Saturday 19 May 2018

صاحب طريقت شاعر؛ سائين چيزل شاهه


چيزل شاهه

چيزل شاهه: مشهور صوفي ۽ ڪافي گو شاعر سيد چيزل شاهه پنهنجي وقت جي وڏي صوفي شاعر سيد رکيل شاهه جو فرزند هو. سيد چيزل شاهه بلوچستان جي ڳوٺ فتح پور تعلقي گنداواهه ۾ 1332هه مطابق 1914ع ۾ ڄائو. سندس ڏاڏنگ مان سيد عبدالغني ’سوا ڪيري‘ وارو به وڏو صاحب ولايت بزرگ ٿي گذريو آهي. سيد رکيل شاهه پنهنجي فرزند سيد چيزل شاهه کي تعليم ڏيارڻ لاءِ مولوي استاد پير بخش شاهه وٽ ڇڏيو، جتي هن ديني تعليم، عربي، فارسي ۽ اردوءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي. جڏهن سيد چيزل شاهه جي عمر چوڏهن سال ٿي ته سندس شادي پنهنجي ڏاڏنگ مان ڪرائي وئي. ٻي شادي جيڪب آباد جي بخاريساداتن مان ڪيائين. کيس ٽن پُٽن: سيد صادق شاهه، سيد نياز حسين شاهه عرف حيدر شاهه ۽ سيد رکيل شاه عرف علي اڪبر شاهه جو اولاد ٿيو.
سيد چيزل شاهه ننڍپڻ کان وٺي صوفي شاهه عنايت شهيد جهوڪ واري جي درگاهه تي پيءُ سان گڏ حاضريون ڀريندو هو ۽ سندس شاهه شهيد جي سلسلي جي اهم شاعرن ۾ شمار ٿيندو هو. هن 21 سالن جي عمر ۾ پنهنجي پيءُ جي هٿ تيبيعت ڪري صوفي طريقي جي راهه اختيار ڪئي ۽ پيءُ جي پيرويءَ ۾ درگاهه جهوڪ شريف جي طالبيءَ ۾ رهيو. سيد رکيل شاهه صوفيءَ جي لاڏاڻي بعد صوفي چيزل شاهه سجاده نشين ٿيو. چيزل شاهه درگاهه رکيل شاهه فتح پور ۾ذڪر ۽ فڪر کان سواءِ ننگر جو به بندوبست ڪندو هو. سندس سڄي زندگي هڪ سچي صوفيءَ جو مثال هئي. سادي زندگي بسر ڪندو هو. ننڍن ۽ وڏن سان عزت سان هلندو هو. ڪو به ماڻهو وٽس ايندو هو ته ان جي مراد پوري ڪندو هو. ماڻهن جي عيب ثواب ڏي نه نهاريندو هو. ڏينهن ۾ ٽي ڪچهريون ڪندو هو ۽ صبح جو عام ماڻهن ۽ طالبن جا ڏُک سور معلوم ڪندو هو. منجهند جو عالمن سان ڪچهري ڪندو هو. شام جو فيصلا ۽ نبيرا ڪندو هو، جڏهن ته رات جو مانيءَ کان پوءِ فقيرن سان ڪچهري ڪندو هو. ان بعد محفل سماع ٿيندي هئي. هن صوفي شاعر جي ڪلام ۾ تصوف ۽ عشق جا راز ۽ رمزون بيان ٿيل آهن. محبت جي مهراڻ جون ڇوليون ۽ صوفياڻيون صدائون آهن. سيد چيزل شاهه جي ڪلام ۾ قرباني، محبت ۽ انسانيت جو درس ملي ٿو. سيد چيزل شاهه پنهنجي ڪلام ۾ ڪٿي منصور، سرمد، شاهه عنايت، سچل فقير، روحل فقير ۽ سيد رکيل شاههوانگر دم هڻي ٿو ته ڪٿي شاهه ڀٽائي، ڪبير ڀڳت، گرونانڪ ۽ ساميءَ وانگر عجز ۽ نياز جو پتلو بڻجي وڃي ٿو. ڪٿي وري رومي، جامي ۽ سعديءَ وانگر طالب ٿي، زندگي گذارڻ جو درس ڏئي ٿو. سندس ڪلام ۾ هر رنگ موجود آهي.
سيد چيزل شاهه، 15 شعبان 1404هه/ 1984ع تي وفات ڪئي. کيس فتح پور ۾ ئي دفن ڪيو ويو. ’بحر العميق‘ جي نالي سان سندس شاعريءَ جي ڪتاب جا ڪيترائي ڇاپا پڌرا ٿي چڪا آهن. تازو ڇاپو حڪيم اعجاز حسين چانڊيي جو ترتيب ڏنل ’بحر العميق‘ روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري پاران 2010ع ۾ شايع ٿيو آهي. 
(انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا)
(الف) خاندان:
مرشد ڪامل، سلطان العارفين مجدد امام سخي دوران حضرت سائين چيزل شاهه صوفي القادري رحمت الله عليه جو دود مان عاليه حسيني علوي هاشمي آهي، حضرت امام علي رضا عليه الصلواه و سلام سان سلسله ۽ نسب هجڻ سبب رضوي پڻ آهي.
سلسله ۽ شجره بحر العشق جي حوالي مطابق هن ريت آهي:
حضرت سائين چيزل شاه (عزيز شاه) بن سيد رکيل شاهه بن سيد نور محمد شاهه بن سيد رکيل شاهه بن سيد عزيز الله شاهه بن اول شاه، بن سيد ولي شاهه، بن سيد محمد بقا شاهه، بن سيد رستم شاه، بن سيد ولي شاه بن سيد رستم شاه، بن سيد عبدالنبي شاه بن سيد سليمان شاه، بن سيد لاشار شاه، بن سيد حامد شاه، بن سيد جان نثار شاه، بن سيد عبدالنبي شاه، بن سيد ننگر شاه، بن سيد عارب شاه، بن سيد طاهر شاہ، بن سيد ننگر شاه، بن سيد حسين شاه، بن سيد حيات شاه، بن سيد حسين شاه، بن سيد بائث شاه، بن سيد حسين شاه، بن سيد عبدالولي شاه، بن سيد عبدالحميد شاه، بن سيد فريد شاه، بن سيد عبدالله شاه، بن سيد جنيد شاه، بن نظام الدين شاه، بن سيد محمد شاه، بن سيد قاسم شاه، بن سيد عبدالحميد شاه، بن سيد علي شاه، بن سيد يونس شاه، بن سيد اسحاق شاه، بن سيد عالم شاه، بن سيد جعفر شاه، بن سيد عقيل شاه بن سيد موسيٰ شاه، بن سيد محمد تقي شاه، بن سيد علي نقي شاه، بن سيد امام علي رضا شاه، بن امام موسيٰ ڪاظم بن سيد امام جعفر صادق، بن امام محمد باقر، بن امام زين العابدين، بن حسين عليه السلام، بن يعسوب الدين امير المؤمنين علي ڪرم الله وجه ولي و وصي رسول الله صه.


(ب) سڪونت آباءِ وجداد:
سائين چيزل شاه جا وڏا عربستان، عراق، ايران مان هجرت ڪري بلوچستان جهڙي گرم ۽ وارياسي علائقي ۾ آباد ٿيا. سندس رهائش جو هنڌ فتح پور آهي، سائين جن جي ڏاڏنگ مان سيد عبدالنبي ”سوا ڪيسري“ وارو ولي، صاحب ولايت هو ۽ بزرگ سلطان العارفين روضي ڌڻي رکيل شاه نوراني عشق، حقيقت سان رڱيل ۽ فيض رسان مشهور ۽ معروف آهن، وڌيڪ تفصلي احوالي بحرالعشق ۾ مرقوم آهي.


(ت) والادت باسعادت:
حضرت چيزل شاه صاحب جمعي جي رات ماهه جمادي الثاني 1332هجري سنه ۾ مرشد ڪامل سائين رکيل شاه جي گهر فتح پور شريف ۾ تولد ٿيا، يعني رب القدوس هن علائقي تي پنهنجو لطف و رحمت جي برسات جاري رکي.
هڪڙي ڏينهن والده ماجده کيس وهنجاري سينگاري پينگهي ۾ سمهاري کيس لوڏڻ لڳي، اوچتو سائين چيزل شاه جي سر مبارڪ سان لڳ ڪارو نانگ ڏٺو، بي بي سانئڻ خوف کان روضي ڌڻي سائين رکيل شاه وٽ ويئي، سائين رکيل شاه عبادت الله ۾ مصروف هئا، بي بي صاحبه سڄي حقيقت ڪئي. ان تي سلطان العاشقين فرمايو ته، اهو نانگ نه بلڪ اهو عشق جو تاج آهي، ڪو به خوف نه ڪر، وڃي ٻيهر ڏس، بي بي سانئڻ حضرت چيزل شاه جا وار مبارڪ ڪاري نانگ وانگر دراز ڏٺا.
هڪڙي ڏينهن سائين چيزل شاه ٻارن سان راند ڪري رهيو هو ته، کيس هڪ مجذوب ساوڻ فقير ڏسي فرمايو ته: بلند اختر شهزادو دنيا جي دوريشن جا امام ٿيندا ۽ ٻارن کي چيائين ته، هن سان نه وڙهجو. ان تي اتي بيٺل عام ماڻن چيو ته، چريا هي ٻار آهن. ڪڏهن وڙهندا، ته ڪڏهن کيڏندا، ان تي ساوڻ مجذوب چيو ته، هي شهزادو دنيا جي عاشقن جو امام مجدد آهي، ان سان ٻار ڇو وڙهن؟ سائين جن جو حليه مبارڪ هن ريت آهي:

1. رنگ گندمي، ڪشاده پيشاني
2. ڪارا ڊگها چمڪدار وار
3. سياهه ابرو هلال وانگر
4. ٻاجهاريون وڏيون چمڪدار ۽ تابدا چشم
5. نڪ نوڪدار
6. شهپر گهاٽا مگر سنت، نبوي موجب، موزون سونهاري ڏاڙهي مٺ برابر.
7. پير، لڪ دار
8. قد ۾ قداور ۽ موزون قامت.

(نوٽ) محفل سماع دوران سائين مالڪن جي حليه مبارڪ لاءِ هي چوڻ لازمي ٿئي ٿو ته، هر گهڙي هر ساعت چهري مبارڪ جي ڪيفييت نياري نياري رهندي هئي.


(ث) تعليم و تربيت ۽ شادي مبارڪ:
فرمان آهي ته، و علمنا من الدني علمامون کان انهن کي علم عطا ٿيل آهي، روز ازل کان عاشقن کي معرفت علم لدني حاصل آهي، مگر دنيا جي ظاهري دستور مطابق حضرت چيزل شاه کي سائين رکيل شاه قرآن پاڪ جي تعليم وٺڻ لاءِ پير سيد رسول بخش شاه جن وٽ ويهاريو. جڏهن درس قرآن پاڪ جي ابتدا ٿي ته مرشد ڪامل راند روند ترڪ ڪري ڇڏي. درس قرآن پاڪ کان فارغ ٿي، سائين سلطان العارفين جي حضور ۾ پهچي، ات رهندا هئا، جتي کيس روحاني تعليم به ملندي رهي، پاڻ عربي، فارسي ۽ اردو جي ظاهري تعليم سان سينگارجي ويا. ديني دنيوي ۽ روحاني علم سان رڱجي ريٽا ٿي ويا.
جڏهن سائين جن جي عمر چوڏنهن سال ٿي، ان وقت سنت نبوي موجب، بمطابق شريعت محمدي شادي مبارڪ ڪيائون. سندن شادي ڏاڏنگ مان ٿي. ٻي شادي جيڪب آباد جي بخاري ساداتن مان ٿي، جنهن مان کين پٽ جو اولاد ڪونه ٿيو.


(ج) بيعت ۽ طريقت
مرشد ڪامل سائين چيزل شاه ايڪويهه سالن جي عمر ۾ پنهنجي والد محترم جي هٿ تي بيعت ڪري صوفي القادري مسلڪ ۾ شامل ٿيا.
ظاهري دنيا وارن لاءِ مرشد جو هجڻ ضروري آهي. هڪ حديث آه ته: ”من لاشيخ له فاشيخ هو الشيطان“ جنهن کي مرشد نه آهي انهي جو مرشد شيطان آهي.
اگرچه عاشقن کي راهه ۽ رسم جي خبر ازل کان آهي، تاهم ظاهر راهه عشق لاءِ رهبر جي ضرورت آهي. جيئن اتباع، انڪسار، خضوع ۽ خشوع جي ذريعي منزل، حق ڏانهن راغب ٿئي، طالبن کي انهيءَ رمز مان گذرڻ ضروري آهي. مرشد ڪامل ئي پنهنجي مريد کي ورد وظائف ڏئي جي تڪميل لاءِ آماده ڪندو آهي. ان طرح طريقت جي ذريعي ئي معرفت کي پهچبو آهي.
اهل تصوف وٽ پنج ڏاڪا هوندا آهن، جن جي ذريعي عاشق واصل بالله ٿين ٿا.

1.                                        شريعت: يعني اسلامي ارڪان ۽ عقائد جي پختگي
2.                                    طريقت: يعني مرشد حق جي اتباع
3.                                  معرفت: يعني رسول مقبول صه تائين رسائي ۽ خدا جي ساڃاهه ۽ ڪل ڄاڻ ملي.
سائين چيزل شاه جي نظريه ۾ حقيقت تائين پهچڻ کان پوءِ معرفت حاصل ٿئي ٿي.
4.                                  حقيقت: يعني الله تبارڪ و تعالي جي ڄاڻ ۽ پاڻ ۾ پرتو پسڻ.
5.                                    بقا دوام: يعني خدا جي ذات ۾ گم ٿي وحدت ۾ وحدت ٿيڻ.

(نوٽ: چئن مقامن کان پوءِ حقيقت دوام آهي ڪثرت مان ڦري وحدت ۾ گم ٿي، واحد ٿيڻ آهي.)

پهرين ڏاڪي جي صورت ۾ عبادات، تذڪير ۽ تهليل جون سڀ راهون سر ڪرڻيون آهين. هن ۾ امرو نواحي کي اهميت آهي. مثلا:

(1) ومااناڪم الرسول فخذوه و مانهيٰ ڪم عنه فانتهو.
(۽ جيڪو توهان کي رسول ڏئي، ان کي وٺو ۽ جنهن کان توهان کي روڪي ته پوءِ رڪجي وڃو.)
(2) ومن يطع الرسول فقد اطاع الله
(۽ جنهن رسول جي تابعداري ڪئي، تنهن الله جي تابعداري ڪئي.)
(3) واطيعو الله واطيعو الرسول
(۽ خدا جي تابعداري ڪريو ۽ رسول جي تابعدري ڪريو.)
(4) فلا و ربڪ الايو منون حتيٰ يحڪوڪ.
(۽ پوءِ قسم آهي تنهنجي رب جو اهو تيسين مومن نه آهي جيسين توکي (حضور اڪرم) حاڪم نه مڃي.)
ان وقت ئي طريقت ۽ رياضت ۽ مجاهدن جي ضرورت ٿئي ٿي، طريقت جي ذريعي ٽئين ڏاڪي تائين پهچي ٿو، ٽئين ڏاڪي کان پوءِ چوٿين ڏاڪي جي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي.

معرفت جي ذريعي معلوم ٿئي ٿو ته، هستي رسول مقبول ڇا آهي، مثلا:
(1) لولاڪ لما خلقت الافلاڪ
(۽ جيڪڏهن توکي (محمد صه) پيدا نه ڪريان ها ته دنيا کي پيدا نه ڪريان ها.)
انا ارسلناڪ بالحق بشيرا و نذيرا
(اسان توکي حق سان بشارت ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو.)
انا من نور الله و خلق ڪلهم من نوري
(مان الله جي نور مان آهيان ۽ ڪل مخلوق منهنجي نور مان آهي.)
اول مان خلق الله من نوري
(پهرين الله تعالي منهنجو نور پيدا ڪيو.)


مجاهدات
حضرت سائين چيزل شاه پنهنجي مرشد نوراني جي حڪم سان مجاهدات ۽ رياضت ۾ همه تن مصروف رهندا هئا ڇو ته طريقت ۾ هي ڳالهيون گهڻي اهميت جون حامل آهن.
فان مع العسريسرا ان مع العسريسرا
(تحقيق سختي سان آساني، تحقيق آساني سان اَهنج آهي.)
موتوا قبل ان تموتوا.
(مرو مرڻ کان اڳ)
يمشي علي الراس بدون القدم
(پيرن جي بجاءِ مٿي ڀر هلڻو آهي.)
انهيءَ کان سواءِ هيٺين ريت ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي:
الحياه الدنيا الامتاع الغرور
(دنيا جي زندگي تڪبر ۽ وڏائي جو سامان آهي.)
توڪل علي الله ان الله يحب المتوڪلين
(الله تي ڀروسو رکو، تحقيق الله تعالي توڪل ڪندڙن سان محبت ڪري ٿو.)

هڪ دفعي سائين پاڻ مجاهده ۾ مستغرق ٿي ويا. ڪيترا ڏينهن لنگهي ويا، امان سانئڻ کي خيال ٿي پيو، وڃي روضي ڌڻي کان حقيقت ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي، روضي ڌڻي فقير فيض محمد کي چيو ته، شهزادي کي ڏس، صحبت ڪري چويس جو هو ڪاهي پيو آهي. مڇ ۾ عشق مولا جو باهه آهي، هڪ مچ مان لنگهي ٻئي ۾ ٽپي پيو، متان مچ کيس ساڙي ڇڏي عربي ۾ مقوله:
العشق ناريحرق ڪلم شيءِ ما سوا الله
عشق باهه آهي سڀ کي ساڙي ٿو، سواءِ الله جي.
فقير فيض محمد سائين جن وٽ پهچي حَق موجود چئي ويهي رهيو. پر پاڻ استغراق ۾ مست ۽ محو رهيا. آخر فقير واپس ٿي روضي ڌڻي وٽ عشاءَ جي وقت حاضر ٿيو. جڏهن سماع جو رهاڻ شروع ٿيڻ واري هئي ته به پاڻ سائين جن روضي ڌڻي جي آڏو حاضر ٿيا. روضي ڌڻي فقير کان خبر معلوم ڪئي، جنهن جواباً عرض ڪيو ته، ”قبلا سائين جن جي فرمان موجب ات ويس، پر هتي عشق جو غلبو ۽ مستي حال آهن، ڪنهن صحبت جي ضرورت ڪونه آهي. مان ويهي ويهي موٽي آيس پاڻ واجهائي به نه ڏٺائون.“ روضي ڌڻي فرمايو ته، ”سڀاڻي مان پاڻ ويندس.“ ٻئي ڏينهن حضرت سائين نوراني جن پاڻ فقيري کاڌو کڻي وٽس ويا، جڏهن سائين چيزل شاه مرشد نوراني رکيل شاهه صاحب کي ايندو ڏٺو، هٿ ادب جا ٻڌي جهڪي بيهي رهيا، پاڻ سائين رکيل شاه ويٺو ته سائين چيزل شاه ادب کان گوڏا ڀڃي ويٺو. روضي ڌڻي هدايت ڪندا ۽ سمجهائيندا رهيا، سائين جن ڌيان سان ويٺي ٻڌو، ڪجهه وقت جي ڪچهري کان پوءِ سائين جن شهنشاهه نوراني سان گڏجي خير سان گهر روانا ٿيا.
ان وقت همه اوست ۾ داخل ٿي نئون ٻول دهريائون:
دور ہے یارو دیس ہمارا کہاں عجب سے آیا ہے
واہ واہ سیراسی ہے جگ کا کس نے آپ بںایا ہے
ظاہر اپںا نام دھرا کر عابد لوگ سڈایا ہے
چیزل میری ذات ںہ کائی ںا تو کس کا جایا ہے

بي بي سانئڻ شهنشاه کان خبر پڇڻ آئي ته کيس شهنشاهه فرمايو ته، ”تون چوين ٿي ته منهنجو پٽ آهي، مان دعويٰ ڪريان ٿو ته منهنجو پٽ، پر پاڻ چيزل شاهه چوي ٿو ته، مان ڪنهن جو ڄايو نه آهيان، پاڻ سائين چيزل شاهه ايتري ته رياضت ۽ مجاهده ڪيو. شهنشاهه راضي ٿي کيس هر راز اسرار غيبي خزانن جو مالڪ بڻائي ڇڏيو آهي.“
رياضت ۽ مجاهدي دوران عجب عجب ڪرشما نمودار ٿيا، جو حقيقت، معرفت کان لنگهي وڃي بقا بالله کي رسيا.


(خ) همه از اوست ، همه اوست
فرهنگ: وحدت مان ڪثرت ۽ ڪثرت ئي وحدت:
مجاهدات جي دوران عجيب و غريب عجائبات ڏسڻ ۾ اچن ٿا، حال ۾ مستي ۽ خودي اجاگر ٿئي ٿي. اهڙي ريت سائين چيزل شاهه جن عجائب ۽ مظاهر، قدرت ۾ وحدت ڏٺي، يعني ڪثرت مان وحدت مان ڪثرت جتي دوئي جا پردا چاڪ ٿي ويا.
پاڻ فرمائن ٿا ته:
اپني مهر مولا سي معراج ڪيا....
مطلب ته خدا خود اسم جو اولو بشري پهري اثبات ۾ آيو ۽ معراج ڪري، ارتقا جو مقصد سمجهايو. (عملي طريقي سان)
در دروںی جسم کی هين بادشاهی مين کیا؟
بادشاهی کچھ نهين، هم خود خدائی مين کيا؟
مطلب ته سائين چيزل شاه چوي ٿو ته، مان پنهنجي جسم اندر راز پاتم، ظاهري بادشاهي ڪجهه به نه آهي. بلڪه مان جو ڪجهه ڪيو، اهو خدا بڻجي ڪيو، ڇو ته مان خود خدا آهيان. انهي کان سواءِ وحدت ڪل جا گهڻا راز مختلف ڪلامن ۾ واضح فرمايا آهن:


(و) وصال:
حديث: الا ان اولياءَ الله لايمونتون بل ينقلبون من الدار الي الدار:
اولياءَ الله مرن نه ٿا، بلڪ هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه ڏانهن منتقل ٿي وڃن ٿا.
16 مئي 1984ع اربع ڏينهن شام جو 8 وڳي بمطابق سنه 1404هجري بروز اربع، تاريخ 15 ماهه شعبان تي هن جهان مان برقعو مٽايو ۽ دارالبقا ڏانهن روانا ٿيا. (قالوانا لله و انا اليه راجعون رضينا بقضا الله) پاڻ سائين جن ڪل ٻاهتر ورهيه اولي بشري ۾ رهي درس حقيقت ڏنو ۽ طالبن جي تاس اجهائي، راهه محبت ۾ شهيد ٿي شهادت جو سبق پنهنجي طالبن کي سيکارڻ ۾ وقت گذاريائون. بمصداق، من مات في حب الله فقد مات شهيد يعني جو شخص محبت اللهي ۾ مري ويو اهو فوتي شهيد آهي.


(هه) رهڻي ڪهڻي:
حضرت چيزل شاهه سادي زندگي بسر ڪندا هئا، ننڍن ۽ وڏن سان عزت ڪندا هئا. ننڍن ۽ وڏن سان عزت سان هلندا هئا، ڪوبه ماڻهو وٽس ايندو ته ان کي بامراد ڪندا هئا. انهن ماڻهن جي عيب ۽ ثواب ڏي ڪونه نهاريندا هئا. پاڻ قرآن پاڪ جي فرمان ”فامالسائل فلا تنهر“ پوءِ سوالي کي ڇڙب نه ڏيو. جي مجسم تصوير هئا.
پاڻ فرمائيندا هئا ته، اهڙن طالبن کي ڏسڻ سان ٺرندا آهيون، جيڪي سوالي کي نٿا جهڻڪن.
سائين جن روزانه ٽي دفعا ڪچهري ڪندا هئا.
(1)                                صبح جو عام ماڻهن ۽ طالبن جا ڏک سور معلوم ڪرڻ ۽ انهن سان عام ڪچهري.
(2)                            شام جو عام ماڻهن سان ڪچهري، مختصر فيصلن جا تصفيه ڪرڻ ۽ ڪچهري.
(3)                          رات جو ماني کائڻ کان پوءِ فقيرن سان ڪچهري ڪندا هئا.
محفل سماع ٿيند هئي، ان ۾ ويهي حقيقت جي رازن کي کولي سمجهائيندا هئا.

سندس مقولات هيٺين ريت آهي:
(1)                                ”الشيخ في القوم کانبي في الامت“ جيئن نبي امت ۾ هوندو آهي، ان طرف مرشد پنهنجي قوم (مريدن) ۾ هوندو آهي. (ٻئي هدايت لاءِ هوندا آهن.)
(2)                            ڏاڍو شوق شريعت سان رک.
ٻڌي توڪل طريقت تون سک
هل حقيقت ساڻ معرفت مطلب قلزم ڪاڻ
نانهه جو نڪتو سڃاڻ
(3)                          فقيرن ۽ مسڪينن سان محبت ڪرڻ نبي جو ڪم آهي، انهن سان گڏ ويهڻ پرهيزگارن جو ڪم آهي.
(4)                          غريب الله جو عيال آهي، انهن سان خنده پيشاني سان ملو ۽ عيب ۽ ثواب ڏي نه نهاريو.
پوشاڪ هن ريت هوندي هئن:
ڊگهي پهراڻ مٿان گيڙو رنگ جو دستار مبارڪ، ڪڏهن سائي ۽ نيري دستار پائيندا هئا. اونهاري جي موسم ۾ ڀرت ڀريل ٽوپي پهريندا هئا. هٿ مبارڪ ۾ عصا (لٺ) رومال به جهليندا هئا، چيچ ۾ منڊي پائيندا هئا، پيرن ۾ ڀرت ڀريل جتي پهريندا هئا، ڪڏهن بوٽ به پائيندا، اونهاري جا ٻه مهينا جون ۽ جولاءِ ڪڏهن آگسٽ ۾ پنهنجي عيال عزيز ۽ فقراءَ سميت ڪوئٽه ۾ گزاريندا هئا. گهڻو عرصو درگاهه فتح پور ۾ رهندا هئا. طالبن جي عرض موجب انهن جي ڳوٺن ۽ گهرن ۾ پير گهمائي خوشيون ۽ روشنيون بخشيندا هئا. خاص موقعن تي پنهنجي مرشد ڪامل پاران عطا ٿيل تاج پهريندا هئا. هر سال حضرت شاهه عنايت شهيد جهوڪ واري جي ميلي تي حاضري ضروري ڀريندا هئا.


(ي) اولاد
سائين چيزل شاه کي الله تعالي ٽن فرزندن سان نوازيو:
(1)                                سائين صادق علي شاه، جيڪي هن وقت سجاده نشين آهن، فقيرن کي هدايت ۽ رشد عطا ڪري رهيا آهن، ننگر بٺي سان مسڪينن فقيرن ۽ مسافرن کي ڍؤ ڪرائن ٿا. حضرت سائين جن وانگر معمول مطابق ڪچهريون ۽ ٻيا مقرره اصول اختيار ڪندا رهن ٿا.
(2)                            سائين نياز حسين شاه عرف علي حيدر شاه.
(3)                          سائين رکيل شاه عرف علي اڪبر شاه.
ٽيئي فرزند پنهنجو مٽ پاڻ آهن، ڇا حسن جمال ۾، قرب ڪمال ۾، سخا و عطا ۾ مروت ۽ محبت ۾، قال خواهه حال ۾ ڪنهن لفظي تعريف جا محتاج نه آهن.

خانواده سلاسل، طريقت
(1)                                جناب سرور ڪائنات، فخر موجودات حضرت محمد صه.
(2)                            حيدر ڪرار وصي رسول الله حضرت علي ڪرم الله وجه عليه السلام.
(3)                          شهيد ڪربلا، امام الشهداءِ حضرت امام حسين عليه السلام.
(4)                          سيد الصابرين و امام العاشقين حضرت زين العابدين عيله السلام.
(5)                            امام پنجم، انوار پيهم امام حق حضرت محمد باقر عليه السلام.
(6)                            روشن ضمير حضرت امام جعفر صادق عليه السلام (مدينه)
(7)                           حضرت موسيٰ ڪاظم ڪاظمين شريف عراق
(8)                           حضرت امام علي رضا مشهد مقدس ملڪ ايران.
(9)                              شيخ المشائخ حضرت معروف ڪرخي رح ڪرخ، ترڪستان.
(10)                           سردار السالڪين حضرت سري سقطي رحه اصفهان، ايران.
(11)                            حضرت خواجه جنيد بغدادري رحه، بغداد، عراق.
(12)                        خواجه شبلي ابوبڪر رحه مڪه معظمه، عربستان.
(13)                      مخدوم ابوالفضل عبدالواحد بن عبدالعزيز رحه، شهر يمن، ملڪ يمن.
(14)                      حضرت ابوالفرح عبدالله طرطوسي طرطوس، مصر.
(15)                        ابوالحسن علي بن محمد يوسف هنڪاري رحه، هنڪاري ترڪستان.
(16)                        مخدوم ابي سعيد بن علي مبارڪ مخزومي رحه، مخزوم، مصر.
(17)                       حضرت پيران پير محي الدين عبدالقادر رحه جيلاني، گيلان، عراق. (هتان قادري طريقو شروع ٿئي ٿو.)
(18)                       حضرت سيد عبدالرزاق شاهه رحه، بغداد عراق.
(19)                          اڪمل اولاوليا حضرت شهاب الدين-ملڪ روم.
(20)                       حضرت محمد شاهه بن احمد شاهه رحه-مڪه معظمه عربستان.
(21)                        حضرت حسن شاهه بغدادي-بغداد، عراق.
(22)                    حضرت محمد شاه بغدادي-بغداد، عراق.
(23)                  حضرت سيد علي شاه-شهر مدائن، ايران.
(24)                  حضرت سيد موسيٰ شاهه-تهران، ايران.
(25)                    حضرت سيد مير حسن شاهه-سرحد، شام.
(26)                    سيد ابوالعباس احمد شاه بن مير حسن شاه سرحد، شام ۽ يمن.
(27)                   حضرت خواجه بهاؤالدين ابراهيم-شهر بخارا، ترڪستان.
(28)                   ابوالفتح شمس الدين عرف شيخ شاهي – ملتان، پاڪستان.
(29)                      حضرت سيد عبدالمالڪ شاهه- بيجاپور، ڏکڻ هندستان.
(30)                     حضرت عنايت الله شاه، شاه عنايت شهيد جهوڪ سنڌ، ميران پور.
(31)                      مخدوم سيد اسماعيل شاه ٺٽو، سنڌ پاڪستان.
(32)                  مخدوم ابراهيم شاه ڊٻ وارو جهوڪ، ميرانپور.
(33)                مخدوم محمد زاهد شاه جهوڪ ميرانپور سنڌ.
(34)                حضرت فضل الله شاه قلندر، جهوڪ ميرانپور، سنڌ
(35)                  حضرت خواجه ابراهيم شاه، جهوڪ ميرانپور، سنڌ
(36)                  حضرت خواجه محمد شاهه، جهوڪ ميرانپور، سنڌ
(37)                 حضرت نوراني عبدالستار شاه، جهوڪ ميرانپور، سنڌ.
(38)                 حضرت پير رکيل شاه، فتح پور، بلوچستان پاڪستان.
(39)                    حضرت پير روشن ضمير مجدد و امام سيد چيزل شاه صاحب، فتح پور، بلوچستان.
(40)                     صوفي القادري سيد صادق علي شاه صاحب سجاده نشين درگاهه فتح پور بلوچستان.


تعارف ڪلام
هڪ بي بصير، هڪ صاحب بصيرت ۽ اهل نظر جي ڪلام تي تبصرو ڪري ته انهيءَ صاحب بصيرت جي اوصاف حميده، ڪلام جميله جي مدحت جي ڪماحقه تعريف نه ٿي سگهي ٿي، تاهم ڪجهه نه ڪجهه نڪات جي وضاحت ڪرڻ سان وڌيڪ رازن کلڻ جو رستو هموار ٿي وڃي ٿو. ان استواريت لاءِ بنده سعي ڪري ٿو، اميد ته حسب نيت ڪم جي تڪميل لاءِ اجر دارين سان مملو ٿيندو. آمين ثم آمين.
سائين چيزل شاه جي ڪلام شيرين ۾ ڪافي خوبيون ۽ خصوصيتون آهن. جن مان همه اوست هم ازاوست سر – فهرست آهن، عجز و نياز ۽ طلب حق لاءِ واضح اشارا ۽ حڪم ملن ٿا، جيڪي متلاشي حق لاءِ رهنما ثابت ٿين ٿا.

(الف) صنائع و بدائع
حضرت سائين چيزل شاه جو ڪلام اگرچه ڇند وديا تي آهي، تنهن هوندي به صنائع ۽ بدائع جون خوبيون موجود آهن.

1-                                      سلاست: سائين جن جي ڪلام ۾ هر مقصد آسان نموني سان سلجهائڻ آهي، مثلا:
1.                                        چشمن سان تير هڻڻ، نيڻ کڻن.
2.                                    دکن درد هزار، مليا ساٿ سورن جا.

2-                                  بلاغت: سائين جن جي ڪلام ۾ عام مفهوم وارن لفظن ۾ بلند خيالات جا آثار ملن ٿا.
1.                                        آيا سر تي سور عاشق
راتيان ڏينها روڄ ۾ رڙ
2.                                    عاشق الف سان اکڙيون اڙايون
بي جو ڀولو لاهيو تن.

3-                                فصاحت: سائين جن جي ڪلام ۾ هر مقصد چٽي طرح سمجهايل آهي.
1.                                        دم ويسارو دل کان ناهي
ياد هميشه يار ميان!
2.                                    اسم اعظم دا باب، اهو ئي
پير مغان ته پڙهايا هئه

4-                                صنعت تلميح: سائين جن جي ڪلام ۾ تاريخي ۽ داستاني واقعات جي ذريعي معرفت حقيقي جا درست ڏنل آهين.
1.                                        دارا سڪندر در تنهنجي
نانگا گهمن ٿا نرالا
2.                                    سک منصوري مام سڃاڻي
سر سوريءَ تي نيزي چاڙهي
دارا ايران جو شهزادو هو. سڪندر، دنيا جو فاتح هو، اهي به گداگر آهن مالڪ وٽ. اهڙي طرح هر دينوي لحاظ وارا امير خواه غريب مرشد وٽ گداگر آهن.
منصور حلاج هڪ همه صفت بزرگ هو، جنهن همه اوست ۽ همه ازوست جو نعرو هڻي عوام کي باخبر ڪيو.

5-                                  صنعت، تجاهل، عارفانه: اهڙي ڳالهه جيڪا ڄاتل سڃاتل هجي پر اڻ ڄاڻ بڻجي پڇجي ته ڇا آهي.
1.                                        اربع عناصر نام سڏائين،
ڪاڏهن آئين ڪاٿي ڄائين.
جيتوڻيڪ صاحب ڪمال ماڻهوءَ کي سڃاڻي ٿو، اهو ڪٿان آيو ۽ ڪٿي ڄائو، پر سمجهاڻي خاطر سوال پڇي مقصد کي واضح ڪرڻ گهري ٿو.
2.                                    ڪيئن مسافر ڪاڏهن آئين،
ڪاٿي آ تنهنجي اصلي جاءِ.
هن ۾ آمد جي جاءِ بابت ڳالهه پڇيل آهي، مگر ڪلام ۾ اڳتي هلي اصلي مڪان جي وضاحت ڪيل آهي.

6-                                  صنعت حرفي تجنيس: اهڙا لفظ جيڪي ساڳئي هڪ آواز سان شروع ٿين.
1.                                        جيرا جوش جلايا
”ج“ هر لفظ جي شروعات ۾ آهي.
2.                                    نازين نال نويا
”ن“ هر لفظ جي شروعات ۾ آهي.

7-                                 استخاره: سائين جي ڪلام ۾ عام ڳالهين کي مخصوص راز ڏانهن ڀيٽي مقصد سمجهايل آهي.
1.                                        ڏسي باهه مچ تون،
پتنگ وانگي پچ تون.
باهه مچ جو مقصد عشق الاهي آهي، پتنگ مان مراد عاشق حقيقي آهي، مگر استعاري طور مچ ۾ پتنگ ڪم آيل آهي.
2.                                    لهر ۾ لڙهندا ڪنڌي نه ڪائي،
توڪل ترهي تاريو آ.
لهر گردش دنيا جي، ڪنڌي آرام جي جاءِ، ترهو ڪاٺي جو تختو ۽ سهارو، اهي سڀ شيون سمنڊ سان لاڳاپو رکن ٿيون، مگر عاشق انهن کي دنيا جي صفتن سان ڀيٽي پنهنجي حبيب کي ٻڌائي ٿو ته، توڪل ۽ تنهنجي محبت جي باعث عاشق حقيقت کي پهچي ويو آهي.

8-                                 ڪنايه: اهڙي لفظي معنيٰ جيڪا هوبهو نه هجي، مگر ڪنهن خوبيءَ سبب استعمال ڪري ٻئي شيءِ سان ڀيٽجي.
1.                                        مشرگان مارن تير تفنگ،
ابرو نين اڙاون جنگ.
مشرگان ظاهري طور ڪمان ناهن، مگر ڪنايه طور ڪمان جي مفهوم ۾ لکيل آهن.
ابرو ۽ نيڻ جنگجو نه آهين، مگرل تمثيل طور جنگجو ڄاڻايل آهن.

9-                                    صنعت تضاد يا مطابقت: اهڙو ڪلام جنهن ۾ متضاد لفظ به هجن ته پاڻ ۾ مطابقت به رکن.
1.                                        ڪل پوندي ڪين مون،
ٿي نفي مان اثبات.
نفي جو ضد اثبات، پر ٻئي هڪ ٻي سان نسبت رکن ٿا.
2.                                    ٿي شتاب شمع تي،
پتنگ جان پچاوين،
شمع ۽ پتنگ هڪ ٻئي جا ضد آهن، مگر پاڻ ۾ محبت جي ڪري نسبت رکن ٿا.

10-                                 اصطلاح: اهڙا لفظن جا ميڙ جيڪي ڪن واقعن جي حقيقت سان تعلق رکي ٻئي معني ۾ ٻڌائين.
1.                                        سچو سنڌرو ٻڌم ساهي،
راضي آهيان تنهنجي راز تي.
سنڌرو ٻڌڻ تيار ٿي ڪم شروع ڪرڻ (اصطلاح)
2.                                    سور سڀيئي پاتم جهولي،
ماءُ ڏکان دي ڏتڙم لولي.
سور جهولي جهلڻ ڏکن جي لولي اصطلاح آهن.

11-                                  ملمع: ڪلام ۾ ثابتيءَ لاءِ قرآن پاڪ مان حوالا درج ڪيل آهن.
قم باذني قول ڪها ڪر
”قم باذني“ منهنجي اجازت سان اٿ عربي فرمان آهي، جيڪو حضرت عيسيٰ عليه السلام ڏانهن منسوب آهي. ”فاذڪ روني اذڪرڪم“ پري ناهين توکان وار ميان. ”فاذڪروني اذڪرو ڪم“ تون مون کي ياد ڪر، مان توکي ياد ڪريان، هر هڪ مومن کي امر ڪيل آهي.

12-                              صنعت تضمين: ڪلام يقيني بنائڻ لاءِ قرآن پاڪ کان ضامن آيت پيش ڪري ٿو.
1.                                        وهي يتوڪل صلي الله فهو حسبه.
2.                                    هذا ايحبونهم في الظلمات.
3.                                  من ذالذي يشفع عنده الا باذنه.
4.                                  ان الذين آمنو
سائين جن جي ڪلام ۾ ٻيون به گهڻيون صنعتون موجود اهن، مگر طوالت سبب اختتام ڪجي ٿو.

(ب) صوفيانه رنگ
سائين جن جي ڪلام ۾ عجز و نياز به آهي، ته سرمستي به موجود آهي. سائين چيزل شاه جن جنهن ماحول ۾ پلي جوان ٿيا، اهو ماحول ئي روحاني هو، يعني ڄمندي ڄام هئا. سندن ڪلام ۾ روح ۽ رب جي وچ ۾ يڪرنگي جو نعرو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ڪثرت ۽ وحدت ۽ وحدت مان ڪثرت جي مام ملي ٿي.
1.                                        بيرنگ برقعو پائي
آيو آدم هت اظهار ٿي.
2.                                    بيرنگ برقعو بشريٰ پاتم،
سڀ چيزل سينگار.
3.                                  قلندر لعل اپني سي، جلالي هون جلالي هون،
نشا وحدت خمر پيئا، موالي هون موالي هون.

سائين جن جي ڪلام ۾ سچل سرمست واري سرمستي آهي ته وري شاهه ڀٽائي واري عجز و انڪساري به ڪثرت سان ملي ٿي.

(الف) سرمستيءَ وارو ڪلام ۽ سائين چيزل شاهه

سچل سرمست
1-                                      صورت سڀ سلطان، پاڻ ڏسڻ آيو پنهنجو تماشو.
2-                                  سچل آءُ تان ناهيان، پوءِ ساري سڌ پيام ٿو پاڻ ٻاروچو ٻول.

سائين چيزل شاهه:
1-                                      چيزل عين الله جو آهي، ڪونهي ڪوڙ خلاف
2-                                  شغل شهانا، پائي ڳل ڳچي ڳانا.
ڪري ڪير معنيٰ، چيزل ڳالهايو.
3-                                فيئون فثمه الله، وجه حق تجلا
هر جاءِ نور الله، نظر سان نياز.

شاهه ڀٽائي:
1-                                      پنهون هيس پاڻ، سسئي تان سور هئا
2-                                  سو هي، سو هو، سو اجل، سو الله
سو پرين جو پساهه، سو ويري سو واهرو.

سامي صاحب جو سلوڪ:
کوجن لڌو کوج، پرچي پريم نگر جو،
ٻڌئين ٻانڀڻ چوي، تنهن ۾ سهج سروج،
هردئي منجهه هر وج، درسن ڪري دوست جو.

سائين چيزل شاه جي ڪلام ۾ طلب ۽ تات جاري رکڻ لاءِ هيٺيان ڪلام ملن ٿا:
1-                                      آڌوتي الف کان واندا ڪين وهن
2-                                  ماري نفي نفس کي ڇڏ وڃائج پاڻ
3-                                راتيان ڏينهان رڙي، وڃي هادي سان هو رسيا

ڪبير ڀڳت چوي ٿو:
1-                                      بن پيا جئا ترسي
ڪالي بدريا مورا جئا ڊلائي
2-                                  ميرا پيارا پيا پرديس
اب تو نه رهيو جاءِ نه ديس

مولانا رومي:
هر ڪجا تو با مني من خوشدلم
ور بود درقعر گوري منزلم

1-                                      من ۾ يار جي جلوي بابت رومي جو ڪلام سائين شاه جي ڪلام جي تشريح آهي.
2-                                  تو مڪاني اصل در لامڪان،
اين دڪان بربند و بکشان آ دڪان.

سائين چيزل شاه
جاچي ڏس جيءَ اندر۾ سارو ٿي سبحان،
چيزل سمجهه پوئي تون ڄاڻ هرجاءِ حاضر هڪ ٿي.

سائين چيزل شاه جي ڪلام ۾ رندي، سرمستي:
سيرت نگاري، فطرت نگاري، طلب حق لاءِ قرباني، محبت لاءِ سر جي بازي، درس انساينت جا گهڻا آثار ملن ٿا.
سندس ڪلام عجز ۽ نياز بابت پاڻ کي ڪڏهن سسئي سان، ڪڏهن هير سان ۽ ڪڏهن مارئي سان ڀيٽي ٿو. ڪڏهن طمع تياڳڻ، نفس کي مارڻ لاءِ آڌوتي، سامي، جوڳي ۽ فقيرن سان ڀيٽي محنت جاري رکڻ جو درس ڏئي ٿو.
سندس ڪلام ۾ دوئي، غيرت کي مذمت ڪيل آهي، هميشه وحدت وارو پيالو آهي، جنهن ۾ محبت، عشق پيار آهي، ان جو آسائتو آهي.
سائين چيزل شاه ڪٿي وري منصور، سرمد، شاه عنايت، سچل فقير، روحل فقير، سائين رکيل شاه وانگر دم هڻي ٿو، ته ڪٿي شاه ڀٽائي، ڪبيرڀڳت، گرونانڪ، سامي وانگر عجز ۽ نياز جو پتلو بڻجي وڃي ٿو. ڪٿي رومي، جامي ۽ سعدي وانگر طالب ٿي زندگي گذارڻ جو درس ڏئي ٿو، ڪٿي حضرت جنيد، بايزيد بسطامي، امام معروف ڪرخي وانگر رياضت الاهي ۾ مصروف رهڻ لاءِ درس ڏئي ٿو. ڪٿي ساڌن فقيرن ۽ تارڪ الدنيا فقيرن وانگر حرص ۽ هوا کي ترڪ ڪرڻ لاءِ اصرار ڪن ٿا.
مطلب ته ڪلام ۾ هر رنگ موجود آهي، جيڪي اکين وارا آهن، اهي ڏسي سگهن ٿا، حق تائين رسائي حاصل ڪري سگهن ٿا. اڻ ڄاڻن لاءِ مامه هجي جيڪا پوءِ انهن جي دلين تان دوئي جا پردا چاڪ ڪري.
(ڪتاب بحرالعميق تان ورتل)
حضرت سيد چيزل شاه صوفي القادري رحه فتحپور بلوچستان واري جا واقعه ڪربلا بابت بيت:
ڪربلا ۾ قهر ٿيو ڪيڏا هل حشر
ڪوفين ڪاغذ لکيا رکي ڊوھ مڪر
شھزادا هليا شام ڏي سڀئي ساڻ سفر
ڪٽا اهي ڪافر چيزل جيڪي سيد سان سامهون ٿيا.

ڪربلا جي پڙ ۾ آيو حر ڪري هڪل
ڪٽڪ ڪارونڀار مئون آيو هيڪلو هيڪل
تنهن سورھ تئون صدقو وڃان آيو سختي منجھ مهل
ٻَڌي تن اندر توڪل سهڻا چيزل شير شھيد ٿيو.

ڪافئون قلم لکيو عاشقن جي ته ازل
وهواه سختي صبر سان سليو مردن انهي مهل
هيو امتحان عشق جو پر ظاهر منجھ زلل
عشق جي عين اُڇل سائين چيزل شير شهيد ٿيو.