Sunday 25 August 2019

سنڌ جو قومي عوامي انقلابي شاعر ؛ زاهد شيخ



زاهد شيخ: مشهور شاعر زاهد شيخ جو اصل نالو حاڪم علي ولدگل محمد شيخ آهي، هن پهرين جنوري 1964ع تي ڳوٺ شاهه لڌاڻي، ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ سکر مان 1982ع ۾ مئٽرڪ ۽ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور مان 1995ع ۾ ايم. اي(بين الاقوامي تعلقات) ۾ ڪيائين.بي. ايڊ ۽ ايل. ايل. بي به آهي. زاهد شيخ 1975ع کان شاعريءَ جي شروعات ڪئي. قومي ۽ عوامي تحريڪن کان متاثر ٿي، سندس شاعريءَ عوامي ۽ قومي رنگ اختيار ڪيو، ضياءُ الحقجي مارشل لا واري دور ۽ خاص ڪري ايم. آر. ڊي دوران هن جا گيت سنڌ جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ گونجڻ لڳا. سندس آواز به سٺو آهي پر سندس شاعري، سرمد سنڌيءَ سميت ٻين فنڪارن ڳائي شهرت ماڻي. کيس عمر کان وڌيڪ مقبوليت حاصل ٿي آهي. هن وقت احتشاميه گورنمينٽ اسڪول ڪارساز، ڪراچيءَ ۾ ايڇ. ايس. ٽي طور ڪم ڪري رهيو آهي. سندس شاعريءَ جا 5 مجموعا ڇپجي چڪا آهن، جن جو تفصيل هن ريت آهي: 
(1) جيجل تنهنجي جهول ۾ (ٻارن لاءِ شاعري
(2) سپنا سورج ڪرڻا (شاعري
(3) گهاون مٿان گل (شاعري
(4) امن جو مسافر (شاعري
(5) دلبر، ديس ۽ دل (شاعري
زاهد شيخ هن وقت گلشن حديد، ڪراچي نمبر 49 ۾ رهي ٿو. 
(سنڌيانا)

سنڌ جو قومي عوامي انقلابي شاعر

شاعر ۽ عام ماڻهوءَ ۾ زمين آسمان جيترو فرق آهي. عام ماڻهو تتليءَ کي پڪڙي، ان جي ٽنگ ۾ ڌاڳو ٻڌي، ان کي قيد ڪري پنهنجيءَ مرضيءَ جيتري آزادي ڏيندو آهي ۽ ان جي ڪرشماتي رنگن مان لطف اندوز ٿيندو آهي. پر شاعر تتليءَ جون دانهون ڪوڪون ۽ درد ڀريل آهون ٻڌندو آهي. شاعر آزاديءَ جو متوالو ۽ سونهن جو قدردان هوندو آهي. هو دنيا جي هر شيءِ ۾ جماليات جا جلوا پسي ٻهڪندو رهندو آهي. اڄ مان ان آزادي پسند متوالي شاعر جي ڪتاب امن جا مُسافر تي مهاڳ لکندي فخر محسوس ٿو ڪيان. ڇو ته زاهد شيخ سموريءَ سنڌ جي سچن ۽ بهادر ماڻهن جي اندر ۾ دل وانگر ڌڙڪندڙ شاعر رهيو آهي هن جا گيت سنڌ جي سريلي راڳي سرمد جي آواز ذريعي سنڌ جي ٻچي ٻچي جي زبان تي سينگاريل آهن. زاهد شيخ پري کان غير واضح نظر ايندڙ شين بدران سامهون واضح نظر ايندڙ شين تي ڌيان ڏنو آهي هن پنهنجي سموري شعوري سگهه قوت ۽ عقل پنهنجي اڄ تي خرچ ڪيو آهي ۽ ان جي حل ڪرڻ جي جستجو ۾ قلم جي نوڪ استعمال ڪئي آهي. ڇو ته هو ڄاڻي ٿو ته ايڪويهين صدي جي تقاضا آهي ته انسان صرف ذهانت ۽ معلومات وڌائڻ تي توجه نه ڏئي پر جذبات تي قابو ڪرڻ جو ڏانءُ به سکي. اصل ۾ فطري علمن ۾ ترقي محدود اصولن تحت ٿيندي آهي. اهو ئي سبب آهي. جو انسان جو مزاج سولائيءَ سان ۽ تڪڙو تبديل ڪري ٻين جي قابل بڻائي نه ٿو سگهجي. ان لاءِ زاهد شيخ چيو آهي.
ڪو ڊاڪو ٿو هونئن لٽي ڪو هيئن لٽي بيٺو،
جنهن کي سمجهه ۾ جيئن اچي تو تيئن لٽي بيٺو،
هڪڙو نسل يزيدي آ ٻيو نسل هلاڪوءَ جو،
هڪ ٿو راتيون رت ڪري ٻيو ڏينهن لٽي بيٺو،
جي ٿا مون کان ڳالهه پڇو ڪنهن رت جي رشتي جي،
جيئن ڪي غير لٽيندا آهن ايئن لٽي بيٺو،
هر ڦرڻي ڪرسيءَ تي هڪڙو وحشي ويٺو آ،
روز ڏسئون ٿا هر ڪامورو ڪيئن لٽي بيٺو،
ائين ته ڪو ڌاڙيل به زاهد ڪو نه لٽيندو آ،
پنهنجي قوم کي ملڪ جو حاڪم جيئن لٽي بيٺو.
منفي جذبا منفي اثر ڇڏيندا آهن. جيڪي خيالن ۽ عملن ۾ پيچيدگيون پيدا ڪندا آهن، پر انهن کي قابوءَ ۾ رکڻ سان شخصيت جي اصلاح ۽ ڪاميابي طرف وڌڻ جو موقعو ملندو آهي.
شاعري سڀني جو روح آهي. پر شاعريءَ لاءِ سڀ ڪجهه خيالُ ئي آهي. شاعري جذبن کي خيال سان وابسته ڪندي آهي. ڇو ته خيال ئي اصل حقيقت آهي. شاعري زندگيءَ جي ترجماني ۽ زندگي کي زندگي ڏيڻ جو نالو آهي. شاعري حوصلو ۽ همت سان رهڻ جو ڏانءُ ڏئي ٿي، شاعريءَ کان سواءِ سائنس ۽ فلسفو نامڪمل آهي. شاعريءَ ۾ رياڪاريءَ لاءِ ڪا به جاءِ ناهي. اسان جي اڳيان بي پناهه قوتون پنهنجو ڪم پوري طريقي سان ڪنديون رهن ٿيون، سج، وقت تي اڀري ۽ لهي ٿو. زمين وقت تي چڪر ڪٽي ٿي وڻ هميشه بيٺو آهي. اهڙيءَ طرح انهن بيپناهه قوت جي مالڪ سان پنهنجو ناتو جوڙي ڇڏجي ته هر ڪم هر مشڪل آسان ٿي ويندي، نه ته ماڻھو وقت جي بي پناهه قوت هٿان چيڀاٽجي ويندو.
جنهن جو اجرو اندر نه هوندو آ،
تنهن جو ڪنهن دل ۾ گهر نه هوندو آ،
سو ٿو چيڀاٽجي وڃي جيڪو،
وقت کان باخبر نه هوندو آ.
زاهد شيخ کي وقت جي اهميت جي خبر آهي. تصوف ۾ به وقت گهڙي مهل، پهر لاءِ استعمال نه ٿيندو آهي. پر صوفي جنهن حالت ۾ هوندو آهي ان کي ئي وقت چئبو آهي. اهو چاهي ننڊ، جاڳ، درد، خوشي، تنهائي ۾ يا ماڻهن جي ميڙ ۾ هجي مطلب ته جنهن حالت ۾ به هوندو اهو ئي تصوف ۾ وقت چيو ويندو. هن وقت اسان جو سماج مانگرن ۽ لومڙين جي ور چڙهيل آهي، جيڪي گرگٽ وانگر رنگ ڦيريندي دير ئي ڪو نه ٿا ڪن.
وڏيرا وري سڀ وٺڻ ووٽ ايندا،
وٺي ووٽ ويندا وطن کي لٽيندا،
مهانڊا مٽائي نوان ڪوڙ ٺاهي،
غريبن کي غُنڊا، ڏٽا کوڙ ڏيندا،

اسان باهه ٻاري آ ان باهه کان پوءِ،
گهڻا خوار ٿي ويا گهڻا خوار ٿيندا.
جنهن سماج ۾ دانائيءَ کي چريائپ جا ميڊل ڏنا وڃن ۽ دهشتگردن لٽيرن کي راڄ جون واڳون ڏنيون وڃن، اتي امن، انصاف، ترقي ۽ انسانيت لاءِ هر قدم تي ڦاهن جا هار ڳچيءَ ۾ وڌا ويندا آهن. جتي دليل ۽ دانائي جهالت جي قدمن ۾ ٿڏاڙيا وڃن. اتي ڪنهن کي قائل ڪرڻ ناممڪن ٿي پوندو آهي. جتي ڪنن سان نه پر پيٽ ۽ کيسن سان ٻڌو وڃي. جتي روحن کي نچوڙيو وڃي، جتي بدصورتيءَ کي ڌوڪي جي ميڪپ ۾ ويڙهيو وڃي. جتي برائيءَ خلاف بغاوت، نفرت، حقارت خاموشيءَ جي محلن ۾ رهن، جتي هر ڳالهه کي تجربي ۽ تنقيد جي پاڻيءَ سان ڌوئڻ بغير سچائي مڃيو وڃي. جتي اذيت مان مسرت ۽ گندگيءَ مان پاڪائي حاصل ڪئي وڃي، ته پوءِ اهڙي معاشري کي ڪا به موسم تبديل نه ٿي ڪري سگهي.
عقيدن جي انڌيرن ۾ متان وچڙي وڃين مٺڙا،
ويٺو ٿئي من اندر مرشد، نه ڪر ڪنهن پير جي ڳولها،
هجي اهڙو ٿئي جيڪو محافظ ديس ڌرتيءَ جو،
ڪري ٿي سنڌ جي هر ڀيڻ اهڙي وير جي ڳولها،
جنهن ۾ جڪڙي زماني جا سڀئي ظالم ڪجن قابو،
ڪيان ٿو مان پيو زاهد اهڙي زنجير جي ڳولها،

جدا ٿيو ٿا مگر ڪنهن به موڙ تي ڪنهن پل،
ٺهڻ گهرئون ته ڪوئي ٺاهه جو رستو رکجو.

اچ ته هر جيءَ ۾ جذبن کي جيئاريون گڏجي،
هر شهر ڳوٺ مان نفرت کي ڌڪاريون گڏجي.

جتي ڪتن جي قبرن کي سجدا ڪيا وڃن. اهڙين حالتن ۾ انسانن جي نفس کان ٽپي هڪ شاعر لاءِ روحن ۾ پنهنجي پنهنجي خيالن جون جڙون قائم ڪرڻ، ان لاءِ ڪيڏو نه ڏکيو عمل آهي. زاهد شيخ اهڙي سماج جي نمائندگي ڪندي پنهنجي شاعريءَ رستي اصلاح جي اميد رکي ٿو جنهن سماج ۾ عقل آسودگي ۽ خوشي حاصل ڪرڻ لاءِ اخلاقيات جو سرعام قتل ٿئي ٿو. اندر جو اُجڙڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي، ڏک ۽ ڏولاون جي باهه ماڻهوءَ کي ڪندن ته بڻائي سگهي ٿي پر اندر اجاري نه ٿي سگهي. انسان ۾ خواهش پريشاني، محرومي، مايوسي ۽ ناڪامي پيدا ڪندي آهي. ڇو ته خواهش انسان جي انا بڻجي ويندي آهي. جنهن کي حاصل ڪرڻ بنا ماڻهو مري ويندو آهي. اهو حال ان انسان جو ٿيندو آهي، جنهن کي هڪ طرفو علم يا اڻپوري ڄاڻ هوندي آهي. هر شئي بابت جنهن کي مڪمل ڄاڻ ٿي وڃي ته ان جي خواهش ته رهي ٿي پر خواهش جي ڪڍ، وهلور نه ٿو ٿئي ان انسان لاءِ خوشي ۽ غم برابر ٿي وڃن ٿا. صوفي ان کي ترڪ واري حالت چوي ٿو. مطلب ته مڪمل ڄاڻ ئي انسان جو اندر اجاري ٿي. نه ان کي خواهشن جو ٽٽڻ ڪو ڏک يا رنج پهچائي ٿو نه ئي ان جو سر کڻندو آهي. اهو ماڻهو نيڪ ٿي وڃي ٿو جنهن کي خواهشون پاڻ ڇڏي وڃن ٿيون ۽ سمورا خوف ڪافور ٿي وڃن ٿا. محل ۽ جهوپڙيءَ جا فرق مٽجي وڃن ٿا.
ڀل ڪڇڻ تي ملن وِهُه وٽيون،
موت آهي ڀلو ماٺ کان،
زندگي هڪ دفعو آ ملي
جهومندي ڇو نه زاهد جيئان.

جيءَ کي جيئارجي، هينئڙو نه هارجي،
ٿورڙي آ زندگي، پيار ۾ گذارجي،
هر عذاب جي زاهد، مرڪ ۾ شڪست آ،
ڳڻتين جي ڳاهَه ۾ ساهه کي نه ڳارجي.
محل دولت سان ٺاهي ٿا سگهجن سوين جاءِ ڪنهن دل ۾ ٺاهڻ آ ڏاڍي دُکي
قرب ۾ ڪنڌ منهنجو آ حاضر مگر، ڪنهن به فرعوني طاقت جون ڳالهيون نه ڪر.
روح رشتا ڀلي جيءُ جهيري ڇڏن ڪنڌ ڪاٽن ڀلي سنڌ چيري ڇڏن،
دوستيءَ ۾ سڀئي درد جهوليءَ جهلي، عاشقيءَ ۾ عداوت جون ڳالهيون نه ڪر،
پاڪ جذبن تي هر روز پٿراءُ آ، دل جي هر آس ۾ گهاوَ تي گهاءُ آ
نااهل سان جي زاهد نڀائڻ گهرين، زهر پي وڃ شڪايت جون ڳالهيون نه ڪر.
شاعري ذهني، اخلاقي ۽ سماجي قوت جو دائمي مخرج آهي. شاعري هٿياربند فوج مثل آهي. جيڪا پنهنجي ڌرتيءَ جي ٻوليءَ ۽ ماڻهن جي حفاظت ڪري ٿي. لمحي لمحي باخبر رهندي آهي جاڳندي رهندي آهي. جيڪو شاعر اخلاقي، تاريخي، سياسي، معاشي ۽ سماجي علم کان باخبر آهي. اهو ئي انسان جي نجات جو حل ڪڍي ٿو ۽ جيڪو تخيل جي ڏيوالپڻي کان ڏور آ، اهو ئي وقت جو شاعر آهي.
مصنوعي سينگار نه گهرجي،
ڪوڙو ڪنهنجو پيار نه گهرجي،
چاهت کي چيڀاٽيو ڇو ٿا،
نفرت جو اظهار نه گهرجي،
اندر جنهن جو اونداهون آ،
ماڻهو سو مَڪار نه گهرجي.
جذبن کي جهوري ٿو زاهد،
سنگدل هي سنسار نه گهرجي،

ذهن جي سوچ لوچ ڏي ٿي ڇڏي،
وقت جي چال ياد کي ٿي ڇڏي،
درد جي ڌار تيز آ زاهد،
لوهه جا لڱ ڀي وڍي ٿي ڇڏي،
هڪ ته هتي سردار ۽ جاگيردار روشن خيال رجهانن جا دشمن آهن ته ٻئي طرف وچولو سياسي، طبقو شعوري طور تي اڄ سوڌو پنهنجي پيرن تي بيهي نه سگهيو آهي هو اڄ به شعور کان وانجهيل برادري، علائقائيت، فرقي واريت، پير پرستي، جي ڦرڻيءَ ۾ ڦِرندي مفاد پرستي ۽ عدم استحڪام جو شڪار آهي، سماج مان اعليٰ مقصد غائب ٿي ويا آهن ۽ جسماني لطف جي انڌاڌنڌ نمائش ۾ مصروف، دلين کي گرمائيندڙ لفظ بي معنيٰ ولولو ۽ لوچ پيدا ڪندڙ جملا هاڻي پنهنجي موت ڄڻ پاڻ مري رهيا آهن. اڄ جو نسل سماج جي نڙ گهٽ تي لت ڏئي پنهنجي مفادات کي حاصل ڪرڻ کي ئي ڪامياب زندگي سمجهي ٿو.
پر زاهد شيخ جي شاعري ضميرن کي جنجهوڙيندڙ، تهذيب ۽ تمدن ۾ نئون ساهه ڦوڪي، غفلت، وهشي پڻي جو گهيراءُ ڪندي نظر اچي ٿي هن جي شاعري عظيم روڊ ۽ رستا پيدا ڪندي ٻيهر انسان جي عظمت کان واقف ڪرائي، رت جي رشتن ۽ ڌرتيءَ جي قرضن ۽ فرضن کان واقف ڪري ٿي. زاهد شيخ هڪ اهڙو انقلابي شاعر آ، جيڪو انقلاب جي سمورين خوبين ۽ ان جي ذميوارين کان خبردار آهي. قوم جي تبديليءَ جو جوش ۽ جذبو زاهد شيخ وٽ آتشفشان وانگر آهي. جنهن جي اڳيان ظلم جا پهاڙ ڪڏهن قائم نه ٿا رهي سگهن، هن جي شاعري درياهه جي وهڪري مثل آهي جيڪا سموريون رڪاوٽون پار ڪندي سمنڊ تائين پهچي ٿي جنهن جي اڳيان هر رڪاوٽ منزل جو قريب ترين رستو ثابت ٿئي ٿي. زاهد شيخ کي خبر آهي ته گل مُرجهائجي ختم ٿي ويندا آهن پر ٻج قائم ۽ دائم رهندا آهن. فنا ناهن ٿيندا.
جنهن جو واس ديس کي سکيو رکي،
پيار جو اهو گلاب پوکبو.
انڌيرن ۾ آيا نه آهن اجالا،
اڃان نيڻ پنهنجا عذابن ۾ آلا،
آ ڪيڏو ڀيانڪ نصيبن جو منظر،
هٿين هٿ ڪڙيون ۽ زبانن تي تالا،
پڪاري ٿي خوابن جي تعبير زاهد
ملڻ لاءِ ڪرڻا ئي پوندا ڪشالا،
رات ڪين رهڻي آ، موٽڻا سويرا هن،
سوجهرو اجاريندو، هي پهر جي ميراهن.
هوءَ نيٺ ته اچڻي آ، رت ڇاڻ جي هولين ۾،
ڪا موج ته مچڻي آ، مهراڻ جي ڇولين ۾.
رات ۾ روشني ملي ويندي،
آس آهي خوشي ملي ويندي،
اڄ پراڻيون روايتون ٽوڙيم،
هڪ نيئن زندگي ملي ويندي.
سپنا ڪل سو ڀارا ٿيندا،
پنهنجا ڀاڳ ڀلارا ٿيندا.
آ مُصيبت بڻيو محبت لئه،
ڪيڏو انسان بي رحم آهي.
عذاب ۾ آ زندگي، مگر نه هانءُ هاربو،
گذارڻو آ هر پهر، ڏکيو سکيو گذاربو.
دڳ دڳ ۾ اٿو ڌوڪو، وک وک تي ويهي سوچيو،
راهن ۾ رلي ويندا، راهگير گهڻا آهن.
هٿ هي وڍبا، پير به وڍبا، سمجهان ٿو هي سنڌُ سنڌُ وڍبو،
پوءِ به مقتل آڏو پنهنجي ڳالهه ٻڌائڻ آيو آهيان.
رستا ٿڪبا ناهن سائين، راهي ٿڪجي پوندا آهن،
منزل ڏور ڏسي واٽن ۾، ڪيئي ويهي رهندا آهن.
دلين جي دانهن ٿي گونجن ٿا گيت زاهد جا،
شهر ٿا ڇير وڄائن ته ڳوٺ ٿا ڳائن،
ورهين جيڏي رات ۽ مان
وهه جهڙا حالات ۽ مان.
هڪ ٻئي کان وڇڙيا ناهيون.
ڌرتيءَ جا فڪرات ۽ مان.
ڏکن جي رات ۾ جاڳي جيئون پيا زاهد،
سکن جي صبح لئه ڪي، آفتاب ٿا پاليون.

سنڌين سان جيڪا سياسي رهنمائن ويساهه گهاتي ڪئي آ، ان کي تاريخ ڪڏهن به معاف نه ڪندي، اڄ جي هُو گهمن ٿا ته ٽانڊن تي جي سمهن ٿا ته نوڪدار ڪوڪن تي، جي خواب ڏسن ٿا ته لونءَ ڪانڊاريندڙ عذاب ڏسن ٿا. اهڙين حالتن ۾ زاهد شيخ جي شاعري قوم جي رهنمائي ڪري ٿي ۽ ڦٽن تي مرحم رکي ٿي. هي سنڌ جو واحد اڪيلو اڄ جو قومي عوامي انقلابي شاعر آهي.

امجد درانيڪراچي

اسان لاءِ آهن اوهان جون ادائون،

اسان لاءِ آهن اوهان جون ادائون،
بهارن جون شامون صبح جون هوائون.

ويا رات ڇيڙي سَڄي تن بدن کي،
پشم جهڙا هٿڙا ۽ ريشم جون ٻانهون.

ٿئين تون نه منهنجو مگر پوءِ به تولئه،
اکين منجهه ڳوڙها چپن تي دعائون.

پري پير جن کان پرين تون ڪري وئين،
اکين کي اُهي ئي روئارن ٿيون راهون.

اڪيلو مسافر شهر اوپري ۾،
صدائون پُڪارون پرينءَ جون پُڇائون.

ڪيئي زلزله ڪيئي طوفان آيا،
وڃايون نه زاهد اسان پنهنجون واهون.

جيءَ کي جيئارجي- هينئڙو نه هارجي،

جيءَ کي جيئارجي- هينئڙو نه هارجي،
ٿورڙي آ زندگي- پيار ۾ گذارجي.

درد جي هوا اڳيان- همتون نه هارجن،
دل جڏهن اداس ٿي آس کي اُڀارجي.

ذهن جي حسين آ- ته هر پهر حسين آ،
سونهن ۾ سُرور آ- سوچ کي سنوارجي.

روحَ روحَ ۾ نيون- روشنيون جنم وٺن،
چاهتن جي لاٽ کي- ٻاٽ منجهه ٻار جي.

هر عذاب جي زاهد- مُرڪ ۾ شڪست آ،
ڳڻتين جي ڳاهه ۾- ساهَه کي نه ڳارجي.

اوهان ساڻ آهيو، اڪيلا ته ناهيون،

اوهان ساڻ آهيو، اڪيلا ته ناهيون،
اوهان جا ئي آهيون، اوهان کي ٿا چاهيون،

پرين پيار ۾ کارَ آ ٻار جو ڪم،
ڪڏهن اهڙيون سوچون اسان ۾ نه آيون.

اُڃايل چپن کي ڏيئون ڪيچَ مُرڪون،
ڏکويل دلين ۾ سُکن کي سجايون.

سڄي عمر وئي انتظارن ۾ گذري
اميدن سان ورهين کان ويٺا نڀايون.

جنين ساڻ سڪ م گهڙيون چار گذرن،
نه ڪوتن کان ڀُلجئون نه تن کي ڀُلايون.

جواني گهري شادماني ٿي زاهد،
حياتيءَ جي ڪائي گهڙي ڇو وِڃايون.