Tuesday 8 May 2018

سونهن ۽ ساڃاهه جو شاعر ؛ ڊاڪٽر تنوير عباسي​


تحرير؛۔ ممتاز علي وگهيو
سنڌ جي ناليواري عالم، شاعر، محقق، مترجم، لطيفيات جي ماهر ۽ سچل شناس ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو اصل نالو نور نبي عباسي هو. هن 7 ڊسمبر 1934ع تي، ضلعي خيرپور جي هڪ ننڍڙي شهر سوڀي ديري ۾ گل محمد عباسيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ساڌو هيرانند اڪيڊمي، ڪراچيءَ مان پرائمري تعليم حاصل ڪيائين. مئٽرڪ جو امتحان اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان پاس ڪيائين. انٽر سائنس ڊي جي. سنڌ گورنمينٽ ڪاليج ڪراچيءَ مان ۽ ايم. بي. بي. ايس، لياقت ميڊيڪل ڪاليج، ڄام شوري مان پاس ڪيائين. ڊاڪٽر تنوير عباسي شاگرديءَ واري زماني کان شاعري ڪندو هو. ابتدا ۾ روايتي شاعري ڪيائين، پر اڳتي هلي سنڌي جديد شاعريءَ ۾ نوان لاڙا آندائين؛ ان ڪري سندس شاعري سنڌي ادب ۾ نئين حيثيت سان اجاگر ٿي. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ ۽ شمشير الحيدريءَ، سنڌي شاعريءَ خاص ڪري نظم ۽ آزاد نظم ۾ نوان تجربا متعارف ڪرايا.تنوير عباسيءَ جون سنڌي ادب ۾ وڏيون خدمتون آهن. سنڌي ادب جڏهن ورهاڱي کان پوءِ نئين سر اُسري رهيو هو، تڏهن تنوير عباسي انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن اديبن ۽ شاعرن مان هو، جيڪي سنڌي ادب جي بقا لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هُئا. هن جو شمار سنڌ جي وڏن شاعرن ۾ ڪيو وڃي ٿو، پر شاهه جي شاعريءَ ۽ سچل سرمست، خوش خير محمد هيسباڻي، نانڪ يوسف ۽ ٻين تي سندس تحقيق ۽ ڪاوش، کيس اهم ۽ منفرد اسڪالر واري حيثيت ڏياري ڇڏي. تنوير عباسيءَ جي علمي ۽ادبي ادارن سان وابستگي، هڪ وڏي عرصي تائين رهي. پاڻ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو تصور ڏيندڙ ۽ ان جي ائڊوائيزري بورڊ جو آخر تائين ميمبر، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي رٿا جوڙيندڙ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي مالياتي، پبليڪيشن، تعليمي رٿابندي ۽ تحقيقي ڪاميٽيءَ جو ميمبر، شاهه لطيف ڪلچرل ڪاميٽي ڪراچيءَ جو ميمبر، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت جو باني ۽ مستقل ميمبر، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل (11 سالن تائين)، سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر، سچل يادگار ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري، سچل چيئر- شاهه لطيف يونيورسٽيءَ خيرپور جو باني ڊائريڪٽر ۽ سچل سرمست ميلي ڪاميٽيءَ جو ڪيترائي سال آرگنائيزر ۽ ٻين ڪيترن ادارن سان وابسته رهيو. سندس علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪم جي مڃتا طور کيس ڪيترائي ايوارڊ ۽ انعام به مليا. سندس علمي ادبي پورهيي جو وچور هن ريت آهي:
(1) رڳون ٿيون رباب (شاعري: 1958ع)، (2) شعر (1970ع)، (3) جي ماريا نه موت (ويٽ نامي ناول جو ترجمو: 1973ع)، (4) ٻاراڻا ٻول (چونڊ ۽ ترتيب: 1973ع)، (5) شاه لطيف جي شاعري (تحقيق: جلد I- 1976ع)، (6) شاهه لطيف جي شاعري (جلد ٻيو، 1985ع)، (7) شاهه لطيف جي شاعري (3 جلد گڏ، 1989ع)، (8) سج تريءَ هيٺان (شاعري: 1977ع)، (9) جديد سنڌي شاعري (چونڊ ۽ ترتيب: 1981ع)، (10) خير محمد هيسباڻيءَ جو ڪلام (ترتيب: 1983ع)، (11) نانڪ يوسف جو ڪلام (ترتيب: 1982ع)، (12) ڏوري ڏوري ڏيهه (سفرنامو: 1984ع)، (13) هيءَ ڌرتي (شاعري: 1985ع)، (14) Sachal Sarmast، (15) منهن تنين مشعل (خاڪا: 1990ع)، (16) تنوير چئي (شعري ڪليات:1989ع)، (17) ترورا (ادبي مضمون، خاڪا، يادگيريون، سفرنامو: 1988ع)، (18) ساجن سونهن سرت (شاعري: 1996ع)، (19) سپني کان سهڻي ساڀيا (تقريرون ۽ ليڪچر: 2002ع)، (20) سچل جو رسالو (ترتيب:اڻ ڇپيل)، (21) مون کي اڳتي وڃڻو آهي (سفرناما: 2000ع).سنڌي شاعر، ادب، جديد ٻوليءَ، ڪلچر، ڪلاسيڪي شاعريءَ ۽ ٻين موضوعن تي سندن سوين مقالا، مضمون ۽ مهاڳ لکيل آهن. ويهين صديءَ جو هيءَ ڏاهو انسان، 25 نومبر 1999ع تي، اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. تنوير عباسي وصيت ڪئي هئي ته وفات بعد سندس لاش ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن کي تجربا ڪرڻ لاءِ ڏنو وڃي، پر ان تي عمل نه ٿي سگهيو. البت سندس آخري خواهش هئي ته سندس اکيون آپريشن ذريعي ڪنهن محتاج کي ڏنيون وڃن. سندس وصيت تي عمل ڪيو ويو ۽ سندس اکين سان اڄ هڪ نياڻي ۽ هڪ نوجوان هن دنيا کي ڏسي پنهنجي زندگي خوش خوش گذاري رهيا آهن. تنوير عباسيءَ جي آخري آرامگاهه اسلام آباد ۾ آهي. تنوير عباسيءَ جي ياد ۾ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ خيرپور ۾ تنوير ڪارنر قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جو انچارج اياز گل آهي، تنوير بابت (1) تنوير عباسي- هڪ مطالعو (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، (2) پوان شل قبول (مرتب: اياز گل)، (3) مان تنوير آهيان (مرتب: مشتاق ڪلهوڙو) ۽ ٻيا ڪتاب ڇپيل آهن. تنوير ڪارنر پاران سندس چونڊ شاعريءَ تي مشتمل پاڪيٽ سائيز ڪتابڙو ”روشن آ سانجهي“ اياز گل ترتيب ڏئي 2008ع ۾ ڇپايو آهي. ڪيترن علمي ادبي ادارن پاران ادبي تحقيق ۽ تنقيد تي تنوير عباسي شيلڊون ۽ اوارڊ ڏنا وڃن ٿا.
(سنڌ سلامت)

تنوير عباسي ؛ سنڌي شاعريءَ جو هڪ اهم نانءُ
تنوير عباسيءَ جي شخصيت
اُڀ جي تارن کان وٺي، ڌرتيءَ جي گلن تائين، سونهن جا ڪيئي منظر موجود آهن. ڌڻي سڳوري، ڌرتيءَ کي سينگاري ان تي رهڻ جي لاءِ انسان جي چونڊ ڪئي. ساري ڌرتي، انسان جي وجود سان ڀرجي وئي. ڇڙوڇڙ انسان، پنهنجي سوچ کان ڪم وٺي هڪٻئي جي ويجهو رهڻ لڳو. انسان جو عالمگير لفظ قومن ۾ ورهائجي ويو. نالن ۽ پوءِ ذاتين جو رواج پئجي ويو. اڄ جي جديد دور ۾ قومون، ڌرتيءَ ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان سڃاتيون وڃن ٿيون. ٻولي، قومن جي سڃاڻپ ٿئي ٿي ۽ ٻوليءَ جو محافظ شاعر کان سواءِ ٻيو ٿي نٿو سگهي. شاعريءَ وسيلي شاعر پنهنجي معاشري جي عڪاسي ڪندي، ٻوليءَ جا اصل لفظ استعمال ڪري، ان کي محفوظ ڪندو رهندو آهي. ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ واسين جي صحيح سڃاڻپ صرف ۽ صرف شاعر ۽ اديب سگهاري نموني سان ڪرائي سگهن ٿا. جنهن ٻوليءَ ۽ قوم جا شاعر ۽ اديب سگهارا آهن. اُها ٻولي ۽ قوم پنهنجي مڃتا جلدي ۽ جاندار نموني سان ڪرائي سگهي ٿي.
ويهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ سنڌي ادب ڏانهن نظر ڦيرائي ڏسبي ته، اسان جي اديبن ۽ شاعرن، شعوري سگهه وسيلي سگهارو ادب لکيو آهي، انهن ۾ تنوير عباسيءَ جو نالو معصوم مُرڪ سان چٽو ۽ مٿانهون نظر اچي ٿو.
تنوير عباسيءَ، نه صرف شاعري ڪئي آهي، پر ان سان گڏوگڏ تحقيق ۽ تنقيد جهڙن موضوعن سان به سٺو نڀايو آهي.
تنوير عباسيءَ کي ننڍي کان وٺي شاعري وڻندي هئي. هو نظمن کي ياد ڪندو هو. تنوير ننڍپڻ کان ئي شاعريءَ وارو مزاج رکندڙ هو. هو خود اظهاري ٿو، ته: ننڍي هوندي ئي مون کي نثر کان وڌيڪ نظم سان لڳاءُ هيو. جيڪي درسي ڪتاب هوندا هيا، انهن ۾ مون کي نظم وڌيڪ وڻندا هئا، پوءِ چاهي انگريزيءَ ۾ هجن چاهي سنڌي هجن، شعر مون کي جلدي ياد ٿي ويندا هئا. (6)
تنوير ننڍي هوندي کان ئي لاابالي طبيعت رکندڙ رهيو آهي. هو آزادي پسند ۽ هر ڪم پنهنجي مرضيءَ ۽ شوق سان ڪرڻ وارو رهيو آهي. کيس اجايون پابنديون ڪڏهن به نه وڻنديون آهن. سندس خيال مطابق جيڪا شيءِ دل ۽ دماغ تسليم ڪن، اها ڪرڻ گهرجي. اجاين پابندين جو تنوير قائل نه رهيو آهي. اهڙي ئي طبيعت کي محسوس ڪندي سندس والد صاحب کيس ڊاڪٽري پڙهڻ جو مشورو ڏنو ته، جيئن هو پنهنجا شوق به پورا ڪري سگهي ۽ پيٽ به پالي سگهي. کيس ڪنهن جي محتاجي نه رهي، تنوير عباسيءَ جو والد گل حسن عباسي، خود وڏي عهدي تي فائز رهيو، خيرپور جي رياست واري حيثيت ختم ٿيڻ کان پوءِ خيرپور ضلعي جو پهريون ڊپٽي ڪمشنر، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو والد گل حسن عباسي رهيو. هو وڏي ڪاموري سان گڏوگڏ نيڪ دل انسان به هو، جنهن کي سڀ، خان صاحب جي نالي سان ياد ڪندا آهن، هن رٽائر ٿيڻ کان پوءِ قرآن مجيد حفظ ڪيو هو. سندس والد صاحب جي مشوري سبب تنوير عباسي ڊاڪٽري پڙهڻ ڏانهن لاڙو رکيو. هو چوي ٿو: ”منهنجو ذاتي عمل دخل گهٽ هو، بابا مون کي هن پيشي طرف آندو، ڇو ته، هن ڏٺو پئي ته، مان پنهنجي مزاج ۽ روش سبب سرڪاري نوڪري نه ڪري سگهندس. بهرحال اهو سندن فيصلو بهتر ئي هيو، جوا ڄ مان هتي آهيان. قمر آهي، جيڪا سڄو ڪم سنڀاليو ويٺي آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته، جي هن جو مون سان ساٿ نه هجي ها ته، مان شايد اهو ڪجهه نه ڪري سگهان ها. جيڪو ڪيو اٿم“ (7).
ذميوارين ۽ پنهنجي لا اُبالي طبيعت جي حوالي سان چئي ٿو، ته: ”ذميواريون هڪڙي عمر جي حد تائين ماڻهو نڀائي سگهي ٿو پر، منهنجي اندر ۾ ويٺل شخص اوترو ئي اڃا تائين لا ابالي آهي“ (8).
ڊاڪٽر تنوير عباسي، پڙهائيءَ جي حوالي سان ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ ڪافي سال رهيو. ان وقت ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جون حالتون بهتر هيون. سنڌ جا هيءُ ٻئي وڏا شهر، پنهنجا شهر محسوس ٿيندا هئا. اڳ واريون رونقون هاڻي هنن ٻنهي شهرن ۾ نه رهيون آهن. هن وقت ڳتيل آبادي ۽ وٺ کس وارو ماحول وڌيڪ آهي. پڙهائيءَ جي حوالي سان ڊاڪٽر تنوير عباسي هنن ٻنهي شهرن ۾ ننڍپڻ ۽ نوجوانيءَ جا ڏينهن گذاريا. هو چوي ٿو ته، ”ڪراچي مون ڏٺي 1940ع ۾ جڏهن منهنجي عمر ست سال هئي ۽ 1941ع کان وٺي 1951ع تائين مان اتي رهيس ۽ 1951ع کان پوءِ حيدرآباد آيس ۽ 1963ع تائين اتي رهيس“ (9).
جديد سنڌي شاعري خلا ۾ گهمندڙ نه آهي پر، ان جون پاڙون پنهنجي ڌرتيءَ ۽ سماج ۾ کتل آهن. تنوير عباسيءَ جي پوري شاعري حقيقي عڪسن سان مالا مال آهي، هو خود هن دور جي شاعريءَ بابت هڪ انٽرويو ۾ هن طرح اظهار ڪري ٿو:
”اڄ ڪلهه جي دور جي شاعري تخيلاتي ۽ تصوراتي نه آهي. شاعريءَ ۾ خود (Realism) جو بنياد پئجي چڪو آهي ۽ اسان جي دور جي شاعري ته وڌيڪ (Realistic) آهي. باقي رومانٽڪ اظهار ۾ ٿورو گهڻو ماڻهو تصوراتي به ٿي وڃي ٿو پر، اها روايتي تصوراتي شاعري جيڪا اسان جي اثاثي شاعري غزل جي دور جي جيئن سانگي جي شاعري آ. اها ته اسان جي زماني جي ڪونهي نه ئي هاڻي ٿئي ٿي“ (10).
شاعر کي موسيقي مزو ڏيندي آهي. شاعر جو لاڙو موسيقي ڏانهن وڌيڪ هوندو آهي، خود تنوير عباسي موسيقيءَ ۽ شاعر جي لاڳاپي بابت چوي ٿو ته، ”اُهي ئي ماڻهو شاعر ٿيندا آهن، جيڪي موسيقيت جا شوقين هوندا آهن“ (11).
تنوير عباسيءَ جي شخصيت ٻاجهاري ۽ پيار ڪندڙ رهي آهي، هو سڀ ڪنهن جو خير خواهه رهيو آهي، هو ٻن رٺلن کي به پرچائڻ وارو شخص آهي. اديب هجن يا سياستدان جيڪڏهن رسندا ته، تنوير ڏانهن هليا ايندا آهن يا انهن رٺلن ڏانهن تنوير خود هليو ويندو آهي ۽ جيسيتائين انهن کي پرچائيندو نه تيسيتائين اتان نه اٿندو. تنظيمي اختلاف هجن يا ذاتي، سنڌي ادبي سنگت جا اختلاف هجن يا ذاتي نوعيت جا اختلاف، هر مسئلي کي تنوير سلجهائيندو آهي ۽ ڌرين کي کير کنڊ ڪري ڇڏيندو آهي. پيار هن جو جهڙوڪ مسلڪ آهي. هو هڪ انٽرويو ۾ اظهاري ٿو ته: ”اسان يقين ڪريون يا نه ڪريون بهر صورت هيءَ زندگي جيڪا اسان کي ملي آهي، انهيءَ ۾ اسان کي وڌ ۾ وڌ پنهنجي ساٿين، انسانن ۽ مان ته چوندس ته پکي پکڻ، وڻ انهن جي به سارسنڀال لهجي ۽ انهن سان پيار ڪجي، سمنڊ سان پيار ڪجي. ڌرتيءَ سان پيار ڪجي، تڏهن ئي ماڻهوءَ جي زندگي سوکي ۽ سڀاڳي ٿيندي. (12)
تنوير عباسي وڏي شاعر ۽ محقق سان گڏوگڏ وڏو ماڻهو به آهي. هيءُ نوجوانن کي پڙهندو آهي. انهن کي واٽ ڏسيندو آهي، انهن جي رهنمائي ڪندو آهي، انهن جي سٺين تخليقن جي ساراهه ڪندو آهي. انهن کي اتساهه ڏياريندو آهي. اهڙن ئي روين جو ذڪر ساڻس انتهائي ويجهو رهندڙ ۽ نوجوان شاعر اياز گل هنن لفظن ۾ ڄاڻائي ٿو: ”سائين تنوير عباسيءَ کي مون سدائين پاڻ لاءِ ڇپر ڇانوَ سمجهيو آهي. منهنجي شاعريءَ ته اکيون ئي سندس ”رڳون ٿيون رباب“ ۽ ”شعر“ جي هنج ۾ کوليون هيون. سندس شاعري سدائين مون لاءِ اتساهه جو سبب بڻبي رهي آهي ۽ سندس وجود سدائين همٿ ۽ عزت افزائيءَ جو اهڃاڻ. هي جيڪي مانَ، مڃتا ۽ محبتن جا ٻٽڙي گُل، اڄ منهنجي ۽ منهنجي شاعريءَ جي جهول ۾ پيل آهن، تنهن جو اهم سبب ۽ پس منظر، تنوير جي محبت، پٺڀرائي ۽ رهنمائي ئي آهي، پير پير هلڻ مون پاڻ سکيو هيو، پير پختا ڪرڻ جو حوصلو مون کي هن ئي ڏنو آهي.“
(اياز گل جو ڏنل ذاتي رايو، تاريخ 30- 08- 1999ع).
تنوير عباسي، ڪشادي دل وارو ماڻهو آهي. هر آئي جي ٻانهون کولي آجيان ڪندو آهي. هو ثابت قدم ۽ ڪڏهن به آڻ مڃيندڙ شخص نه رهيو آهي. هو اصولن جو پڪو ۽ پختو انسان آهي. هن ذاتي طور تي ڪنهن کان رعايتون نه ورتيون، جنهن سان به اختلاف رکندو آهي، ان لاءِ کيس اصول ۽ دليل هوندا آهن. حڪومتن ۽ حڪومتي ڪارندن جي ڪڏهن به پرواهه نه ڪيائين ۽ نه وري ڪڏهن حڪمرانن کان مراعتون حاصل ڪيائين. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ کي حڪومت ادبي مڃتا طور ”تمغه امتياز“ عطا ڪيو. جن تي ڪجهه ماڻهن کي حسد ٿيو، اخباري بيان وغيره هلايائون. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ انهن کي ڪوبه جواب نه ڏنو. بعد ۾ اسان ڊاڪٽر صاحب سان اهڙن روين بابت ڳالهايو ته، پاڻ ڪچهري ڪندي چيائين ”حڪومت انعام اڪرام يا تمغه، ذاتي ملڪيت مان نه ٿي ڏئي. هيءُ قوم جو پئسو آهي. حڪمرانن جو پئسو نه آهي، ان قومي پئسي ۾ به وڌيڪ حصو سنڌ جو آهي، پوءِ جيڪڏهن سرحد ۽ بلوچستان وارا اديب ۽ شاعر تمغه وٺن ٿا ته، اسان ڇو نه وٺون. اسان کي مڃتا ملي ٿي ته، ان جي آجيان ڪرڻ کپي، نه وٺنداسين ته اهي به ٻين صوبن کي ورهائي ڏيندا. تمغه وٺڻ سان اسان جو قد ڪاٺ ڪونه ٿو وڌي، يا اسان حڪومتي ماڻهو ڪونه ٿي وياسون. تمغو ڪنهن فوجي حڪمران کان به ڪونه ورتو آهي.“
تنوير عباسي، دل جو درد رکندڙ انسان آهي. هن ڪنهن کي به ڪونه آزاريو. هن پاڻ تڪليفون برداشت ڪيون پر ٻئي ڪنهن کي، ڪا به تڪليف نه ڏنائين، هو صوفي منش انسان آهي. هو سنڌ سان بي انتها محبت ڪندو آهي. هن دنيا جا ڪيترائي ملڪ ڏٺا، مشاهدا ڪيا، ٻين ملڪن جو ادب پڙهيو، ٻين ملڪن جي اديبن ۽ شاعرن سان ملاقاتون ۽ ڪچهريون ڪيون، پر پوءِ به سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو مزاج کيس افضل لڳو. تنوير عباسي، سائين جي ايم سيد جي تمام گهڻي عزت ۽ احترام ڪندو آهي. سائينءَ جي وفات تي کيس لهد ۾ لاهڻ وارن ۾ تنوير شامل هو، ان موقعي تي ڪي ماڻهو قرآن پڙهي رهيا هئا. ڪي گيتا ۽ ڪي انجيل پر، تنوير اُتي به شاهه جي رسالي مان شاهه جا بيت پڙهي رهيو هو ۽ اکين مان ڳوڙها ڳاڙي رهيو هو. تنوير، شيخ اياز جي ڪلام جو به معترف رهيو آهي. شيخ اياز جي وفات وقت، ڀٽ شاهه تي تنوير کي اسان غمگين ڏٺو. شيخ اياز جي وفات کان پوءِ تنوير کي دل جو دورو پيو، ڪافي علاج کان پوءِ ٺيڪ ٿيو. تنوير مسلسل ڪم ڪندڙ انسان آهي، ڪڏهن به ڪونه ٿڪو آهي، شاعري، تنقيد ۽ تحقيق دل جي حضور سان سڀ ڪم سر انجام ڏئي رهيو آهي. هو مطمئن آهي. هن پنهنجي ادب کي ويهه ڪتاب ڏنا آهن، جيڪي سنڌي ادب جو سرمايو آهن. تنوير پنهنجي مطمئن هجڻ بابت هڪ انٽرويو ۾ هن طرح اظهار ڪري ٿو: ”مان ايترو مطمئن آهيان جو جيڪڏهن اڄ به مان مري سگهان ته، آرام سان مري سگهندس، ڇو ته، مون زندگيءَ ۾ هڪڙي پاڻ تي سينسر شپ رکي آهي ته، مان جيڪو ڪجهه ڪيو آ، اهو پنهنجي جو کم تي ڪيو آ ۽ پنهنجي ضمير کي آڏو رکي ڪيو آ.“ (13)
تنوير عباسي اعليٰ قدر رکندڙ اديب، شاعر ۽ محقق آهي، هن جي روين ۾ پنهنجائپ آهي. جنهن سنڌي ادب کي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي. ڊاڪٽر تنوير عباسي سڀني سان رهائڻ ۽ لنوَ لائڻ وارو انسان آهي. هو ڪنهن سان به ڦٽائڻ نه چاهيندو آهي. ڪٿي ڪٿي رشتا ناتا برقرار رکڻ لاءِ مصلحتن کان به ڪم ورتائين. آئي ويل دوستن جي ڪم به ايندو رهيو،هر ڪنهن تي ٿوري ڪرڻ جو قائل نه رهيو آهي،جيڪو به چڱو ڪم پڄندو اٿس اهو ڪري وٺندو آهي. ڪيترن ئي دوستن سان ڏکئيءَ ويل ڀلايون ڪيائين، پر انهن کي ڪڏهن به محسوس نه ڪرايائين، ته مون هيءَ اوهان سان ڀلائي ڪئي آهي. هڪ اهڙي ئي ڀلائي طارق اشرف سان ڪئي هيائين، جڏهن هو جيل ۾ نظربند هو ته، پويان سندس گهروارن کي ڊاڪٽر تنوير عباسي ٻارڙن کي خرچيءَ جي بهاني هر هفتي سؤ ٻه سؤ روپيه ڏئي ڇڏيندو هو. جنهن مان طارق اشرف جا گهروارا گهر جو خرچ هلائيندا هئا. اهڙو ذڪر طارق اشرف خود پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ به ڪيو آهي.
ڪجهه حلقن پاران طارق اشرف کي غوث علي شاهه ڏانهن وٺي وڃڻ ۽ رشيد ڀٽيءَ کي اهل قلم ڪانفرنس ڏانهن وٺي وڃڻ تنوير جو ڏوهه سمجهندا آهن، جيڪو غلط آهي. طارق اشرف کي سهڻي رسالي جي ڊيڪليئريشن لاءِ غوث علي شاهه ڏانهن وٺي وڃڻ يا رشيد ڀٽيءَ کي اهل قلم ڪانفرنس ۾ وٺي وڃڻ کي تنوير جو ڏوهه نه سمجهڻ گهرجي. ان ۾ تنوير جي نيڪ نيتي شامل هئي. سهڻي جي ڊيڪليئريشن جو تنوير کي فڪر هو، هن غوث علي شاهه سان اهڙو اظهار ڪري بعد ۾ طارق اشرف کي وٺي ويو هو، پر ڪرسيءَ واري اُهو توجهه نه ڏنو. رشيد ڀٽيءَ جي علاج ڪرائڻ لاءِ تنوير فڪرمند هو. غلام رباني آگري ۽ حڪومتي ماڻهن تنوير کي آسرو ڏنو ته ”ڀٽيءَ جو سرڪاري خرچ تي علاج ٻاهر ان ڪرايو ويندو، ڀٽيءَ کي اهل قلم ڪانفرنس ۾ وٺي اچ، جيئن ڪنهن کي چئون ته، ڀٽي به روبرو هجي.“ هنن ٻنهي عملن ۾ تنوير جي نيڪ نيتي ۽ دوستن سان همدردي شامل هئي.
ڊاڪٽر تنوير عباسي، مسلسل جدوجهد ڪندڙ اديب ۽ شاعر آهي، هن ڪڏهن به پنهنجي ڊاڪٽريءَ واري پاسي کي، اديب ۽ شاعر واري پاسي تي هاوي نه رکيو. هن جو شاعر ۽ محقق وارو پاسو هميشه مٿانهون رهيو. هن پئسو ڪمائڻ ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ڏنو، جيڪڏهن ان طرف ڌيان ڏئي ها ته، ڊاڪٽر تنوير عباسي ڪروڙن جي ملڪيت جو مالڪ هجي ها. هن هميشه پئسي واري پاسي کي ڌڪي، ادب واري پاسي کي سيني سان لڳايو. تنوير عباسي، خوش اخلاق ۽ هر ماڻهوءَ سان مرڪي ملڻ وارو ماڻهو آهي. ڀلي ڪنهن سان ڄاڻ سڃاڻ هجيس يا نه، ننڍو هجي يا وڏو، پر ان سان ملندو هميشه مرڪي، هو غلطين تي دڙڪا به ڏيندو آهي. ناراض به ٿيندو آهي،پر ناراضگي وغيره پاڻيءَ جي ڦوٽي جيان، منٽ ۾ ختم، ڄڻ ناراض هو ئي ڪونه.
ڊاڪٽر تنوير عباسي، تمام گهڻو خوش مزاج به رهيو آهي. سندس دوستن سان اڪثر کل مذاق هلندي رهندي آهي، خوش مزاجيءَ جا ڪجهه مثال.
ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي خوش مزاجي
ڊاڪٽر تنوير عباسي پنهنجي ڪتاب ”منهن تنين مشعل“ ۾ شامل خاڪي ”ڏاڏو شاهه“ ۾ هڪ جاءِ تي لکي ٿو ”هڪ دفعي مون وٽ آيو ته مون پارس کي (جيڪا ان وقت چئن پنجن سالن جي هئي) سمجهائي ڇڏيو. جيئن ڏاڏو اسان وٽ آيو ته پارس چوڻ شروع ڪيو ”چاچي جي سئنما ڪني“ ان تي ڏاڏي وڏا ٽهڪ ڏنا چيائين، ”ڇو نه بابا، مفت جي سئنما جو اٿو“ (14)
ڊاڪٽر تنوير عباسي، ڪڏهن خوش مزاجيءَ جو ماحول گهڙيندو به آهي ۽ ڪڏهن وري حاضر جوابيءَ ۾ ئي خوش مزاجيءَ جو رنگ ڀري ڇڏيندو آهي. پاڻ وڏو حاضر جواب پڻ آهي.
تنوير عباسيءَ جي حاضر جوابيءَ ۽ خوش مزاجيءَ جي لاڙي کي قمر شهباز ڪجهه هن طرح ياد ڪري ٿو، ”ڪاليج طرفان حيدرآباد جي داس گارڊن ۾ ڪرڪيٽ ميچ کيڏندي بال نڪ تي لڳم، خون بند ئي نه ٿئي، گاڏيءَ ۾ کڻائي لياقت اسپتال ۾ آيا، ايمرجنسيءَ ۾ پيو هوس، جو تنوير اچي پهتو، چيائين: ”راڪاس نڪ سان ڇا پئي ڪيئي؟“ چيم
”بال پئي جهٽيم“ چيائين ”تنهنجي لاءِ بري خبر آهي، تون فلمن ۾ هيرو ٿي نه سگهندين، پڇيم ڇو؟“ چيائين ”هڏي جو فريڪچر ٿي پيو آهي، جڙي ته ويندو پر سڌو بيهي نه سگهندو، بناوٽي ڏک جو اظهار ڪندي چيم، ”اهو چانس به ويو!“ ورهين کان پوءِ نيشنل هاءِ وي تان ڪراچي پئي آيس ته، سامهون تنوير جي ڪار اچي بيٺي، وچ روڊ تي لهي ڀاڪر پائي ملياسين، چيائين ”چڱو ٿيو جو ملي وئين، مان توکي ڳولڻ ڪراچيءَ ويو هوس.“ پڇيم ”خير ته آهي؟“ چيائين: ”ڏڏا شاهه، مومل راڻو فلم پيو ٺاهي، توکي ان ۾ ڪم ڪرڻو پوندو.“ نڪ ڏانهن اشارو ڪندي چيم ”هيرو جا چانس ته، تو ڪڏهوڪو ختم ڪري ڇڏيا، راڻي جو نڪ ته گهٽ ۾ گهٽ سڌو هجي.“
مرڪي چيائين، ”راڻي لاءِ ڪير ٿو چوئي؟ اسان کي ته اُٺ جي تلاش آهي!“ نوابشاهه ۾ سنڌي ادبي سنگت جو جشن هو، فنڪشن کان پوءِ هڪ ڪمري ۾ ويٺا هئاسين، رشيد ڀٽيءَ هر هر دري کان ٻاهر پئي ڏٺو پڇيومانس، ڪنهن جو انتظار اٿئي؟ ”پريشان ٿي چيائين.“ تنوير الوپ ٿي ويو آهي، سامهون ويٺل تنوير چشمو هٿ ۾ ڏيندي چيس، ”پائي ڇڏ بنا چشمي ته، توکي گهر به هٿ نه ايندو آهي.“ رشيد چشمو پائيندي چيو، ڏٺئي! مان به چوان ته ڪا شيءِ ته الوپ ٿي وئي آهي.“
هڪ دفعي سنڌي ٻولي هلچل لاءِ ويٺي ڪم ڪيوسين، اوچتو رشيد ڀٽي قلم ڦٽو ڪري، تنوير کي مخاطب ٿي، اياز جي شعر جي پيروڊي ڪندي چيو:
اڙي چٻ، اڙي چٻ، پرين تو ته ڏٺو ناهه،
سندس چپ، سندس چاپ، ائين آهي جيئن تون
تنوير هڪ منٽ جي دير کان سواءِ جواب ڏنس:
اڙي ڏاند، اڙي ڏاند، پرين تون ته ڏٺو ناهه،
سندس ساهه، سندس گاهه ائين آهي جيئن تون! (15)
ڊاڪٽر تنوير عباسي، پنهنجي سفرنامي ”چنڊ ٻه ٽڪر“ جيڪو دبئي جو سفرنامو آهي، تنهن ۾ نارائڻ شيام سان گڏ گهمندي هڪ ڪيفي جي حوالي سان لکي ٿو ”سامهون هڪ ڪيفي هئي، نالو هئس عمر خيام“ مون سوچيو ته، ان ڪيفي ۾ روايتي، عمر خيام جي رباعيءَ جهڙو سهڻو ساقي، صراحيءَ مان ساغر ڀري پياريندو،پر اندر گهڙياسين ته نه ساقي. نه صراحي، نه جام، هڪ ننڍي قد وارو سانورو ملباري ڪائونٽر تي ويٺو هو ۽ اهڙي ئي رنگ روش وارو بئرو آرڊر وٺي رهيو هيو. مون شيام کي چيو، ”هن ڪيفي تي پنهنجو نالو پڙهي عمر خيام جي روح کي ڪيڏي نه تڪليف ٿي هوندي“ (16)
ڊاڪٽر تنوير عباسي، ٻاجهارو ۽ انسان دوست شاعر آهي. هو تمام وڏي مطالعي وارو شخص آهي، جنهن دنيا جي ادب کي پڙهيو ۽ ڪيترن ئي ملڪن جو مشاهدو ماڻيو آهي. تنوير عباسي عملي انسان آهي. انسان دوستيءَ ۽ ادارن ٺاهڻ جي حوالي سان هن جا ڪيترائي مثال موجود آهن. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، سچل اڪيڊمي، ريڊيو خيرپور ۽ سچل چيئر جو قيام، تنوير عباسيءَ جي ڪوششن جو ثمر آهي، جن مان ايندڙ ڪيترائي نسل فيضياب ٿيندا رهندا.
جنم تعليم
تنوير عباسي، خيرپور جي ڳوٺ سوڀيديري ۾ 7 ڊسمبر 1934ع ۾ جنم ورتو، ڄم جو نالو نور نبي عباسي ۽ سندس والد جو نالو گل حسن عباسي هو. سنڌي پهريون درجو پنهنجي ڳوٺ سوڀي ديري ۾ پڙهيو. ٻيو درجو نوشهروفيروز ۾، پوءِ ڪراچيءَ جي هيرانند اڪيڊمي، ڊبليو بي هاءِ اسڪول ۽ اين جي وي هاءِ اسڪول ۾ تعليم ورتائين. مئٽرڪ جو امتحان 1951ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد مان پاس ڪيائين. ڊي جي سنڌ گورنمينٽ ڪاليج ڪراچيءَ مان انٽر پاس ڪيائين. ان کان پوءِ لياقت ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد مان ايم. بي. بي. ايس پاس ڪري، سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1960ع ۾ ڊگري ورتائين. ڪجهه سال حيدرآباد ۾ رهڻ بعد 1964ع کان خيرپور ۾ خانگي ڪلينڪ هلائي ٿو.
تنوير عباسيءَ، سورهن سالن جي عمر ۾ شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. سندس پهريون شعر 1950ع ۾ حيدرآباد مان نڪرندڙ رسالي ”فنڪار“ ۾ ڇپيو. رسالي ”فنڪار“ جو ايڊيٽر عنايت الله عباسي هو.
شادي ۽ اولاد:
تنوير عباسيءَ جي پهرين شادي، پنهنجي مائٽن مان ٿي هئي. پهرين گهرواريءَ سان شادي ڏهن مهينن جي عمر ۾ ڪيائين ۽ سندس رخصتي چوڏهن سالن جي عمر ۾ 1948ع ۾ ٿي. پهرين گهرواريءَ مان هڪ نياڻي روبينا ”روبي“ 1958ع ۾ پيدا ٿي. سندس گهر واريءَ جو نالو نور بيبي آهي. ٻي شادي ڊاڪٽر قمر قاضيءَ سان 1964ع ۾ پيار جي شادي ڪيائين. اهڙي طرح سان ڊاڪٽر قمر قاضي، ڊاڪٽر قمر تنوير عباسي بڻجي وئي. ڊاڪٽر قمر تنوير عباسيءَ مان کيس پهرين ڌيءَ پارس 1965ع ۾ ڄائي، ٻي ڌيءَ مارئي 1967ع ۾ ۽ هڪ پٽ سرمد 1969ع ۾ ڄائو.
خاندان
والد: خان صاحب گل حسن عباسي
والد: عائشه گل حسن
ڀائر؛ عبدالنبي، اعجاز النبي ۽ الطاف النبي.
ڀيڻ: نورجهان ۽ ڊاڪٽر نسيم.
اولاد: روبينه (روبي)، پارس، مارئي ۽ سرمد.
علمي، ادبي ۽ ثقافتي ادارن سان وابستگي
ڊاڪٽر تنوير عباسي ادب جي حوالي سان اڳ ۾ جن پوسٽن تي رهيو آهي، تن ۾ پاڪستان رائيٽرس گلڊ جي سنڌي شاخ جو سيڪريٽري 1961ع. ساڳي جماعت جي مرڪزي مجلس عامله جو ميمبر 1969ع کان 1970ع.
سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل 1966ع کان 1969ع
لنڊن جي پوئٽري سوسائٽي جو ميمبر 1975ع.
بورڊ آف انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن سکر جو ميمبر 1986ع کان 1988ع. اعزازي ميمبر ”چائنيز رائيٽرس ايسوسيئيشن“ ”سنڌ صدين کان“ سيمينار جي انتظامي ڪميٽيءَ جو ميمبر 1982ع ۽ 1983ع واري سچل نيشنل سيمينار جو سيڪريٽري ۽ ڪيترن ئي ادبي مقابلن جو جج پڻ رهيو آهي.
ڊاڪٽر تنوير عباسي، جن ادارن سان لاڳاپيل رهيو انهن ۾ هيٺيان ادارا شامل آهن.
1. ميمبر، صلاحڪار بورڊ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 1970ع.
2. ميمبر، بورڊ آف گورنرس، پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد.
3. ميمبر، شاهه عبداللطيف ڪلچرل ڪاميٽي، ڀٽ شاهه.
4. ميمبر پبليڪيشن ڪاميٽي، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
5. سيڪريٽري، سچل سرمست ميموريل ڪاميٽي خيرپور.
6. ميمبر، بورڊ آف اسٽيڊيز، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو.
7. صلاحڪار/ ڊائريڪٽر، سچل چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور.
8. ميمبر، سليڪشن بورڊ، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور.
9. ميمبر، بورڊ آف گورنرس، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي.
10. ميمبر، صلاحڪار بورڊ، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي.
11. ميمبر، بورڊ آف گورنرس، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
12. ميمبر، بورڊ آف اسٽڊيز، سنڌي شعبو. ڪراچي يونيورسٽي.
13. ميمبر، سينڊيڪيٽ، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور.
14. ميمبر، اسڪروٽني ڪاميٽي (ايم فل، پي ايڇ ڊي) سنڌي شعبو، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور.
علمي ۽ ادبي ايوارڊ
ادبي حوالي سان هن وقت تائين جيڪي ايوارڊ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ کي مليا آهن انهن ۾ هيٺيان ايوارڊ اچي وڃن ٿا.
1. بهترين شاعريءَ جو رائيٽرس گلڊ ايوارڊ 1970ع.
2. بهترين شاعريءَ جو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ايوارڊ 1985ع.
3. سچل سرمست ايوارڊ 1986ع.
4. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن گولڊ ميڊل 1989ع.
5. لطيف اڪيڊمي گولڊ ميڊل 1990ع.
6. تمغه امتياز (حڪومت پاڪستان) 1991ع.
7. نارائڻ شيام ايوارڊ 1992ع (انڊيا).
8. بهترين شاعريءَ جو سنڌي ادبي سنگت ايوارڊ 1997ع.
تصنيفون
ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن وقت تائين ويهه ڪتاب لکيا آهن. انهن ڪتابن ۾ سندس شاعري، تنقيد، تحقيق ۽ سفرناما شامل آهن:
ڪتاب هيٺيان آهن:
1. رڳون ٿيون رباب. (شعري مجموعو) 1958ع.
2. شعر (شعري مجموعو) 1970ع.
3. سج تريءَ هيٺان (شعري مجموعو) 1977ع.
4. هيءَ ڌرتي (شعري مجموعو) 1985ع.
5. ٻاراڻا ٻول (شاعري، چونڊ ۽ ترتيب) 1975ع.
6. جديد سنڌي شاعري (چونڊ ۽ تربيت) 1981ع.
7. سنڌ جا عظيم صوفي بزرگ 1981ع.
8. شاهه لطيف جي شاعري، پهريون جلد (تحقيق) 1976ع.
9. شاهه لطيف جي شاعري، جلد ٻيو (تحقيق) 1985ع.
10. شاهه لطيف جي شاعري، ٽئي جلد گڏ (تحقيق) 1989ع.
11. نانڪ يوسف جو ڪلام (تحقيق) 1982ع.
12. خير محمد هيسباڻي جو ڪلام (تحقيق ۽ ترتيب) 1983ع.
13. ڏوري ڏوري ڏيهه (يورپ جو سفرنامو) 1984ع.
14. جي ماريا نه موت (ترجمو) 1973ع کان 1977ع.
15. منهن تنين مشعل (خاڪا) 1990ع.
16. تنوير چئي (شاعري) 1989ع.
17. سچل سرمست (انگريزيءَ ۾ ترتيب) 1989ع.
18. ترورا (چونڊ ادبي مقالا، مضمون ۽ سفرنامو) 1988ع.
19. ساجن سونهن سُرت (شاعري) 1997ع.
20. سرمست 10 واليوم (سچل سرمست جي عرس جي موقعي تي مختلف مقالن جي چونڊ 1980ع کان 1990ع. تائين).
انهن کان سواءِ ڏيڍ سؤ کان وڌيڪ ادبي ۽ ثقافتي مضمون ۽ مقالا وغيره سندس لکيل آهن. اڻ ڇپيل مواد ۾ ”شاهه جو رسالو“ جيڪو 1275هه جو نسخو آهي. ان تي ڪيل سندس تحقيق شامل آهي.
نئين سر سچل سرمست جي رسالي کي ترتيب ڏيڻ. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جا ادبي ڪتاب ايم اي سنڌيءَ جي شاگردن کي، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ پڻ پڙهايا ويندا آهن. تنوير عباسيءَ جي شاعري، انگريزي، اردو، پنجابي، سرائڪي ۽ هندي ۾ ترجمو ڪئي وئي آهي.
ڪيترن ئي ادبي پروگرامن ۽ ڪانفرنسن ۾ صدارتي تقريرون ڪيل آهن، انهن ادبي پروگرامن جون آڊيو ۽ وڊيو ڪيسٽون پڻ موجود آهن، جن کي ٻڌي ۽ ڏسي چڱو لاڀ حاصل ڪري سگهجي ٿو.
سنڌي شاعريءَ جي سکيا تي هڪ ليڪچر جي ڪيسٽ، سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران جاري ڪيل آهي. تنوير عباسيءَ جي شاعري، سنڌ جي سمورن ڀلوڙ راڳين جي آواز ۾ ٽي وي، ريڊيو ۽ عام محفلن ۾ ڳائي وئي آهي ۽ ڳائجي پئي.
ملڪن جو سفر
تنوير عباسيءَ، ڪيترن ئي ملڪن جو سفر ڪري، انهن ملڪن بابت معلومات ڏني آهي. سندس اهڙي مشاهدي جون جهلڪيون شاعريءَ ۽ ٻئي تخليقي مواد ۾ شامل آهن. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جن ملڪن جو سير ڪيو آهي انهن ۾:
1. انگلينڊ 2. فرانس 3. اٽلي 4. هالينڊ 5. جرمني 6. گڏيل عرب امارتون 7. آمريڪا 8. اولهه جرمني 9. هندستان 10. ترڪي شامل آهن.
ٻولين جي ڄاڻ
تنوير عباسيءَ کي پنهنجي ٻولي سنڌيءَ تي عبور حاصل ته آهي ئي، پر ان سان گڏوگڏ کيس ٻين به ٻولين جي ڄاڻ حاصل آهي. انهن ٻولين ۾:
1. سنڌي 2. سرائڪي 3. اردو 4. انگريزي 5. هندي 6. فرينچ 7. فارسي. (پوين ٽن ٻولين يعني فرينچ، فارسي ۽ هنديءَ جي عملي ڄاڻ رکي ٿو).
ڇپيل انٽرويو
1. انٽرويو، اوٻارا عنبير جا، انٽرويو وٺندڙ: گل بانو سلطان: رسالو سوجهرو.
2. هر ڪو ماڻهو موتيءَ داڻو: تنوير عباسيءَ سان ڳالهه ٻولهه: ف م لاشاري مخزن هلال پاڪستان ڪراچي. آگسٽ 1983ع.
3. تنوير عباسي: انٽرويو: مسعود عباسي venus چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو 1982ع.
4. لفظ ڳالهائين ٿا: تنوير عباسيءَ سان ڳالهه ٻولهه: طارق اشرف. آرسي ٽيون، حيدرآباد سنڌ. جولاءِ 1984ع.
5. رڳون ٿيون رباب (سنڌ جي ماضي، حال ۽ مستقبل جي شاعر تنوير عباسي سان ڳالهه ٻولهه) انعام شيخ ۽ اياز گل ”پروڙ“ پرچو ارڙهون، اڻويهون، ويهون: سال ٻيو، آڪٽوبر، نومبر، ڊسمبر 1990ع.
6. اسين ڪٿي بيٺا آهيون؟ نامياري اديب، شاعر ۽ ڏاهي ڊاڪٽر تنوير عباسي سان ڳالهه ٻولهه. انٽرويو: غفار مهر: هلال پاڪستان، 9 مارچ 1991ع.
7. اڄ جو ٻار جديد دنيا جو تخليقڪار آهي. برک سنڌي اديب تنوير عباسي سان ڳالهه ٻولهه. ڳالهه ٻولهه: امام راشدي: روزانه عوامي آواز ڪراچي. 2 آگسٽ 1991ع.
8. لطيف جذبن جي شاعر تنوير عباسي سان ڪچهري: عبرت مئگزين، 1 جنوري 1992ع. انٽرويو: جامي چانڊيو ۽ مرتضيٰ سيال.
9. نامياري دانشور تنوير عباسي جو انٽرويو. انٽرويو: مظفر نظام، الطاف عاصي ۽ عطا حسين لاکو، ماهوار هزار داستان حيدرآباد. فيبروري 1992ع.
10. تنوير جي تنوار: عوامي آواز پاران ڇپيل چئن سوالن جا جواب ڇنڇر 25 جنوري 1992ع.
11. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو انٽرويو: ڪينجهر پينل، ناز سنائي، آسي زميني، الطاف ملڪاڻي، ڪينجهر، 15 جنوري 1994ع.
12. تنوير عباسي جو انٽرويو: پئنل: اياز گل، راشد خاصخيلي، ممتاز بخاري. هفتيوار سنڌو حيدرآباد، 11-17 آگسٽ 1994ع.
13. هاڻ رسڻ ۽ پرچڻ جي عمر ناهي رهي: ڊاڪٽر تنوير عباسي. انٽرويو: زينت ڀٽي، ڪاوش فئملي ميگزين 20 کان 26 نومبر 1994ع
14. اسان آپگهات ڏانهن وڃي رهيا آهيون. انٽرويو: تنوير عباسي. پندرنهن روزه عبرت ميگزين جلد 13 شمارو 8-15 اپريل 1995ع.
15. مون کي ڪڏهن به ڪنهن به ڪرسيءَ جي لالچ ڪونهي رهي: تنوير عباسي انٽرويو: ناصر پنهور ۽ مهر خادم: ماهوار پارس اپريل 1995ع جلد 12 شمارو 12.
16. سونهن سان پيار ۽ پيار جو جذبو رکندڙ سنڌ جي نالي واري شاعر تنوير عباسي سان ڳالهه ٻولهه، ماهوار ڪلاڪار لاڙڪاڻو: پهريون سال پرچو ٽيون، فيبروري 1996ع.
17. هڪ ملاقات ڊاڪٽر تنوير عباسي، ملاقي: موهن گيهاڻي ۽ گوپ ڪمل، رچنا 32.
18. سيلف انٽرويو: شخصيت تنوير عباسي: انچارج: مظفر نظام: سنڌ سرهاڻ سلسليوار نمبر 2.
19. سنڌ ڌرتيءَ جا دانشور: تنوير عباسي.
20. ملاقات: تنوير عباسي (اردو ۾): خالد اقبال ياسر: سه ماهي ادبيات اسلام آباد، مدير مسئول: غلام رباني آگرو، مدير اعليٰ: خالد اقبال ياسر، شماره 15،14،13، جلد 4. اڪيڊمي ادبيات پاڪستان اسلام آباد.
21. ڪا جا وڳي تند: عابده پروين ۽ تنوير عباسيءَ ۾ ڳالهه ٻولهه، پندرنهن روزه عبرت مئگزين حيدرآباد: 1 کان 15 فيبروري 1996ع. ڳالهه ٻولهه خيرپور ريڊيو تي 16 فيبروري 1994ع.
22. اهو ڏينهن ڏسڻ جي آس اٿم، جڏهن هٿيارن جو آخري ڪارخانو به بند ٿي ويندو. (ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو آخري انٽرويو) ڳالهه ٻولهه: نثار کوکر، روزانه ڪاوش حيدرآباد، آچر 28 نومبر 1999ع.

تنوير عباسيءَ جا مهاڳ
1. نيٺ ته ٻالڪ وڏڙو ٿيندو: فتاح ملڪ جي شاعري جي مجموعي جو مهاڳ 21 مئي 1975ع.
2. مهاڳ: سنڌالاجي پاران ڇپيل ٻارن جي شعري مجموعي، 21 مئي 1975ع.
3. اکڙيون مينگهه ملهار. بردي جي شاعريءَ جو مطالعو.
4. اندر ۾ اُهاءُ ٿيو، يوسف شاهين جي شعري مجموعي جو مهاڳ 16 سيپٽمبر 1979ع.
5. مهاڳ: وڻ وڻ تنهنجو واس: نظام زائر جي مجموعي تي لکيل 1982ع
6. مهاڳ: رتن امول: صوفي علي محمد فقير جي شاعري، 16 جون 1982ع
7. تعارف سچل سرمست تي ببليو گرافي، 26 فيبروري 1982ع.
8. تندڪٽارو ڪنڌ، سووينئر لاءِ لکيل. عنايت بلوچ جو، بزم تعمير ادب ڪراچي
9. مهاڳ: موضوعن جي ندرت جو شاعر 4 جولاءِ 1982ع. (تاجل بيوس جي مجموعي ”جڏهن ڀونءِ بڻي“ تي لکيل).
10. مهاڳ: سچل لغات، 27 مئي 1983ع: ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جو ڪتاب(صفحو 83).
11. مهاڳ: ديس ستا دل وارا جاڳيا، 18 سيپٽمبر 1984ع. (رشيد ڀٽي جي ڪهاڻين جي مجموعي تي لکيل)
12. مهاڳ: دريءَ کان ٻاهر، پشپا ولڀ جي شاعري ءَتي لکيل 16 جنوري 1985ع
13. اسان جا شعر هي سادا: عبدالغفور جوڻيجي جي شاعري تي مهاڳ: 26 جنوري 1985ع.
14. خوشبو جو زهر، تي لکيل مهاڳ: تاج بلوچ جو شعري مجموعو 16 فيبروري 1985ع.
15. هن ناول بابت: 22 جولاءِ 1962ع، سندري اتم چنداڻي جو ناول (پريت پراڻي ريت نرالي).
16. سنڌي شاعريءَ جو نسيم کرل، ذوالفقار راشدي.
17. مهاڳ: نظام ڀٽي جي ڪتاب جو، 14 ڊسمبر 1986ع (ائٽم کان ائٽم بم تائين)،
18. مهاڳ: امن آب حيات: سرڪش سنڌي، 8 ڊسمبر 1987ع.
19. ڪوتا جو ڪاڪ ڌڻي: نارائڻ شيام جي شاعري جو اڀياس، 1 مارچ 1987ع
20. تقرير: ادل سومري جي شاعري، ادل سان رهاڻ ۾ پڙهيل، 10 نومبر 1987ع.
21. مهاڳ: هينئڙو لوڻ پروڻ: شوڪت بخاري، منٽو جون لکڻيون ترجمو 28 فيبروري 1989ع.
22. غلام نبي مغل، جي ڪهاڻين جي مجموعي، ”سٺ ستر اسي“ 1989ع.
23. مهاڳ: جنس جي سائنسي ڄاڻ، 17 سيپٽمبر 1991ع، علي مرتضيٰ ڌاريجو.
24. تقرير: سپني کان سهڻي ساڀيا، 1992ع. اياز گل جي شعري مجموعي (تو بن ڪهڙا ڇانورا، جي مهورت واري تقرير.
25. مهاڳ: نوان پَلٽيل سڪا: اياز گُل جي شعري مجموعي
”سوچُون سُرها گل“ جو مهاڳ 1978ع.
26. مهاڳ: ذوالفقار سيال جي شاعري تي لکيل، 30 جنوري 1993ع.
27. بدر قريشي جي شاعري، 30 جنوري 1993ع عوامي آواز.
28. مان صدين تائين ڳائيندس، مختيار ملڪ جي شعري مجموعي جو مهاڳ: 7 جولاءِ 1994ع.
29. سج سڀاڻي جا ڪري: اياز گل جي شاعري جو اڀياس 31 جنوري 1996ع.
30. رشيد لاشاري جي شاعري: 12 ڊسمبر 1996ع.
31. مير محمد پيرزادي جي شعري مجموعي جو مهاڳ، 12 اپريل 1997ع.
32. عثمان علي انصاريءَ وارو، شاهه جو رسالو، 15 نومبر 1997ع.
33. جذبن جي تاريخ نويسي (تاج بلوچ جي شعري مجموعي جو مهاڳ، 17 جنوري 1997ع.
34. قيوم طراز، جي شعري مجموعي جو مهاڳ، 3 اپريل 1998ع.
35. نجمه نور ڦلپوٽو، جي شعري مجموعي جو مهاڳ، 14 ڊسمبر 1998ع.
پويان پنج مهاڳ تنوير جي آخري ذاتي فائيل تان ورتل آهن.
اسلام آباد لڏي وڃڻ جون تياريون ۽ وفات
(نوٽ: هيءَ ٿيسز ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي زندگيءَ ۾ مڪمل ٿي چڪي هئي، جنهن کي خود ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ پاڻ ڏٺو هو ۽ خوشيءَ جو اظهار پڻ ڪيو هو. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي وفات ۽ انتظامي حوالي سان دير ٿيڻ سبب، آءٌ سندس اسلام آباد لڏي وڃڻ ۽ وفات جو ذڪر سيمينار ۾ ڏنل تجويز مطابق شخصيت واري باب ۾ ڏئي رهيو آهيان.) مهر خادم.
ڊاڪٽر تنوير عباسي، خيرپور کي ڇڏڻ جو ارادو ان وقت ڪيو هو، جڏهن سندس اڪيلو پٽ سرمد، آمريڪا مان ڪمپيوٽر ۾  پي. ايڇ. ڊي، ڪري وطن واپس وريو هو ۽ کيس قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي نوڪري ملي هئي. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي اڪيلي پٽ جو اسلام آباد نوڪريءَ سانگي رهڻ، سندس ڀاءُ ارشاد ۽ ڌيءَ اڳ ۾ ئي اسلام آباد ۾ رهند اهئا. ان ڪري ڊاڪٽر تنوير به اسلام آباد ۾ رهڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ڊاڪٽرتنوير جي سنڌ ڇڏڻ واري فيصلي جي ڄاڻ سنڌ واسين کي تڏهن پئي، جڏهن 8 جولاءِ 1999ع تي روزانه عبرت اخبار ۾ ٽن ڪالمن جي خبر سکر جي رپورٽر ياسين جوڻيجي جي، حوالي سان ڇپي، جنهن جي سرخي هئي. ”مهان ڪوي تنوير عباسي پاران سنڌ ڇڏڻ جون تياريون: گهر ۽ اسپتال تي وڪري جا بينر لڳي ويا.“ اخبار جي ساڳئي صفحي تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل، مختيار ملڪ جو بيان به ڇپيو ته ”تنوير جو هتان لڏڻ اسان جي بد قسمتي ۽ بدنصيبي آهي“.
9 جولاءِ تي ڪاوش اخبار ۾ تنوير عباسيءَ جو چئن ڪالمن جو بيان ڇپيو، نثار کوکر رپورٽ ڪيو، بيان جي سرخي هئي ”مايوسيءَ وچان سنڌ نه پيو ڇڏيان، اڪيلائي جو عذاب ڀوڳڻ بعد پٽ سان رهڻ جو فيصلو ڪيو اٿم: 11 سال اڪيلا رهيا آهيون، هاڻي پٽ سان اسلام آباد ۾ گڏجي رهڻ جو پورو حق اٿئون. هن عمر ۾ اڪيلا رهي نٿا سگهون. بيماري ۾ ڪو دوا پيارڻ وارو به هئڻ گهرجي. خيرپور وارن جو پيار نه وساربو. اسلام آباد ۾ تحقيقي ڪم ڪبو ۽ يادگيريون لکبيون.“
ساڳئي صفحي تي ٻه ڪالمي خبر جي سرخي هئي ”تنوير جي فيصلي مان خوش آهيان (اياز گل) فيصلو صحيح آهي (ادل سومرو)“.
10 جولاءِ 1999ع تي روزانه ڪاوش اخبار ۾ ٻه ڪالمي خبر ڇپي ”تنوير جو فيصلو نجي هوندي به پس منظر جي پيداوار آهي: (اديب) تنوير مايوس نه به ٿيو هجي پر محنت کي برباد ٿيندو ڏسي خوش به نه هوندو: مختيار ملڪ. تنوير، اسلام آباد ۾ ويهي تخليق شروع ڪري ته، اهو احساس ٿيڻ نه کپي ته هو ڪٿي ويٺو آهي: وقاصي. خيرپور ڇڏي تنوير اسلام آباد ويو ته، نئين ٽهي سخت متاثر ٿيندي: تاج بلوچ“.
11 جولاءِ 1999ع تي روزانه تعمير سنڌ اخبار ۾ شوڪت نوناري جو مضمون ڇپيو، جنهن جو عنوان هو:
”کجين جي شهر مان،
اچو ته تنوير عباسيءَ کي الوداع چئون“.
۽ پوءِ ائين 8 جولاءِ 1999ع کان، تنوير عباسيءَ جي حوالي سان اديبن، شاعرن ۽ سندس دوستن جا بيان، رايا ۽ مضمون وغيره شروع ٿي ويا، جيڪي سندس زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين جاري رهيا.
تنوير عباسيءَ جي اسلام آباد وڃڻ واري اعلان کان پوءِ حيدرآباد، خيرپور ۽ سکر ۾ ٿيل پروگرامن ۾ تنوير عباسيءَ شرڪت ڪئي. 11 آگسٽ تي حيدرآباد ۾ امر جليل سان شام، خيرپور ۾ محمد علي حداد جي وفات ۽ تعزيتي رفرنس، نسيم کرل جي ورسي ۽ سکر ۾ 7 نومبر تي مهر خادم (منهنجي) شاديءَ جي وليمي ۾ شرڪت ڪيائين. منهنجي شاديءَ جي وليمي ۾ ڪيترائي سنڌ جا ناميارا شاعر ۽ اديب به شريڪ ٿيا، جن ۾ اڪثيريت نوجوانن جي هئي، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي، ڪافي ادب دوستن سان هيءَ آخري گڏجاڻي يا ملاقات هئي، منهنجي وليمي جي دعوت کان ٽي ڏينهن پوءِ ڊاڪٽر تنوير عباسي اسلام آباد روانو ٿي ويو. ڊاڪٽر تنوير پنهنجي لائبريريءَ جا سمورا ڪتاب پنهنجي وڃڻ کان هفتو کن اڳ اسلام آباد موڪلي ڇڏيا هئا.
خميس ڏينهن 25 نومبر 1999ع تي ڪاوش اخبار ۾، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي بيمار هجڻ جي خبر سندس تصوير سان شايع ٿي. اسلام آباد ۾ هڪ ڪالمي خبر جي سرخي هئي ”ڊاڪٽر تنوير عباسي کي طبيعت سخت خراب ٿيڻ سبب اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو“.
اسپتال ۾ داخل ٿيڻ واري ڏينهن ئي سندس دوستن ۽ اديبن ساڻس ملاقات ڪئي. ان اسپتال ۾ دوستن سان آخري ڳالهه ٻولهه هن طرح جي ڪيائين، ”زندگي ڏاڍي خوبصورت آهي، آءٌ مرڻ نٿو چاهيان. آءٌ موت سان وڙهندس ۽ کيس شڪست ڏيندس. آءٌ سڄي ڪائنات جي هر شيءِ سان پيار ڪيان ٿو. مون کي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ڪا شڪايت ناهي، منهنجو ڪوبه دشمن ناهي. سنڌ لاءِ منهنجو هڪ ئي پيغام آهي ته ”جيئي سنڌ“.
تنوير عباسيءَ جو هيءُ آخري پيغام به روزانه ڪاوش 26 نومبر 1999ع تي اسلام آباد کان ڇپيو.
26 نومبر 1999ع جي ڪاوش اخبار ۾، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي وفات جي خبر پڙهي، جيڪا وڄ جيان ڪڙڪي ۽ ڪيتري ئي دير گهر ۾ روئاريندي رهي.
26 نومبر تي ڪجهه اخبارن ۾ هن طرح جون سرخيون لڳيون ”سنڌ جو ناميارو شاعر، تنوير عباسي لاڏاڻو ڪري ويو“. ”روزاني سنڌ حيدرآباد“ ۾ تصوير سان ٻه ڪالمي خبر.
”ڊاڪٽر تنوير عباسي جو لاڏاڻو: ادبي سنگت پاران سوڳ جو اعلان“، ”روزاني شام حيدرآباد“ ۾ ٻه ڪالمي خبر، ”لطيف جو پارکو ۽ ناميارو شاعر، تنوير عباسي لاڏاڻو ڪري ويو. هن پمز اسپتال ۾ دم ڏنو. تازو خيرپور مان اسلام آباد لڏي آيو پر کيس اُتي جي آبهوا راس نه آئي“. ”روزانه ڪوشش حيدرآباد“ ۾ تصوير سان ٻه ڪالمي خبر.
ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي وفات جي خبرپوري سنڌ ۾ سوڳ وارو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو. خيرپور، سکر، پنو عاقل، رتو ديرو ۽ ٻين شهرن ۾ غائبانه جنازي نمازون پڙهيون ويون.
(فيسبڪ پيج “ميوزڪ آف سنڌ تان ورتل)
ڊاڪٽر تنوير عباسي جي شاعري
تنهنجي محفل ۾ اچڻ ٿو چاهيان
تنهنجو ديدار ڪرڻ ٿو چاهيان
تو سان مان عشق جو اظهار ڪري
تنهنجي حيراني ڏسڻ ٿو چاهيان
پاند خالي ڪري آيس ان لئه
تو کان ڪجهه آءُ گهرڻ ٿو چاهيان
مون کي ڏيو باهه ته مان پاڻ جلان
ڏيئو آهيان مان ٻرڻ ٿو چاهيان
ڪو پٿاري نه پٿاري دامن
مان ته لڙڪ آهيان ڪِرڻ ٿو چاهيان
***********
سنڌڙي منهنجا سارا ڳوڙها تنهنجا آهن،
منهنجي جرئت منهنجي همت تولاءِ آهي.
منهنجي قوت منهنجي طاقت تو لاءِ آهي،
ٻانهن ۾ جيڪو آ ٻَلُ سو تو لاءِ آهي.
*******
هي ظلمتون ۽ هي اونڌاهين جا واچوڙا،
سدائين ڪين ڏيئن جون دليون ڏڪائيندا.
هي ذرا نور جا يعني هي چمڪندڙ تارا،
ملي جي هڪ ٿيا ته سج ڪو نئون اڀاريندا.
*******
داغهائي دلِ ويران کي ڏسي رهنداسين
ٿيندي گلزار بيابان کي ڏسي رهنداسين
دوست اچ اڄ ته وٺون سمجھي مزاجِ عالم
يار جي زلفِ پريشان کي ڏسي رهنداسين.
رهڻ ڏي دستِ جنون، تار هڪڙي دامن ۾
بيادگارِ جنون ڪجھ ته پير هن ۾ هجي.
دل جي خلش هڪ مبهم مبهم ٿي ويندي اڄ زيست جو حاصل
ديدؤ پونم مهر خموشي چئي ڏيندا احوالِ مفصل.
******
جي مطمئن نه ٿياسين قرار ڪجھه ته مليو
اٿاھ سمنڊ مان هڪ قطرو يار ڪجھه ته مليو
اسان ته بوند گھري ٿَي اسان کي باھ ملي
فلڪ ڏٺو جي هي برق و شرار ڪجهھ ته مليو
اوهان کان ڪجھ به ملڻ جي اميد ڪونه هئي
لٿو جي ٿورو گھڻو دل جو بار ڪجهھ ته مليو
مليو نه صبح جي تنوير ڄاڻ جو ٿو ملي
ويو ٿي گھٽجي فضا تان غبار ڪجھه ته مليو.
******
هاڻي آءٌ نه سُوليءَ چڙهندس
هاڻي تنهنجو وارو آهي
مون هر دؤر ۾ رت هاريو آ
مون هر دؤر ۾ ساھ ڏنو آ
منهنجو ساھ گھٽيو ويو آ
۽ هر وير ڪٽيو ويو آ
مون ئي پٿر کاڌا آهن
۽ زنجير به پاتا آهن
مان ئي صليب تي لڙڪيو آهيان
سِسي ڪپائي ڦٿڪيو آهيان
مُرڪي مون سڀ سور سَٺا ٿي
چُپ چُپ سڀ الزام ٻُڌا ٿي
صدين کان خاموش رهيس مان
۽ ايڏو بيهوش رهيس مان
ماڻهن جو ويساھ کڄي ويو
ماڻهن جو ايمان ڊهي پيو
ماڻهن سمجھيو سچ ڪانئر آ
ماڻهن سمجھيو سچ بي طاقت آ
جنهن ۾ ناهي ڪائي همت
هاڻي آءٌ نه سوليءَ چڙهندس
هاڻي تنهنجو وارو آهي.
******
آءَ ته کلندي ملندي گهاريون گهڙيون چار هليا وينداسين،
ورهه ورهائڻ  آيا  آهيون ونڊي پيار هليا وينداسين،
اڻ ڄاتي ڪنهن پار جا ڪنهن اڻ ڄاتي پار هليا وينداسين،
جي نه وڃڻ چاهينداسين ته به منهنجا يار هليا وينداسين.
******
اي اسان جي چمڪندڙ ماضيءَ جي پيرن جا نشان
تنهنجي ويرانيءَ ۾، چئو ايڏي ڪشش آئِي ڪٿان؟
تنهنجي برباديءَ تان صدقي، تنهنجي مٽجڻ تان نثار
تنهنجي بربادي ئِي ٿِي وئِي آهه تنهنجو يادگار
تنهنجون هي ويران ۽ ساڪت گهٽيون، هي رَکَ جا ڍير
دور ديسن کان ڏسڻ لئه ٿا اچن ڏس ڪير ڪير
بي ڪفن مُردي جي مٽيءَ ۾ ڍڪيل هيءَ کوپري
جنهن ڏنِي آ سنڌ جي تهذيب کي هڪ زندگِي
تو ڏٺا آهن زماني جا گهڻائي ئي انقلاب
تنهنجي سيِني ۾ لڪل تاريخ جا آهن ڪي باب
تون زماني ڏي زماني کان نهاريندو رهئين
سنڌ کي ماضيءَ جي عظمت ڏي پڪاريندو رهئين
۽ سدائين سنڌ تنهنجي سڏ ۾ سڏ ڏيندي رهِي
پنهنجي ماضيءَ جي بلنديءَ ڏي وري ايندي رهِي
قافلا تهذيب جا منزل طرف وڌندا رهيا
سنڌ جي گلشن ۾ ڪيئي گل نوان کلندا رهيا
۽ وري ‘مهراڻ’ جي مَي ساڻ پُر پيالا ٿيا
هن اڃايل سر زمين جا چپ وري آلا ٿيا
اوچتو ئي اوچتو توکي هِي ڪهڙو پُور پيو
جو کڻِي ويران نظرون سنڌ ڏي تو هيئن ڏٺو
تنهنجي اکين جي انهن ويرانين جو هو اثر
جو ويا برباد ٿي پل ۾ سوين آباد گهر
ٿي اکئين سڀ ڪنهن ڏٺو منزل هئِي پنهنجِي قريب
اوچتو ئي اوچتو ڪي راهزن ٿي ويا نصيب
وقت جا طوفان اُڪري پنهنجو ٻيِڙو پار ٿيو
پر ڪناري تي اچِي ٽڪرائجِي پُرزا ٿيو
ڳوٺ خالِي ٿِي ويا ۽ شهر ويران ٿِي ويا
خواب هئا جيڪي ترقيءَ جا، پريشان ٿِي ويا
ڪلهه ڪچهرين جو لڳل رهندو هئو جت چهچٽو
موت جي خاموشين آهي اتي واسو ڪيو
وقت جي ڦيري، هنن باغن کي ڦيري بر ڪيو
ڪالهه هئا جت هنج، اڄ ڪانوَن اتي آ گهر ڪيو
هي ڊٺل جايون، ڦٽل رستا ڏسي تون شاد ٿي
هي به شايد تو جيان ويندا ڪڏهن برباد ٿي
تنهنجِي ويراني ۽ برباديءَ کي وسعت ٿِي ملي
سنڌ ساري ڄاڻ جو ٿِي تنهنجي ڀاڪر ۾ اچي
جيئن ٻڌون ٿا هاڻ تُنهنجي لئه، ته ‘ تون ڀي ڪجهه هئين’
وقت ايندو، سنڌ لئه شايد چيو ويندو ائين
هان، مگر ڏسجي ٿو بس اميد جو هڪ ترورو
جو هنن اونداهين کي نور ۾ بدلائيندو
جي ذرو احساس ڀي پيدا اسان جي دل ۾ ٿئي
فرق پو ڪوئِي نه پنهنجي راهه ۽ منزل ۾ ٿئي
قوم جي دل ۾ اگر ” تنوير“ قوميت اچي
سنڌ، موهن جي دڙي بنجڻ کان پو شايد بچي  !
*****
 تنوير
عباسي تنوير
عباسي