Monday 30 April 2018

گلن جهڙن لفظن جو شاعر ؛ ادل سومرو


نامياري شاعر ۽ نثر نگار ڊاڪٽر ادل سومري جو اصل نالو عبدالڪريم ولد محمد صالح سومرو آهي. 15 آگسٽ 1955ع تي سکر شهر ۾ جنم وٺندڙ ادل سومري 1971ع کان لکڻ شروع ڪيو. ٻاراڻي ادب ۾ به سندس تمام گهڻيون خدمتون رهيون آهن. 1979ع ۾ هن ايم. اي (سنڌي ادب) ۾ پهرين پوزيشن ماڻي، بعد ۾ ايم. اي (اقتصاديات) ۾ پڻ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ پوءِ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور ۾ سنڌي شعبي ۾ پڙهائڻ شروع ڪيائين، جتي هن وقت پروفيسر ۽ سنڌي شعبي جي چيئرمئن جون ذميواريون نڀائي رهيو آهي. جڏهن ته شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جي شيخ اياز چيئر جو پروفيسر انچارج پڻ آهي. 1999ع ۾ خيرپور يونيورسٽيءَ مان ”سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ ۽ ڪردار“ جي موضوع تي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي رهنمائي ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي اٿس. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جو ٻه دفعا 94-1992ع ۽ 2003ع ۾ سيڪريٽري جنرل پڻ چونڊيو ويو. ان کانسواءِ ٻين انتظامي ۽ اعزازي ذميوارين تي پڻ رهيو آهي، جن ۾: وائيس چيئرمئن ”بيدل بيڪس آرٽس ڪائونسل“ روهڙي، ميمبر سينيٽ، شاهه لطيف يونيورسٽي، خيرپور (2003-1994-1988ع)، چيئرمئن ”تنوير عباسي يادگار ڪاميٽي“ (2002ع)، پروفيسر انچارج ”شيخ اياز چيئر“ خيرپور يونيورسٽي، سيڪريٽري ”سچل سرمست يادگار ڪاميٽي“ (2002ع)، ميمبر، نصاب ڪاميٽي، آغا خان بورڊ، ڪراچي، ۽ علامه اقبال يونيورسٽي اسلام آباد، ميمبر، نئشنل اوارڊ ڪاميٽي، اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد، ميمبر، بورڊ آف اسٽڊيز (سنڌي شعبو) شاهه لطيف يونيورسٽي، خيرپور، ميمبر، بورڊ آف اسٽڊيز (شعبو) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، فئڪلٽي ميمبر، آرٽس فئڪلٽي، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو. ادل سومرو، غزل، وائي، نظم ۽ بيت جو بهترين شاعر ليکيو وڃي ٿو، سندس شاعري ڪيترن ئي مشهور فنڪارن ٽي. وي، ريڊيو ۽ ڪئسيٽ تي ڳائي مشهوري ماڻي. هن جي ڇپيل ڪتابن ۾ ”وليون وڻ ڦلاريا“ (شاعري) 1986، ”اسين مسافر پيار جا“ (نثري خاڪا ۽ مضمون) 1991، ”سمنڊ جاڳي ٿو“ (شاعري)، 1994 ]هن ڪتاب جو مهاڳ عظيم شاعر شيخ اياز لکيو ۽ ”وساري نه ڇڏجو“ (شاعري) 2004 شامل آهن، جڏهن ته ٻارن لاءِ سندس ڪتابن ۾ ”روز ٽڙن رابيل“ (شاعري) 1971ع، ”چنڊ پشم گولو“ (شاعري) 1979ع، ”آچر جا احوال“ (ڪهاڻيون)، ”پتلين جو تماشو“ (شاعري) 1987ع، نئين دور جا نوان سبق (نثر) 1990ع، ”مٽيءَ جا رانديڪا“ (شاعري) 2006ع اچي وڃن ٿا. سندس ترتيب ڏنل اهم ڪتابن ۾ ”تنوير عباسي فن ۽ شخصيت“ 2007ع، ”سنڌالاجي ۽ ساميءَ جا مٽ“ 1981ع ”رنگبرنگي ڦوڪڻا“ (شاعري)، ”سو ديس مسافر منهنجو ڙي“، ”مهڪ چنبيليءَ ول جي“ ۽ ” تون ئي منهنجي شاعري“ شامل آهن. جڏهن ته هو ”ڀٽائي“ تحقيقي جرنل ۽ سنگت پبليڪيشن جو ايڊيٽر پڻ رهيو آهي، سنگت پبلڪيشن پاران ”شاعري“ ۽ ”ڪهاڻي“ خاص نمبر به ڇپائي پڌرا ڪيائين. سندس ڪجهه ڪتابن تي سنڌالاجي (ٻه دفعا) سنڌي ادبي سنگت، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۽ سگا طرفان اوارڊ، انعام ۽ گولڊ ميڊل پڻ مليا. مڃتا طور کيس شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ اسلاميه آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج طرفان گولڊ ميڊل ڏنا ويا. جڏهن ته کيس ثقافت ۽ سياحت کاتي سنڌ طرفان اوارڊ (1986ع) ’سنگت هري دلگير‘ اوارڊ، سگا پاران ’عبدالله هارون‘ اوارڊ، سائوٿ ايشيا پبليڪيشن پاران ’اسٽار‘ اوارڊ ۽ گولڊ ميڊل، ’ڊاڪٽر محبت ٻرڙو‘ اوارڊ، بهترين سيڪريٽري جنرل س. ا.س جو ”سنڌ رويو اوارڊ“، سچل سرمست اوارڊ ۽ بهترين استاد جو اوارڊ (2006ع) پڻ حاصل ٿيا. (ان اوارڊ سان گڏ هاير ايڊيوڪيشن ڪميشن طرفان کيس ”بهترين استاد“ تسليم ڪندي هڪ لک رپيا نقد انعام پڻ پيش ڪيو ويو). ڊاڪٽر ادل سومري، سنڌي ادبي سنگت کي متحرڪ ۽ متحد رکڻ ۾ پڻ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هن وقت هو واري تڙ، سکر ۾ رهائش پذير آھي
( وڪيپيڊيا)

ڊاڪٽر عبدالڪريم (ادل سومرو)
تحرير ؛ ممتاز علي وگھيو
ادل سومرو: نامياري شاعر ۽ نثر نگار. ڊاڪٽر ادل سومري جو اصل نالو عبدالڪريم ولد محمد صالح سومرو آهي. 15 -آگسٽ- 1955ع تي سکر شهر ۾ جنم وٺندڙ ادل سومري 1971ع کان لکڻ شروع ڪيو. ٻاراڻي ادب ۾ به سندس تمام گهڻيون خدمتون رهيون آهن. 1979ع ۾ هن ايم. اي (سنڌي ادب) ۾ پهرين پوزيشن ماڻي، بعد ۾ ايم. اي (اقتصاديات) ۾ پڻ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ پوءِ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور ۾ سنڌي شعبي ۾ پڙهائڻ شروع ڪيائين، جتي هن وقت پروفيسر ۽ سنڌي شعبي جي چيئرمئن جون ذميواريون نڀائي رهيو آهي. جڏهن ته شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جي شيخ -اياز- چيئر جو پروفيسر انچارج پڻ آهي. 1999ع ۾ خيرپور يونيورسٽيءَ مان ”سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ ۽ ڪردار“ جي موضوع تي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي رهنمائي ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي اٿس. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جو ٻه دفعا 94-1992ع ۽ 2003ع ۾ سيڪريٽري جنرل پڻ چونڊيو ويو. -ان- کانسواءِ ٻين انتظامي ۽ اعزازي ذميوارين تي پڻ رهيو آهي، جن ۾: وائيس چيئرمئن ”بيدل بيڪس آرٽس ڪائونسل“ روهڙي، ميمبر- سينيٽ، شاهه لطيف يونيورسٽي، خيرپور (2003-1994-1988ع)، چيئرمئن ”تنوير عباسي يادگار ڪاميٽي“ (2002ع)، پروفيسر انچارج ”شيخ -اياز- چيئر“ خيرپور يونيورسٽي، سيڪريٽري ”سچل سرمست يادگار ڪاميٽي“ (2002ع)، ميمبر، نصاب ڪاميٽي، -آغا خان- بورڊ، ڪراچي، ۽ علامه اقبال يونيورسٽي -اسلام- -آباد-، ميمبر، نئشنل اوارڊ ڪاميٽي، اڪيڊمي آف ليٽرس -اسلام- -آباد-، ميمبر، بورڊ آف اسٽڊيز (سنڌي شعبو) شاهه لطيف يونيورسٽي، خيرپور، ميمبر، بورڊ آف اسٽڊيز (شعبو) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، فئڪلٽي ميمبر، آرٽس فئڪلٽي، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو. ادل سومرو، غزل، وائي، نظم ۽ -بيت- جو بهترين شاعر ليکيو وڃي ٿو، سندس شاعري ڪيترن ئي مشهور فنڪارن ٽي. وي، ريڊيو ۽ ڪئسيٽ تي ڳائي مشهوري ماڻي. هن جي ڇپيل ڪتابن ۾ ”وليون وڻ ڦلاريا“ (شاعري) 1986، ”اسين مسافر پيار جا“ (نثري خاڪا ۽ مضمون) 1991، ”سمنڊ جاڳي ٿو“ (شاعري)، 1994 ]هن ڪتاب جو مهاڳ عظيم شاعر شيخ -اياز- لکيو ۽ ”وساري نه ڇڏجو“ (شاعري) 2004 شامل آهن، جڏهن ته ٻارن لاءِ سندس ڪتابن ۾ ”روز ٽڙن رابيل“ (شاعري) 1971ع، ”چنڊ پشم گولو“ (شاعري) 1979ع، ”-آچر- جا احوال“ (ڪهاڻيون)، ”پتلين جو تماشو“ (شاعري) 1987ع، نئين دور جا نوان سبق (نثر) 1990ع، ”مٽيءَ جا رانديڪا“ (شاعري) 2006ع اچي وڃن ٿا. سندس ترتيب ڏنل اهم ڪتابن ۾ ”تنوير عباسي فن ۽ شخصيت“ 2007ع، ”سنڌالاجي ۽ ساميءَ جا مٽ“ 1981ع ”رنگبرنگي ڦوڪڻا“ (شاعري)، ”سو ديس مسافر منهنجو ڙي“، ”مهڪ چنبيليءَ ول جي“ ۽ ” تون ئي منهنجي شاعري“ شامل آهن. جڏهن ته هو ”ڀٽائي“ تحقيقي جرنل ۽ سنگت پبليڪيشن جو -ايڊيٽر- پڻ رهيو آهي، سنگت پبلڪيشن پاران ”شاعري“ ۽ ”ڪهاڻي“ خاص نمبر به ڇپائي پڌرا ڪيائين. سندس ڪجهه ڪتابن تي سنڌالاجي (ٻه دفعا) سنڌي ادبي سنگت، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۽ سگا طرفان اوارڊ، -انعام- ۽ گولڊ ميڊل پڻ مليا. مڃتا طور کيس شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ اسلاميه آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج طرفان گولڊ ميڊل ڏنا ويا. جڏهن ته کيس -ثقافت- ۽ سياحت کاتي سنڌ طرفان اوارڊ (1986ع) ’سنگت- هري دلگير‘ اوارڊ، سگا پاران ’عبدالله هارون‘ اوارڊ، سائوٿ -ايشيا- پبليڪيشن پاران ’اسٽار‘ اوارڊ ۽ گولڊ ميڊل، ’ڊاڪٽر محبت ٻرڙو‘ اوارڊ، بهترين سيڪريٽري جنرل س. ا.س جو ”سنڌ رويو اوارڊ“، سچل سرمست اوارڊ ۽ بهترين -استاد- جو اوارڊ (2006ع) پڻ حاصل ٿيا. (-ان- اوارڊ سان گڏ هاير ايڊيوڪيشن ڪميشن طرفان کيس ”بهترين -استاد-“ تسليم ڪندي هڪ لک رپيا نقد -انعام- پڻ پيش ڪيو ويو). ڊاڪٽر ادل سومري، سنڌي ادبي سنگت کي متحرڪ ۽ متحد رکڻ ۾ پڻ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هن وقت هو وارِي -تڙ-، سکر ۾ رهائش پذير آهي
ڊاڪٽر عبدالڪريم (ادل سومرو) جو مختصر تعارفي ​  خاڪو
نالو ۔۔ عبدالڪريم
پيءُ جو نالو۔۔۔۔ محمد صالح
ادبي نالو ۔۔۔ادل سومرو
ذات ۔۔۔۔سومرو
ڄم جي تاريخ ۔۔۔۔ 15 آگسٽ 1955ع
ادبي سٿ ۾ شموليت ۔۔۔ 1971ع کان
ڪرت/ڌنڌو/نوڪري۔۔۔۔۔ يونيورسٽي ٽيچر (چيئر مين سنڌي شعبو شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سنڌ)
سرگرميون ۔۔۔۔ لکڻ پڙهڻ ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ حصو وٺڻ
پسنديده شاعر/اديب ۔۔۔۔۔شاهه عبداللطيف، شيخ اياز، تنوير عباسي، غالب، پير حسام الدين راشدي، ڪاڪو، ڀيرومل، آغا سليم، امر جليل
پسند جو ڪتاب ۔۔۔۔ شاهه جو رسالو
پسند جو شعر ۔۔۔۔جيڪي فراقان، سو وصالان نه ٿئي، اچي اوطاقان مون پرين پري ڪيو. (شاهه)
پسنديده صنف ۔۔۔۔۔ وائي، بيت، غزل، آتم ڪهاڻي
پنهنجو پهريون شعر ۔۔۔۔۔ ”ماءُ بنا ٻار جو نظم“ هلال پاڪستان 1969ع
ا د ل سو مر ي جا ڇپيل / ا ڻڇپيل ڪتاب
1984 وليون وڻ ڦلارئا (شاعري)
1991 اسين مسافر پيار جا (نثر)
1994 سمنڊ جاڳي ٿو (شاعري)
2004 وساري نه ڇڏجو (شاعري)
1977 روز ٽڙن رابيل (ٻارن لاءِ شاعري)
1979 چنڊ پشم گولو (ٻارن لاءِ شاعري)
1979 آچر جا احوال (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون)
1983 پتلين جو تماشو (ٻارن لاءِ شاعري)
1984 جيتن جي ڪانفرنس (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون)
1990 نئين دؤر جا نوان سبق (ٻارن لاءِ ڪالم)
2006 مٽيءَ جا رانديڪا (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون)
1981 سنڌالاجي ۽ ساميءَ جا مٽ (سگا مرڪز) مرتب
1991 سنگت ڪهاڻي نمبر (مرتب)
1993 سنگت شاعري نمبر (مرتب)
1994 سنگت ڪارڪردگي نمبر (مرتب)
رنگ برنگي ڦوڪڻا (ٻارن لاءِ شاعري) سنڌالاجي ڄامشورو (مرتب)
1997 ٻارن لاءِ چونڊ ڪهاڻيون ـ اڪيڊمي آف ليٽرز اسلام آباد (مرتب)
1997 ٻارن لاءِ گيت (سگا روشن تارا اسڪول لاءِ) (مرتب)
2000 سرمست (خيرپور) مرتب
2002 سنگت ڪهاڻيون (مرتب)
نيروليءَ جو خواب (مضمون ۽ خاڪا)
ڏات جي ڏيهه مان (فنڪارن جا تعارفي خاڪا)
انقلاب، اسٽين گن ۽ ڪتو (ڪهاڻيون)
سنڌي ادبي سنگت، تاريخ ۽ ڪردار (ڊاڪٽريٽ جو مقالو)

(ا د ل سو مر ي کي مليل ا دبي ۽ علمي ا يو ا ر ڊ ​)
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو ادبي انعام 1983ع
ينگ رائٽرس گلڊ ايوارڊ 1979ع
عبدالله هارون ادبي گولڊ ميڊل ايوارڊ 1983ع سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سنڌ
ڪينجھر اڪيڊمي ايوارڊ 1983ع
هري دلگير ايوارڊ 1986ع سنڌي ادبي سنگت سنڌ
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو ادبي انعام 1986ع
پوپٽ ادبي ايوارڊ 1984ع سنڌ ٻالڪ تنظيم
سنڌي اسپيڪرس فورم سنڌ جو ”شهيد ڀٽو“ ادبي گولڊ ميڊل ايوارڊ 1988ع
سنڌ ثقافت کاتي جو ادبي ايوارڊ 1990ع
استاد عبدالرشيد رڪ ادبي ايوارڊ 93 ـ 1992ع
سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد جو ادبي ايوارڊ 1993ع
استاد محبوب علي جوکيو مڃتا ايوارڊ 1994ع
گولڊن جوبلي ايوارڊ 1999ع ماهوار نئين زندگي
سچل سرمست يادگار ايوارڊ1999ع بطور بهترين شاعر
سنگت مڃتا ايوارڊ 1999ع (ڊاڪٽريٽ ڪرڻ تي) سنڌي ادبي سنگت
ٻالڪ ساهت جو سج مڃتا شيلڊ 1991ع ماروئڙا ٻالڪ سنڌ
وائس چانسلر ميڊل 1979ع سنڌ يونيورسٽيءَ پاران ايم ـ اي (سنڌي ادب) فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن کڻن تي
نشان اعزاز و تحسين 1999ع (ڊاڪٽريٽ ڪرڻ تي) مهراڻ ايجوڪيشنل سوسائٽي سکر سنڌ پاران
اعزازي شيلڊ 1994ع سيد الهندو شاهه جي ياد ۾ مدرسه نوشهرو فيروز
اعزازي شيلڊ 1989ع بين الاقوامي سچل ڪانگريس ـ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سنڌ
اعزازي شيلڊ 1995ع تاريخي ڪانفرنس سيوهڻ سنڌ
شهيد دودو سومرو تعليمي ايوارڊ، 2000ع سومرا ويلفيئر ڪشمور سنڌ
اعزازي شيلڊ 1992ع سانگھڙ ثقافتي ميلو
سنڌي ادبي سنگت گولڊن جوبلي ايوارڊ 1997ع
شيلڊ آف آنر 2002ع سنڌ چلڊرين اڪيڊمي خيرپور ، تخليق فائونڊيشن ڪراچي
شيخ اياز شيلڊ 2003ع
سائوٿ ايشيا پبليڪيشن گولڊ ميڊل 2003ع
گوبند مالهي ايوارڊ 2004ع سنڌي ادبي سنگت نوشهرو فيروز
سائوٿ ايشيا پبليڪيشن ملينيم ايوارڊ 2005ع
سائوٿ ايشيا پبليڪيشن اسٽار ايوارڊ 2003ع
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ايوارڊ 2006ع
ڪاروان ادب ايوارڊ 2005ع
سنڌ رويو، بيسٽ سيڪريٽري جنرل ايوارڊ 2003ع
اعزازي شيلڊ، سنڌ انٽرنيشنل ڪانفرنس 2006ع

ا د ل سو مر ي جا علمي ۽ ا د بي ا عز ا ز ۽ مقر ر يو ن
سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت سکر سنڌ، (1995 ــ 1973ع)
نائب صدر سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سکر سنڌ. 1978ع.
سيڪريٽري جنرل سنڌي ادبي سنگت سنڌ (ٻه ڀيرا) 1992ع کان 1994ع ــ 2001ع کان 2003ع تائين.
مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات ۽ پبليڪيشن 81 ــ 1980ع
مکيه صلاحڪار، بزم بيدل بيڪس 88 ــ 1985ع.
وائيس چيئرمين ـ بيدل بيڪس آرٽس ڪائونسل 90 ـ 1986ع،
ميمبر سينيٽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور. (ٻه ڀيرا) فرسٽ سينيٽ 1988ع ۽ 1994ع
ريسرچ ايسوسيئيٽ، شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سنڌ.
ميمبر ايگزيڪيوٽو ڪائونسل (آرٽس) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن خيرپور.
ميمبر بورڊ آف اسٽڊيز، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سنڌ.
صلاحڪار ، سنڌي ادبي سنگت سنڌ.
ميمبر، انٽرنيشنل بايوگرافيڪل سوسائٽي لنڊن، انگلينڊ.
سرپرست، گلن جهڙا ٻارڙا تنظيم سکر 1975ع.
صلاحڪار، بيدل يادگار ڪميٽي روهڙي سکر.
سرپرست، شاهه لطيف ادبي سوسائٽي، ڊگري ڪاليج سکر 1992ع.
ميمبر سکر هسٽاريڪل سوسائٽي 1992ع.
انعام ڪتابن لاءِ جج: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو سنڌ.
ٻارن جي ڪتاب لاءِ ايڪسپرٽ: سنڌي لينگوئيج اٿارٽي حيدرآباد سنڌ.
ريسرچ گائيڊ. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سنڌ.
ميمبر صلاحڪار بورڊ، شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سنڌ.
سيڪريٽري : سچل يادگار ڪميٽي خيرپور سنڌ 2000ع.
ميمبر : ادبي، ثقافتي ڪميٽي: شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سنڌ.
ميمبر آرگنائيزنگ ڪميٽي: سچل يادگار ڪميٽي خيرپور سنڌ
(سنڌ سلامت جي ٿورن سان)
ادل سومرو جي شاعري
گهڙي لاءِ پنهجو هو جوڀن پسائي
ويو منهجي نيڻن جا ڏيئا اجهائي
سڄي ڳوٺ وارن جون ڳالهيون ڪيوسين
مگر ڪين پنهجون سگهياسين ٻڌائي
وڏي شهر جو شوق ڪيڏو هو توکي
اجايو اچي پاڻ ويٺين وڃائي
سوين دوست پنهجا سنجيده ويا ٿي
نه مرڪي ٿو ڪوئي نٿو ڪو کلائي
بارش جيان ايندڙ ڏکن جي گهڙين لاءِ
اسان ٽهڪ ٿورا رکيا آهن بچائي
سڀن نانءُ پنهنجي پرين جا کنيا پر
اسان سنڌ تنهجا ويٺاسين سڏائي
ڪکائن جهڳين ۾ جنم ڏينهن ڪهڙا
جتي هر خوشي ٿي اچڻ کان لنوائي



اُنهيءَ کان پُڇي ڪو  اُنهيءَ کي لکي ڪو

اُنهيءَ کي ڏسي ڪو
ته هُن کي سنڀاري
اونهاري، سياري
ڪوئي شخص آهي
جو پل پل دُکي ٿو
اُنهيءَ کي ڏسي ڪو
اُنهيءَ کان پُڇي ڪو
سوين چنڊَ تارا
جو گهر ۾ سجائي
اسان کان ڇو يادُن
جو ڏيئو کسي ٿو
اُنهيءَ کان پُڇي ڪو
اُنهيءَ کي لکي ڪو
ڏئي گهاوَ جيڪو
وساري ڇڏٰي ٿو
ڪڏهن حالُ دل جو
نه ڀُلجي پُڇي ٿو
اُنهيءَ کي لکي ڪو
اُنهي کي چوي ڪو
ڇو آهي اِئين ٿيو
جو گذري ٿو ڀرسان
ته ڇالاءِ مون ڏانهن
نه ڀُلجي ڏسي ٿو
اُنهيءَ کي چوي ڪو
​**************

جي دلين ۾ روشني آهي اڃان
جي دلين ۾ روشني آهي اڃان
دوستين ۾ روشني آهي اڃان
پيار جا ناتا سُڃاڻي ٿيون سگهن
ڪجهه اکين ۾ روشني آهي اڃان
ڪو به آکيرو نه ٿيو مايوسُ آ
جو پکين ۾ روشني آهي اڃان
آهي ديرو پيارَ وارن جو جتي
تن گهٽين ۾ روشني آهي اڃان
راههَ پنهنجي رات ڪيئن روڪي سگهي
ڏسُ بتين ۾ روشني آهي اڃان
ڏکَ ڏيئن جان ٻرن ٿا صُبح شام
جُهوپڙين ۾ روشني آهي اڃان