Wednesday 2 May 2018

لات جا لطيف جي : سـُــر سـِـــريراڳ


ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
سـُــر سـِـــريراڳ : شــِـــري معنيٰ وڏو، جيڪو بگڙي ٿيو ســِــرِي. سريراڳ معنيٰ وڏو راڳ يا سـُــٺـــو راڳ. هـِــن ســُــر ۾ ٻيڙياتن ۽ سندن وَڻج واپار، سونارن وينجهارن ۽ لوهارن جو ذڪر پڻ ڪيو ويو آهي.
ڪايو ڪمايوم، موتي مـُــون نه وَڻجيا،
سـِـيـھــَــي جو سيد چئي، وَکَر وِهايوم
هھڙو حال سـَــندوم، توهه تنهنجي اُبـھـان.
(سُر سري راڳ)
 سمجهاڻي: سچن ٻانــَــھــَــن جي عاجزيءَ ۽ اِنڪساريءَ جي ترجماني لطيف سرڪار هـِـن بيت ۾ ڪئي آهي. هــُـــونــئــن به اسان شاهه سائينءَ کي پڙهنداسين ته معلوم ٿيندو ته هــُـــو اُنهن ٿورن شاعرن مان آهي جيڪي الله تعاليٰ کان عدل بدران فضل گــهــُــــرنـــدا آهن. ٻانــُــھــــو چئي ٿو مــُـــون جيڪو ڪـــُـــجــهـــه ڪيو آهي اُن جو مــُــلــهــه ڪــُــجــهــه به ناهي. مــُــون هيرن ۽ جواهرن بدران ڪاوَن (بيڪار شيشن) جو ڌنڌو ڪيو آهي. ڪي به اهڙا اعليٰ ڪم ناهن ڪيا جن جي ڪري فخر ڪريان. سون جي بدران شــِــيــھـــي / لوهه جو ڪاروبار ڪيو اٿم. سو حال به مــُــنــھــنــجـــو اَڀرو ســَــڀــرو آهي. جيڪڏهن حساب ڪندين ته پــُــورو نه پــَـــوَنــدس. بــس مــِــڙئـــي تــُــنـھــنــجـــيءَ ٻاجهه سان پيو زندگي گــُــذاريــان. سو ســَــتـــُـــر ڪج ســَـــتـــار!
ڪـــَــچُ ڪمايوم ڪـُــوڙ، ڀـَــڳــم عھد الله جا
پڃرو جو پاپن جو، سو چوٽيءَ تائين چـُــور
معلوم اٿيئي مـُــور، ڳـــُـوڙهـــا اِنهيءَ ڳالهه جو.
(سُر سري راڳ)
 سمجهاڻي: اي مالڪ! توسان جيڪي وَچــَــن ڪيا هــُــئــم سي سڀ ڀــَــڃــي ڇڏيم. واعدي جي ڀڃڪڙي ڪندي رُڳو ڪــُــوڙ، ٺــَــڳـــيءَ ۽ دوکي جا ڀــُــتـــا ڪم ڪيا اٿم. مــُــنـھــنــجـــو سڄو وُجــُـــود ڏوهن سان ڀريو پيو آهي. تــُــون مــُــنـھــنـجـــن پـــِــرڪـــارن کان واقف آهين سائين! تو کي مان ڇا ٻــُــڌايــان؟ تــُــون سڀ ڪــُــجـهــه ڄاڻين ٿو. سو پنھنجو ڪرم ڪر. مان تــُــنـھــنــجـــيءَ مــِــھــر مان مايوس ناهيان.
هـِـڪــِـي ٻانــھــي چـِـت ۾، ٻي جا ڪري الله،
پاڻهين وجهي ڪــُــنَ ۾، پاڻهين اُڪارَي اوڙاهه
تنهن واحد کي واهه، جو ســُــتــَــڙِ سڀيئي ڪري.
(سُر سري راڳ)
 سمجهاڻي: ٻــانــُــهـــون سوچيندو ۽ حاصلات لاءِ جيڪو لوچيندو آهي لازمي ناهي ته سندس پــالــڻــھـــار به هــُـــن لاءِ ائين سوچيندو هــُــجــــي. بندي جي مـَــن ۾ هڪڙي ته خالق جي مـَـــن ۾ ٻي. اسان جنھن مقصد جي ماڻڻ لاءِ ڏينھن، رات هڪ ڪري ڇڏيندا آهيون ته ڪڏهن ڪڏهن اُن ۾ ناڪام به ويندا آهيون. ٿي سگهي ٿو ته اها حاصلات اسان کي نــُــقــصـــان ڏئي يا اُن وقت اسان لاءِ فائديمند نه هــُــجــــي. اِها حڪمت ته رُڳو اسان جو رب ئي بھتر ڄاڻندو آهي. تنھن ڪري وقتي ناڪاميءَ تي رَنج نه ٿجي بـلـڪـِـه پنھنجي جاکوڙ جاري رکجي. اُهو ئي مالڪ آهي جيڪو ڪــُــنــن ۾ ٻــوڙي به ٿو ته وري اُونهيءَ کــڏ / اوڙاهه مان پار به پــُــڄــائــي ٿو. سو سڀ ڪــُــجــهــه سندس هٿ ۾ آهي. شل سڀني کي پار پــُــڄــائـــي. اَنيڪ مقصدن ۾ ڪامياب ڪري. آمين!
آڏو چــِــڪڻ چاڙهه، منهنجي موج نه سهي مــَــڪڙِي،
ميڙي مـــَــٺايــُــن جو، بيحد چاڙهيم بار
چوڻ چارو ناهِه ڪو، بــَـديون بيشمار،
ڪپر ڪارونڀار، اُڪارِئين احسان سين.
(سُر سري راڳ)
سمجهاڻي: ســُــرکــنـڀــات ۾ لطيف سرڪار ٻيڙياتن جو به ذڪر ڪيو آهي. جڏهن هــُــو سمنڊ يا درياهه ۾ ٻيڙي ڪاهي نڪرن ٿا ته کين ڪيترن ئي خطرن کي مــُــنـھــن ڏيـڻــو ٿو پوي. اهڙيءَ صــُــورت ۾ هــُــو پنھنجي رب کي ٻاڏائن ٿا؛ نياز ۽ نــِـــوِڙت جو اظھار ڪن ٿا؛ سڀ وَڏايون ۽ ڊاڙون ڇڏي چــَــوَن ٿا ته اي مالڪ سائين! ٻيڙي وِچ ســـِــــيــر ۾ ڦاٿل اَٿم. اڳيان تــِــرڪــڻـــيءَ ۽ چـــِــيــڪــيءَ مـــِـــٽــــيءَ جي اهڙي گـــَــپ ۽ ڌُٻڻ آهي جيڪا ٻيڙين کي به ڳــــِـــھــــِــــي يا ڇــــِـــــڪــــي وڃي ٿي. مــُــنـھــنـجـــي ٻيڙي ته پاڻيءَ جي لھرن ۽ وِيــرُن جي به ســَــــٽ نه ٿي سھي سگهي. تنھن کان ســِــــواءِ مان ڪو پاڪ دامن ۽ پھتل ٻانــُــهـــون به ناهيان جو مــُــنـھــنــجــــا ثواب مــُــون کي ڪم اچي وڃن. اِن حالت ۾ مان انصاف جي گـهــُـــر به نه ٿو ڪري سگهان. تنھن ڪري پنھنجو احسان ڪر مــُـــون تي. ڀلائي ڪري اُونداهون ۽ خطرناڪ ڪــِـــنـــارو پنھنجيءَ ٻاجهه سين پار ڪرائي تڙ تي پھچاءِ!
ٻيڙِي پـُــراڻـــِــي؛  وَکر پاءِ م وِترو،
تــَـــري ۾ تـُــن پيا؛  پاسنــِــئـون پاڻـي
هـــِــيءَ هــَــــڏ وِهاڻي،  ڪـَــڙهُه ڪالهوڻي ڏِينھن کي.
(سُر سري راڳ)
سمجهاڻي: لطيف سرڪار هـِــن بيت ۾ ٻيڙيءَ واري کي صلاح ڏيندي فرمائي ٿو ته تــُــنـھــنـجـــي ٻيڙي به پــُــراڻــي جـهــونـــي ٿي وئي آهي. تنھن ڪري هرون ڀرون لالچ ۾ اچي اُن ۾ گهڻو سامان نه ســَـــٿ. ٻيڙيءَ جي چوڌاري ته پاڻي هــُــونــدو ئـــي آهي مٿان وري تــُــنـھــنجــيءَ پــُــراڻـــيءَ ٻيڙيءَ جي وِچ ۾ / تــَـــري ۾ سوراخ به ٿي ويا آهن. ائين نه ٿئي ته ڪنھن سوراخ مان پاڻي ٻيڙيءَ ۾ ڀرجي وڃي ۽ نتيجي ۾ ٻيڙي ٻــُــڏي وڃي. هــُــن جو وقت پــُــورو ٿي چــُــڪـــو اَٿئي. ٻين لفظن ۾ Expired ٿي چــُــڪـــي آهي. تنھن ڪري هاڻي ســُــڀـــاڻـــي لاءِ سوچ؛ ڪا مــُــســتــقــبــل لاءِ رٿابندي ڪر. جيڪڏهن بھتر آئيندو چاهين ٿو ته ماضيءَ جي تجربي ۽ حال جي حالتن کي آڏو رکي ســُــٺــيءَ ۾ ســُــٺـــي رٿابندي ڪر! هيءُ پيغام رُڳو ٻيڙياتي لاءِ ناهي بـلـڪـِـه اسان سڀني لاءِ آهي. جـُـتــو وانءُ جھاز! گــَــڏيــو غــُـــرابـــن سين،
پــُـــورِيـــنـدي هـُــن پار ڏي سـَــڌَر کڻج ساز
اَچن ٿا آواز،  ســَـــٽــــــاڻـــي سـَـــمــُــــنــڊ جا.
(سُر سري راڳ)
سمجهاڻي: ســامــُـــونــڊي ٻيڙن ۽ جھازن جا به مـُـخــتــلــف قــِـــســـم ٿين ٿا. ڪي ننڍا ته ڪي وڏا ته ڪي وري تمام وڏا. غوراب وڏي جھاز کي چـَــوَنــدا آهن جنھن ۾ سامان به گهڻو پئي ته سھولتون به گهڻيون سمايل هــُــجــنــس ٿيون. غوراب پاڻ سان گڏ ننڍن جھازن کي ساڻ وٺي مدد ڪندا ويندا آهن. لطيف سائين ظاهري طور ته ننڍي جھاز کي چئي ٿو ته تــُــون پنھنجين گهٽ سھولتن، محرومين ۽ گهٽ حيثيت هـُـجــڻ تي مايوس نه ٿيءُ؛ بيھي نه رهُه؛ ڪم ڇڏي نه ڏي؛ ڀلي غورابن جو سھارو وٺي هلندو رهُه پر ياد رک ته ان جو مـُـڪــمــل آسرو نه ڪجانءِ؛ هرو ڀرو لاهي پاهي نه بيھجانءِ؛ پنھنجي تياري مـُـڪــمـــل ڪجانءِ؛ ضرورت جو سڀ سامان ساڻ کــڻــجـــانءِ ڇاڪاڻ ته مست ۽ زبردست سمنڊ جون رَڙيون ۽ گــَــجــگـــوڙيــون تــُـــون ٻــُـــڌيـــن ٿو پيو. مــُــصــيــبـــت جي گـهــَـــڙيءَ ۾ ڪو به ڪنھن جي مدد نه ڪري سگهندو آهي. اسان هــِــن بيت مان جھاز ۽ غوراب کي حيحيت ۾ ننڍن ۽ وڏن ماڻهن سان ڀيٽي پاڻ کي پرکيون ۽ اڳتي وڌون.
لـُڙ، لـَھـريـُون، لَــس ليٽ؛ جــتي اَنت نه آب جو،
الله! اُت مَ اولــئِــيــن، ٻـيــڙا مـٿـي ٻــــيـٽ
جــوکــــــو ٿــئـــي مَ جـھـاز کي؛ ڦـــَــــرَهـــِـــي اَچي مَ ڦيٽ،
لـڳــي ڪـامَ لـپـيـــٽ، هــِـــن غــاريـبــيءَ غــُـــراب کــي.
(سُر سري راڳ)
سمجهاڻي: سمنڊ جو نظارو بيان ڪندي شاهه صاحب مــُــھــاڻــي جي زباني فرمائي ٿو ته سمنڊ ۾ ڪــُــنــن جا ڪــَــڙڪـــا، لھرن ۽ وِيـــرُن جا وَراڪا ۽ رُڳو پاڻي ئي پاڻي آهي. اي الله پاڪ! اهڙيءَ حالت ۾ ڪنھن خوفائتي ۽ نــُــقــصـــان ڏيندڙ ٻــيــٽ سان ٻيڙا نه ٽــَــڪــرائــجـــانءِ جو ٽــُــڪــرا ٽــُــڪـــرا ٿي وڃن! ٻاجهه ڪري اهڙيءَ مــُــصــيــبـــت کان اسان جي هــِـــن غــريــبــاڻــي ٻيڙي کي بچائجانءِ! اسان وٽ ته اِن کان ســِـــواءِ ٻي ڪا به مـــَـــڏي ملڪيت ناهي؛ سڄو گهر اِن تي ئي پــَــلــجــــي ٿو. جيڪڏهن اِهو به کـــَـــســــي ڇــڏيــُـــئـــه ته پوءِ اسان وٽ ڇا رهندو؟ اسان جا ٻــَــچـــڙا اسان جي انتظار ۾ آهن. سو ڪرم ڪري حفاظت سان اسان کي واپس پھچائجانءِ!
اَگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿِي
پلئــِـه پايو سچ، آڇــِـــيندي لڄ مران.
(سُر سري راڳ)
سمجهاڻي: زماني جي بدليل قدرن تي لطيف سائين به ماتم ڪري ٿو. سندس هــِــن بيت ۾ اعلي قدرن، حق ۽ سچ لاءِ وِڙهندڙن سان جيڪو ســُــلــُــــوڪ ڪيو وڃي ٿو اُن جي ترجماني ٿيل آهي. ڪــُــوڙ، ٺــَــڳـــي، رُشوَت، دهشتگردي، ڪــَــٺـــورتـــا، ڪــُــپـــت ۽ ڪميڻائپ ايتري ته وڌي وئي آهي جو حق، سچ ۽ ايمانداريءَ جي واٽ تي هلندڙ ماڻهونءَ کي چريو سمجهيو وڃي ٿو. عظيم ماڻهو اُهو سمجهيو وڃي ٿو جنھن وٽ ڦــُــرلــُــٽ، ٺـــَــــڳــــيءَ، ڪــَــٽــرپــڻــي ۽ دهشتگرديءَ وسيلي ڪمايل مال دولت، بنگلا، گاڏيون ۽ دَٻدَٻو آهي. اِهو سڀ ڪــُــجــهــه ڪائو ڪــَـــچ يعني نــســــورو ڪــُــوڙ ۽ ٺــَـــڳــــي آهي جنھن کي اسان جي سماج قــبــُـــولـــي ورتو آهي. اِن حالت ۾ سچار ۽ ســُــڄـــاڻ ماڻهون خاموش ٿي ويھڻ بدران پنھنجو ڪم جاري رکندو پيو اچي پر افسوس آهي جو هــُــن جي سچي ڳالهه ٻــُــڌڻ لاءِ به ڪو تيار ناهي جڏهن ته ڪــُــوڙيــون ڪھاڻيون، ٺــڳـــيءَ / ڀــَــٽـڪــڻ جون صلاحون وٺڻ لاءِ ميڙا متل رهن ٿا. ماحول اهڙو ٿي ويو آهي جو جنھن سچ جي هــُــو پرچار ڪري ٿو يا آڇ ڪري ٿو اُن جي سمجهڻ لاءِ ڪو تيار ناهي. کيس ائين لڳي رهيو آهي ته هــُــو سچ نه پر ڪنھن وڏي گــُــنــاهه وارو ڪم پيو ڪري جنھن تي کيس ٻــُـــڏي مرڻ گـهــُـــرجـــي؛ لڄ اَچڻ گـهــُــرجــيـــس. اِن ســُــلــــُــــوڪ جي هــُـــونــدي به سچل سرمست رحه چواڻي:
 سچ ٿا مــَــــڙد چــَــــوَن، ڪنھن کي وَڻي نه وڻي،
اوريائين آڻين، ميڙيو معلم خبرون
ساتان سـُـــڌ نه ڏِين، جــِــتـــي وهُه ويڌ ڪري.
(سُر سري راڳ)
 سمجهاڻي: لطيف سائينءَ هــِــن بيت ۾ اهڙن ڪم چور ۽ ڪــُـپــتــيـن ماهرن ۽ رهبرن جي ڳالهه ڪئي آهي جيڪي مامري جي تـــَـــھـــه تائين وڃڻ بدران ٺــِــڙڪ ٺــَــڳـــي ڪري پيا مٿاڇري معلومات ڏيندا ۽ خبرون ڪندا آهن. جيڪي سمنڊ جا ســُــونــھـــان آهن اُنهن ۾ ڪي اهڙا آهن جيڪي سمنڊ جي وِچ ســـِـــيـــر جي صحيح ڄاڻ بدران ويجهڙائيءَ کان ڏِسي پيا ٺڪاءَ ڇڏيندا آهن يا پنھنجي ماهراڻي راءِ پيا مڙهيندا آهن. جتي پاڻيءَ جا وهڪرا ۽ لھرون ويڌن ڪن ٿيون؛ تباهي ڏين ٿيون اُتان جي ته خبر چار ئي نه ٿا ٻــُــڌائـــن. نتيجي ۾ بيخبر ميربحر سامونڊي لھرن جي وَر چڙهي وڃن ٿا؛ تباهه ٿي وڃن ٿا. تنھن ڪري اهڙن ماهرن، عالمن ۽ اڳواڻن کان خبردار رهڻ گـهــُــرجـــي.
(روزاني سوڀ جي ٿورن سان)