Wednesday 11 July 2018

بک بري ديس جي!


(روزاني سنڌ ايڪسپريس 11 جولائي 2018ع)


Saturday 7 July 2018

شاھ جي رسالي ۾سُر“سورٺ” جو فلسفو


استاد لغاري:
“سورٺ” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي “صورت” ، “سُهڻي” ، “حَسين” ۽ “خوبصورت” وغيره. هي شاھ جي رسالي جو معنوي ۽ حقيقي سُر آهي، جنهن ۾ شاھ صاحب، راءِ ڏياچ جي مثالي ڪردار کي، يعني الله تعاليٰ جي نالي تي، سِر وڍي ڏيڻ جي حوالي سان، سَربُلند مڃيو آهي.
هڪ زماني ۾، جھوناڳڙھ پرڳڻي تي“راءِ ڏياچ” نالي، وڏو سخي سردار راڄ ڪندو هو.
جنهن جي سخا جي هاڪ ٻُڌي، ٻيا سردار پيا دل ۾ سڙندا هئا. سورٺ اُن سخي سردار راجا راءِ ڏياچ جي پَٽ راڻي هئي. پاڙيسري ملڪ جي راجا اَنيراءُ، هڪ چارڻ (منگتي) کي چيو ته جيڪڏهن تون راءِ ڏياچ جي سسيءَ ڌڙ کان ڌار ڪري، مون ڏانهن کڻي ايندين، ته تنهنجي منشا پوري ڪندس. اها ڳالھ ٻڌي، ٻيجل پنهنجو سُرندو سينگاري، جھوناڳڙھ ڏي راهي ٿيو.
چارڻ ٻنڌا چنگ کي ، جھُوڙا ۽ جھانئين ،
ڏُئلي  راوَڏياچ   جي ،   ڏُوران   ڏٺائين ،
راجا راءِ ڏياچ جي رنگ محل ٻاهران، اهڙيءَ چنگ چوريائين ۽ تند تنواريائين، جو بادشاھ بيخود ٿي ويو ۽ ٻيجل کي پُڪاري چيائين “ اي فقير! جيڪِين گھُرڻو هجئي سو گھُر، پر تند کي بند نه ڪجانءِ”! ٻيجل وراڻيو“ تنهنجي در تي ان ڪري آيو آهيان، جو تون“نانهن” نه سکيو آهين. اي سخي سردار! آئون تنهنجي سِر جو سُوالي آهيان”.
چون ٿا ته سورٺ ان مڱڻهار کي، سِر نه وڍڻ جي لاءِ، سَو سُوال ڪيا، انعام اڪرام آڇيا، قيمتي خزاني جون خُرزينون ڀرائي، سونن سنجن ساڻ، تازا گھوڙا اڳيان آڻي بيهاريا، هيرن ۽ جواهرن سان ڀريل هاٿي حاضر ڪيا، لعل ياقوتن ۽ ماڻڪن جو مٿان مينهن وسايائينس، جن ۾ پنڻو پُورجي ويو، پر مڱڻهار انهن کي هٿ به ڪو نه لاتو.
ڀٽائي صاحب هن سُر جي معنوي پهلوءَ ۾، معراج شريف واري حقيقت ۽ وحدت الوجود واري فلسفي جي اُپٽار ڪئي آهي.
ڏاتار  ۽   مڱڻي،  ڪو  نه  وسيلو   وِت ،
سائي  تال  تندن  جي،  سائي  چارڻ  چِت ،
جي هُتي، جي هِت ، ڳالھ مڙيائي هيڪڙي.
سنڌ ۾ هي قصو جنهن سُر ۾ ڳايو ويو، اُن کي سُر“سورٺ” سڏيو ويو. هن قصي جي حوالي سان چيل ڪافيون، “سورٺ راڳڻي” ۾ ڳايون وڃن ٿيون. هي شاھ جي رسالي جو ٻاويهون نمبر سُر آهي، جنهن ۾ 53 بيت، 4 وايون ۽ 4 داستان شامل آهن. هن سُر جو پهريون بيت “الله جي آس ڪري ، ٻيجل ڪِي ٻاڪار” ۽ آخري وائي “ الوداع! وو! الوداع! جانيان ڪِيَڙُئِي جدا ! وو! سورٺيا ساري، معذور وئين ماري” آهي.
بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
الله جي  آس  ڪري،  هلي  آيس  هير ،
هاتڪ! تو حضور ۾،  پرتان  ڀري  پير،
وِير!لڳاءِ مَ وير، وڍي ڏي ته وٺي وڃان.
الله پاڪ جي آس دل ۾ رکي، آءٌ هن وقت (هن رنگ رتول ڏي) هليو آيو آهيان. اي سياڻا حاذق! تنهنجي حضور ۾، مون وڏي پريت سان پير ڀريا آهن. اي وڏي عقل وارا داناءُ! هاڻي دير نه ڪر، پنهنجو سر وڍي ڏي ته آءٌ هينئر ئي کڻي هليو وڃان.
آءٌ    سُوالي     سر    جو ،     آيس     اڳاهون ،
مٿي   ري   مس   رکان،   پير   کڻي    پاهون،
داتا! سُڻ دانهون، جي ڪريان ڪوڏ ڪپارجيون.
(اي راجا راءِ ڏياچ!) آءٌ ته سواليءَ آهيان تنهنجي سر جو، جيڪو ڪافي پري کان اچي پهتو آهيان. تنهنجي سر وٺڻ کان سواءِ، هي پنهنجا پير، آئون پوئتي هرگز ڪو نه هٽايان. اي وڏا ڏيندڙ سخي! منهنجي سوال جون صدائون سڻ، جيڪي سرهائيءَ سان، تنهنجي سر وٺڻ جون ٿو ڪريان.
ڪِين جو  ٻيجل    ٻوليو،   ڀنِيءَ     ويهي     ڀان ،
راجا      رتولن      ۾،      سيباڻو          سلطان ،
“آءُ       مٿاهون      مڱڻا!       مقابل       ميدان ،
گھوريان لک،لطيف چئي، تنهنجي قدمن تان قربان،
مٿو   هي   مزمان!   هلي   آءُ    ته    هت    ڏيان”.
ٻيجل(ڀان فقير) ڀنِيءَ رات جو، داتا جي در تي ويهي، ڪو عجب جهڙو سوال ڪيو!
سهڻي سلطان راجا کي، رنگ رتولن ۾، اُهو ڳائڻ ڏاڍو پسند اچي ويو،(وڻي ويو).
(حڪم ڪيائين ته) “اي مڱڻا! تون مٿي چڙهي آءُ! سڌو سنئون منهنجي روبرو”. سهڻو شاھ لطيف چوي ٿو ته “ لکين لک توتان گھوري ڇڏيان ۽ تنهنجي قدمن تان قربان ڪري ڇڏيان. اي منهنجا مٺا مهمان! تون مٿي هلي آءُ! ته هيءُ سر، توکي هت(هندوري ۾) ڏيئي ڇڏيان”.
نِرتي   تند   نياز    سين ،    ٻُرائي    ٻيجل ،
راجا      رتولن      ۾ ،     اُونائي        امل ،
راز   ڪيائين   راوَ   سين،   موچاريءَ   مهل ،
“انا   احمد   بلا   ميم”،   سَين   هنئي   سائل ،
ڪنهن ڪنهن پيئي ڪل، ته “هردوئي هيڪ ٿيا”.
وڏي سرت ۽ سمجھ واري ٻيجل، نياز ۽ نوڙت واري تند، اچي رنگ محل جي ٻاهران ٻُرائي،(وڄائي). راجا راءِ ڏياچ رنگ رتولن ۾، اُنهيءَ سُريلي ساز جي اَمُلھ “رُون رُون”، وڏي غور ۽ فقر سان ڪن ڏيئي ٻُڌي. دل جي راز واري حقيقت، راجا راءِ ڏياچ سان، موچاريءَ مهل(اسر ويل ) جو، اُن سائل ويهي سَلي. “آءٌ احمد آهيان بنا ميم جي”، سُهڻي سُوالي اها صدا پڌري پڪاري. پوءِ ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ کي اها ڪل پيئي، ته “ٻيئي(راجا ۽ راڳائي) پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي ويا”.
سهسين    آئيا    سورٺيا ،    مانجھي    مڻيادار،
جن ڳڙهان ٻهر ڳائيو،    سهجان     سڀ    ڄمار،
تنبيري جي تند  جي،   اُت   پهرين   هئي   پچار،
آءُ      مٿاهون      مڱڻا!     چڙهي     در     دئار،
توکي   گھوٽ    گھرائيو،    خلوت   لاءِ   کنگھار،
“السلام عليڪ ايها النبي”، اي کلي ڪيائين کينڪار،
سئو ۾ سنسار ،   ته    “ ملڪ    ڏنائين    مڱڻي ”.
هتي سوين سوَ سورٺ ملڪ جا ڳائڻا آئيا، سي به وڏيءَ همت وارا، جلويدار ۽ ڏاڍا سهڻا هئا. سي سڀ ساري حياتيءَ، پنهنجي رضا خوشيءَ سان، جھونا ڳڙھ کان ٻاهر ڳائيندا رهيا. هن تنبي وڄائڻ واري جي سهڻي ساز جي، اُتي اڳ ۾ ئي گفتگو ۽ هاڪ (مشهوري) هلندڙ هئي. “اي مهربان ۽ موچارا مڱڻا! تون مٿي هليو اچ، محل جي مکيه دروازن وٽان چڙهي. توکي گھوٽ پاڻ وٽ گھرايو آهي، راوَکنگھار خلاصي رهاڻ ۽ قرب واري ڪچهريءَ لاءِ”. “اي نبي ڪريم!(صلي الله عليه وآله وسلم)تو تي سلام هجي”، ايئن کلي ۽ خوش ٿي، ڀليڪار ڪيائين. پوءِ ساري سنسار(جهان) ۾ ٻڌو ويو ته “سڄو ملڪ ئي، مهربان ۽ موچاري مڱڻي کي، (انعام ۽ اڪرام ۾) عطا ٿي ويو آهي”.
چارڻ! ٻولج ڪِين ٻيو، گھُريوءِ،     سو   گھوريان ،
ڳڙھ سورٺ ئي نه پڙي، جي   تندن   سين   توريان،
ڳُجھِي   آهم    ڳالهڙي،    آءُ    اوري    ته   اوريان،
“ڪُلهنيون ڪوريان؟ڪهِ جاجڪ! جُسي سين ڏيئين؟”.
اي چڱا چارڻ! اڃان ڪُجھ ٻيو به چئو، (ٻيو به گھُري وٺ!) جيڪين تو گھُريو آهي، سو ته گھوري تو کي ڏيان ٿو. سورٺ وارو سمورو ملڪ، جھوناڳڙھ تور ۾ پورو ئي نه ٿو بيهي، جي تنهنجي ساز جي تندن سان ملائي ٿو توريان. منهنجيءَ دل ۾ ، هڪ راز واريءَ ڳالھ سمايل آهي، تون هيڏانهن اورتي اچ، ته اُها تو سان اوريان،(تو سان اُها ڳُجھيءَ ڳالھ سليان). اي جيءُ جا جاجڪ! هيءُ ڪنڌ ڪُلهن وٽان ڪوريان؟ يا جسم ۽ جان سوڌو ئي تو کي ڏيئي ڇڏيان؟”.
حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي ڪلام ۾، سُر“سورٺ” کي، مڪمل طور تي، حقيقي ۽ معنوي سُر جو درجو حاصل آهي. هڪ الله تعاليٰ جي نالي تي، ڪنهن سُواليءَ کي سِر وڍي ڏيڻ جو مثال، تاريخ ۾ ٻيو ڪٿي به ڪو نه ٿو ملي. هيءُ سُر وحدانيت کان سواءِ، رسالت جي پُرنُور موضوع جو مرڪوز پڻ بنيل آهي. ڀٽائي رحه فرمائي ٿو “ آءُ مٿاهون مڱڻا! چڙهي در دئار، توکي گھوٽ گھرائيو، خلوت لاءِ کنگھار” . ڪافي عالمن ۽ اسڪالرن مٿيين سٽن کي، معراج شريف جي ماحول سان منصوب ڪيو آهي. وري هي سٽون به ڏسو؛ “ الانسان سري و اناسره”، ورتي ايءَ وائي، راجا، راڳائي، هي دوئي هيڪ ٿيا”. اهڙيءَ ريت، اسين شاھ جي رسالي ۽ ڪلام مان، وحدانيت ۽ رسالت بابت، ڪيترائي اشارا ۽ اُهڃاڻ پڙهي ۽ پروڙي سگھون ٿا. جن تي ايمان آڻڻ ۽ عمل ڪرڻ سان، اسان جا ٻيئي جهان منور ۽ موچارا ٿي سگھن ٿا. اسان کي گھرجي ته شاھ جي رسالي جو، لفظي مطالعي سان گڏوگڏ، ان جو معنوي رخ به معلوم ڪندا وڃون، ته ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون پاڻهي ئي اسان جا قدم چمنديون اينديون.
(روزاني مهراڻ 6 جولائي 2018ع)