Sunday 2 October 2022

دردن ۽ پيڙائن جو شاعر؛ اياز امر شيخ


 

اياز امر شيخ جو جنم 5 فيبروري 1977ع تي ڳوٺ گاهي خان شيخ، تعلقي سجاول، ضلعي ٺٽي  (ھن وقت ضلعي سجاول) ۾ ٿيو. شروعاتي تعليم سجاول ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ، هن بي. ايس. سي سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان ڪئي. اياز امر شيخ لکڻ جي شروعات 1996ع کان ڪئي. سندس شمار نئين ٽھيءَ جي سٺن شاعرن ۾ ٿئي ٿو. سندس ھيٺيان ست ڪتاب ڇپيا آھن:

 

 (1) سونھن موڙيون آرسيون (شاعري-2005ع)،

 (2) سنڌ جو چنڊ (شاعري-2008ع)

 (3) ٽٽل ٽڪرا وجود جا (نثري ٽڪرا-2009ع)

(4) ڪلا جي ڪائنات ۾ (شاعري-2011ع)

(5) صليب جو سڏ (شاعري-2013ع)

(6) اڌ وڍيل آواز  (شاعري-2018ع)

(7) تنھنجي وڃڻ کانپوءِ (نثري نظم-2020ع)

 

اياز امر شيخ جو پيشو زمينداري آهي ۽ اين جي او سيڪٽر سان پڻ واڳيل رھي ٿو. سجاول ۾ رهي ٿو، کيس سنڌي ادبي سنگت طرفان شاعريءَ جو اوارڊ بہ مليل آهي .

 

درد جي تاريخ...!

بي حسيءَ جي بازار ۾، عشق جي اکين جو اُداس ٿي وڃڻ ئي سڀ کان وڏو الميو آهي.

پر پوءِ به معاشرا محبتن کي ڄڻڻ بجاءِ، نفرتن جي آبياريءَ ۾ ڪافي اڳتي نڪري چُڪا آهن، بُزدلين جا بار اسانجي سوچ ۾ گهر ڪري سڪون سان ويهي رهيا آهن.

ڌرتيءَ جي درد جي ڳالهه تي ته ڪنهن جي اک مان ڳوڙهو ئي نٿو ڳڙي، ۽ اسان مذهبن جي مراقبي ۾ ايترو ته ويڙهجي ويا آهيون جو، وحشتون ۽ دهشتون اسانجي درن جا دورا ڪرڻ لڳيون آهن.

هر صُبح سانگهڙ جي شهيدن جي سڙيل ساهه جيئان محسوس ٿيڻ لڳو آهي، ۽ وضاحتن جون اکيون عدالتن ۾ انصاف لاءِ نهاري، اوجاڳا ڪاٽي انڌيون ٿي ويون آهن؛ جن کي صرف ڊگهين تاريخن کان سواءِ ڪُجهه به حاصل ٿي نه سگهيو آهي.

هاڻ ته غريبيءَ کان مانيءَ جو ملهه ڀي مهانگو ٿي ويو آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ته الائي ڪيترين ئي اُگهاڙين اذيتن مان گذرڻو ٿو پوي، هر بُرائي نه چاهيندي به ڀاڪُرن ۾ ڀرجندي رهي ٿي! ڇو ته اسان پنهنجو پاڻ مان انسانيت جو احساس گهڻا ڏينهن اڳ وڃائي ويٺا آهيون، هر خرابيءَ جو کيسو ڄڻ ته اسانجي ئي سيني ۾ سبيل هُجي، جنهن جي معيار کي محسوس ڪرڻ کان پوءِ به پنهنجو پاڻ سان کڻي هلڻ ۾ وڏو فخر محسوس ڪندا آهيون! هن سماج کي ساڙيندڙ ٺري جي موالين تي لکجي ته آخر ڇا لکجي!؟ جن جا ٻار بُک جي اکين جو ڀِنل درد بڻجي صدمن جي صليب تي سُڏڪندا ئي رهن ٿا.

ان درد جي تاريخ کي آخر ڪهڙي دؤر جي دامن ۾ دفن ڪجي، جو اُجرائپون اکيون کولي سُجاڳيءَ ۽ سُٺائيءَ جا سلام ڏيئڻ لڳن، سچ پُڇو ته مون هميشه پنهنجو پاڻ ۾ هڪ ڊگهي آوارگي رُلندي محسوس ڪئي آهي.جنهن ۾ سِڪ سسئيءَ جيئان صدائن جا سفر لتاڙيندي رهي ٿي، پر وفائون ڪنهن به واٽ تي وساميل ڏيئي جيئان به نظر ئي نٿيون اچن؛ دغائن جي دؤر ۾ دلبريون ڳولجن ته آخر ڪِٿي ڳولجن!؟ جتي ڪئين حُسن حوس جي هٿن ۾ ڇڻي بدصورتيءَ جي ڀيل جو نشانو بڻجي ويندا آهن- ۽ عياشيءَ جي کُليل اکين اڳيان ڪيتريون ئي ڪُنوارپون، ڪنڌ جُهڪائي قتل ٿينديون رهن ٿيون.

اسان اُن مُلڪ ۾ جيئون ٿا، جنهن ۾ زندگيءَ سان سموريون وابسطه شئيون، ماڻهوءَ جي قد ۽ هٿ جي پُهچ کان ڀي مٿاهيون ۽ مهانگيون ٿي ويون آهن.

- پر راتين کي رونقون بخشڻ لاءِ اُن ئي مُلڪ جي ماڻهن جا جسم سستا وڪاڻا ويندا آهن. اسانجي اندر مان اُجرائپ جا احساس حقيقتن جو حُسن وڃائي ويٺا آهن، هر برائيءَ جي بيماري اسانجي ذهنن کي ضعيف ڪري ڇڏيو آهي، ۽ اسانجا اسان کان وڃائجي ويل وجود، ڄڻ ته وطن جي ويڙهه کان اڳ ئي مارجي ويا هُجن. جن جي خوشين جا سمورا خيال به رڻ ۾ مري ويل اُن مُسافر جيئان نظر اچڻ لڳندا آهن، جنهن جو ماس بُکايل ڳجهون پٽي، سُڃاڻپ جي سُڌ کان ئي ڪڍي ڇڏينديون آهن، ۽ افسوس جي احساس سان چوڻو ٿو پوي ته-

پوءِ به ڪا وارثي، اوجاڳن جي اک بڻجڻ لاءِ تيار ئي ناهي! آزاديءَِ جون آيتون فڪر جي هٿن کان ڦُرجي چُڪيون آهن، سنڌ جي سيني مان سچائيءَ جو سج الاءِ ڇو اُڀرڻ جي ڪوشش ئي نٿو ڪري! سياستن جا سڀ صُبح وياجن تي وڪامجي رهيا آهن، ۽ رُسوائيون زندگيءَ جي رستن تي هڪ ڊگهي غُلاميءَ جو بار گھلي رهيون آهن، جنهن جو سُور هر صديءَ جي ساهه سان سبيل رهندو.

منهنجو هيءُ چوٿون ادبي پورهيو ”ڪلا جي ڪائنات ۾“ سچ پڇو ته سنڌ جي سڏن ۽ سُڏڪن تي سوچيندي سوچيندي الاءِ ڪيئن لکجي ويو آهي! هر درد ۾ هڪ دانهن هوندي آهي، جنهن جي وضاحت وقت پاڻ ڪندو آهي. مون اها عشق جي احساس جي دانهن توهان دوستن اڳيان ڇڏي آ، ڏسون ته اُن ۾ ڪيترو اثر آهي.

آخر ۾ آئون ’سليٽ‘ دانش گاهه ۽ محترم آسي زمينيءَ جو تمام گهڻو شُڪرگذار آهيان، جنهن منهنجي ڪتاب کي ڇپائڻ ۾ ڀرپور دلچسپي وٺي، هڪ نئون پنهنجائپ جو پيار ارپيو آهي.

سنڌ سلامت

ساٿ سلامت

 

- اياز امر شيخ

C/O مارئي ميڊيڪل اسٽور

مين بس اسٽاپ سجاول ضلعو ٺٽو سنڌ

Cell# 0334-7091595

اڃا سرمد پيو سوچي...!!

ٺٽي جي سُرخ سانجهيءَ تي،

اڃا سرمد پيو سوچي...!!

هزارين دار جا دڙڪا

گلين ۾ گهر ڪري ويا هن

اڀيچند جي اکين جھڙا

صبُح اڄ ڀي سُتل آهن

نه ڪنهن ڀي چاڳ جو چرچو

چپن تي چنڊ ٿي اُڀريو

نه ئي ڪنهن نينهن جو ناتو

نزاڪت ساڻ آ نبريو

رفاقت جي رواجن ۾

سڙيل سونهن جي سماجن ۾

بغاوت ڇو نه ڀڙڪي آ!؟

پيئي جا رت پئي روح جو،

اُنهيءَ مغلِ پرستيءَ کي

نه ماري آ سَگهيو ڪو ڀي

تڏهن هي تڙپ جي وک جو

وهي پيو وهڪرو تک سان

ظلم جي زرد خنجر مان

خوشيءَ جو خون جاري آ

مُحبت جي مزارن تي

نه ڪنهن ڀي لاٽ ٻاري آ

سڄو ماحول مڪليءَ جي

مينارن جان ڊٺل آهي

سمايل سوڳ ساهن ۾

لڳي هر من مُئل آهي

اڃا دارا جي دردن جو

ستم سيني ۾ سُڏڪي ٿو

اڃا ڪئين آس جون آهون

اکين مان آب ٿيو اُڀرن

اڃا تاريخ جي تن تي

نئون هر زخم زندهه آ

اڃا فتويٰ جي ڦنڌي مان

نه ماڻي عشق آزادي

اڃا مُلا قوي جھڙا

ڪئين ڪردار پلجن پيا

هوائُن ۾ هُڳائُن جو

رهيو ساڳيو حُسن ناهي

اڙي راڳي اُٿي ڪجهه ڳاءِ!

کڻي سُرندو صداقت جو

اُملهه آواز اوچي سان

نئين ڪا جوت جاڳاءِ!

سُڳنڌ سان سنڌ مهڪاءِ!

دليون درياهه ٿي ڇُلڪن

پتڻ تي پيار جا پيرا

ملڻ جي مُند ٿي مهڪن

نه مُرڪي موت مانجهيءَ تي

ٺٽي جي سُرخ سانجهيءَ تي

اڃا سرمد پيو سوچي.....!!

 

اڃا نه غيرت گُلاب ٿي آ...!!

صديءَ جا سُڏڪا پُراڻا ڪَتبا

نديءَ جي نيڻن ۾ کُوڙ اُڌما

وساميل هن ڏيئا وفا جا

اُڃارا چپ هن اڃا صدا جا

حقيقتن جا هُڳاءُ سارا

ڪٺورتا جي اُجاڙ اُس ۾

ڏُڪار وانگي ڏُکن ڏنگيا هن

عذاب جھڙين اُداسين مان

سڪون دل جا لُڇي لنگهيا هن

پُراڻي پٿرن جي ڇاتين تان

ڊهي چترڪاري وئي آ چٽ جي

وجود کان ويو وصال وڇڙي

گُهلي اهڙي هت هوا آ لٽ جي

رُڳو پئي رسوائي بس رُلي ٿي

نه گيت گونجيا گهرن ۾ آهن

حنا حُسن آ وڃائي ويٺي

نه ساهه جاڳيا سُرن ۾ آهن

نه پير ۾ ڇير جو آهي ڇمڪو

نڪن ۾ ڦُلڙين جو ناهي چمڪو

اُساٽ جي هن اڪيلتا ۾

رهيو آ روح کي سدائين اُلڪو

ڪٿي ڪُٺل آ خوشيءَ جي خوشبوءِ

ڪٿي اُميدن جي اُڀّ مان ڀي

چڪور چاهه جا چٿيا ويا هن

ڪٿي ضميرن تي زنگ چڙهيل

ڪٿي ڪي ڳڀرو لٽيا ويا هن

دُعا لئه هٿ ڀي کڄي ٿڪي پيا

ڳجهن هٿان من پٽيا ويا هن

اڃا نه غيرت گُلاب ٿي آ...!

ڳلا غمن سان گُهٽيا ويا هن

منافقين کي نه موت آيو

قدم قدم تي قضا اُڀي آ

جُڳن کان جيءَ بس جلي جليو آ

صداقتن تي سزا اُڀي آ

هتي ته انصاف جي اکين مان

اڃا اُونداهي کُٽي نه آهي

لڄن کي جيڪي ويهن ٿا وڪڻي

اُنهن ۾ سنڌ جي مٽي نه آهي.

 

لاڙ تُنهنجي لڱن مان ٿو پائي ليئا

چنڊ تُنهنجي چپن جي چُمي ٿو لڳي،

رات تُنهنجي چڳن جو چٽو عڪس آ

سانجهه تُنهنجي ڳلن جي ڪا ڳاڙهاڻ آ

لاڙ تُنهنجي لڱن مان ٿو پائي ليئا

قُرب جو سارو ڪاڇو آ تو ۾ سٿيل

چاهتن جا سڀئي چاڳ تو ۾ چٽيل

مُرڪ جي موهه جا مَڌ تو ۾ ڇُلن

پيار پنگهٽ جو ڪوئي پتڻ ٿي لڳين

بيخوديءَ ۾ سوين ڀؤنر ڀُلجو اچن

تو ڪلين جي ڪُنوارپ کي آهي ڪُٺو

تازگيءَ جو حسين تبصرو ٿي لڳين

وقت واهوندي جان ڄڻ گُهلي ٿو پئي

عشق جي اُڃ جو آسرو ٿي لڳين

سُونهن جا سڀ ستارا جُهڪي ٿا پون

تُنهنجي جلون ۽ جذبن جي جوڀن اڳيان

نينهن جي نرتڪيءَ جا نظارا نچن

آس جا ڪئين پکيئڙا اُڏاميو اچن

تون وفائُن جي اجرڪ ۾ ويڙهيل پرين

سنڌ جي سادگيءَ جو سڦل ٿي لڳين

مُحبتن جي مُساڳن جي ئي مهڪ ۾

ها اُميدن جي اک جو ڪجل ٿي لڳين

گيت مُنهنجا سڀئي گونج بڻجو وڃن

ڄڻ ته ڪيٽيءَ مٿان ڪونج بڻجو وڃن

ڇا ته گهاڙيٽو تُنهنجو! غزل ٿي لڳين

سڪ جا سڀ سڳا توڏي ڇڪجن پيا

نظم ڪيئي نوان تو تي لکجن پيا

روح جي تون رليءَ تي چٽيل چاهه سان

ڀرت وانگي ڀريل، دل جو گهر ٿي لڳين

حسرتن جا هينئيان توتي هرکيو پون

ناز نکريو نگاهن مان اُڀريو اچن

پيار ئي پيار جو بس پهر ٿي لڳين

شُهرتن جو ڪو ماڻيل شهر ٿي لڳين.

 

 

Saturday 1 October 2022

جديد غزل جو شاعر ؛ مسرور پيرزادو


 

مسرور پيرزادي جو ڇٺيءَ جو نالو گلزار علي آهي. سندس پيءُ جو نالو محمد سليمان پيرزادو ۽ امڙ جو نالو بھشت خاتون آهي. هن 15 مئي 1976ع تي ڪراچيء جي جناح اسپتال ۾ جنم ورتو. ڪراچي ۾ وٽنري ڊاڪٽر طور ڪم ڪري ٿو. مسرور پيرزادي شاعريءَ جي شروعات يونيورسٽيءَ واري زماني ۾ ڪئي. سندس شاعري معياري سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپي آهي. سندس شاعري ۾ موزونيت ۽ فڪري عنصر موجود آهي، جنهنڪري ادبي حلقي ۾ هن مڃتا ماڻي ورتي آهي. هن غزل جي صنف تي گهڻي طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ ان ۾ جدت جو عنصر پڻ وڌيڪ ملي ٿو. هن مختلف سنڌي ۽ اردو اخبارن ۽ چئنلن تي صحافي ۽ ڪمپيئر طور پڻ ڪم ڪيو آهي. سندس اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ڪالم پڻ ڇپيل آهن.

 

ھتان جي ڳالهه ھر ڪائي، اسان کي عشق سمجھائي،

ھتان جي ڳالهه ھر ڪائي، اسان کي عشق سمجھائي،

خدا جي ڀي اڪيلائي، اسان کي عشق سمجھائي۔

لڪن مان وئي لنگھي سسئي، تري درياھه وئي سُھڻي،

ڏُکيائيءَ ۾ به سولائي، اسان کي عشق سمجھائي۔

رُڳو ھڪ منجهه سڀ آھي ۽ سڀ ۾ ڀي رُڳو ھڪ آ،

اھا سڀ منجهه ھيڪائي، اسان کي عشق سمجھائي۔

ڪتابن ۾ به لاعلمي، خبر ۾ آھه بي خبري،

۽ نادانيءَ ۾ دانائي، اسان کي عشق سمجھائي۔

خوشيءَ ۾ درد آ ڪوئي، فقيريءَ ۾ اميري آ،

عياشيءَ ۾ اُداسائي، اسان کي عشق سمجھائي۔

گُلن جي نازڪي سمجھي ۽ پٿّر جي به ڏاڍائي،

سمندر جي به گھرائي، اسان کي عشق سمجھائي۔

مُسافر جيئن ماڻهو آ، سفر وانگي حياتي آ،

مُسافر جيئن ماڻهو آ، سفر وانگي حياتي آ،

سڀن جي آخري سائين! اِها منزل مِماتي آ.

مٺا! هيءَ شاعري منهنجي، جا مون هر روز ڳاتي آ،

کڻي جو هيءَ ذاتي آ، تڏهن ڀي ڪائناتي آ.

نه آهين تون مگر آهي، اسان سان درد هي تنهنجو،

لڳي ٿو درد هي تنهنجو، اسان جي گهر جو ڀاتي آ.

سندءِ تنقيد ٿي ماري، نه مون کي پر رڳو توکي،

اها تنقيد ڄڻ اهڙو ڪو حملو آپگهاتي آ.

اوهان جي آس ۾ اڄ ڀي، گذاريون عُمر ٿا گوري!

اڃا ڀي رُوح پياسو آ، اڃا ڀي اکّ آتي آ.

 

پاليو جنهن کي پيٽ ۾، پاڻ وِساري مـُون،

پاليو جنهن کي پيٽ ۾، پاڻ وِساري مـُون،

سو ته مري ويو ٻارڙو.

جيڪو پِيرن کان پِنيو، باسي مون باسُون،

سو ته مري ويو ٻارڙو.

جنهن سان ڏُک ۽ سُکّ جون، ڳچُّ ڪيم ڳالهيون،

سو ته مري ويو ٻارڙو.

جنهن جي لاءِ لکين هيون، چپّن منجهه چُميون،

سو ته مري ويو ٻارڙو.

جنهن کي ڪين ڏسي سگهيم، رهندي ڪي رانديون،

سو ته مري ويو ٻارڙو.

جنهن لئه سِبيم چولڙيون، رنگن رنگن جون،

سو ته مري ويو ٻارڙو.

موليٰ! ٻچڙو مون ڏئي، کسيئه پو ڇاکئون؟

سو ته مري ويو ٻارڙو.

 

(پنهنجي ڀيڻ جي درد جي ترجماني هن وائيء َ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهيم، جنهن جو ٻار ڄمڻ کانپوءِ ڪجهه ڪلاڪن ۾ ئي الله کي پيارو ٿي ويو)