Saturday 12 May 2018

درد ۽ سونهن جو شاعر:آثم ناٿن شاهي


درد ۽ سونهن جو شاعر:آثم ناٿن شاهي
ابراهيم لاشاري )وارهه (
سونهن ڀري مهراڻ جا سڀئي شهر ڪنهن نه ڪنهن ادبي ذوق واري صفت واري شخصيتن سان ثم ثار لڳا پيا آهن هن وادي مهراڻ جي خوشبو ۽ چيڪي مٽي جي هڳاءَ سان لفظن جي مالها پوئڻ ۾ خيرپور ناٿن شاهه شهر کي اهيو اعزاز حاصل آهي جو هن شهر جي شاعرن ،اديبن ، پاڻ ملهائي پنهنجي شهر ۽ پنهنجو ادبي لڏي منجهه نالو نروار ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي اهڙي ريت الله بخش سولنگي جي گهر انهن وقت خوشي جو سماع پرهه ڦٽي مهل 2 جنوري ڇنڇر ڏينهن سال 1937ع ڌاري غلام رسول سو لنگي ڳوٺ کاٿڙي ۾ اکيون کوليون . اڳتي هلي سندس ادبي سڃاڻپ (آثم ناٿن شاهي ) سان ٿي آثم ناٿن شاهي پڙهڻ جي عمر کي پهتو ته والد سندس ڦرهي هٿ ۾ ڏئي اسڪول ۾ داخل ڪرايو جتان هن محنت سان سنڌي جا پنج درجا تعليم وٺي امتحان ڏئي پاس ڪيا ، بعد ۾ سندس والد صاحب سندس کي مدرسي ۾ ديني تعليم سان آرا ستا ڪرڻ جي ڀر پور ڪوشش ڪئي ان زماني منجهه آثم ناٿن شاهي جو نانو مولانا فيض محمد (پريشان   سولنگي ) جيڪو پڻ هڪ وڏو عالم هو جنهن جو مدرسو اڳوڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۽ هاڻوڪي ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جي وارهه تعلقي جي ڳوٺ الهرکيو جلباڻي ۾ قائم هو جتان هن عربي ۽ فارسي جي تعليم پرائي . مڱر ننڍي وهي کان وٺي شعرو شاعري ڪرڻ سان دلي لڳاءَ هيس پس پوءِ شاعرانه انداز ۾ من جو آواز ڪڏهن غزل جي صورت ۾ ته ڪڏهن وري آزاد نظمن ۾ پنهنجي من جو آواز عام خلق کان علاوه دوستن احبابن جي ڪچهري ۾ پيو اظهار ڪندو وتندو هيو ، روزگار جي ته پرواهه ئي نه رهيس ڪڏهن ڪڙمت جو ڪم آسان لڳندو هيس ته ڪڏهن وري عام مزدورن سان گڏجي مزدوري ڪندي نظر آيو بس پوءِ زندگي جي گاڏي کي خانگي ملازمت ڪري پيو پيٽ گذر ڪندو رهيو آثم ناٿن شاهي شاعري جا سڀ گر وري پنهنجي ڳوٺائي خيرپور ناٿن شاهه جي رهواسي مشق غزل گو شاعر (سيد نياز علي شاهه ) ادبي لڏي ۾ وري سندس سڃاڻپ (محسن ڪڪڙائي ) طور ٿئيندڙ کان شاعري جي اصلاح ڪرائيندو ڪرائيندو پنهنجو نالو ادبي لڏي ۾ (آثم تخلص) استعمال ڪري آثم ناٿن شاهي سان سڃاڻپ ظاهر ڪرائي ڇڏي پاڻ جديد سنڌي شاعري جو هڪ منفرد ڪوڏيو شاعر ٿي گذريو آهي شاعري جي مڙني صنفن منجهه پنهنجي من جو آواز پوءِ اهو نظم جي صورت ۾ هجي يا غزل تنهن کانسواءِ آزاد نظم به جهجي انداز ۾ چيل اٿس آثم ناٿن شاهي صاحب جو فن ۽ انداز بيان نهايت رس ڀريو ۽ زرخير نظر اچي ٿو سندس شاعري جا هزارين شعر سنڌ جي مختلف اخبارن ، رسالن ، ميگزين ۾ ڇپئجي عام خلق تائين پهتا آهن پاڻ سال 1962ع کان وٺي پنهنجي استاد محسن ڪڪڙائي کان تربيت وٺي خيرپور ناٿن شاهه جي شهر منجهه (بزم طالب المولي) شاخ قائم ڪري ادبي ڪوسشن سان نيهن لاتائين جلدي ئي بزم پاران (درس ادب ) جو شعبي جو پايو وجهي شاعري سان دلي لڳاءَ رکندڙ هر ماڻهون ۽ خاص ڪري نوجوان کيتر کي شاعري جا گر سيکارڻ جو هڪ نهايت بهترين بندوبست ڪري انهن جي اصلاح ڪندو رهيو ، آثم ناٿن شاهي پنهنجي استاد جي بهترين صلاحيتن منجهان مصفيد ٿيندي خيرپور ناٿن شاهه ۾ (اداره فلاح و بهبود )جو بنياد وجهي هڪ بهترين ( لائبريري ) پڻ قائم ڪري علمي ۽ ادبي ڄاڻ سان شهر واسين کي نوازي ڇڏيو آثم ناٿن شاهي نثر توڙي نظم سان گڏ سنڌي ادب جي سونهن ۾ اضافو ڪندي 25 ڪتاب سان پنهنجو ادبي نالو ڪڍرائي نروار ڪرايو ان کان علاوه ڪيترائي مضمون مقالا ڪتابن جا مهاڳ پڻ لکيا اٿس ، سندس شاعري جو مجموعو (جڏهن الا اڀ ۾ ) ۽ لهرون لهرون لاٽ پڻ ڇپجي مارڪيٽ جي سونهن بڻيا آهن. جڏهن ته ٻين ڪتابن ۾ ( ڪتين ڪر موڙيا ، تاريخ جو مطالعو ، مظلوم ڪربلا ، پڙتال ، ٻه روپ ، پڻ اڻڇپيل ڪتابن ۾ شمار ٿين ٿا ،آثم ناٿن شاهي سنڌي جي ڀلوڙ شاعرن جي سمورين جوور مالڪ شاعر هو سندس شاعري ۾ استادانه حيثيت جو حامل رهيو آهي پنهنجي دور ۾ هن شاعري ڪندڙ ڪيترن ئي نوجوانن کي سکيا ڏئي پنهنجو شاگرد بڻايو ، سندس شاگردن جو هڪ بهترين تعداد نظر اچي ٿو آثم ناٿن شاهي کي ادبي خدمتن عيوض مڃتا طور ايواردن سان پڻ نوازيو ويو سال 1994ع ڌاري (ڪينجهرادبي ايوارڊ ) سان نوازيو ويو سال 1999ع ڌاري سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران سندس شعري مجموعي واري ڪتاب (لهرون لهرون لاٽ ) ٻه ٽي نقد انعامن سان پڻ نوازيو ويو آثم ناٿن شاهي پنهنجي من جو آواز شاعري جي روپ ۾ ڪهڙي نه بهترين انداز ۾ بيان ڪري ٻڌائي ٿو ته

تنهنجو چهرو گلاب جهڙو آ ،
ڪنهن مقدس ڪتاب جهڙو آ
هن جو مونسان ملڻ اڃا تائين
ڪنوار پڻ جي حجاب جهڙو آ
خوبصورت بتن جو پوڄائون ،
ڏوهه آ پر ثواب جهڙو آ

سنڌ جو هي بهترين شاعر اديب پنهنجي زندگي ۾ ڪراچي جي هوائن جو مزو وٺندي روزگار سانگي ڪافي سال هڪ ننڍڙو دوڪان کولي پنهنجي زندگي جو گاڏو گهليندو رهيو ۽ مسلسل چاليهارو سال هو سنڌي ادب جي سونهن ۾ پنهنجي ڏات سان لکندو قلم وسيلي اضافو ڪندي ڪڏهن به نه ٿڪاوٽ محسوس نه ڪيائين سنڌ جي هن ڀلوڙ در ۽ سونهن جي پوڄاري شاعر آخر ڪار زندگي جو 69سال 9 مهينا 4 ڏينهن زندگي جا گهاري جمعي جي ڀلاري ڏينهن 6 آڪٽوبر 2006 سڀني ادبي مصروفيات منجهان هٿ ڪڍي وڃي ابدي آرامي ٿيو.
(سنڌ سلامت تان ورتل)

غزل
آثم ناٿن شاهي
پٿر ٿا هڻن مون کي شيشي مان ٺهيل ماڻهو،
دل ۾ ٿا وڃن لهندا وسڪيءَ ۾ ٻُڏل ماڻهو.
پردي جي پٺيان ويهي پُتليون ٿو نچائي ڪو،
رونشو ٿا ڏسن بيٺا خچرن تي چڙهيل ماڻهو.
ڪنهن ٻُڪ ۾ وتا ناهن، ڪنهن جهول جهليا ناهن،
لڙڪن جي ڦڙن جهڙا اکين مان وهيل ماڻهو.
جي پاڻ رواجن جي ٽياسن تي ڏنگيل آهن،
اڳتي نه وڌي سگهندا، سي پٺتي رهيل ماڻهو.
هڪ پيڙ هجي ڦٿڪن، ڪجهه درد هجن روئن،
سُڏڪا به ويا ڀُلجي ڳڻتين ۾ ڳهيل ماڻهو.
جن قتل ڪيا تن سان ڀي سڱ نه ٽوڙيائون،
قبرن ۾ ويا گهلي جيئرن کي مُئل ماڻهو.
ليکو ٿا ڪيون ويهي ’آثم‘‘ ته زماني ۾؛
پڙهيلن ۾ هزارين آهن ”ڄٽ پڙهيل“ ماڻهو.
*******
غزل
نه پوڄ مونکي نه چاهه مونکي،
پڄئي ته پيرن ۾ گاهه مونکي.
جي هڪه دفعو تو ڇڏيو آڊاهي،
ته هاڻ ٻيهر نه ٺاهه مونکي.
ٽٽل تعلق نه جوڙ مون سان،
ڪندين ڇا مونکي ڏي باهه مونکي.
مان پاڻ پنهنجو صليب آهيان ،
ٽنگيل رهڻ ڏي نه لاهه مونکي.
وري وري پيو جنم مان وٺندس،
گھڙي گھڙي ڀل تون ڊاهه مو نکي.
مان سچ چوڻ لئه ڄميو هان “آثم”،
سزا جو ڪو ڊپ نه آهه مونکي.
*****
آثم ناٿن شاهي
ماڻهو سهڻا مور اچن ٿا
ماڻهو سهڻا مور اچن ٿا
ٽُرندا پياري، ٽور اچن ٿا!
لِڪندا، ڇپندا، لوڻا هڻندا
پڪَ دلين جا چور اچن ٿا!
کِنوندا، کجندا، رم جهم وسندا،
بادل ڪي گهنگهور اچن ٿا!
شيشي جهڙا ٽاڪنئڙا بُت،
پاءُ‌ گُلن جي تور اچن ٿا!
نيڻ وڇاء اُٿي او آثم،
اڄ هُو تنهنجي اور اچن ٿا!
******
منهنجو خوابُ تون،
لا جـَـوابُ تون.

هوشُ ڪيئن هجي؟
بي نقابُ تون!

هر خيال ۾،
انقلابُ تون.

گامَ گامَ تي:
ڪاميابُ تون.

مان گناهـُـه هان،
۽ ثوابُ تون.

مان ٻـُـڙي ٻـُـڙي،
بي حسابُ تون.

منهنجي سامهون:
ڄڻ جنابُ تون.

سـَـوَ سوالَ مان،
هـِـڪُ جوابُ تون!

***
ڪو چينُ سزا وانگر،
ڪو دردُ دوا وانگر.

مان تنهنجي بقا وانگر،
تون منهنجي فنا وانگر.

ميلاپ کان اڳ وڇڙڻ،
بي جرم سزا وانگر.

مطلب جي محبت آ،
بي فيض دعا وانگر.

چاهت کان سوا رشتو،
بي رنگ حنا وانگر.

تنهائيءَ ۾ سارُوڻي،
ڪاڙهي ۾ هوا وانگر.

هر سوچ منافق جي،
جُوتي ۾ بلا وانگر.

ڪافر ٿو ٿيان شايد،
ڪو شخص خدا وانگر.

برسيو هان سرابن تي،
سانوڻ جي گهٽا وانگر.

گلشن ۾ ’وفا‘ آهي،
صحرا ۾ صدا وانگر.
******ڍ
ڇـَـلڪيا نيڻ- ڪٽورا تـُـنهنجا،
ڀرمَ ٿيا اڄ ڀورا تـُـنهنجا!
تـُـنهنجي پيار ڪرڻ جا ساکي:
هي سڀ هورا- کورا تـُـنهنجا.
اکين مان ٿا چغلي کائن،
لالُ - گلابي ڏورا تـُـنهنجا.
اکِ اَٽڪائي: ويندي- ويلي،
پيرَ لڳن ٿا ڳورا تـُـنهنجا!
رِيتـِـن منجهه رَڙيون ٿيون ٻڌجن،
”وا! زوراوَر زورا تـُـنهنجا!!
”اوءِ!“ اکـَـر سان سـَـڏُ ڪيو تو،
ٿي ويا ڏاڍا ٿورا تنهنجا.
اڄ کان آثم لکندو رهندو،
گيتَ، غزل ۽ مورا تـُـنهنجا!
-------------
ڪڏهن تـُـنهنجي واتان جي ’ها‘ ٿي پوي،
ته مون لئه الائي ته ڇا ٿي پوي؟
غزل مان لکان: تون ڪڍين پيو چـُـڪون،
اِئين هڪ دفعو شل اَلا! ٿي پوي.
تون مـُـرڪي، پو پنهنجو ارادو ڏَسين،
ته منهنجي به مرضي اُها ٿي پوي.
مـِـلي پاڻَ: پنهنجي شـَـڪن تي ٽـَـليون،
ته، هر ڳالهه جيڪر صفا ٿي پوي.
ٿـَـڌا ساهـَـه ئي، پـَـر، جي گڏجي کڻون،
ته ڌرتي تتل هيءَ ڳڙا ٿي پوي.
جي ماڻهو سڀئي هڪ- ڪرا ٿي پون،
ته، دنيا سڄي ’واهه- وا‘ ٿي پوي.
ٽـِـجوڙين ڀرڻ جي نه مـِـرگهي هجي،
ته مرضن گهڻن جي دوا ٿي پوي.
ڏُکي ناهـِـه تقدير بدلي سگهڻ،
مگر، شرط آ، ’ٺا ۾ ٺا‘ ٿي پوي.
وڃي ڪنڌُ ڪـَـپجي وطن جي مٿان -
ته، هڪ قرض آثم! اَدا ٿي پوي!
------------
سـَـچُ نه ماريو زهرَ- وَٽي،
بازي ويو سقراط کٽي.

گهورِي جانِ، وڃي ته وڃي،
ماڻهو مقصد کان نه هـَـٽي.

اڄ، ڪنهن جي دَرشن جي بک،
سـِـڪَ جو پـَـئي ٿي هانءُ چـَـٽي.

سامـُـنهن: نيڻ- نهارَ نه ڪا،
ڪيئن اڄوڪي سانـَـجهـَـه ڪـَـٽي؟

داڻو- داڻو ڌار نه ڪر،
ساٽي! دل جو سـَـنگُ سـَـٽي!

ڏاهپَ ڏاڍا ڏَنڀَ ڏنا،
ڏاتِ ڀريا ٿم ڏُک ڏَٽي

اهڙو ڪو چـَـنجورُ هجي،
پـِـيڙائن جي پاڙَ پـَـٽي.

آثم! سچ جو ساٿ ڏِجانءِ،
جيونُ جيڪي ڏِينهـَـن ٻه- ٽي!!