪريم ڏيرو ميهڙ، حاجي رسول بخش صاحب ڏيرو فريدآباد وغيره.
رئيس شمس الدين بلبل ۽ نواب غيبي خان چانڊيو جي دوستاڻي تعلق بابت، جناب خليفو عبدالحميد صاحب چانڊيو پنهنجي ڪتاب ”سوانح حيات نواب سر غيبي خان چانڊيو“ ۾ لکيو آهي ته:
”نواب غيبي خان کان (رئيس بلبل) عمر ۾ گهڻو وڏو هو. نواب صاحب جي والد ماجد سان به بلبل مرحوم جا گهرا تعلق هئا.“

خليفو عبدالحميد صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته:
”نواب صاحب بلبل جي معرفت ڪيترن تعليمي مدرسن ۽ اسڪولن لاءِ پيسا ڏنا. مثلاً 1911ع ۾ ميهڙ جي هاءِ اسڪول ون (سنڌ مدرسته الاسلام ميهڙ) جو گهڻي ڀاڱي خرچ، نواب صاحب جي طرفان ڪيو ويو.“

(سنڌ سلامت تان ورتل)