Wednesday 9 May 2018

اسحاق راهي ؛ “ گل اهڙي طرح ٿا هوا ۾ لڏن، ”ڪلام جو شاعر.

آزاد انور ڪانڌڙو
ناميارو شاعر ۽ اديب اسحاق راهي 6 جون 1994ع تي ادبي مجلسن، ميڙاڪن ۽ ڪچهرين کي ويران ڪري، دوستن کي روئندو ڇڏي پنهنجي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو. سندس اوچتي جدائيءَ سان سنڌي ادب، خاص طور تي سنڌي شاعريءَ جي دنيا ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿيو آهي. اسحاق راهي پنهنجي شاعريءَ جي هر صنف کي حسين کان حسين بنائڻ جي سلسلي ۾ فني تجربا ڪيا. ان لحاظ کان سنڌي ادب ۾ راهي صاحب کي چوٽيءَ جي وڏن شاعرن ۾ جڳهه ملي ۽ فني لحاظ کان سنڌي شاعريءَ ۾ انفرادي مقام ماڻيو. اسحاق راهي جو پورو نالو محمد اسحاق سومرو ولد محمد صالح سومرو هو. سندس  جنم ميهڙ ۾ 9 اپريل 1935ع تي ٿيو. سندس وڏا ڪنڊياري تعلقي جي بکري ڳوٺ جا رهاڪو هئا ۽ زماني جي گردش سبب ميهڙ اچي آباد ٿيا. راهي صاحب پرائمري تعليم ميهڙ جي پرائمري اسڪول ۾ ورتي، پهريون ۽ ٻيو درجو کيس سنڌ جي نامياري دانشور، محقق، نقاد، ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ٽماهي مهراڻ جي ايڊيٽر مولانا غلام محمد گرامي  پڙهايو، جو ان وقت ميهڙ ۾ استاد هو. ان طرح مئٽرڪ ميهڙ هاءِ اسڪول مان پاس ڪيائين. ڏهون درجو کيس سنڌ جي هڪ ٻئي مشهور اديب، دانشور، محقق، مترجم سائين م-ن محزون (محمد نواز ڀٽي) پڙهايو. پاڻ پرائمري استاد جي حيثيت سان پنهنجي سروس جي شروعات ڪيائين. ان کان پوءِ زراعت کاتي ۾ نوڪري ڪيائين، جتي آخر تائين ميهڙ ۾ فيلڊ اسسٽنٽ هو. هو ڪيترين ئي ادبي ۽ سماجي تنظيمن سان لاڳاپيل رهيو، جن ۾ بزمِ لطيف نصير آباد جو جنرل سيڪريٽري، بزم اڪبر ميهڙ جو جنرل سيڪريٽري،  جوائنٽ سيڪريٽري، سنڌ ڪلچر ڪائونسل ضلعي دادو جو آرگنائيزر ۽ حيدرآٻاد ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري، بزم طالب الموليٰ خيرپور ناٿن شاهه جو نائب صدر، بزم صرير پنهور ميهڙ جو سرپرست اعليٰ، سنڌي ادبي سنگت ميهڙ جي ڪاروباري ڪميٽيءَ جو ميمبر، رابيل شر ادبي فورم ميهڙ جو ميمبر، بزم گرامي ميهڙ جو سرپرست اعليٰ ۽ ٻين سماجي تنظيمن سان وابسته رهيو. راهي صاحب کي شاعريءَ جو شوق 1956ع ۾ جاڳيو ۽ ان وقت جتي به مشاعرا ٿيندا هئا، اتي وڃي شريڪ ٿيندو هو. نامياري شاعر نشتر ناٿن شاهي جي صحبت ۾ ان شوق ۾ واڌارو ٿيو. ان طرح مولانا غلام محمد گرامي، ٽماهي مهراڻ وسيلي راهي صاحب جي شاعريءَ ۾ رهنمائي ۽ رهبري ڪئي. راهي صاحب جي ڪلام ۾ جماليات ۽ سوزو گداز سان گڏ ماحول ۽ زندگيءَ جي مسئلن ۽ معاملن جي ترجماني موجود آهي. سندس ٻولي سادي، مٺي ۽ من موهيندڙ آهي. کيس شاعريءَ جي تقريباً سڀني صنفن تي دسترس حاصل هئي. سندس انداز بيان ۾ اصليت ۽ صداقت جا نماڻا ۽ سٻاجهڙا عنصر موجود آهن، جي پڙهندڙ کي متاثر ڪرڻ ۾ دير نٿا ڪن. اسٽيج تي ڪلام پڙهڻ جو سندس ڍنگ به نهايت منفرد هو. سندس انداز بيان محفل ۽ سامعين کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندو هو. سندس ڪلام سريلو ۽ مترنم آهي. ان ڪري ترنم سان پڙهڻ ۾ وجد انگيز ۽ روح پرور ڪيفيتون ٿو پيدا ڪري. سندس ڪلام ۾ بي پناهه سادگي ۽ رواني آهي. ان ڪلام جي مطالعي مان سندس فني پختگي ۽ قادر الڪلامي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. راهي صاحب سڄي عمر خاموش علمي ۽ ادبي خدمت ڪندي گذاري. هو ذاتي زندگيءَ ۾ نهايت قربائتو. خوش مزاج، سادگي پسند، ڪچهريءَ جو ڪوڏيو ۽ مجلس جو مور هو. سندس ڪلام سنڌيءَ جي سمورن رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل آهي، خاص طور تي ٽماهي مهراڻ ۾ شايع ٿيندو رهيو ۽ وقت بوقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، خيرپور، ڪراچي ۽ ڪراچي ٽي وي اسٽيشن تان پڻ نشر ٿيندو رهيو آهي. اسحاق راهي پاڻ هڪ اشاعتي اداري “سرمد پبليڪيشن” ميهڙ جو بنياد وجهي ان اداري پاران علامه مستاني سيوهاڻي (رحمت الله ابڙو) جو ناول “ٻير جي ڍنگهري” ۽ هڪ سئو اديبن ۽ شاعرن جي سوانح عمرين تي مشتمل ڪتاب “وڻجارا” ڇپرايا. سندس وڇوڙي جي سترهن سالن بعد سنڌي ادبي سنگت ميهڙ اسحاق راهي جو پهريون شعري مجموعو “مگر تون مان نه هونداسين” ڇپرائي هڪڙو فرض نڀايو ۽ قرض ادا ڪيو آهي. سندس ڪتاب تي برک شاعر عنايت بلوچ، تاج جويو، جوهر بروهي، احمد خان مدهوش، امتياز عادل سومرو، شيخ اسحاق دانش، ادل سومرو ۽ آزاد انور ڪانڌڙو به ٻه اکر لکيا آهن.

اسحاق راهي
مگر تون مان نه هونداسين،
ڪچهريون روز پيون ٿينديون، مگر تون مان نه هونداسين،
نيون پيون محفلون مچنديون، مگر تون مان نه هونداسين.
موافق باغ سان بادِ صبا پئي هر گهڙي ٿيندي،
گلن ۾ رنگتون اينديون، مگر تون مان نه هونداسين.
چمن ۾ چهچٽا هوندا، ڪلين ۾ تازگيون هونديون،
بهارون اينديون ۽ وينديون، مگر تون مان نه هونداسين.
نوان عشاق پيا ايندا، نوان محبوب پيا ملندا،
نديون پيون نينهن جون وهنديون، مگر تون مان نه هونداسين.
حياتي واري ڪان ميلا محبت جا پيا ايندا،
دليون ڪي پرچنديون رسنديون، مگر تون مان نه هونداسين.
هميشه بره جون بجليون ۽ هوندا پيار جا بادل،
نيون پيون بارشون وسنديون، مگر تون مان نه هونداسين.
اسان کان پوءِ ڀي آباد هوندا ويڙها خوشين جا،
وري عيدون پيون اينديون، مگر تون مان نه هونداسين.
اهي راتيون رسيليون ۽ رهاڻيون، تنهنجو ۽ منهنجو،
پيون هر گام تي پڇنديون، مگر تون مان نه هونداسين.
سنڀالي دل ۾ دل واريون نشانيون نينهن واريون خود
لڪائي پيون لڪائينديون، مگر تون مان نه هونداسين.
اهائي حسن جي پوڄا ۽ هوندا سونهن کي سجدا،
پچارون پيار جون هلنديون، مگر تون مان نه هونداسين.
اسان جي پيار جي خوشبو سان ويندا واسجي ”راهي“،
سڀئي واهڻ سڀئي وسنديون، مگر تون مان نه هونداسين.
........
گل اهڙي طرح ٿا هوا ۾ لڏن، ڪو ها ٿو ڪري ڪو نه ٿو ڪري
ڳالهيون ته الائي ڪهڙيون اٿن، ڪو ها ٿو ڪري ڪو نه ٿو ڪري
وارن جون چڳون جي يار ڇڏيون، رخسار تان ڄڻ پيا نانگ لهي
ڳلڙن کي چمڻ لئه پيا تڙپن، ڪو ها ٿو ڪري ڪو نه ٿو ڪري
راهي کي سزاءِ عشق ڏجي، راهي جي صنم کي ڄاڻ ڪريو،
پنچائت گهرائي بحث پيا ڪن، ڪو ها ٿو ڪري ڪو نه ٿو ڪري.

قطعا - اسحاق راهي
موت اچڻ ۾ دير ڪئي آ،
يار ملڻ ۾ دير ڪئي آ،
ڏسجي، ڪير اچي ٿو اڳ ۾،
مون به مرڻ ۾ دير ڪئي آ.
*
هُو ماڻن سان ماري ته مان ڇا ڪريان،
جي مُرڪي نهاري ته مان ڇا ڪريان،
چريائي سان پنهنجو وڏو چاههُ آهي،
صنم جي سُڌاري ته مان ڇا ڪريان.
*
پيار جو نالو کڻي مون سان نه مِلُ،
بره جو ڀالو کڻي مون سان نه مِلُ،
منهنجي دل جو اي سڄڻ ڪرڪو خيال،
نيڻ ڪو آلو کڻي مون سان نه مِلُ،
*
توکي جيئن مان ڏسندو آهيان.
مرندي مرندي بچندو آهيان،
مون کان مُرڪ لڪائين ڇو ٿو،
مان ته انهيءَ لئه مرندو آهيان

***
ڇا ذڪر ڪيان تنهنجي مان حُسن جوانيءَ جو
جلوو آ  ڏٺو تنهن جو مون  چنڊ   ستارن    ۾
. اسحاق راهي.
گلشن تي لک، گلن تي ، نظارن تي ويهي لک،
لکڻو اٿئي ته دل جي بهارن تي ويهي لک
هر دم، قدم ۽ راهگذارن تي ويهي لک
گھٽ گھيڙ تي ۽ چاهه جي چارن تي ويهي لک
نظرن کي آ فريب مليو سبزه زار کان
ويران شهر، صحرا، مزارن تي ويهي لک
ذڪر_ خزان فضول آ گلشن ۾ همنشين
دل ٿي چوي ته دل جي قرارن تي ويهي لک
گرهڻ لڳي ٿي جن کي انهن تي لکڻ ڇڏي
ٽيڙو ڪتبن فلڪ جي ستارن تي ويهي لک
گيسو ڇڏي ٿو يار ته ٻئي جڳ ٿا واسجن
راهي لکين ته ان جي ئي وارن تي ويهي لک
*****
اسين هاڻ وسنديون وساري هلياسين
. جي ڀلجي به ڳوليو، مزارن ۾ ڳوليو
. شاعر اسحاق راهي
****