Wednesday 9 May 2018

دلپذير ۽ دلنشين خيالن جو شاعر ؛ رشيد احمد لاشاري


رشيد احمد ”رشيد“ لاشاري
تحرير؛ سليمان وساڻ
 8 )اپريل 1922ع – 20 سيپٽمبر 1970ع(
رشيد احمد ولد زرڪ خان لاشاري تخلص ”رشيد“ جي ولادت ڳوٺ ملگزار، تحصيل نصير آباد، ضلع سبي بلوچستان ۾ ٿي. هو مير گهرام لاشاري جي مامي مير حده لاشاري جي اولاد مان هو. اوائلي تعليم چار درجا اردو ۾ حاصل ڪيائين، پر والد جي وفات کان پوءِ پنهنجن چاچن وٽ ڪنڌڪوٽ ۾ رهڻ لڳو، جتان 1936ع ۾ سنڌي ورنيڪيولر فائينل جو امتحان پاس ڪيائين.
1937ع کان 1940ع تائين فقيري اختيار ڪري حضرت سلطان باهو جي اولاد صاحبزاده فيض سلطان جي صحبت ۾ پنجاب، بلوچستان ۽ افغانستان جي وادين ۾ سفر ڪندو رهيو (1). 1941ع ۾ مدرسته اشرف العلوم شڪارپور ۾ ڪنز ۽ ڪافيه تائين پارسي نصاب ۽ عربي علوم حاصل ڪيائين.
رشيد جي طبع سيمابي هئي، هن جي پير کي هڪ هنڌ ٽڪاءُ ڪين ايندو هو. تنهن ڪري هن گهڻيون نوڪريون ڪيون ۽ جلدي جلدي نوڪريون بدلائيندو رهيو. جنهن ڪري مختلف اسڪولن ۽ شهرن ۾ پرائمري ماستر ٿي رهيو. 1948ع ۾ ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد جا امتحان پاس ڪري ڪامياب ٿيو، جتي جلد ئي استاد مقرر ٿيو. هن ان زماني ۾ پنجاب يونيورسٽي مان اديب فاضل ۽ اورينٽل ڪاليج حيدرآباد مان اديب عالم ۽ سنڌ يونيورسٽي مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. هن جي لياقت ڏسي هن کي اورينٽل ڪاليج حيدرآباد ۾ سنڌي ادب ۾ ليڪچرر مقرر ڪيو ويو. هن ڊاڪٽر بلوچ جي زير نگراني تيار ٿيندڙ سنڌي لغت ۾ ڪم ڪيو، 1956ع ۾ حيدرآباد کي ڇڏي ڪراچي هليو آيو جتي سنڌي فلمن جي آکاڻين، ڊائلاگن ۽ گيتن لکڻ جو ڪم ڪيائين. سندس فلمي گيت سنڌ ۾ نهايت مقبول ٿيا.
رشيد ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ، ماهوار نئين زندگي جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ عبدالله هارون ڪاليج لياري ۾ ليڪچرر ٿي ڪم ڪيو مگر هو اتي به رهي نه سگهيو. رشيد کي دم جي تڪليف هئي جا ساري زندگي کيس تنگ ڪندي رهي. بيماري ۽ تڪليف ده حالتن ۾ رهي به هن گهڻو ڪجهه لکيو ۽ سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو. سندس شايع ٿيل ڪتابن مان ڪي هي آهن
1. شاهه جي رسالي جون مختلف شرحون،
2. لطيف باغ جو سير (نظم) 1954ع،
3. ڪليات گدا (ترتيب 1957ع)،
4. سچل جو سرائيڪي ڪلام (ترتيب 1958ع)،
5. مثنوي نل دمينتي (1959ع)،
6. بلهي شاهه جون ڪافيون (1962ع)،
7. حضرت سلطان باهو (1964ع)،
8. سچل جو اردو ڪلام (ترتيب 1965ع)،
9. شڪنتلا (ناٽڪ).
رشيد جي ساري زندگي ناسازگار حالات ۽ ڪشمڪش ۾ رهي، هو پنهنجي دورِ حيات ۾ اختلافن ۽ دشمنين جو آماجگاهه رهيو. طبع جي تيزي ۽ جذباتي هئڻ ڪري ڪيئي اختلافي معرڪا اهڙا پيدا ٿيا جن ۾ رشيد سڀ کان پيش پيش رهيو.
رشيد پنهنجي دور جو قادرالڪلام شاعر هو، ڪيتريون زبانون ڄاڻندو هو ۽ انهن ۾ بي انتها رواني سان ڪلام چئي سگهندو هو. هن کي في البديه شعر چوڻ تي ڪمال حاصل هو. هن شاعري جي هر صنف ۾ آساني سان گهڻو ڪجهه لکيو. سندس ڪلام فن ۾ پختو لفظن ۽ محاورن ۾ چست، دلپذير ۽ دل نشين هو. هن زندگيءَ جون گهڻيون تلخيون ڏٺيون هيون، تنهن ڪري سندس ڪلام ۾ سندس ناڪامين ۽ محرومين جي محزون تصوير پڻ سمايل آه.
رشيد جي وفات جي هجري ۽ عيسوي تاريخون، عبدالله اثر هڪ قطعه ۾ هن ريت ڪڍيون آهن:
اثر“ هجرت جو سن هاتف ٻڌايو ”دم قدم بخشش
1390 هه
مسيحي ”رحمتِ داور به لاشاري رشيد احمد .
1970ع

سندس هڪ گيت
وَڃ نه پَري مون کان هَٿڙو ڇَڏائي.
ڪر نه جدائي مُنهنجي دِلڙي وَسائي.
دلِ جي صَدا توکي وَڃڻ نه ڏيندي،
ٿڌڙي هَوا تنهنجي واٽ جهليندي،
نازَ ڪري توکي پيار مان چَوندي،
دُور نه ٿي ڪنهن جي دلڙي رَنجائي.
دِل جو گلشن توئي سَجايو،
اُنَ ۾ پنهنجو پيار وَسايو،
توکان سَوا مُنهنجو جِيڻ اَجايو،
مِل ته سَهي پنهنجو قُرب وَڌائي.
دِل ۾ وَڄن ٿيون اَڄ شرنايون،
گيِت پِريتَ جا گڏجي ڳايون،
مُنهنجي اَکيُن ۾ تنهنجون جايون،
ٿي نه جُدا، منهنجي جِندڙي جَلائي.
(سنڌ سلامت تان ورتل)
همت ۽ مردانگي
خوف واري زندگيءَ سان زندگي برباد آھ،
 آھ سوانسان جيڪو خوف کان آزاد آھ.
خوف خطرو در حقيقت وهم جي ايجاد آھ،
 دل جي دنيا جوش ۽ همت سان ئي آباد آھ.
وهم کي دل مان مٽائڻ آھ فرزانگي،
مڙس ٿي ڇڏ بزدلي سک همت ۽ مردانگي.
خاڪ کان تون پاڪ تنهنجو آسمان تي شور آھ،
باھ پاڻي ۽ هوا کان زور تنهنجو زور آھ.
تو سندي ايمان جي وڌ ڏونگرن کان تور آھ،
 نفس تنهنجو ڪانگ آهي ۽ روح تنهنجو مور آھ.
ڪانئرن جو آھ ڪم ايمان کان بيگانگي،
 مڙس ٿي ڇڏ بزدلي سک همت ۽ مردانگي.
سج اڳيان جئين باھ جو بيڪار ڏسجي ٿو اثر،
تئين خدا جي ڊپ اڳيان آهي نه ڪو خوف و خطر.
هڪ خدا کان ڊڄ ۽ ٻئي ڪنهن جي نه تون پرواھ ڪر،
 جي خدا ڪارڻ خدا جي لاءِ مر اي نامور!
پاڻ کي زندھ نه سمجهڻ آھ هڪ ديوانگي،
 مڙس ٿي ڇڏ بزدلي،سک همت ۽ مردانگي.
جسم فانيءَ سان تون پنهنجي زندگي شامل نه ڪر،
 موت جي ڊپ کان حقيقي عيش کي زائل نه ڪر.
روح باقي آھ ان کان پاڻ کي غافل نه ڪر،
ڪر خدا جي بندگي دل غير ڏي مائل نه ڪر.
موت آهي ويس بدلائڻ جو جهڳڙو خانگي،
 مڙس ٿي ڇڏ بزدلي سک همت ۽ مردانگي.

گيت
رشيد احمد لاشاري
ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ

گهونگهٽ لاھِ، ڪُنوار!
سرتين کان منهن نہ مٽجي.
ـ
هاڻي ٿي ويندين ڌار،
قرب ڪٿي ويٺَي کٽجي.
ـ
ميندي لائي زيور پائي،
سيج سهاڳ جي سڀڪا وسائي،
پيڪن جي ڪر پچار،
دل مان ڪڏهن نٿي گهٽجي.
گهونگهٽ لاھِ ڪنوار....
ـ
ور توکي چاهي ور کي تون چاهين،
کٽ تان پٽ تي پير نہ لاهين،
ماڻي تون وڏي ڄمار،
وقت جي بازي ئي کٽجي.
گهونگهٽ لاھِ ڪنوار....


شاعري : رشيد احمد لاشاري

(1)
اي ڀلارا ڀٽ ڌڻي تون لعل لاثاني لطيف
تنهنجو هر هڪ لفظ آهي راز رحماني لطيف
تون ٿو ڇيڙين سڪ منجهان جيئن ساز سبحاني لطيف
تيئَن ٿئي ٿي عشق جي عالم کي حيراني لطيف
شعر تنهنجي سان پهچندو فڪر اِنساني لطيف
ڪيئن ٿئي اِنسان کان تنهنجي ثنا خواني لطيف
(2)
فڪر تنهنجي ۾ اُهو الله اعليٰ ۽ عليم
فهم تنهنجي ۾ اُهو قدرت جو قادر ۽ قديم
سوئي والي وحده‘، رزاق ۽ رب تنهنجو رحيم
تون چوين ٿو حمد اُن جو، آهه جو هادي حڪيم
جيڪو جڳ جي جوڙ جوڙي، تنهنجو سو جاني لطيف
تون بقا بالله تنهنجو نام لافاني لطيف
(3)
سنڌڙيءَ جي سونهن تون، بانڪو بلوچستان جو
تنهنجي دم سان مُنهن مٿي آهي ٿيو مڪران جو
توئي سسئيءَ کي ڪيو سونهون وڃي سُبحان جو
تو پنهونءَ جي روپ ۾ عالم ڏٺو عِرفان جو
تو حقيقت ۾ هلايو حڪم حقاني لطيف
تو طريقت ۾ ڏٺي، خود پنهنجي تاباني لطيف
(4)
تون چنيسر تون ئي راڻو ۽ تماچي ڄام تون
تون ئي مومل مارئي، ليلا جي مخفي مام تون
تون ئي سهڻي، تون ئي سسئي، عشق جو انجام تون
رنگ وحدت جي ۾ ساڳيو صبح، ساڳي شام تون
تون لطيف ۽ لطف تنهنجي جي ٿي ارزاني لطيف
آههِ تنهنجي عشق جي هر جا فراواني لطيف
(5)
تنهنجي هر هڪ لفظ ۾ ڏسجي ٿو وحدت جو جمال
آيتن سان سڏجي ٿو تنهنجو رسالو بي مثال
لطف جون لاتيون لنوڻ آهي تو ڪامل جو ڪمال
ديد ۾ صوفين جي ڏسجي ٿو اُهو جوش و جلال
بحرِ وحدت ۾ مچائي ٿو جو طغياني لطيف
جو ڏئي ٿو طور تي موسيٰ کي مهماني لطيف
(6)
يا حبيبي تون حبيب الله ۽ اِبن حبيب
تون ئي دارون درد جو ۽ تون تَتل تن جو طبيب
تون حبيبن جو حبيب ۽ تون قريبن جو قريب
اُن حبيب آهي ڪيو تو کي عطا اهڙو نصيب
جنهن حبيب آهي جهُلايو تاج سلطاني لطيف
جنهن جي در تي خود ڪئي جبريل درباني لطيف
(7)
بيڪسن جو ڀَر جهلو آهين ڀٽائي گهوٽ تون
معرفت جي ملڪ جو مهندار ۽ اڻ موٽ تون
هڪ نِگهه سان ٿو ڪڍين دل مان دغا ۽ کوٽ تون
مارئي جي مام سان ڊاهين ٿو قهري ڪوٽ تون
آههِ تنهنجي همسري ڄڻ ڪارِ شيطاني لطيف
شل لڳي ڪنهن کي نه تو ڪامل سندي ڪاني لطيف
(8)
اي سچا سيد سخي توئي وسائي سنڌڙي
تو بهشتن کان به وڌ آهي بنائي سنڌڙي
پنهنجي مخفي مام سان تو آزمائي سنڌڙي
تو اڳيان ثابت ڪئي پنهنجي سچائي سنڌڙي
خوش گذارن ٿا سُڪر ۾ تنهنجا دهقاني لطيف
سنڌ وارن کان نه گهٽ ٿيندي مڇي ماني لطيف
(9)
سنڌ وارن سان اڃا ڪرڪي ڀلايون ڀال تون
شِرڪ ۽ الحاد جا سڀ دور ڪر جنجال تون
وحده‘ ۽ لاشرِيڪ لہ‘ کي ڪر بر حال تون
دهريت جو ڍونگ ڪر هر حال ۾ پامال تون
سنڌڙيءَ ۾ آهين تون توحيد جو باني لطيف
ڇو ٿئي هي سنڌ بي دينيءَ تي ديواني لطيف