Monday 26 November 2018

مصريء جهڙو مٺو شاعر ؛سيد مصري شاه نصرپوري



سيد مصري شاه نصرپوري

ميمڻ عبدالغفور سنڌي
باشعور، بيدار ۽ باوقار قومن جو سرمايو ان جا اعليٰ اديب، عالم، فاضل ’محقق اهل - قوم، انقلابي شاعر ۽ بيباڪ صحافي هوندا آهن. انهن جو قدر ۽ قيمت جو ڪوبه ڪاٿو ڪٿي ڪونه سگهبو آهي. اهي بي بها موتي ۽ اڻلب در هر دور ۾ پنهنجا پنهنجا جرڪيدار جوهر ڏيکاريندا رهندا آهن. اهڙن مڻيادار مانجهي مردن مان، سنڌي شاعريءَ جي مقبول عوامي صنف ”ڪافيءَ“ جو شهنشاهه شاعر، مصري شاه ولد سيد بلند شاه به هڪ ٿي گذريو آهي. سندس ولادت 12 شوال 1245 هه مطابق 3 آڪٽوبر 1828ع تي؛ نصرپور ۾ رضوي ساداتن جي گهراڻي ۾ ٿي گذري آهي. ننڍپڻ ئي يتيمي زندگي سندس مقدر بڻي، جنهن ڪري وڏي ڀاءُ، سيد فتح علي شاه جي نظر فيض اثر هيٺ سندس تعليم ۽ تربيت ٿي.

جيئن ته پاڻ ننڍپڻ کان ئي ذهين ۽ حساس طبع هو؛ انهيءَ ڪري زماني جي اکرن ۾ اڙجي نه پيو. ڪجهه عرصو پاڙي جي قاضين جي حويليءَ ۾، قاضي گل محمد ”گل“ وٽان فارسي، عربي ۽ سنڌيءَ جا ابتدائي ڪتاب پڙهيو، پوءِ ڪائنات جي علم حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ذڪاءَ وسيلي جاکوڙ ڪندو رهيو. وٽس ديوان حافظ، مثنوي رومي، ڪليات سعدي ۽ رسالو شاه عبداللطيف ڀٽائي رح هميشہ موجود هوندا هئا. ازانسواءِ عربي لغت ”قاموس“ به، سندس نظرن ۾ پئي ڦري. سندس حافظو ايترو ته تيز هو، جو ڪنهن به لفظ جي معنيٰ ته ٺهيو، پر صفحو به برزپان ٻڌائيندو هو. بالخصوص مثنويءَ جو سبق پڇاڙيءَ تائين پنهنجي ڀاڻيجي، سيد قادر شاه کي ڏيندو رهيو. ذريعي معاش لاءِ، شاه نور الله نوريءَ جي درگاه لڳ پوکي راهي به پاڻ ئي ڪندو هو.
جوانيءَ ۾ هند - سنڌ جو سفر ڪندي، اجمير، جهونا ڳڙهه، ڪڇ، جوڌپور، جئپور، هنگلاج، گرنار، آبو جبل ۽ ٿرپارڪر به گهميو. آبو جبل تي چلو به ڪڍيو هئائين. واپسيءَ وقت سندس عمر چاليهن سالن کي پهتل هئي. پوءِ ته دنيا جا لڳ لاڳاپا لاهي؛ اوتاري جي هڪ ڪنڊ کان ويهي، خدا جي ياد ۾ مشغول رهيو. روزانو وڏي اسرا ٿي، شاه محمود جي درگاه تي حاضري ڏئي، پوءِ اوتاري تي اچي چونڪي ڀريندو هو.
سيد مصري شاه جهڙو ئي سندس مٺو نالو هو، تهڙو ئي طبيعت جو سٺو هو. ڪڏهن به ڪنهن سان ٻاڙو نه ٻوليائين. هميشہ پاڻ کي ”ٻانهيءَ جو ٻار“ سڏيندو هو. پاڻ موسيقيءَ جو ماهر هو ۽ پنهنجي طالبن کي به راڳ جي سکيا ڏيندو هو. سندس سمورو ڪلام صوفيانه مسئلن جي تشريح آهي. البته انساني مزاج، فطرت ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جو به تجربو ڪٿي ڪٿي پيش ڪيو اٿس. ”ڪافين“ کانسواءِ ”غزل“ به چيا اٿس؛ جن ۾ تغزل جو جاءِ بجاءِ رنگ نظر اچي ٿو. نهايت خوبصورت ۽ مناسب تشيهن سان حسن ۽ عشق جو ذڪر به دلڪش انداز ۾ ڪيو اٿس.
سيد مصري شاه، عام صوفين جيان ”الست جو عهد“ جو ذڪر به پنهنجي ڪلام ۾ آندو آهي؛ چوي ٿو:
سيد مصري شاهه جي بزرگي ۽ شهرت هن حقيقت ۾ سمايل آهي. جو هن پنهنجي ٻاجهاري ٻوليءَ جي وسيلي سنڌ سونهاريءَ جي خاص توڙي عام ماڻهن خيالن ۽ افڪارن جي چڱي خاص ترجماني ڪئي آهي. سندس زبان ۾ اها سلامت ۽ صفائي، اها شيريني ۽ شيوائي، اها لطافت ۽ نزاڪت، اها اونهائي ۽ پهنائي رکيل آهي. جو پڙهيل سواءِ دفت جي کيس پڙهي پر جي سگهن ٿا. جهانگي جهنگن ۾ جهڄندي، ڌنار رڍن چاريندي، هاري هر ڪاهيندي، زالون ان پيهندي ۽ هنڌ سوريندي؛ پورهيت پورهيو ڪندي غريب ۽ شاهوڪار، اعليٰ ۽ ادنيٰ، هندو ۽ مسلمان سندس بيت جهونگاريندا رهن ٿا.
سندس وفات حسرت آيات 5 صفرالمظفر 1235 هه مطابق 19 آگسٽ 1906ع تي ٿي. کيس شاه محمود جي درگاه لڳ، اترين طرف سپرد خاڪ ڪيو ويو. جوڌپور جي مريدن، پنهنجي ملڪ مان ڳاڙهو پٿر آڻي. مرقد جوڙيائونس. پڇاڙيءَ تائين کيس ڪوبه اولاد ڪونه هو؛ جنهن ڪري سيد فتح علي شاه جو پٽ، سيد علي غلام شاه سندس گاديءَ تي ويٺو. ”ڪليات مصري شاه“ نالي سنڌي، هندي، سرائڪي، اردو ۽ فارسي نظمن، ڪافين، واين ۽ بيتن تي مشتمل سندس ڪلام جو مجموعو آهي، جيڪو جولاءِ 1961ع ۾ ”مصري شاه، ميموريل ڪو آپريٽو ڪائونسل نصرپور“ طرفان مقبول احمد ڀٽيءَ شايع ڪرايو آهي.
(1)– سندس سلسله - نسب ستين پيڙهيءَ ۾، رضوي ساداتن جي وڏي ڏاڏي، ڪامل ولي ۽ مشائخ سيد هاشم شاه سان ستاويهين پيڙهيءَ ۾ امام علي نقي رضه جن سان وڃي ملي ٿي. (تخفته الڪرام (جلد 3، سنڌي ترجمو)، مير علي شير ”قانع“ ، سنڌي ادبي بورڊ 1957 ع، صفحو 396 ).
کنيائون کلي نيڻ گهرا گلابي،
ڀري ٻاجهه نرگس عجب نيم خوابي.

هيٺ سندس هڪ غزل جا ڪجهه شعر پيش ڪجن ٿا؛

دل سُڃاتو سڄڻ جي اچي سير سڀڪنهن جاءِ تي،
منهنجا ٿيا مطلب مڙيئي پورا پرين پرور ڏٺم.

شيخ قاضي پاڪ دامن اي مشائخ مولوي،
ڪر نصحيت کي ڦٽو هر جاءِ حق حاضر ڏٺم.

عمر ساري جي عبادت تر هڪي تاراج ڪئي،
ويو کڻي هندو هڻي، ڪعبي اندر ڪافي ڏٺم
...


ڪافين جو بادشاھ حضرت مصري شاھ امام رضوي

خادم گھراڻو

نصرپور سنڌ جو هڪ قديم شھر آهي هيءُ شهر ڪپڙي ۽ علمي مرڪز جي ڪري پوري دنيا ۾ مشهور هو . هن شھر کي اهو شرف به حاصل آهي ته سنڌ جي حڪمرانن ارغونن ۽ ترخانن جي تاج پوشي نصرپور شهر جي دارالقضا مسجد وٽان ٿيندي هئي هن شهر جو وجود 751هجريءَ ۾ فيروز تغلق جي دور ۾ ٿيو فيروز تغلق پنهنجي سپهه سالار امير نصر کي هڪ هزار فوج سان مقرر ڪيو هو جنهن هتي قلعو ٺهرايو اهو قلعو نصرپور سڏجڻ لڳو هن هتي هڪ مسجد به تعمير ڪرائي جيڪا اڳ نصر جي مسجد سڏبي هئي هاڻ شاهجھاني مسجد سڏجي ٿي پر نئين سر هن جي مرمت ڪرائي ويئي آهي پر پراڻي ساک بحال رکي ويئي آهي .نصرپور مان درياءُ وهندو هو چون ٿا ته هتان سنڌو درياءُ ۽ ساڱره درياءُ وهندا هئا جنهن ڪري هتي مهاڻن جي بستي هئي جنهن جو اڳواڻ نصر مهاڻو هو جنهن جي نالي سان هيءُ شهر نصرپور سڏجڻ لڳو زين دائودپوٽو موجب هن جو هندڪو نالو ڪلهان پور آهي پور جي معنى قلعو آهي اڳ بچاءُ لاءِ قلعا ٺهرايا ويندا هئا .نصرپور اسلامي دور جو نالو آهي بيگلار نامو جيڪو ترخانن جي حڪومتي دور بابت فارسي ۾ لکيل آهي ان موجب هن شهر جي چوڌاري باغ هوندا هئا . ارغونن جي تاجپوشي هتي ٿيندي هئي . 

تحفة الاڪرام موجب دودي سومري پنهنجي حڪومت جون حدون نصرپور تائين وڌايون هنيون يوسف شاڪر ابڙو جي لکڻ موجب جڏهن برهمڻ آباد ناس ٿيو ته اتان جيڪي ماڻهو بچي نڪتا هئا انهن هيءُ شهر اچي آباد ڪيو هو .نصرپور جنهن کي تاريخي حيثيت سان ڏٺو وڃي ٿو ان جي وجود اچڻ بابت هڪ تاريخ آهي ان تي تحقيق ڪئي وڃي ته خبر پئجي سگھي ٿي ته هن شهر جو وجود ڪڏهن پيو ۽ ڪنهن وڌو نصرپور جيڪو هڪ قديم شهر آهي جنهن جي سرزمين تي هر دور ۾ عالم اديب شاعر صوفي ولي بزرگ وغيره جنم وٺندا رهيا آهن جيڪي پوري دنيا ۾ مشهور آهن . شاه عنايت جيلاني ،شاه عنايت رضوي ،قائم شاه بخاري نور الله شاه نوري وڏن شاعرن جو تعلق به هن نصرپور سان آهي . 19 صديءَ ۾ هتي ڪافين جو بادشاهه مصري شاه رضوي ٿي گذريو آهي جنهن جو هر سال وڏي ڌام ڌوم سان ميلو لڳندو آهي جيڪو هجري مهيني جي صفرالمظفر جي پنجين تاريخ تي ٿيندو آهي جنهن ۾ هند سنڌ جا مريد ايندا آهن مصري شاهه جي شاعريءَ جي مجموعي کي ڪليات مصري شاه چئجي ٿو جنهن جي مدد سان هيءُ مضمون تيار ڪيو ويو آهي رضوي سيد بکر کان نصرپور آيا تحفة الاڪرام موجب نصرپور ۾ پهرين سيد هاشم آيو هو . هتي بلند شاهه کي 1245 هجري بمطابق 1828ع ۾ پٽ ڄائو جنهن جو نالو مصري شاهه رکيو ويو 30 پيڙهي ۾ سندن نسب پاڻ سڳورن ﷺ سان وڃي ملي ٿو . مصري شاه جن اڃا ننڍا هئا ته سندن والد وفات ڪري ويو پوءِ کين سندن ڀاءُ فتح محمد شاهه سنڀالڻ لڳو . مصري شاهه کي قاضي گل محمد جي مڪتب ۾ ڇڏيو ويو جيڪو پاڻ کي گل سڏائيندو جتان مصري شاهه عربي ، فارسي، سنڌي ،سنسڪرت جي تعليم حاصل ڪئي مصري شاهه پاڻ سان گڏ مثنوي رومي ، ديوان حافظ ، ڪليات سعدي شيرازي رکندا هئا انهن جا حافظ به هئا . عربي لغات قاموس تي ايترو ته عبور حاصل هين جو لفظ پڇڻ تي معنى ۽ صفحو به ٻڌائي ڇڏيندا هئا.ديوان مثنوي ۽ حافظ ديوان سندس سفر جا ساٿي رهيا مصري شاهه جي رهڻي ڪهڻي تمام سادي هوندي هئي سادو کائيندا هئا ۽ سادو پهريندا هئا سونهاري مٺ جيتري هوندي هئين ڪلهن تائين وار هوندا هئا سفر کان موٽڻ کان پوءِ پهراڻ پائيندا هئا جنهن جو رنگ ڪارو هوندو هو جنهن جون ٻانهون ڊگھيون هونديون هنيون ڪلهن ۾ ڪاري کٿي رکندا هئا .نهايت سادو کائيندا هئا . ڏينهن جو ٻاجھر جي ماني ڏڌ يا ساڳ سان رات جو کير سان کائيندا هئا . مصري شاهه جن مرشد محمود شاهه جي درگاهه تي روزانو فجر وقت ويندا هئا اتي هڪ پيلو پٿر لڳل آهي چون ٿا سائين مصري شاهه ان کي ٽيڪ ڏيئي ويهندو هو هڪ ڏينهن 25 سالن جي عمر ۾ فجر مهل زيارت تي ويا اهڙو اشارو ٿين جو ديس ڇڏي پرديس جي واٽ ورتائون 16 سال ٿرپارڪر، اجمير ، جھونا ڳڙهه ، جوڌپور آديسين جوڳين سان گڏ جھاڳي ابو جبل تي ڪافي عرصي تائين چلو ڪٽي چاليهن سالن جي عمر ۾ واپس آيا پنهنجي ماڳ ڏي ته سندس ڀاءُ فتح محمد شاهه به کين سڃاڻي نه سگھيو مصري شاهه پاڻ کي مصري تي اڪتفا ڪيو پاڻ کي ڪوٺيندو هو ٻانهي جو ٻار پاڻ موجوده اوطاري ۾ هڪ نک تي ويهندا هئا اتي مريدن فقيرن خادمن سان ڪچهري ڪندا هئا مصري شاهه ،شاهه عنايت رضوي ، شاهه لطيف ۽ سيد اميد علي شاهه جي شاعري سڪ مان چوندا هئا . جڏهن پاڻ ڪو ڪلام چوندا هئا ته سندن ڀاڻيجو سيد قادر شاهه يا قاضي عبدالرحيم لکندا ويندا هئا . ٽنڊوالهيار ۾ پير محمد زمان شاهه جي درگاهه تي هر سومر رات حاضري ڀرڻ ويندا هئا سفر ۾ ٻه چار فقير گڏ هوندا هئا يڪتارو بيراڳڻ ٿهي سفر ۾ گڏ هوندا هئا ٿهي ڪنهن فقير جي ڪلهي تي هوندي هئي۔ ٽنڊوالهيار ۾ نصرپور ناڪي واري هنڌ لهي اڳتي پيرين پنڌ ويندا هئا ، جڏهن ٽنڊوالهيار ۾ ڪلام چوندا هئا ته انکي حافظ محمد پاٽولي قلمبند ڪندو هو۔ انهن ڪاتبن جي ڪري مصري شاهه جو ڪلام محفوظ ٿي ويو۔ مصري شاهه جي خدمت ۾ سندس ڀاڻيجو سيد قادر شاهه جيڪو پارسي عربي طب موسيقي جو ڄاڻو هو مائي ليلان ماهر فن رقاصه جيڪا حيدراباد جي ماڙيچن مان هئي سائين مصري شاهه جو ڪلام ڳائيندي هئي مصري شاهه جي خدمت ۾ هوندا هئا . مائي ليلان جو ڪم گاڌي وڇائڻ به هوندو هو پاڻ نصرپور ۾ وفات ڪري ويئي سندس مزار مرشد جي پيرانديءَ کان آهي .1900ع ۾ جڏهن ڪالرا جي وبا ڦهلجي ويئي ان جو اثر نصرپور تي پيو هو مصري شاهه کي هتان لڏي هلڻ جي لاءِ چيو ويو پر پاڻ چيائون ته هتان هلڻ سان شايد بچي پئجي پر هتي جيڪا مرشد جي نيلن جي ڇانءُ آهي اها ٻي هنڌ ڪٿي نصيب نه ٿيندي چار يا پنج صفر 1335 هجري بمطابق 1906ع ۾ اڌ رات جو کيس علالت ٿي پاڻ آخري ڪافي ڏاگھا جيئن ڏينهن نه اڀري پنڌ پرانهون منزل ڏور چيائون جيئن ئي بس ڪيائون ته سندس روح جو پکي اڏامي ويو سندن درگاهه محمود شاهه جي درگاهه جي اتر طرف آهي سندس آخري آرام گاهه تي جوڌپور جي مريدن پنهنجي ملڪ جو ڳاڙهو پٿر آڻي سندس ڀائيٽي ميان علي غلام شاهه کي ڏنو جنهن پنهنجي نظرداري هيٺ مزار مٿان ڳاڙهي پٿر جي عمدي ڇٽي ٺهرائي . 

مصري شاهه جي شاعري جي مجموعي کي ڪليات مصري شاهه چئجي ٿو جنهن ۾ 164 سنڌي 25 سرائيڪي 3 هندي هڪ فارسي هڪ اردو 24 وايون 105 نظم آهن مصري شاهه جي شاعريءَ تي پارسي شاعري جو اثر آهي سندس شاعري ۾ صلاصت فضاعت ۽ بلاغت آهي سندس ٻه ڪافيون اهڙيون آهن جن ۾ هڪ به نقطو استعمال ٿيل نه آهي اهڙي شاعري اڄ تائين ڪوبه ڪري نه سگھيو آهي جو اهڙا لفظ ڪتب آڻي جو جنهن ۾ نقطا نه هجن پر مصري شاهه اهڙيون ٻه ڪافيون چيون آهن پاڻ غزل ۾ ايراني شاعرن وانگر محبوب جي تعريف ڪئي اٿن عربي شاعري جي اصولن موجب عربي تڪن مصرع بحر وزن ۾ وڌي نٿي تذڪره لطيف موجب مصري شاهه جو غزل فارسي شاعرن وانگر علم عروج جي قاعدن تي ٺهيل آهي جنهن ۾ تشبيهون استعارا ۽ صنعتون ڪم آيل آهن موضوع جي خيال کان مصري شاهه جي شاعري کي چئن بابن ۾ ورهايو ويو آهي نمبر هڪ عشق حقيقي نمبر ٻه عشق مجازي نمبر ٽي اخلاقي ۽ اصلاحي نمبر چار مناجات مدحيات مناقبات عشقيه ڪلام . 

ڪافين جي بادشاھ مصري شاھ رضوي جي شاعري جي مجموعي کي ڪليات مصري شاهه سڏيو وڃي ٿو جنهن جو ٽيون ڇاپو 2005ع ۾ ڇپايو ويو جنهن جي ترتيب و اشاعت ڊاڪٽر عرس فقير بهراڻي ڪئي . مصري شاهه جي ڪافي سنڌي شاعري جي نج صنف آهي مصري شاهه جون ڪافيون تمام گھڻيون مشهور آهن جنهن ڪري هن کي ڪافين جو بادشاهه چيو وڃي ٿو نالي وارا گائڪ جيڪي به آهن انهن اهي ڪافيون ڳايون آهن مصري شاهه جو ڪلام ڳائڻ تمام ڏکيو آهي مصري شاهه هڪ ڪافي ۾ چئي ٿو .
تات جنهن کي طلب تنهنجي ،
سي وريو ڪيئن وسارين ٿو .​


مصري شاهه هڪ هنڌ چيو آهي ته عشق اهڙو آهي جنهن دل مان اقرار ڪرايو الله هڪ آهي تون ان رب جي اڳيان گناهه بخش ڪرائي توبهه زاري ٿي 
عشق اچي چيو احد الله ،
تون پڙهه توبهه زارو زاري .

مصري شاهه غفلت واري ننڊ مان سجاڳ رهڻ جي لاءِ چيو آهي ننڊ مان ڪجھه به نه ورندو ننڊ جي ڪري جيڪي هوندو اهو ويندو هليو جنهن جي ڪل ئي ڪانه پوندي ته ڇا مان ڇا ٿي ويو شاهه لطيف به به چيو آهي 
ستا اٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري .
سلطاني سهاڳ ننڊون ڪندين نه ملندو .

جڏهن سسئي رات جو ستي صبح جو اٿي ڏٺائين ته نه ڪنواٽ هئا نه هوت هئا نه پنهون هو اتي مصري شاهه چيو ته :
ننڊ نصيب نڀاڳ جا ڏينم جاڳيس ڪين جوانن لاءِ
اهڙا سٽاڻا سيڻ ڏسي ڇو ستيس سيڄ وڇائي .

مارئي جي وطن سان حب پنهنجي ماروئڙن جي سڪ تمام مشهور آهي مارئي عمر جي نرم بستري کان پنهنجي واري جي بستري کي بهتر سڏيو آهي سون اطلس کان پنهنجي ڦاٽل لوئي کي وڌيڪ چاهيو تنهن لاءِ مصري شاهه چوي ٿو ته :
آئون وساريان گھڻو وسريو ڪين وڃن
چاڪن وانگر چت ۾ چڻڪيو روز چڪن
تن مارن سان ملي هي ٺپ ٺارينديس

مارئي کي هر وقت پنهنجي سرتين جي پنهنجي ملير جي وڻن ٽڻن جي ياد هوندي هئي هر وقت انهن کي ياد ڪندي رهندي هئي اها پنهنجي سرتين کي ياد ڪري ماندي ٿي پوندي هئي جن سان زندگيءَ جا ڏينهن گذاريا هئا انهن کي هر پل ياد ڪندي ڪندي هئي اها آس هئي ته هڪ ڏينهن انهن سان ضرور ملنديس :
هڪ جيڏين سان جيئن هت هيس آءٌ هيڪاندي
تيئن مارن سين مولى ميڙيندو هيءُ ماندي
جنب گذاريم گڏ جن ڏيهه وڃي سي ڏسنديس .​


هيءَ دنيا فاني آهي هن ۾ ڪوبه نه رهندو صرف رب پاڪ جو نالو رهندو جيڪي ماڻهو مايا کي گڏ ڪندا آهن اهي اها مايا اتي ئي ڇڏي ويندا آهن سڪندر اعظم دنيا جو فاتح هو جنهن مرڻ وقت ڇيو ته آءٌ مري وڃان ته منهنجا هٿ ٻاهر ڪڍي ڇڏجو جيئن ماڻهو ڏسن ته اءٌ ڪجھه به نه کڻي وڇي رهيو آهيان خالي هٿن سان وڃي رهيو آهيان . انسان سان گڏ ويندا آهن ته صرف هن جا اعمال ويندا آهن مصري شاهه ان بابت چئي ٿو ته :
آخر هلندين اوڏهين
ڪو ڏينهن ڪوٽ رهي اڄ سڀاڻي

جن جو نينهن رب سان هوندو آهي اهي رات جو جاڳي خدا جي عبادت ڪندا رهندا آهن رب کان گناهن جي معافي گھرندا رهندا آهن اهي جاڳي عبادت ڪندا آهن :
نينهن وارن کي ننڊ نه آئي
اک الک ڏي لنؤن لائي
اٿي ويٺي اڪاٽ ويل نه ويٺا ويٺن وڇائي

مارئي جي لاءِ عمر وڏا وس هلايا پر مارئي جي وطن سان حب وطن وارن جي سڪ کٻڙن پيرن جي محبت جھڪائي نه سگھي اها چئي ٿي ته مون کي منهنجا مارو ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندا هڪ ڏينهن مون کي ضرور وٺڻ ايندا :
قيد ڇڏيندم ڪين عمر اجھي آيم اباڻا
نيٺ نڌر کي نيندا پنهنجي ڏيهه ڏاڏاڻ
ا

عمر جڏهن مارئي کي سون روپا اطلس آڇيا ته مارئي عمر کي چيو ته :
اُنَ مٽائي اوڍيان اطلس
ايءُ پڻ ڪوجھو ڪم
ڪيئن ويڙهيچن کي وساريان ​


مصري شاهه پنهنجي شاعري ۾ مختلف ماڳن مڪانن ٻوٽن ساڳن شهرن وڻن جو ذڪر ڪيو آهي جنهن مان پتو پوي ٿو ته اتي سائين جن ويا هئا انهن ماڳن جو سفر ڪيو هو سندس شاعري ۾ سيوهڻ ملتان ثر سکر وغيره جو ذڪر ملي ٿو برسات جي باري ۾ چون ٿا ته جڏهن اها وسي ٿي ته ڏڪار ختم ٿيو وڃي ٿو 
سيوهڻ ۽ ملتان سکر تي بتهه ڪئي برسات
ٿيلي ٿر بر روهه رچائي ڪاهيئون ڪيچ قلات​


زندگي هڪ ٺڪر مثل آهي جنهن جو ڪوبه ڀروسو نه آهي ته ڪڏهن ٿي اها ٽٽي
سڌ حياتي جي سڄڻ نه آهي
جيئن هوندو نه جال ميان
ويهه ويجھو ٿي ورهه وساريان​


سهڻي ميهار جو قصو مشهور آهي جنهن رات سهڻي دلو کڻي درياءُ بادشاهه تي آئي ته هن کي خبر نه هئي ته دلو ڪچو آهي ان رات برسات ۽ سيءُ به هو سهڻي جي لاءِ مصري شاهه چوي ٿو 
سهه سيارو سپرين مٿان مينهن ملار
پهچائج پارن مان

سسئي جڏهن صبح جو پنهون نه ڏٺو ته ان جي لاءِ نڪري پئي هن کي سرتين روڪيو پر سسئي چيو ته:
هاڻ هلڻ هَ ٿيو پهڻن منجهه پهڻ
ناهه مناسب مصري وارث ريءِ هت وهڻ
آس ايهائي آهم ته واڳون شل واريندا 
جڏهن سسئي جا ڏير پنهون کي رات جو وٺي ويا صبح جو هن ڏٺو ته نه ڪنواٽ آهن نهن ڏير آهن نه پنهون آهي تڏهن به هن ڏيرن کي ميار نه ڏني چئي ٿي ته 
ڏيرن جو ڪونهي ڏوهه
آهه نماڻو نصيب نڌر جو

مومل راڻي جي قصي جي اسان کي سڀ خبر آهي ته سومل دولت گڏ ڪرڻ لاءِ جادو جو محل ٺاهيو هو جنهن ۾ ڪيئي آيا سڀ ويا ناتر جي نخرن جي اڳيان ڪنهنجي به نه هلي رڳو راڻو منزل تي رسيو هو اتي مصري شاهه چوي ٿو 
مومل محل اڏائي جامان جادوگري جوڙيا
دلين سان ڌتاري ناتر ڪئين ٿي نهوڙيا
موهي محبت وڌي موڙي هڻي راڻي ڪيو ريتون​


مصري شاهه جي شاعري ۾ ڪافي ٻوٽن جو به ذڪر آيل آهي جيڪي ٿر ۽ بر ۾ ٿيندا آهن يا برسات جي موسم ۾ ٿيندا آهن 
ڳم ڳاڱيون ڳنڍير لنب للر لوڙهيائون
مڪون منگھا ماڙي ويهي ويڙهه ونڊيائون .​


مصري شاهه پنهنجي ڪلام ۾ سنڌ جي لاءِ گھري آهي ته
واحد وسائينس ، آهون عالم جون سڻي ،
موڪل ٿئي مينهن کي تل مَ ترسائينس
وسائي واٽن تي اوڀر اڀائينس
صاحب ساريءَ سنڌ تي بادل برسائينس ،
برڪت وجھي بحر ۾ ، هر جا هلائينس ،
هو جي سر سڪي ويا سي واري وهائينس
پکا پکن سامهان اوري اڏائينس
هون سدائين هتهين رب تون رهائينس
مصري ملائينس کنڊ وانگر کير ۾

مصري شاهه جو ڪلام کي تعليمي ادارن جي نصاب ۾ جيڪڏهن شامل ڪيو وڃي ته هن سان سنڌ واسين جي علم ۾ اضافو ٿيندو انهن کي مصري شاهه جي ڪلام جي ڄاڻ به ملي ويندي

(سنڌ سلامت جي ٿورن سان)

Tuesday 20 November 2018

سنسار کي ته سهڻي سردار صه جي مبارڪ.




سنسار کي ته سهڻي سردار صه جي مبارڪ.
شفيق الرحمان شاڪر
منٺارصه  جي  مبارڪ،   دلدار صه  جي مبارڪ.
سنسار کي  ته   سهڻي،      سردارصه جي مبارڪ.
آيو   عظيم  رهبر، جرڪي  پيو  ته  جھنگ جر،
جنهن کا نه ڪو  ئي بهتر،سالارصه جي مبارڪ.
آيو   کڻي  سعادت،    محبت،  ڪرم ،    عنايت،
مظلوم  جي ته آٿت، سرڪار صه  جي مبارڪ.
سرهاڻ  جي سنيهي،   بخشش   سندي    ذريعي،
وارث انهي  وسيلي،    مهندارصه   جي مبارڪ.
الفت  پيام  جيڪو،    رب  جو  انعام  جيڪو،
رب  جو  ڪلام  جيڪو، ڪردار  جي مبارڪ.
صدقي حسن تي صدقي، جلوو اهو ئي جرڪي،
هر هنڌ   اها  ٿي  مهڪي، مهڪار جي مبارڪ.
محبوب    نور    انور،    معصوم    پاڪ    اطهر،
شاڪر  شفيع  محشرصه،   پڳدار جي مبارڪ.

Thursday 8 November 2018

”سر ڪلياڻ“ اول الله عليم



فقير حاجن نظاماڻي
حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پيغام ۾ اسان وٽ هڪ رستو موجود آهي، پر افسوس اهو آهي ته اسان ان راهه ڏانهن گامزن نه ٿا ٿيڻ چاهيون. صرف چند روحاني رمزن کان واقفڪار ٿي اُتي ئي موجود آهيون. باقي گهڻائي وارو تعداد اڃان تائين سائين جي ڪلام تي عمل آزمائي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي. ڪجهه اتفاق انهيءَ ڳالهه جو ٿيو آهي ته سائين جي سُر ڪلياڻ جو مطلب ڇا آهي؟ ڪلياڻ لفظ ڪهڙي ٻولي جو آهي؟ ڪهڙي راڳڻي آهي؟ مونکي حيرانگي وڪوڙي وئي، اسان سنڌي سڏائيندڙ سڀ جا سڀ لطيفي سڏايون ٿا، پر اسان جي فڪري سوچ ڪيتري نه ڪمزور ٿي وئي آهي ڇا؟ جو اسان سائين جي پاڪ سنيهي کي سمجهڻ ۾ غافل رهون ٿا. پر هر جڳهه تي به ائين ناهي، ڪي ڪاپڙي ڪي سامونڊي ڪي جوڳي ڪي عاشق لطيف اڃان تائين موجود آهن. جن جي تلفظ جي انداز مان ئي مفهوم ئي معنيٰ چٽي نڪرندي آهي. ڪلياڻ سنسڪرت ٻولي مان نڪتل لفظ آهي جنهن جي معنيٰ سُک ۽ اندر وارو امن آهي. ڪلياڻ هڪ راڳ آهي جنهن جو تعلق ديپڪ راڳ جي اٺن پٽن مان هڪ آهي. هن سُر ڪلياڻ کي سنجهي يا فجر جو ڳائبو، پر لطيفي راڳي فقير سُر ڪلياڻ کي عشاءَ کانپوءِ ڳائيندا آهن. ياد رهي ته جيڪڏهن راڳي فقير سُر پورب آلاپيندا ته اهو سُر ڪلياڻ کان اڳ آلاپيندا آهن. سُر ڪلياڻ مرشد سائين جي رسالي ۾ پهرين رکيو ويو آهي پر مرشد سرڪار جي گنج ۾ پهريون سُر سسئي آهي. جڏهن کان سائين جا رسالا ترتيب ڏيڻ شروع ڪيا ويا آهن تڏهن کان عوام انهيءَ مونجهارن ۾ ڦاٿل آهي. مرشد سائين هادي جي سُر ڪلياڻ ۾ ٽوٽل 3 (ٽي) داستان آهن. 6 ڇهه وايون ۽ 98 بيت آهن.
هي اهو تعداد آهي جيڪو ڌڻي جي در تي ڳايو ويندو آهي. پر هي تعداد ترتيب ڏيندڙن گهٽ وڌ به ڪيو آهي. اهو بحث الڳ آهي. لطيفي تند جي تنوار سان هي سُر ضرب سان شروع ٿيندو آهي. مرشد پاڪ جو هي لافاني آسماني پيغام هر عام و خاص تائين پهچي ٿو. مرشد سائين جو انداز بيان ٻين کان گهڻو مختلف آهي. اصل ۾ هي ڪلياڻ جو راڳ ڪلاسيڪل راڳ سان ملندڙ ته ضرور آهي پر ان جي قيد ويند ۾ بلڪل ناهي. هن راڳ کي لطيفي ڪلياڻ ڪري چئجي ته بهتر رهندو.
اول الله عليم، اعليٰ عالم جو ڌڻي
قادر پنهنجي قدرت سين قائم آهه قديم،
والي واحد وحده رازق رب رحيم،
سو ساراهه سچو ڌڻي چئي حمد حڪيم
ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون جوڙ جهان جون.
سائين جن فرمايو آهي ته اول يعني سڀ کان پهرين به مالڪ هو. الله پاڻ ڌڻي آهي، هو سڀ کان اعليٰ ۽ افضل آهي. قادر يعني هر شيءِ مٿان قدرت رکندڙ ڌڻي آهي. هو پنهنجي قدرت ۾ سڀ کان اول قديم آهي. هو والي ۽ واحد هڪ ئي، راز جو رکوالو به پاڻ ڌڻي آهي. انهيءَ پاڪ رب جي ساراهه ڪريو، سچو ڌڻي آهي، ۽ حڪم رکڻ وارو آهي. ڪريم پاڻ هر ڪم ڪري ٿو، انهيءَ جي جوڙيل هي ڪائنات آهي، هي بيت الله تعاليٰ جي توحيد ۽ وحدانيت جو واضع ثبوت آهي ۽ هن بيت جي مُشابهت سورة الفاتح الحمد شريف سان ملي ٿي جنهن ۾ رب پاڪ پنهنجي ڪتاب ۾ فرمائي ٿو ته الحمدلله يعني سڀ تعريفون انهيءَ ڪريم رب لاءِ، سرڪار مرشد سائين جي بيت جي معنيٰ به انهيءَ ڳالهه مان نڪتل آهي. جيڪو رب پاڪ بابت هي سُر ڪلياڻ ۾ فرمايو آهي.
جوڙي جوڙ جهان جي، جڏهن جوڙيائين
خاوند خاص خلقي، محمد صه مُڪائين
ڪلمون تنهن ڪريم تي، چٽو چيائين
انا مولائک وا انت محبوبي ائين اُتائين
لکي ڏنائين ٻئي سرايون سيد چئي
سائين فرمايو ته جڏهن مالڪ پاڻ ڪن فيڪون جو لفظ فرمايو ته هي ڪائنات جو وجود ۾ آئي. ان وقت هن ڪائنات جو والي حضرت محمد صه مقرر ڪيو ويو ۽ انهيءَ ڪريم تي ڪلمون ظاهر به ظاهر پڙهيو ۽ پنهنجو محبوب ڪري موڪليو ويو. لکي ڏنائين يعني دنيا ٺاهي جوڙي تيار ڪري، ٻئي پاسا يا طرف ان حوالي ڪيا ويا. وحدت جي ڳالهه ۾ انتهائي هڪ راز سمايل آهي، جيڪو به انهيءَ راهه حق جو مسافر هوندو اهو انهيءَ ڳالهه کان ضرور واقف هوندو ته هي بيت شاهه سائين ڪهڙي ريت فرمايو آهي هن بيت جي گهرائي هيٺين بيت ۾ پڻ شامل آهي.
وحده لاشريک لہ، چئو چوندو آءُ،
فرض واجب سنتون، تئيون ترڪ ۾ پاءَ
توبه سندي تسبيح، پڙهي ساءِ پچا
ننگا پنهنجي نفس کي، سنئين راهه سنهاءَ
ته سندي دوزخ باهه، تو اوڏيائي نه اچي
سائين جن جو فرمان هڪ تلخ هدايت جهڙو آهي، جيڪا هڪ اڻ واقف لاءِ هوندي آهي، جيڪا هڪ پاڪ ڌڻي کي هڪ ڪري مڃي فرض، واجب ۽ سنتن کان منهن نه موڙي ۽ ان سان گڏ توبه جي تسبيح به پڙهندو رهي ته بهتر ٿيندو. انهيءَ سلوڪ جي راهه کي اختيار ڪرڻ سان بندو حقيقي رستي تي پهچي سگهي ٿو. هڪ ڳالهه سپرين جي ڏسيل آهي، هن ڳالهه کي هنئين سان هنڊاءِ ته دوزخ جي عذاب کان نجات ملندي، هن بيت ۾ نه رڳو سمجهاڻي آهي پر هن جي انساني فڪري سوچ جي حد به مقرر ڪئي وئي آهي. هن رستي ۾ شريعت، طريقت، حقيقت معرفت جو چٽو سبق ڏنل آهي.
وحده لاشريک لہ، جان ٿو چئين ائين
تان مڃ محمد صه ڪارڻي، نر تون منجهان نينهن
تان تون وڃيو ڪيئن، نائين سر ٻين کي
هي اعليٰ فڪري سوچ جو مرڪز به انتهائي اونهون ۽ افضل آهي. سائين جن فرمايو ته جيڪڏهن تون الله کي وحده لاشريڪ لہ ڪري مڃين ٿو ته حضرت محمد صه ڪارڻي کي عشق ڪري مڃ، جيڪڏهن تون انهيءَ راهه تي گامزن آهين ته توکي در در وڃڻ جي ضرورت ڪابه ڪانهي. لطيفي موج جو انداز لطيف آهي، اسان جي سوچ ۾ هڪ انتهائي ڪمي آهي ته اسان پنهنجي سوچ کي لطيفي فڪر سان ڀيٽيون ٿا. اسان جي عقل جو اهڙو مقام آهي جو سرڪار جي انهيءَ آفاقي ۽ لافاني سوچ سان ڀيٽي سگهون. جيڪڏهن ترقي يافته ملڪ کي لطيفي فڪر ڏنو وڃي ۽ انهن کي تحقيق جي اجازت ڏني وڃي ته اسان جون اکيون کلي وينديون.
هن فڪر ۾ اوهان کي سائنسي علم، آسماني علم، روحاني علم دنيا ۾ رهڻ ڪرڻ جا قائدا، اول، آخر جون ڳالهيون ۽ ٻيا بيشمار فائدا ملي وڃن ٿا. ڪيئي انسان هن روحاني علم مان فائدو پرائي ويا آهن، ڪي ته صرف رڳو عام هڪ ٻه اکرن جي ڀيٽا ڪرڻ ۾ پورا آهن. لطيفي فڪر ڪنهن عام جي سوچ کان تمام پري ويڙهو وسايو آهي. هنن بيتن تي ڪيئي ماڻهو تجربا ڪري ويا، ڪي ڪن پيا ڪيئي اڃان به ڪندا، هنن اکرن کي هنن بيتن ۾ نه هئڻ گهرجي جون به ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون.
وحده لاشريک لہ، جن اُتو سين ايمان،
تن مڃيو محمد صه ڪارڻي، قلب سان ايمان،
او فائق ۾ فرمان، اوتڙ ڪنهن نه اوليا
يا
اوتڙ ڪنهن نه اوليا، ستڙ ويا سالم
هيڪائي هيڪ ٿيا، اُچيو سين عالم
بي بها بالم، آگي ڪيا اڳهين
سائين فرمايو ته هو اوتڙ يعني غلط راهه تي ڪو نه ويا هو سُتڙ ئي سالم رهيا. يعني هي سُتا ئي ڪونه ننڊ عبادت ان جي هو هيڪڙائي ۾ هڪ ٿي ويا احد سان عالم بي بها بالم انهن کي آگي اڳتي سڌي راهه تي آڻي ڇڏيو. ۽ انهيءَ راهه تي قائم ۽ دائم رهيا.
آگي ڪيا اڳهين، نسورو ئي نور
لا خوف عليهم، ولاهم يحزنون سچن ڪونهي سور
موبي ڪيو معمور، انگ ازل ۾ ان جو
فقير سائين جن جو فرمان آهي ته جيڪي انهيءَ راهه تي اچي ويا، نور ئي نور واري رستي تي اچي ويا. انهن کي ڪو به خوف ڪونهي ڪو، هميشه سڄڻ کي ڪو به سور ڪو نه هوندو آهي، جيڪو مالڪ انهن جو انگ لکيو آهي انهيءَ تي هو خوش آهن، جيڪو انگ ازل جو لکيل آهي. فقراءَ جي اها به هڪ سڃاڻپ آهي ته هو هميشه لاخوف هوندا آهن، هو صرف پنهنجي ڳالهه ۾ گم رهندا آهن.
وحده جي وڍيا، الا الله سي اورين
هنيون حقيقت گڏيو، طريقت تورين
معرفت جي ماٺ سين ڏيساندر ڏورين
سُک نه ستا ڪڏهن، ويهي نه ووڙين
ڪلهنئون ڪرين، عاشق عبداللطيف چئي
سائين جن فرمايو جيڪي وحده جي وڍ ۾ اچي ويندا آهن، اهي لا الله اورين ٿا، هنيون انهن جو حقيقت ۾ مبتلا هوندو آهي، طريقت ۾ تورين يعني انهيءَ راهه ۾ رهن ٿا، معرفت جي مان سان ڏيساندر ڏورين ٿا. هو ڪڏهن به سُک نه ٿا سمهن، عاشق هميشه سر جو سانگو لاهي ويهن ٿا. توحيد جي طالب کي هي سمجهاڻي مليل آهي، هي لطيفي بيت قرآن پاڪ جي هدايت وانگر آهي، الله جو پاڪ ڪتاب هدايت متقين کي ڏئي ٿو. مومن سان ڳالهائي، نادان کي نصيحت ڪري ٿو ۽ ان کي خوف به ڏئي ٿو، لطيفي فڪر به توحيد جي طالب کي حقيقي راهه ٻڌائي ٿو، اسان جو انساني عقل اڃان تائين قرآن پاڪ جي علم کي به مڪمل پرکي نه سگهيو آهي ۽ لطيفي فڪر کي به پرکي نه سگهيو آهي.
اڃان انساني سوچ ۾ اڀار ايندو، انساني سوچ اڃان ترقي ڪندي، لطيفي فڪر تي ڳالهائبو، اڃان هن روحاني راهه تي تمام گهڻو ڪم ٿيڻو آهي. هن لطيفي اداري جو ڪو به خاص بنياد نه پيو آهي. جيڪڏهن ڪي ادارا  آهن سي به ماڳ ۽ مڪان ڳولهي لهن ٿا. آهي ڪو مرد مجاهد جيڪو لطيفي فڪر تي ڪو ادارو قائم ڪري اڄ جي جهالت واري دور ۾ لطيفي ڏيئي جي روشني مئل دلين تي، سُتلن ضميرن تي وجهي ته جيئن جو هو روشن ٿي پون. هڪ هڪ بيت رهنمائي لاءِ تيار آهي هڪ هڪ بيت تي عمل ڪرڻ سان اول آخر، ظاهر باطن زندگي سنواري سگهجي ٿي. پنهنجي لطيفي فڪر کي جامع ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي جي همٿ افزائي ڪرڻ اسان سڀني جو اخلاقي فرض به آهي ۽ اسان سڀني جي نجات جو سبب پڻ آهي. هڪ هڪ بيت تي ڪيئي ڪتاب لکجي سگهجن ٿا، هڪ هڪ تي عمل ڪرڻ سان ڪيترا ڀٽيڪل انسان سڌي راهه تي اچي سگهن ٿا.
وحده لاشريک لہ، هي هيڪڙائي حق
ٻيائي کي ٻَک، جن وڌو سي ورسياءِ
سائين جن جو فرمان آهي ته مالڪ جو ڪو به مٽ ثاني ناهي هو وحده لاشريڪ آهي اصل ۾ هيڪڙائي جو حق به اهو ئي آهي. جنهن ٻيائي ڪئي، يعني مالڪ سان ڪجهه ٻيو شريڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو، ورسي پوندو لٽڪي پوندو. مالڪ جي وحدانيت جو ڪو به مثل ۽ مٽ نه آهي. الله بس هڪ ئي آهي. توحيد جي شاگرد کي پهرين انهيءَ باب بابت ڄاڻ ڏني ويندي آهي ته هو انهيءَ ڳالهه تي قائم رهي ته هو اڳتي سلوڪ جي رستي هلي نه سگهندو.

 (روزاني عبرت 8 نومبر 2018ع)