Thursday 10 May 2018

احسان دانش ؛ نئين غزل جو شاعر



رياضت ٻرڙو

احسان دانش مشهور ۽ معروف ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ محقق آهي. سندس پورو نالو احسان الحق پٺاڻ آهي. هو ۱۵ فيبروري ۱۹۷۴ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿيو. هو نالي وارو اديب ڊاڪٽر بشير احمد ’شاد‘ جو پهريٺو پُٽ آهي. هن ابتدائي ۽ ثانوي تعليم لاڙڪاڻي مان، بِي.ايس سِي ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان، ايم. اَي (پرائيويٽ) اردو ۾ (۱۹۹۵ع) آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۽ ٻيهر ايم.اَي (پرائيويٽ) سنڌي ادب ۾ (۱۹۹۷ع) ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاس ڪئي. هينئر ۲۰۱۲ع ۾ ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“ موضوع تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پِي ايڇ.ڊِي. ڪري رهيو آهي. هُن روينيو کاتي لاڙڪاڻي ۾، اردو جي ليڪچرار طور پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڙهايو آهي ۽ ۲۰۰۲ع کان وٺي سنڌي جي ليڪچرار طور گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ مقرر آهي. هو ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ڪمپيئر پڻ آهي ۽ هفتيوار ادبي پروگرام ”تخليق“ جو ميزبان آهي.

احسان دانش ۱۹۸۸ع کان وٺي مسلسل، گهر ۾ مليل ادبي ماحول سبب نثر ۽ نظم ۾ لکي رهيو آهي. سندس رهنمائي ڊاڪٽر بشير احمد ’شاد‘ ڪئي آهي. سندس لکيل انيڪ ڪهاڻيون، ڪالم، مضمون ۽ مقالا ڇپجي چڪا آهن ۽ شاعري پڻ ڇپجندي رهي آهي. سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ”بي سُڪون خواب جو سچ“ (۲۰۰۵ع)، تحقيقي مقالن جو سهيڙيل ڪتاب ”لاڙڪاڻو: تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو“ (۲۰۰۵ع)، شخصيتن بابت مقالن جي سهيڙ ”ويل نه وسريام“ (۲۰۰۷ع)، شاعريءَ جو ڪتاب ”لفظن جي خوشبو“ (۲۰۰۹ع) ۽ موهين جي دڙي بابت تحقيقي مقالن جو ايڊٽ ڪيل ڪتاب ”سنڌو سڀيتا جو عظيم ورثو: موهن جو دڙو“ ڇپجي چڪا آهن.
هُو سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻو، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو ۽ انڊس لٽرري فورم لاڙڪاڻو سان لاڳاپيل آهي. هُو ”ادبِ پاڪ“ (اردو) انٽرنيشنل ۽ ماهنامي ”بي لاگ“ ڪراچي (اردو) جو بيورو چيف ۽ نيوزليٽر ”شعور“ لاڙڪاڻي جو ميمبر ايڊيٽوريل بورڊ رهيو آهي. کيس عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ پاران ٻه ڀيرا بهترين مقالي نگار طور ”ڊاڪٽر تنوير عباسي ايوارڊ“، سچل ادبي مرڪز پاران”شاهه لطيف ايوارڊ“ ۽ ٻيا تعريفي سرٽيفيڪيٽ ملي چڪا آهن. سندس رهائش سميع آباد محلي لاڙڪاڻي ۾ آهي.


ماهوار سنڌ رويو“ جي ”احسان دانش نمبر“ آڪٽوبر 2010 مان چونڊيل ڪجھ مواد.)

احسان دانش جي شاعريءَ جي مختلف صنفن تي سنڌي ٻوليءَ جي ناليوارن شاعرن جا رايا
نئين غزل جو شاعر
احسان دانش جي غزل تي راءِ   ـــ  اياز گل

احسان دانش جي رسالن ۾ ڇپجندڙ شاعري، مان گھڻي وقت کان ڌيان ڏئي پڙهندو رهيو آهيان ۽ سدائين محسوس ڪيو اٿم، ته هن پنهنجي آس پاس جي ماحول کان سدائين هڪ وک اڳتي ئي وڌائي آهي.
تازو سندس موڪيل غزلَ پڙهي به مون اها ئي خوشي محسوس ڪئي آهي، جيڪا موجوده دور جي سٺن نوجوان شاعرن جي شاعري پڙهي محسوس ڪندو رهيو آهيان. احسان دانش نئين غزل جي مزاج کي سڃاڻي به ٿو ۽ سمجھي به ٿو، تڏهن ئي هن نئين سنڌي غزل جي گھرجن مطابق، غزل رچڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. رديف جي سهڻي استعمال سان ڊگھي ۽ ننڍي ٻنهي بحرن ۾ ڪاميابيءَ سان غزل لکڻ، احسان دانش جي تخليقي سگھ کي ظاهر ڪري ٿو.
منهنجي ذاتي راءِ ۾ هي دور، غزل جي شاعريءَ جو دور آهي. نوجوان شاعرن جو وڏو انگ، غزل جي شاعري ڪري ٿو ۽ خوب ڪري ٿو، تنهن ڪري موجوده دور جي نوجوان غزل گو شاعرن لاءِ اهو پڻ وڏو مسئلو ٿي پيو آهي ته، هو پنهنجي ڌار سڃاڻپ پيدا ڪري سگھن. لازمي آهي ته، ان لاءِ آرٽ ۽ ڪرافٽ ٻنهي تي دسترس حاصل ڪرڻي پوندي. احسان دانش  يقينا ان محنت ۽ وقت طلب مرحلي مان گذري رهيو آهي. ان سفر ۾ سندس وڌايل وکون ستت سڦلتا جي ماڳ تي پهچڻ جو ڏسُ ڏين ٿيون.

منظرن کي ڪهاڻي بڻائيندڙ هائيڪو
احسان دانش جي هائيڪو ۽ ٽيڙو تي راءِ  ـــ  تاج جويو

احسان دانش نئين ٽهيءَ جي نمائنده شاعرن مان آهي. هن پنهنجي شاعريءَ جو سفر سندس ئي ٽهيءَ جي ٻن خوبصورت شاعرن سعيد ميمڻ ۽ جواد جعفريءَ سان گڏ شروع ڪيو. ٽنهي جو پنهنجو پنهنجو رنگ آهي، هڪ ٻي کان مختلف ۽ ساڳي وقت منفرد. احسان دانش هر صنف تي قابليت ۽ پختگيءَ سان لکي پنهنجي هم عصرن ۾ پنهنجي جاءَ جوڙي ورتي آهي. هن ٻين صنفن سان گڏ هائيڪو ۽ ٽيڙو جي صنف تي به لکيو آهي.
عام طور هائيڪي ۽ ٽيڙو کي لکڻ آسان سمجھيو ويندو آهي ۽ هر نئون شاعر ان تي طبع آزمائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر هائيڪو ۽ ٽيڙو لکڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالھ نه آهي. هائيڪو اصل ۾ جاپاني شاعريءَ جي هڪ خوبصورت صنف آهي، جيڪا ظاهري طرح ته ٽن سٽن تي مشتمل ۽ لکڻ ۾ آسان لڳي ٿي پر منهنجي نظر ۾ جنهن شاعر کي هن صنف جو اصل پس منظر معلوم آهي ان لاءِ لکڻ ايترو آسان نه آهي، ڇو ته هائيڪو هڪ پل جو عڪس ۽ هڪ لمحي جو احساس آهي. هائيڪي / ٽيڙو جي ٽن سٽن ۾ زمان ۽ مڪان، حد ۽ لاحد جا سنڌا ۽ سيڙها ميٽڻ معولي ڳالھ ڪونهي. سادا احساس، سادن لفظن ۾ سادي انداز ۽ سادي هيئت ۾ لکڻ هن صنف جو ڪمال آهي. خاص ڪري اختصار ۽ اشاريت هن صنف جو حسن آهي. هڪ پل جي ڪهاڻي، هڪ لمحي جو درد، هڪ کن جو احساس ۽ جذبي کي لفظن جي لباس ۾ سمائڻ ئي ڪامياب هائيڪي ـــ ٽيڙو جي تخليقي جوهر کي ظاهر ڪري ٿو. احسان دانش جي هائيڪن جو اڀياس ان سموري پس منظر کي اکين آڏو آڻي بيهاري ٿو. هن وٽ فطرت نگاري، حقيقت نگاري، منظر نگاري ، عڪس نگاري ۽ جذبات نگاري هڪ ئي وقت نظر اچي ٿي ۽ معلوم ٿئي ٿو ته هن نه رڳو جاپاني هائيڪي جو حسن پسيو آهي پر کيس سنڌي ٽيڙوءَ جي اصل روح جي شناسائي پڻ آهي. هن جا هائيڪو ــ ٽيڙو سنڌي ادب جا حسين هائيڪو ۽ ٽيڙو آهن. هو هڪ ئي وقت ڪهاڻيءَ ۾ منظرن کي سمائي ٿو ۽ منظرن کي ڪهاڻي بڻائي ٿو.
احسان دانش جا هائيڪو زمان استمراري جي تاڃي پيٽي ۾ جڙيل آهن ۽ وٽس موسمن جو حسن پڻ موجود آهي، ۽ اهو سڄو پس منظر سندس هائيڪن ۽ ٽيڙن ۾ تخليقي سونهن کي ظاهر ڪري ٿو.

رستو سونهن نگر جو
احسان دانش جي بيت تي راءِ  ـــ  سعيد ميمڻ

بيت جي صنف کي شاھ لطيف ڪمال جي بلندين تائين پهچايو. سندس هم عصرن مان توڙي ان کان پوءِ ڪوبه شاعر لطيف جهڙا بيت نه لکي سگھيو. صدين جي سانت کان پوءِ سنڌ ۾ اياز جو آفاقي آواز بلند ٿيو جيڪو هڪ جينيس شاعر هو ۽ هن سنڌي شاعريءَ جي ڪايا پلٽي ڇڏي. اياز بيت جو گھاڙيٽو لطيف وارو ئي رکيو پر ان کي نون خيالن ۽ نون موضوعن سان روشناس ڪرايو. پوءِ ته ٻيا شاعر به بيت لکڻ لڳا. اياز کان علاوه ڪهڙن شاعرن جا بيت سگھارا آهن، اهو فيصلو نقادن حوالي ڪندي پاڻ ذڪر ڪريون ٿا احسان دانش جو، جنهن جي ”جديد بيت“ ۾ انوکا رنگ، نوان عڪس ۽ نفيس شاعراڻو ادراڪ ملي ٿو، جيڪو سليس ٻولي ۽ نرم لهجي ۾ بيان ٿيل هڪ اهڙو دلڪش اظهار آهي جيڪو پڙهڻ کان پوءِ ڏاڍو پنهنجو پنهنجو ۽ سندر لڳي ٿو.
احسان جي بيتن ۾ جتي دلڪش رومانوي عڪس پسجن ٿا اتي موجوده دور جو ڪرب به ڪروٽون کائيندو محسوس ٿئي ٿو. ان ڳالھ جي شاهدي 2005 ۾ بالا ڪوٽ ڪشمير ۾ آيل زلزلي ۽ مئي 99ع ۾ بدين ۽ ٺٽي ضلعي ۾ آيل سامونڊي طوفان جي پس منظر ۾ لکيل سندس بيت ڏين ٿا. جن ۾ انساني الميي جو ڏاڍو دل جھوريندڙ اظهار آهي جن مٿان هي قدرتي آفت ڪڙڪي. ٻي پاسي احسان پنهنجي بيتن ۾ سچل وارو سچ چئي تصوف جي منصوري رايتن کي به زنده ڪيو آهي.
احسان دانش سڀني صنفن سان فني تقاضائن جو پورائو ڪندي، زيبائتو نڀاءُ ڪندڙ شاعر آهي. سندس شاعري ڄڻ ”رستو سونهن نگر جو“ آهي. جنهن سان ويندي اکيون هر پاسي ڏاڍا سهڻا نظارا ڏسن ٿيون. مونکي اميد آهي ته هو ڏات جي ”سونهن نگر“ ۾ اهڙو سندر ”وکر وهائي“ ويندو جيڪو پئي پراڻو نه ٿيندو.

سينڍ جي سُر تي نچندڙ احساس
احسان دانش جي وائيءَ تي راءِ  ـــ  عادل عباسي


احسان دانش جون وائيون ان گھاٽي ڪڪر جيان آهن، جيڪو اونهاري جي جھولن دوران گرميءَ جي حدت ۾ ڪي پل آسيس ڏي ٿو. پر اها به حقيقت آهي ته وائين جي ڪن رس دوران اندر جي تاس گھٽجڻ بدران ويتر وڌي ٿي ۽ اسان اڃا به گھڻو ڪجھ پيئڻ جي آس رکون ٿا. ها ايترو به ضرور آهي ته سندس وائيون احساسن کي Rehydrate ڪن ٿيون.
جيڪڏهن شاعر جي ذهن ۾ آس ۽ اميد جي ڪا هلڪي چڻنگ به دکي رهي آهي ته پوءِ اها ڪنهن وقت به دونهاٽجي ويل ساڀيائن کي ڀڙڪائي سگھي ٿي. احسان دانش جي وائين ۾ به اهڙيون انيڪ چڻنگون ڀڙڪي باھ ٿيڻ لاءِ آتيون آهن.
سچ جي واٽ تي
ٿي وڃان مان امر
راھ آهي ڏکي
جيڪڏهن اسان پنهنجي ڪنن مان ڪپھ ڪڍي، احسان جي وائين کي ٿورڙي به ٻڌڻ جي زحمت ڪندا سين ته سندس وائيون ڪلهن تي ٻنهي ٻانهن سان لٺ پڪڙي هلندڙ ڌنار جي سينڍ سمان لڳنديون، جن مان احساس جا ڪيترا ئي سُر فضا ۾ اڏامندا، اسان جي ڪنن ۾ نچڻ لڳندا :
اجرا موتي موھ جا
جلدي جھوليون ڀر
او مٽيءَ جا آدمي

کلندي کلندي اوچتو
اکڙيون ٿيندئي تر
او مٽيءَ جا آدمي


چئن سٽن وارو ننڍڙو نظم
احسان دانش جي چوسٽن تي راءِ ـــ مقصود گل

چوسٽو چئن سٽن تي مشتمل هڪ اهڙو مختصر نظم آهي، جيڪو پنهنجي ننڍڙي وجود ۾ وسيع معنى سمائي ڪنهن مسئلي يا موضوع جي مڪمل ترجماني ڪري ٿو. چوسٽي يا چار سٽي جو پراڻو نالو ’قطعو‘ آهي ۽ ڪنهن به غزل يا نظم جي ٽڪري کي قطعو چيو ويندو هو، پر هاڻي جديد دور جي تقاضائن موجب چوسٽو پنهنجي جدا حيثيت مڃائي هڪ علحده صنف جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي. سنڌي ٻولي ۾ بهترين چوسٽا لکيا ويا آهن.
نوجون شاعر احسان دانش چوسٽي تي ڀرپور نموني قلم آزمائي ڪئي آهي، ڪتاب جي ايندڙ صفحن تي اوهان کي سندس خوبصورت چوسٽا پڙهڻ لاءِ ملندا.
چئن سٽن جو ننڍڙو عشقيه ۽ رنگ برنگي نظم لکڻ ته سولو ڪم آهي پر چئن سٽن ۾ وڏو مقصد سمائي ڪو قومي مسئلو بيان ڪري واقعاتي ۽ انقلابي نظم لکي چوسٽو ٺاهڻ ڏکيو نه سهي پر محنت طلب ڪم ضرور آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙي چوسٽي لکڻ ۾ قومي درد سان گڏ گھري سوچ ۽ دانشمنديءَ جو وڏو عمل دخل آهي. احسان دانش جي چوسٽن ۾ اها دانشمني ۽ مقصديت نظر اچي ٿي. احسان هي جيڪي چئن سٽن وارا ننڍڙا نظم لکيا آهن سي خوب آهن. مونکي اميد آهي ته اسان جو هي سدا بهار مرڪڻو، ملڻو کلڻو ۽ من ڇهڻو شاعر پنهنجي فني، فڪري ۽ شعري سفر کي جاري رکي سنڌ جيجان جي ادبي سونهن ۽ سڀيتا کي ائين ئي سدائين سندرتائون ۽ واسنائون ارپيندو رهندو.
نئين ۽ اڻ ڇهيل دنيا
احسان دانش جي نظمن تي راءِ ـــ حبيب ساجد

احسان دانش جا نظم پڙهي ڪنهن سيبتي شاعر جو نظم ياد پيو اچي :
”منهنجي پيار ۾ ايڏي شدت
۽ ايڏي طاقت آهي
جو ڪنهن ڪنواري ڇوڪريءَ کي به چمان
ته ڳرڀ وتي ٿي وڃي.....“
۽ هي نظم سچ ته احسان دانش لکيا نه آهن پر دريافت ڪيا آهن. ڇو ته آڪسيجن جيان هڪ نظم به دريافت ٿيندو آهي. ڀت ۾ لڪل ڪو خيال اوچتو آڏو اچي ويندو آهي ۽ ”ها“ ڪري ڇرڪ ڪڍي دريافت ٿي پوندو آهي. ائين ئي احسان دانش جي نظم جي هي بهار ڪوتا ڪتاب جي ايندڙ صفحن تي پوري جوڀن سان پڙهڻ ۽ دريافت ٿيڻ لاءِ موجود آهي. منهنجي راءِ وارو پنو Avoid  ڪري اڳتي هلو ۽ هڪ نئين ۽ اڻ ڇهيل دنيا جي سونهن جو شڪار ٿيندي بي وسيءَ وچان پاڻ کي، پاڻ ئي ڏسو ۽ حيران ٿيو.
هڪ پرخلوص شاعر جا پُر خلوص نظم منهنجي ڪنهن به Interpretation جا محتاج نه آهن، هنن نظمن جو حسن ۽ جواني انهن جي سادگي ۽ بيساختگي آهي. احسان جا هي نظم نه رڳو ڪنهن ساڃاهوند پر اسٽوپا جي پاڙ ۾ ٻڪريون چاريندڙ  ٻڪرار کي به اگر  ٻڌائيندوء ته پنهنجي انداز سان اهو بهResponse ڏيندو. منهنجي خيال ۾ ان کان وڌيڪ ڪنهن شاعر کي ٻيو ڪجھ به نه کپي. احسان دانش جن لاءِ لکي ٿو اهي هن جي ڳالھ سمجھن ٿا، سنڌي ادب ۾ اها سهولت سڀن کي حاصل نه آهي.

تخليقي انڊلٺ جو شاعراڻو روپ
احسان دانش جي ست رنگين تي راءِ  ـــ  ياسر قاضي

شاعر لاءِ روايت پسند لاڙا به اوترا ئي ضروري آهن، جيترا جديد اظهار جا رنگَ.... جدت سان ڀرپور شاعراڻين ڪاريگرين جا اظهار.... ۽ هلندڙ دور جي مسئلن جو بيان! اهو ئي سبب آهي جو اڄ جو شاعر روايتي صنفن تي به اوتري ئي شوق ۽ مهارت سان پنهنجي قلم آزمائي ڪري ٿو، جيترو ڀرپور انداز سندس قلم، جديد صنفن کي اظهارڻ ۾ اوتي ٿو.
احسان دانش جو شمار سندس ٽهيءَ جي نمائنده شاعرن ۾ ٿئي ٿو، هن نه فقط جديد ۽ روايتي صنفن ۾ پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ جي سهائيءَ سان، ادب جي افق تي رنگ برنگي تارن جهڙا ٻول وکيري، پنهنجو ڌار مقام جوڙيو آهي، بلڪه ”ست رنگي“ نالي نئين صنف سنڌي ادب ۾ متعارف ڪرائي هڪ ”نواڻ پيدا ڪندڙ شاعر“ هجڻ جو اعزاز به ماڻيو آهي. مونکي اها پڪ آهي ته هن اها صنف اهو اعزاز ماڻڻ جي شوق ۾ هرگز ڪانهي متعارف ڪرائي، پر جيئن هر شاعر تي هر هڪ سٽَ پنهنجي اظهار جو ٺهيل ٺڪيل ويس اوڍي لهندي آهي، تئين ئي دانش جي فڪر جي اڱڻ تي هيءَ صنف پنهنجي جداگانه انداز سان ڪنهن سرمئي شام ۾ چوري چوري دٻيل قدمن سان پنهنجا پر پکيڙي اچي لٿي هوندي، جنهن جو ادراڪ خود شاعر کي به پني جي سيني تي ستن ئي سٽن جي مڪمل طور درج ٿي وڃڻ کان پوءِ ٿيو هوندو. ڇاڪاڻ ته احسان دانش جون ست رنگيون پڙهندي، ڪٿي به شعوري ڪوشش جو رنگ ۽ انگ نظر نه ٿو اچي ۽ هن صنف جي بيساختگي، ان جو پاڻ مرادو ارتقا جو بيان ڏئي ٿي.
احسان دانش جي تخليق ڪيل هن سهڻي صنف ۾ ستن سٽن ۾ ساڳي قافيي جي پابندي هوندي، هر سٽ ۾ موضوع جي لحاظ کان الڳ الڳ اظهار فقط ڏکيو ئي نه بلڪه شاعريءَ جي ”مڪتبه عشق“ (جنهن کي ٻين لفظن ۾ ’مڪتبه سخن‘ چئجي) جي گوسڙو شاگردن لاءِ هڪ سخت سزا وانگر به آهي، جنهن کان يقينا کوڙ سارا شاگرد لنوائڻ ۽ ڀڄڻ جي ڪوشش به ڪندا ۽ کوڙ شاگرد شايد احسان جي آندل نواڻ کي قبول به نه ڪن. پر احسان دانش کي آءٌ مبارڪون ڏيندي اهو واضح طور چوڻ چاهيندس ته کيس يا سندس تخليق ڪيل هن سهڻي صنف ”ست رنگي“ کي ڪنهن به روايتي نقاد پاران قبوليت واري سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي، ڇاڪاڻ ته ”ست رنگي“  جي انفراديت ۽ اسلوب جو حسن خود سندس سرٽيفڪيٽ آهي. مونکي پڪ آهي ته سنڌي ادب جو هر غير جانبدار نقاد هن صنف جو دل سان آڌر ڀاءُ ڪندو.


--------------------------------------------------------------------------------------------------------------
زيب سنڌي

احسان دانش سان منهنجو مسٽيريس تعلق

هو ڪهاڻيڪار آهي، شاعر به آهي ته محقق، نقاد، ڪالم نگار، مترجم، مرتب، مختلف رسالن جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر، ريڊيو ڪمپيئر ۽ ڪاليج ۾ ساڳيو مون وارو سنڌي سبجيڪٽ پڙهائيندڙ استاد به ــــــــــ احسان دانش جو اهڙو پروفائيل ڏسڻ کان پوءِ، ذري گھٽ مان ڀلجي ٿو پوان. سوچيان پيو ته اهو منهنجو پروفائيل آهي يا احسان دانش جو! پر جڏهن لفظ ”نقاد“ تي سوچيان ٿو ته مونکي پڪ ٿئي ٿي، ته اهو منهنجو نه پر احسان دانش جو پروفائيل آهي. ڇو ته مون اهو ئي هڪڙو ڪم ناهي ڪيو. (گھٽ ۾ گھٽ لکت ۾ ـــ يا آن رڪارڊ.) انهيءَ جي بجاءِ وري مان ڊرامي جي ”ڊرامائي دنيا“ سان وابسته رهيو آهيان، جنهن ۾ شايد احسان اڄ تائين پير ناهي پاتو ــــــــ باقي سڀ ڌنڌا اسان ٻنهي جا هڪ جهڙا آهن. فرق فقط اهو آهي، ته ننڍپڻ ۾ مونکي ڪورس جي ڪتابن بجاءِ ادبي ڪتاب پڙهڻ تي گھر ۾ امان جا دڙڪا ملندا هئا، احسان کي اهڙي عمل تي پنهنجي امڙ جا دڙڪا مليا يا نه، اها تـ مونکي خبر ناهي، پر سندس والد کيس دڙڪا ڏيڻ بجاءِ ضرور همٿايو هوندو.
احسان ۾ مونکي پنهنجو عڪس ان ڪري به نظر اچي ٿو، جو پيءُ ۽ استاد، ٻنهي جو درجو هڪ جهڙو هجي ٿو. ڊاڪٽر بشير احمد شاد هن جو والد محترم آهي، تـ منهنجو مهربان استاد. جيئن منهنجي استاد، مونکي لکڻ لاءِ همٿايو هو، تئين مونکي پڪ آهي ته هن پنهنجي پٽ احسان کي ۽ ٻن ٻين پٽن رضوان گل ۽ آغا عمران کي به همٿايو هوندو، جنهن جي نتيجي ۾ ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي گھر ۾ ليکڪن جي اها ٽمورتي موجود آهي.
احسان ۾ مونکي پنهنجي جھلڪ ان لاءِ به محسوس ٿئي ٿي، جو سندس والد / منهنجو استاد ڊاڪٽر بشير احمد شاد، منهنجو وڏو ڀيڻيويو عبدالخالق ۽ عبدالخالق جو وڏو ڀاءُ ايس. ايم يوسف جڏهن ڪاليجي شاگرد هئا، تڏهن مان هڪ ننڍڙي ٻار جيان سندن آڱر جھلي، ساڻن گڏ هلندو هوس ۽ انهيءَ ننڍڙي وهيءَ ۾ ئي هنن جا علمي ۽ ادبي بحث، نه سمجھندي به ٻڌندو رهندو هوس. پهريون ڀيرو مون عبالخالق ۽ ايس. ايم يوسف صاحب جي گھر مان ئي ادبي ڪتاب کڻي پڙهيا هئا ۽ سچ تـ ڄڻ انهي ٻالڪپڻ واري زماني کان ئي منهنجي ادبي تربيت ٿي هئي.
احسان سان منهنجو ٿورڙو مسٽيريس تعلق اهو به آهي تـ جنهن سال مون ادب ۾ باقاعدي پير پاتو هو، انهي ساڳي سال (1974) ۾ سندس جنم به ٿيو هو!
چوندا آهن ته انسان پنهنجي جنم کان سکندو رهي ٿو... پر مان هتي ٿورڙي مسٽيريس ڳالھ جو وڌاءُ ڪرڻ ٿو چاهيان، ته جيڪڏهن اڳتي هلي ڪنهن نئين ڄاول ٻار کي ليکڪ ٿيڻو آهي، ته اهو ٻار جنم ڏينهن کان ئي ڄڻ لکندو رهي ٿو... ڇو ته منهنجي نظر ۾ لکڻ هڪ بيچيني جو نتيجو آهي ۽ مان سمجھان ٿو ته اهڙو ٻار پنهنجي جنم ڏينهن کان ئي، پنهنجي اندر ۾ بيچيني محسوس ڪندو هوندو. مونکي ته پنهنجي ٻالڪپڻ واري پهرين ياد کان وٺي اڄ تائين اهو ئي محسوس ٿيندو رهيو آهي.
احسان جي اندر ۾ به، مونکي پڪ آهي ته اڻ کٽ بيچيني آهي، جيڪا شاعر مان کيس ڪهاڻيڪار، محقق، نقاد، ڪالم نگار، مترجم ۽ ڪمپيئر بڻائيندي رهي آهي.
احسان جي ڪهاڻين جي مجموعي ”بي سُڪون خواب جو سچ“ جي بئڪ ٽائيٽل تي اخلاق انصاري لکيو آهي ”چيخوف چئي ٿو ’ڪهاڻي لکڻ مهل پهرين صفحي تي جيڪڏهن ڀت تي ٽنگيل بندوق جو ذڪر ڪري ويٺا آهيو ته اڳتي هلي اها بندوق ڇٽڻ گھرجي.....‘ پر حقيقت اها آهي ته ڪهاڻي شروع بندوق ڇٽڻ کان پوءِ ئي ٿئي ٿي.“ مان ته قائل ئي ان ڳالھ جو آهيان ته ڪهاڻيءَ کي بندوق ڇٽڻ کانپوءِ ئي شروع ٿيڻ کپي. پر اها ڪهاڻي ليکڪ جو رَتُ ٿي ولوڙي، اهو منهنجو ذاتي تجربو آهي. ان جي باوجود به مان ان ڳالهه کي ترجيح ڏيان ٿو ته ، بندوق ڇٽڻ تي ڪهاڻيءَ کي ختم نه، پر شروع ٿيڻ کپي. ٽيلي پلي رائيٽنگ ۾ ان ڳالھ کي Hook چيو وڃي ٿو، جنهن جي معنى مڇي ڦاسائڻ واري ڪُنڍي ئي آهي. انهيءَ انداز واري فڪشن رائيٽر لاءِ ضروري آهي، تـ هو پنهنجي پڙهندڙ / ڏسندڙ کي پاڻ وٽ سوگھو ڪري وٺي. پر احسان دانش انهيءَ انداز جو قائل ناهي. هو ڪهاڻيءَ جي ڌيمي انداز جو قائل آهي، جنهن ۾ ڪهاڻي لهر لهر بڻجي اڳتي وڌي ٿي. هو پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ پڙهندڙ جو ساھ منجھائڻ بدران، ڪهاڻيءَ ۾ به شاعراڻن جملن سان پڙهندڙ کي موهڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. يقيناً ان ڪري به، ته هو ڪهاڻيءَ سان گڏ ادب ۽ آرٽ جي مختلف ڏسائن تي هلڻ باوجود ، بنيادي طور ته شاعر ئي آهي. تڏهن ئي ته چئي ٿو :
ڪائي ڪوتا سرجيان ٿو مان
ذهن مٿان سوچن جي بارش
منهنجي رائيٽنگ ٽيبل جي اڳيان، کڙڪيءَ جو بلائينڊر مٿي ٿيل آهي. ٻاهر بادل مڙي آيا آهن ۽ هلڪي هلڪي بارش به ٿيڻ لڳي آهي... ۽ مان سوچيان پيو، تـ مان احسان دانش تي پيو لکان يا پاڻ تي ___ بس، فرق فقط ايترو ٿو لڳي ته ، مان بنيادي طور تي ڪهاڻيڪار آهيان ۽ احسان دانش بنيادي طور تي شاعر آهي... ۽ اها ڳالھ طئي آهي، تـ شاعري، نثر کان وڌيڪ سگھاري ٿئي ٿي.

---------------------------------------------------------------------------------------------- 
پروفيسر سرور سيف
دانشمند ليکڪ ـــــ احسان دانش

لاڙڪاڻي جي مٽي ڏاڍي زرخيز آهي. هن علائقي آخر ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا دنيا کي نه ڏني آهي. سڀيتا جي سمونڊ موهن جي دڙي کان وٺي شهيد گاھ ڳڙهي خدا بخش تائين ڪيترائي هنڌ آهن، جتي روز سوين سلامي ٿين ٿا. هن علائقي هر کيتر ۾ پاڻ ملهايو آهي، ۽ وڏا نانءَ ڏنا آهن. سياست، ادب، آثارِ قديمه، موسيقي، مصوري، صحافت، ڪتابت، دين مطلب ته هر کيتر هر هنڌ لاڙڪاڻو سڀ کان مٿاهون رهيو آهي. ادب جي هر گوشي تي لاڙڪاڻو ڇانئيل نظر ايندو، نثر يا نظم جي ڪنهن به موضوع تي ڳالهائبو ته واليءَ طور لاڙڪاڻي جي ڪنهن نه ڪنهن قدآور شخصيت جو ذڪر ضرور ايندو. لاڙڪاڻي ادب، سياست خواھ فن تائين فرد نه پر خاندان ڏنا آهن. اهي نسل در نسل ادب، فن ۽ ديس جو مانُ مٿاهون ڪندڙ خاندان جن جو هر هڪ فرد پنهنجي وڏن جي قائم ڪيل مورچي کي سنڀاليندڙ، مثال طور عبدالحئي قائل جو خاندان، انيس انصاري، اياز قادري ۽ انور پيرزادي جو خاندان، جعفري، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ سنديلو خاندان. اهڙن خاندانن مان هڪ آهي لاڙڪاڻي جي سميع آباد جو خاندان، پٺاڻ خاندان، ڊاڪٽر بشير احمد شاد جو خاندان.
ڊاڪٽر بشير احمد شاد جنهن ننڍپڻ کان هن وقت تائين پل پل سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي خدمت ڪندي سجايو ڪيو آهي. هن تخليق، تحقيق، تاليف ۽ تعليم لاءِ، سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ ترويج لاءِ پئي پاڻ پتوڙيو آهي. لاڙڪاڻي جي پٺاڻن جو ذڪر ايندو ته ذهن جي ڦرهيءَ تي ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ محمد علي پٺاڻ به اسري ايندا جن سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. ڊاڪٽر بشير احمد، سنڌي ادب جو خاموش ڪارڪن آهي، هن جي علمي ادبي پورهيي کي سلام پيش ڪرڻ سان گڏ پنهنجي اولاد جي بهترين تعليم ۽ تربيت ڪرڻ وارو عمل به واکاڻ جوڳو آهي. سندس ان بهترين تربيت جو ثمر ئي آهي جو سندس لائق فرزند احسان دانش، رضوان گل ۽ آغا عمران سنڌي ادب جي جھول کي تحقيق ۽ تخليق جي گلن سان مالا مال ڪيو آهي.
ڊاڪٽر شاد جي موڀي پٽ احسان ته واٽ ئي اها ورتي آهي، جيڪا ڊاڪٽر صاحب جي رهي آهي. يعني هو به ڪاليج ۾ سنڌي جو استاد آهي. احسان نه رڳو سنڌي ادب جي تاريخ جو گھرو مطالعو رکي ٿو پر اردو ادب ۽ شاعريءَ جو به گھرو اڀياس ڪيل اٿس نه رڳو اهو پر انگريزي ادب جي به شناسائي رکي ٿو. جنهن جو نچوڙ سندس تحريرن ۾ پسي سگھجي ٿو. احسان هڪ ئي وقت شاعر، ڪالم نگار، نقاد ۽ محقق آهي، پر سندس سڀ کان وڏي سڃاڻپ ڪهاڻيڪار واري آهي. هي جاکوڙي ادبي ڪاڪن به آهي. سچل ادبي مرڪز توڙي لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي لاءِ سدائين پاڻ پتوڙيندڙ ۽ ڪيئي پروگرام آرگنائيز ڪندڙ آهي. لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽي پاران ڇپيل سندس مرتب ڪيل ڪتابَ تاريخ جو روشن باب آهن. ان کان علاوه سچل ادبي مرڪز جي اشاعتي سلسلي جو مهندار به سنڌي ادب جو دانشمند ليکڪ احسان دانش ئي آهي. احسان داش جون ڪهاڻيون مختلف رسالن ۽ ڪتابي سلسلن جي صفحن جي زينت بڻبيون رهيون آهن. جيڪي کيس هڪ بولڊ ڪهاڻيڪار طور پيش ڪن ٿيون، سندس ڪهاڻين جو خوبصورت مجموعو ”بي سُڪون خواب جو سچ“ 2005 ۾ شايغ ٿيو، جنهن ۾ سندس سموريون ڪهاڻيون سندس حساس طبع، تز مشاهدي، ڳوڙهي مطالعي، ٻوليءَ جي گرفت ۽ علم ڪلام کان واقفيت جي ڄاڻ ڏين ٿيون. احسان جون ڪهاڻيون فن جي بلندين کي ڇهندڙ ۽ احساساتي آهن. خاص طور هن انهن ڪهاڻين ۾ ماحول، منظرنگاريءَ جا چٽ چٽڻ سان گڏ خوبصورت تشبيهن ۽ استعارن جي اڻت ڪئي آهي. جيڪا ڳالھ سندس استاد ڪهاڻيڪار هجڻ جي گواهي ڏئي ٿي.
احسان پنهنجين ڪهاڻين ۾ شهري ماحول سان گڏ ٻهراڙيءَ واري ماحول کي به خوبصورت انداز سان فوڪس ڪري ٿو، سندس سڀئي ڪهاڻيون مقصدي آهن، پوءِ اها ’وڻ ويڙهي‘ هجي يا ’بي انت مسافت‘ يا وري انتهائي مختصر ڪهاڻيون ’ڪانهن‘، ’اُڃ‘، ’اڏوهي‘ توڙي ’جِنُ‘. انهن مان پڙهندڙن کي ڀرپور پيغام ملي وڃي ٿو. ”رانديڪو“ سندس ماسٽر پيس ڪهاڻين مان هڪ آهي، جنهن ۾ هڪ معصوم ۽ گگدام نياڻي جي بي وسيءَ جي پُردرد تصوير ڇڪي وئي آهي. سچ پچ زبردست. ان کان علاوه ”لمحن جو درد“ ۽ “پڙاڏو زندگيءَ جو“  احسان دانش جون شاهڪار ڪهاڻيون آهن، جن کي دل وري وري پڙهڻ تي چوي ٿي. احسان جو ادبي سفر جاري آهي اميد ته سنڌي ٻولي ۽ ادب سندس پورهيي مان لاڀ حاصل ڪند رهندو.
  

----------------------------------------------------------------------------------------------- 
ڊاڪٽر بشير احمد شاد
منهنجو پُٽُ منهنجو دوست

منهنجي فرزندن ۾ احسان دانش عمر جي حوالي سان سڀني کان وڏو آهي. هو نهايت فرمانبردار ۽ سنجيده نوجوان آهي. هن جي طبيعت ۾ خودداري ۽ بردباريءَ وارا گڻ موجود آهن، هو وڏو ذهين ۽ تيز فهم هجڻ سان گڏ پنهنجي نماڻي طبيعت ۽ سهڻي سُڀاءَ سبب سڀني جي دلين ۾ پنهنجي جاءِ جوڙي وٺندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو هن، ساڻس پيار ڪندڙ ڪيئي دوست ٺاهي ورتا آهن. سچ ته اهو آهي ته احسان منهنجو به تمام ويجھو دوست آهي. ان جو هڪڙو سبب اهو به آهي جو مون منڍ کان وٺي هن کي پاڻ سان گڏ رکيو آهي ۽ آءٌ خود هن سان دوستن وانگر پيش ايندو رهيو آهيان ۽ مونکي ان ڳالھ جي خوشي آهي ته احسان نه رڳو منهنجو لائق فرزند پر منهنجو ويجھو دوست به آهي. دوست به اهڙو جنهن سان سڀ راز نياز جون ڳالهيون ڪري سگھجن. مان کيس پنهنجي گھاريل ڏوٺ ڏينهن جون ڪهاڻيون به ٻڌائيندو آهيان ۽ اهي راز ۽ رمزون به جيڪي رڳو ڪنهن ويجھي دوست کي ئي ٻڌائي سگھجن ٿيون. هن انهن سمورين تڪليفن کي اکين پسيو آهي جن کي مون ڀوڳيو آهي ۽ انهن تڪليف وارن لمحن ۾ اسين هڪ ٻئي جو سهارو رهيا آهيون.
احسان جي طبيعت ۾ منڍ کان وٺي محنت ۽ جاکوڙ وارو جنون رهيو آهي تنهن ڪري سدائين ڪنهن به Assignment کي Challenge ڪري قبول ڪندو آهي ۽ هميشه سهڻي نموني نڀائي ويندو آهي. احسان دانش جي مٿان منهنجي طبيعت ۽ مزاج جو پاڇو غالب آهي، ڇالاءِ ته هو ادب جي دنيا ۾ ننڍپڻ کان ئي مون سان گڏ رهيو آهي ۽ ننڍي عمر ۾ ئي هن وڏين وڏين ادبي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي آهي تنهن ڪري انهي ادبي ماحول مٿس گھرا اثر ڇڏيا آهن. هڪ اديب والد طور آءٌ هن جي لکڻ واري ڪرت جي حوالي سان ابتدا کان وٺي سندس اصلاح ۽ هر وقت همت افزائي ڪندو رهيو آهيان پر اها هڪ حقيقت آهي ته سندس تخليقي پورهيي ۾ سندس ئي محنتون شامل آهن اهو ئي سبب آهي جو هو هن وقت سنڌي ادب ۾ هڪ بهترين نثر نويس ۽ خوبصورت شاعر طور پاڻ مڃرائي چڪو آهي.
احسان تخليق کان علاوه تحقيق ۽ تنقيد سان به خاص دلچسپي رکي ٿو. پنهنجي تعليمي لياقت وڌائڻ لاءِ هن وقت هو ”شاھ لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“ جي عنوان تي پي ايڇ. ڊي ڪري رهيو آهي ۽ هن ان عنوان جي چونڊ ان ڪري ڪئي آهي جو هو شاهه جو عاشق آهي. ڀٽائي سندس روح ۾ سمايل آهي ۽ هن شاھ جي مختلف پهلوئن تي پئي لکيو به آهي. هو هڪ محنتي ۽ جاکوڙي استاد آهي ۽ پنهنجن ڪاليجي شاگردن ۾ تمام مقبول آهي. هن وٽ سي.ايس.ايس ۽ پي.سي.ايس جي تياري ڪندڙ ڪيترائي شاگرد ايندا رهندا آهن جن جي هو ڏاڍي پيار سان رهنمائي ڪندو آهي، سندس اهڙن شاگردن مان اڪثر ڪاميابيءَ جون منزلون ماڻيون آهن. هو جڏهن به پنهنجي ڪنهن شاگرد کي ڪاميابي ماڻيندي ڏسندو آهي ته ايڏو خوش ٿيندو آهي ڄڻ پاڻ ڪا ڪاميابي ماڻي هجيس.
احسان پنهنجي زندگيءَ جو وڏو وقت لکڻ کي ڏنو آهي. مون هن کي سدائين ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ مصروف ڏٺو آهي. هن وقت تائين احسان جون جيتريون تخليقون منظرِ عام تي آيون آهن ان کان وڌيڪ اڻ ڇپيل صورت ۾ وٽس موجود آهن. ٻين تصنيفن کان علاوه موهن جي دڙي جي تاريخ ۽ تهذيب متعلق سندس هڪ ضخم ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان اشاعت لاءِ منظور ٿي چڪو آهي، جيڪو پڻ ڇپائي آخري جي مرحلن ۾ آهي.
مان احسان جي شخصيت توڙي ادبي ڪم مان ڪافي مطمئن آهيان. هڪ والد جي حيثيت سان اها دعا ٿو ڪيان ته هو علم ۽ ادب جي دنيا ۾ اعلى مقام ماڻي ۽ دنيا لاءِ هڪ سُٺو انسان ثابت ٿئي. آمين.

----------------------------------------------------------------------------------------------- 
فياض لطيف
لفظن جي خوشبو جو وارث
احسان دانش

احسان دانش منهنجو انتهائي عزيز ۽ پيارو دوست آهي ۽ سٺا دوست زندگيءَ جي اهڙي حسين ۽ اَمُلھ پونجي هوندا آهن، جنهن جو قدر ۽ قيمت نوٽن جي انبارن تي ڳِجھن جيان مارو ڪري ويٺل پيسي جي پوڄارين بدران فقط اهي ماڻهو ئي ڄاڻندا آهن، جن جو من احساسن جي  دولت سان مالامال هوندو آهي ۽ جن جون دليون محبتن جي ديوانگيءَ سان ڌڙڪندڙ هونديون آهن. هُن ۽ منهنجي دوستي جو سفر سالن تي محيط آهي ۽ انهن انيڪ سالن جي سفر ۾ هِن ماسڪ پاتل مصنوعي چهرن واري معاشري ۾، جتي تعلق ۽ رشتا هڪ ڪچي تند جيان گھڙي پل ۾ ٽُٽُي ڇيهون ڇيهون ٿي وڃن ٿا، اتي اسان جون محبتون سلامت ۽ دوستيءَ جا تعلق اڳي کان وڌيڪ مضبوط، پڪا ۽ پختا ٿيا آهن. اڳ انهن جا بنياد، جيڪي صرف جذبات ۽ جوش تي مشتمل هئا، انهن ۾ ذهني هم آهنگي ۽ روحاني سُٻنڌن جي سندرتائن شامل ٿي، انهن کي ويتر موهيندڙ ۽ محبوب بڻائيو آهي.
احسان ۽ منهنجي طبيعتن ۾ توڙي جو کوڙ هڪجھڙايون آهن، پر اها به حقيقت آهي ته اسان جي مزاجن ۾ ڪافي differences به آهن ۽ شايد  انهن ٻنهي متضاد حسناڪين سبب ئي اسين هڪٻئي سان سلهاڙيل ۽ سُٻنڌي آهيون. احسان انتهائي شرميلو ۽ خاص ڪري ڇوڪرين جي معاملي ۾ صوفي ۽ سنت ماڻهو آهي. جڏهن ته ان لحاظ کان منهنجو من پوپٽ جيان ماندو ۽ وجود سونهن لاءِ سراپا ويراڳي رهيو آهي. آءٌ عمر ڀر سونهن جي صحرائن ۾ ڀرئي بادل جيان برسيو آهيان، پر منهنجي روح جو ٻاٻيهو پنڇي پوءِ به پياسو ئي رهيو آهي. احسان جي مزاج ۾ ٺهراءُ آهي ۽ مون ۾ بيچيني. هن ۾ ميانه روي آهي ۽ مون ۾ دو ٽوڪ چئي ڏيڻ واري بي ڊپائي، جيڪا ڪيترن موقعن تي مون لاءِ مصيبت ۽ اهنج جو سبب پڻ بڻي آهي، پر پوءِ به مون کي پنهنجي ٻين کوڙ خوبين جھڙي خامين جيان عزيز آهي. احسان گھڻي قدر تخيل ۽ تخليقاتي دنيا جي سحر ۽ سندرتائن ۾ رهيو آهي، انهي ڪري هن جي پهرين محبوبه سندس تخليق ۽ تحرير ئي آهي. سندس چواڻي: ”مون پنهنجي زندگيءَ ۾ لکڻ کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏني آهي. قلم سان منهنجو عشق آهي. ڪتاب منهنجي زندگي آهن. لفظ مون لاءِ پناھ گاھ آهن“. (ص10)
اکڙين تي ڪرڻن جي بارش.
لفظن تي جذبن جي بارش.
ڪائي ڪوتا سرجيان ٿو مان،
ذهن مٿان سوچن جي بارش.
احسان عمر ڀر ٿڌي ڇانو جو گھڙو رهيو آهي ۽ آءٌ ڪنهن رولاڪ بادل جيان، پنهنجي پوري زندگي آزمائشن جي جھنگ ۾ پنهنجو پاڻ کي ئي وڃائيندو ۽ ووڙيندو رهيو آهيان. پائي وڃائڻ ۽ وڃائي پائڻ وارو جنون منهنجي جيون ۾ ازل کان آهي. علمي ۽ تخيلي احساس کان وڌيڪ مون عملي تشنگي ۽ تڙپ مان گھڻو ڪجھ پِرايو ۽ پُرجھيو آهي. آءٌ جيون سفر ۾ جڏهن به ٽُٽُو آهيان، شاعري هر ڀيري ڪنهن سچيت وينگس وانگر منهنجي جيءَ جي چاڪ دامن کي سبيو آهي، پر آءٌ اهو اعتراف ٿو ڪريان ته، مون هر ڀيري شاعريءَ سان بي وفائي ڪري، ڪنهن بي وفا نازنين سان وفا پئي ڪئي آهي(شاعري هڪ اهڙي ساڙيلي عورت وانگر آهي، جيڪا بي وفائي ڪڏهن به برداشت نه ڪندي آهي. يووتيشنڪو) نتيجي ۾ شاعري عرصي کان وڇوڙي جو ڏهاڳ ڏئي مون کان ڏور هَلي وئي آهي...! ۽ منهنجي حافظي جي هٿ تريءَ تي رهجي ويا آهن، رسول حمزه توف جا هي خوبصورت ۽ سبق آموز احساس...
I have been sluggish and hasty, I have been recless driver, I have had accidents, but now I shall be carefull and resolute. I must drive the car of life carefully, because in it I bear the precious burden of my old and true love, a burden of recollections, emotions and joys. I now feel an immense responsibility to every one and to myself for poetry and for all the beauty it contains.(Rasul Gamzatov, selected poems,1974, p 20)
جنسِ نازڪ، جيڪا اڪثر تخليقارن جي روح جي روڳن ۽ راحتن جو ڪارڻ رهي آهي، احسان انهيءَ سامونڊي وير ۽ خوبصورت خدائي مخلوق کان وونئون ويندو آهي. جيڪڏهن ٻير جي ڊنگھري وانگر ڪائي سندس پويان پئجي ويندي آهي ۽ موبائل تي هن جي تعاقب ۾ رهندي آهي، ته هو ڪنهن کي پنهنجي موبائل ڏئي پنهنجي جان ڇڏائڻ ۾ ئي عاقبت سمجھندو آهي. ائين به ڪونهي ته، هو حسن ۽ حقيقتن جو انڪاري آهي. هن جو من ته ان وينا وانگر آهي، جنهن جي تار کي هڪ آڱر جو ڇهاءُ ئي ”مي رقصم“ بڻائي ڇڏيندو آهي، پر احسان جو فطري مزاج ۽ طبيعت ئي ڪجھ اهڙي نرالي ۽ عجيب آهي، جنهن تي هڪ نئون ماڻهو صرف ”حيران ۽ پريشان“ ئي ٿي سگھي ٿو. ثوم رس، سگريٽ ۽ ٻي هر لمحاتي خمارن جي جھان کان خائف هن جوان زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪو فروٽ نه کاڌو آهي. سنگت جي محفلن ۾ ٻيا دوست جتي زندگيءَ جي لذتن مان مدهوشين جا پيالا پيا پيئندا آهن، احسان اتي نمڪو ۽ ڪولڊرنڪ مان پيو مزا وٺندو آهي ۽ ڪنهن پڪنڪ پروگرام ۾ جڏهن سڀئي دوست صوفن، نارنگين، انگورن، ڏوڪن، انبن ۽ ٻي موسمي ميون مان پيا مزا وٺندا آهن، اتي هي يار پڪوڙن ۽ سموسن تي گذارو ڪندو آهي. هي سادو، سٻاجھو ۽ خاص ڪري دوستيءَ ۾ مون لاءِ محبوبن جھڙيون ادائون ۽ احساس رکندڙ منهنجو دوست سچ ته هن دورنگي ۽ دونمبري دنيا ۾ ڪنهن اهڙي اجري شيشي جيان آهي، جنهن جي اندر مان ٻاهر ۽ ٻاهر مان اندر آسانيءَ سان پَسي سگھجي ٿو.
 احسان سان دوستيءَ واري حوالي سان منهنجي يادگيرين جو من ته ڪنهن خوشبو جي  بوتل جيان ڀريو پيو آهي، جنهن کي ڪنهن ٻي ڀيري کولي پيار ۽ محبتون ڪندڙن جو هينئون هڳاءُ ڪبو، پر هن وقت هتي مون کي احسان جي ادبي شخصيت تي ڪجھ ڳالهائڻو ۽ سندس ڪوتا ڪتاب ”لفظن جي خوشبو“ مان چند خوبصورت رنگ ۽ سڳنڌون کڻي اوهان پڙهندڙن تائين پهچائڻيون آهن.
احسان دانش سنڌي ادبي کيتر ۾ ڄاتل سڃاتل ۽ پنهنجي هڪ الڳ شناخت رکندڙ قلمڪار آهي. هن وقت تائين سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ سوَن جي تعداد ۾ مضمونن، مقالن ۽ ادبي ڪالمن ڇپجڻ کان علاوه سندس هڪ ڪهاڻين جو ڳٽڪو ”بي سڪون خواب جو سچ“، تحقيق ۽ تاريخ جي سلسلي ۾ سهيڙيل ٻه ڪتاب ”لاڙڪاڻو تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو“، ”ويل نه وسريام“ ۽ هڪ ڪوتا ڪتاب ”لفظن جي خوشبو“ منظر عام تي اچي چڪا آهن، جن مان تازو مارڪيٽ ۾ آيل سندس شاعري جي ڪتاب ”لفظن جي خوشبو“ جي حوالي سان آءٌ هتي پنهنجن احساسن جو اظهار ڪرڻ چاهيان ٿو.
آءٌ احسان جي شاعري تي رڳو انهيءَ ڪري ڪونه پيو لکان، ته هو منهنجو دوست آهي، پر هن جي شاعريءَ تي ان ڪري به ڪجھ لکڻ چاهيان ٿو، ڇوته شاعري منهنجي روح جي راحت ۽ احساسن جي دنيا جو حسين استعارو رهي آهي.
سچ اهو آهي ته احسان سان دوستيءَ کان اڳ هن جي تخليقن سان ئي منهنجي شناسائي ۽ گھرائي رهي آهي، جنهن اڳتي هلي احسان سان منهنجي قربت، محبت ۽ دوستيءَ جي رشتي کي استوار ڪيو ۽ جُوڙيو آهي، ان نسبت سان احسان جون ڪوتائون مون کي هن جيتريون ئي عزيز ۽ پياريون آهن.
I arise from dreams of thee, in the first sweet sleep of night,
When the winds are breathing low and stars are shining bright,
I arise from dreams of thee……(SHELLY)
احسان دانش جي شاعريءَ جو هي ڳٽڪو مختلف صنفن تي مشتمل آهي، جن ۾ غزل، نظمَ، وائيون، بيت، هائيڪا، چوسٽا ۽ سندس ئي تخليقيل نئين صنف ست رنگيون شامل آهن. احسان جي شاعراڻي ۽ تخليقي گرفت توڙي جو مذڪوره مڙني صنفن تي موچاري آهي، پر جڏهن سندس شاعراڻي اظهار جو گھرائيءَ سان جائزو وٺجي ٿو، ته هو غزل، نظم ۽ وائيءَ جو ڀرپور ۽ سهڻو سرجڻهار محسوس ٿئي ٿو. منهنجي ذاتي راءِ آهي، ته هو انهن صنفن ۾ پنهنجي اندر جي خوابن ۽ خوبصورتين کي فنڪارانه انداز ۾ اظهارڻ جي انوکي ڏات ۽ ڏانءُ رکي ٿو. هن جو غزل نه صرف نئين ترڪيبن، تشبيهن ۽ استعارن سان آراستا آهي، پر ان ۾ نئين ۽ اڇوتي احساسن ۽ اظهارن جا رنگ پڻ ملن ٿا، جن کي پسي غزل جو ناميارو شاعر اياز گل لکي ٿو: ”احسان دانش نئين غزل جي مزاج کي سڃاڻي به ٿو ۽ سمجھي به ٿو، تڏهن ئي هن نئين سنڌي غزل جي گھرجن مطابق، غزل رچڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. رديف جي سهڻي استعمال سان ڊگھي ۽ ننڍي ٻنهي بحرن ۾ ڪاميابيءَ سان غزل لکڻ، احسان دانش جي تخليقي سگھ کي ظاهر ڪري ٿو“.

درد وندن جا ڪِري پيا ڳوڙها
دل جي زخمن جا ڪري پيا ڳوڙها.
وارَ ناريءَ جا ويا چاندي ٿي،
ڪيئن درپن جا ڪري پيا ڳوڙها.
ماڪ ترڪي جو پئي شاخن تي،
ڄڻ ته گلڙن جا ڪري پيا ڳوڙها.
شاعري جيئن ته اڻ ڇهئي احساسن ۽ اڻ ڏٺي منظرن جو اهڙو مظهر آهي، جنهن کي لفظن جي قدرت سان هڪ قلمڪار نه صرف تخليقي ٿو، پر ان ۾ پنهنجي تخليقي آرٽ ذريعي جيئرا جاڳندا اڌما ۽ احساس پڻ اوتي ٿو ۽ احسان جي غزلن ۾ سچ ته اها نزاڪت ۽ نفاست موجود آهي، جيڪا پهرين نظر ۾ ئي من کي موهي به وٺي ٿي، ته اندر جي احساسن ۾ اُٿل پُٿل به پيدا ڪري ٿي. سندس غزل جون هي سٽون پڙهي ڏسو، جن ۾هڪ حساس من جي احساسن ۽ اڌمن جي ڪهڙي نه جيئري جاڳندي تصوير چِٽيل آهي.

وقتَ ٻيڙيءَ تي تري ٿو ماڻهو،
ميڻ بتيءَ جان ٻري ٿو ماڻهو.
ريت ذري کي خدا جي دعوى
ڪيئن هوائن ۾ تري ٿو ماڻهو.
جي ٻڏي سج ويو ته ڇا ٿي پيو،
هڪڙو ڏيئو ته ٻري ٿو ماڻهو.
مٿئين غزل ۾ ”وقت ٻيڙيءَ تي ترڻ، ميڻ بتيءَ جيان ڳرڻ، هوائن ۾ ترڻ ۽ ماڻهو ڏيئو ٿي ٻرڻ “ واريون ترڪيبون ڪهڙيون نه سهڻيون ۽ سيبائتيون آهن. انهن ۾ نه صرف پنهنجو هڪڙو معنوي حسن آهي، پر اهي حسيت جي نرالي اهڃاڻن ۽ عڪسن کي پڻ پيش ڪن ٿا. 
   هن جي غزل ۾ تغزل به آهي، ته دل کي ڇهي ويندڙ عڪس ۽ احساس به. هو لفظن ۾ خوشبوئن جا احساس اوتڻ ۽ احساسن ۾ دلين جون ڌڙڪنون سمائڻ جا اهي سارا هنر ۽ حسناڪيون ڄاڻي ٿو، جيڪي شاعريءَ کي ساحريءَ جا سوز ۽ سندرتائون عطا ڪنديون آهن.

چيم ته تنهنجي نظر ۾ قتل جو آ سامان،
چيائين عشق ۾ جانان ڪُسڻ ضروري آ.
چيم ته زلف ٿا تنهنجا لڳن زنجيرن جيان،
چيائين حسن جو باندي ٿيڻ ضروري آ.
چيم ته تنهنجي وڇوڙي جي باھ ساڙي ٿي،
چيائين آڳ جي کوري پچڻ ضروري آ.
جديد ۽ نئين شاعريءَ جي هڪڙي وڏي خوبي اها آهي، ته اها اجائي مبالغي بدران زندگي جي اجتماعي حسناڪين ۽ حقيقتن جي عڪاس آهي. ان ۾ داخليت ۽ خارجيت جا روايتي ماڻ ۽ ماپا اجائي ۽ بي معنى ٿا ڀاسن.
بقول ممتاز مهر: ”نئين شاعري بنيادي طرح هن دور جي ڏکويل انسان جي اندر جي پياس، روحاني پيڙا ۽ ذهني اضطراب جي شاعري آهي. اها هڪ طرف خواب ۽ حقيقت ۽ ٻئي طرف وقت ۽ موت جي قوتن جي وچ ۾ لٽڪيل ۽ زندگي جي معنويت جي تلاش ۾ سرگرمِ عمل آهي. هيءَ زندگيءَ جي اصلي چهري کي، جيئن اهو غم ۽ خوشيءَ جي گھڙين ۾ نظر اچي ٿو، سڃاڻڻ جي ڪوشش آهي. غم ۽ خوشي جي گھڙين ۾ جيڪي ڪجھ محسوس ڪيو ۽ ڏٺو وڃي ٿو، تنهن کي نئين شاعري جيئن جو تيئن بيان ڪري ٿي.“ ( ويچار ص56 )
 احسان دانش جا نظم جديد زندگيءَ جي ڪرب جو آئينو به آهن، ته معصوم محبتن جو عڪس به. هن جي شاعريءَ ۾ دل کي ڇهندڙ رومانوي رنگ به آهن، ته پنهنجي دور جي ڪرب ناڪ صداقتن جو ادراڪ به. هن جي نظمن جي ٻولي سادي، سليس، روايتي شاعراڻي تصنع ۽ تڪلف کان آجي آهي. هو پنهنجي اظهار ۽ خيالن کي اجائي لفظن جي منجھيل سُٽَ ۾ اُلجھائي پيش نه ٿو ڪري، پر هن جو اندازِ بيان تُزُ ۽ پُر تاثير آهي. هن جي خيالن ۾ ڪٿي عقاب جي اُڏار آهي، ته ڪٿي تتر جي ڀڙڪي جھڙو تيز تخيل. هو پنهنجن احساسن ۽ اڌمن کي ڪٿي اشاريت جي رمزن سان عيان ٿو ڪري، ته ڪٿي پنهنجن خيالن ۽ خوابن کي سندر روپي رنگن سان رنگي ڪاغذ جي ڪئنواس تي کڻي اچي اڳيان رکي ٿو. هن جي احساسن ۽ اڌمن جي اظهار ۾ تاڙي جي تنوار جھڙي تڙپ به آهي، ته مور جي رقص جھڙو آنند ۽ اطمينان به. احسان جي نظمن جي وڏي خوبي ۽ خوبصورتي، انهن جي سادگي ۽ بي ساختگي آهي. هن جي خوبصورت نظمن ۾” ’حسن‘، ’اها رات‘، ’ڪا اک نه آلي آءٌ ڏسان‘، ’محبت‘ ۽ ’زندگي “ جي عنوانن سان سرجيل نظم شامل آهن، پر هتي آءٌ سندس هڪ طويل نظم ”اسان جا خواب اڃا ساڀيان رسيا ناهن“ جو خاص طور تي ذڪر ڪرڻ چاهيندس، جيڪو فڪر توڙي فن جي حوالي سان سندس شاهڪار نظم آهي.  

اسان جا خواب اڃا ساڀيان رسيا ناهن
هي درد غم جا ڪڪر ڀي اڃا هٽيا ناهن
اڃا ڳلن تي ڪريل نير ڀي سُڪيا ناهن
اڃا بهار جي هوندي به گل ٽڙيا ناهن
اڃا اندر ۾ اسان جي گھڻي اداسي آ
اڃا به من جي سپي پيار جي پياسي آ
اڃا هزار اميدن جا گل ڪومايل
اڃا آ تڙپ، اڃا ڪيئي روح هن گھايل
اڃا سنڌوءَ جا ڏسو چپ ڪيئن سڪل آهن
اڃا هي جيئرا
  ماڻهو به ڄڻ مئل آهن
اڃا دکي ٿي پئي ڳوٺ ڳوٺ چرٻيلي
اڃا به نار جي نڪ ۾ وڌل آ ناڪيلي
اڃا ته بوءِ ٿي بارود جي اچي ڪيڏي
اڃا امن جي ڪبوتر تي اک آ ٽيڏي
اڃا به شهر شهر خودڪشن جا حملا هن
اڃا به چوڏسا چچريل هزارين لاشا هن
اڃا به ٽياس تي ٽنگجي رهي آ سچائي
چوان پو ڪيئن محبت جي آهي رُتِ آئي!
اختصار سان پيش ڪيل مٿيون نظم، جنهن جي ابتدا ”اسان جا خواب اڃا ساڀيان رسيا ناهن“ جي سري سان سرجيل اهڙي سِٽَ سان ٿئي ٿي، جيڪا سٽ هن نظم جو نه صرف عنوان آهي، پر ان سٽ ۾ هن سڄي نظم جو روح سمايل آهي. حقيقت ۾ هيءَ هڪڙي سٽ ئي پنهنجي وجود ۾ ڄڻ ته هڪ پورو نظم آهي، جنهن ۾ هڪ صدا آهي. هڪ سُڏڪو آهي. هڪ درد آهي. هڪ دانهن آهي....سينوارجي ويل گدلي سماجي ريتن ۽ روايتن جي تصوير ڪشي آهي. معصوم نيڻن ۾ لڙي آيل لڙڪن ۽ بهارن ۾ خزائن جي موسمن جي المياتي ڪٿا آهي. اڻ پوري خوابن جا ڌنڌلا عڪس آهن ۽ خوبصورت خوابن جون حسرتون....خواب، جيڪي اکين جي عاشقي هوندا آهن. جن سان دل جي دنيا جون ساريون حسناڪيون ۽ حقيقتون وابسته هونديون آهن. جيڪي جياپي جي حسين راهن جا ڏس ۽ پتا ڏسيندا آهن، جن سان جيءُ ۽ جياپو سڦل ۽ سڳنڌ ڀريو ڀاسندو آهي.
هي نظم پنهنجي فڪري تاڃي پيٽي ۽ احساساتي اُڻت ۾ هڪ ئي وقت ٻئي خوبيون ۽ خوبصورتيون رکي ٿو. يعني حسين خوابن جي تڪميل جي معصوم اميد به ڏيکاري ٿو (جنهن لاءِ سخت جدوجهد ۽ جستجو گھربل آهي) ته سماج جي ڪنهن ناسورن جا لونءَ ڪانڊاريندڙ عڪس ۽ اولڙا به پَسائي ٿو.
حقيقت ۾ شاعر ۽ سرجڻهار پنهنجي ڪوتائن ۾ احساسن جون دريون کوليندا آهن ۽ دنيا انهن مان پنهنجا من پسند مطلب ۽ منظر پسڻ ۽ پائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ۽ احسان جو هي نظم به هڪ اهڙي دريءَ مثل آهي، جنهن جا تاڪ جيئن ئي کلن ٿا، ان مان موهيندڙ ۽ محبوب منظر، دل کي تسڪين ۽ اکين کي تراوت بخشيندڙ نظارا نظر نه ٿا اچن، (جيئن اڄ جي اڪثر نوجوان شاعرن جي شاعري پنهنجي سماجي حالتن ۽ تهذيبي قدرن کان لاتعلق، رڳو گل ۽ گل پرين جي ذڪر ۽ فڪر سان ڀري پئي آهي) پر غم جا ڀيانڪ بادل، بارود جي بوءِ، بم بلاسٽ ۾ چچرجي ويل معصوم ۽ بي گناھ ماڻهن جي ماس جا ٽڪرا، ڳلي ڳلي ۾ امن جي ڪُٺل ڪبوتر جي رت جا ريلا، موجيلي مهراڻ جا اُجڙيل ڪنارا ۽ اڏامندڙ واري، ماڻهن جي چهرن تان اُڏامي ويل مرڪن ۽ بيوسي مان لڙندڙ لڙڪن جي منظرن تي نظر پوي ٿي، جن کي پَسي هينئون هڄي وڃي ٿو.... نظم جون سٽون ناهن، ڄڻ ته ڪُٺل ڪونج جون پُڪارون آهن...!
نظم ابتدا کان پنهنجي ڪلائميڪس تائين نه صرف فڪري حوالي سان ڀرپور تاثر ڇڏيندڙ آهي، پر فني حوالي سان به ان ۾ نيون ۽ نراليون ندرتون ملن ٿيون. غزليه هيئت ۽ نظماڻو روح ۽ رڌم رکندڙ هي نظم سچ ته احسان جي شاعراڻي ڪمال جو مظهر آهي. روان قافين جي جهجھائي، مترنم لفظن جي سنگ ۽” اڃا“ لفظ جي سهڻي ورجاءَ کان علاوه نظم ۾ جيڪو فڪري ۽ احساساتي رچاءُ آهي، اهو انگوري رس جيان اندر ۾ لهي، روح کي گرمائي ڇڏي ٿو.
وائي سنڌي شاعريءَ جي انتهائي نج ۽ نفيس صنف آهي. اها پنهنجي گھاڙيٽي کان وٺي فڪري ۽ احساساتي اظهار ۾ نه صرف منفرد ۽ نرالي آهي، پر ان جي ٻوليءَ جو رس ۽ چس ئي پنهنجو آهي. ان جي ورلاپن ۾ جيڪو سوز ۽ گُداز آهي، اهو ڪنهن ٻي صنف ۾ ورلي ملندو ۽ اها ئي خوبي وائيءَ کي ڪوتا ڪاڪ ۾ يڪتا ۽ الڳ وقعت عطا ڪري ٿي. وائي جيءَ جھرڻي مان آبشار ڌارائن جيان ڦُٽي نڪرندي آهي، ان ڪري هن صنف سان اهو سرجڻهار ئي انصاف ڪري سگھندو، جنهن جو من محبتن جي موجن ۽ مجذوبين سان موجزن هوندو آهي. احسان جي وائين ۾ احساساتي اُڇل سان گڏوگڏ اندازِ بيان جي سٻاجھڙائي ۽ سندرتا ملي ٿي.، جيڪا ڪٿي ٻار جي معصوم ٻاتڙي ٻولن جيان سادي ۽ وڻندڙ آهي، ته ڪٿي ان ۾ پرينءَ جي پهرين نگاھ جھڙو سرور ۽ سڪون آهي.
پيار ڪرڻ گھرجي
سونهن پَسڻ گھرجي،
جيون ٿورو آ.
منزل ماڻڻ لئه
پنڌ ڪرڻ گھرجي،
جيون ٿورو آ.
نفرت کان نفرت
يار ڪرڻ گھرجي،
جيون ٿورو آ.
روئندڙ جي ڳل تان
لڙڪ اُگھڻ گھرجي،
جيون ٿورو آ.
احسان جتي پنهنجي وائين ۾ اندر جي سڏ ۽ پڪارن کي سمائي ٿو، اتي هو هڪ چترڪار وانگر انهن ۾ مختلف احساسن جي رنگن جو روح به اوتي ٿو، جن کي پسڻ کان پوءِ هڪ طرف ماندي نيڻن جي آترويلا ماٺي ٿئي ٿي، ته ٻي طرف اندر ۾ هڪ اَڄاتي پياس جو احساس به پيدا ٿئي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو عادل عباسي هن جي وائين تي لکندي چوي ٿو:”احسان دانش جون وائيون ان گھاٽي ڪڪر جيان آهن، جيڪو اونهاري جي جھولن دوران گرميءَ جي حدت ۾ ڪي پل آسيس ڏي ٿو، پر اها به حقيقت آهي، ته وائين جي ڪن رس دوران اندر جي تاس گھٽجڻ بدران ويتر وڌي ٿي.“ (ص109)
شاعريءَ جو وڏو ڪمال ئي اهو آهي، ته اها لفظن ۾ تصويري ۽ عڪسي روپ رچڻ جي قدرت رکي ٿي.

ڪاغذ تي ڪِرڻا
منهنجن لفظن سان،
راند پيا کيڏن.
چترڪار سڀئي ڏسو
ڪيئن نه رنگن سان
راند پيا کيڏن.
ٻار گھٽيءَ جي موڙ تي
مٽيءَ ذرڙن سان،
راند پيا کيڏن.

 مٿئين صنفن کان علاوه احسان چوسٽا، هائيڪا ۽ بيت به سرجيا آهن. هن جا بيت موضوع توڙي اندازِ بيان جي حوالي سان هڪ جدت ۽ پنهنجي انفراديت رکن ٿا. بقول سعيد ميمڻ :”احسان دانش جي  بيت ۾ انوکا رنگ، نوان عڪس ۽ نفيس شاعراڻو ادراڪ ملي ٿو، جيڪو سليس ٻولي ۽ نرم لهجي ۾ بيان ٿيل هڪ اهڙو دلڪش اظهار آهي، جيڪو پڙهڻ کان پوءِ ڏاڍو پنهنجو پنهنجو ۽ سندر لڳي ٿو. هن جي بيتن ۾ جتي  دلڪش رومانوي عڪس پسجن ٿا، اتي موجوده دور جو ڪرب به ڪروٽون کائيندي محسوس ٿئي ٿو...سندس شاعري ڄڻ رستو سونهن نگر جو آهي، جنهن سان ويندي اکيون هر پاسي ڏاڍا سهڻا نظارا ڏسن ٿيون“ (ص97)

تنهنجي مرڪڻ سان پرين، ٽڙي پيا هن گل
خوشبو خوشبو هر ڳلي، شهر سڄي ۾ هُل
او منهنجي مومل، سڀ ڪجھ مُنڊي تو ڇڏيو.
                           •••
تنهنجي ياد اندر ۾، ائين آ سرتي
ڄڻ ڪا ميڻ بتي، اونداهي ۾ ٿي ٻري.
                           •••
وڻجاري جي ونين جون، اکيون هن آليون
ياد ڪري روئن ٿيون، ماضيءَ جون ڳالهيون
رُتيون جھڙاليون،جھوري وين جييئڙو.
                           •••
هئي هئي ايڏو انڌ، ساحل تي اوسرتيون
هاڻي ڏکيو پنڌ، ٿي ويو هن حيات جو.
احسان دانش جي هائيڪن ۾ نه رڳو تخليقي حسن، حقيقت نگاري ۽ منظر نگاري آهي، پر انهن ۾ داخلي احساسن ۽ جذبن جا موهيندڙ ۽ محبوب نقش به ملن ٿا.  تاج جويو چواڻي:”هائيڪو هڪ پل جو عڪس ۽ هڪ لمحي جو احساس آهي. ٽن سٽن ۾ زمان ۽ مڪان، حد ۽ لاحد جا سنڌا ۽ سيڙها ميٽڻ....سادا احساس، سادن لفظن ۾، سادي انداز ۽ سادي هيئت ۾ لکڻ هن صنف جو ڪمال آهي. خاص ڪري اختصار ۽ اشاريت هن صنف جو حسن آهي. هڪ پل جي ڪهاڻي، هڪ لمحي جو درد، هڪ کن جو احساس ۽ جذبي کي لفظن جي لباس ۾ سمائڻ ئي ڪامياب هائيڪي جي تخليقي جوهر کي ظاهر ڪري ٿو. احسان دانش جي هائيڪن جو اڀياس ان سموري پسمنظر کي اکين آڏو آڻي بيهاري ٿو.“  چند هائيڪن جي حُسناڪين مان اوهان به محظوظ ٿيو.
چوڌاري مهڪار
واٽون ڦلن ڇانئيون
آتا ٻانهن هار
         •••
ڪارونجھر جي ڪور
ٿر جي نارين جي ڏسو
مورن جھڙي ٽور
          •••
ڪيڏي سرد هوا
اڌ اگھاڙو آدمي
پاري ۾ پيو آ

احسان دانش ”ست رنگي“ نالي هڪ نئين صنف پنهنجي هن ڪوتا ڪتاب ۾ شامل ڪئي آهي، جيڪا هيئت توڙي اظهارِ بيان جي حوالي سان سنڌي شاعري ۾ هڪ نئون تجربو آهي. ست هم قافيه سٽن جو سنگم، پر هر سٽ پنهنجي وجود ۾ هڪ الڳ ۽ مڪمل معنى رکندڙ... ڄڻ ڪوزي ۾ سمنڊ سمائڻ جي ڪوشش، پر شاعري ته اها آزاد  ۽ اڻ جھل وير آهي، جنهن کي ڪوشش جو ڪوئي ڪنارو ڪونه ٿو هجي. احسان پنهنجي شاعراڻي احساس جي حوالي سان هڪ ڪوشش ڪئي آهي. لفظن کي ست رنگي روپ عطا ڪيو آهي، جيڪو فڪر ۽ خيال جي بي ساختگيءَ سبب ڪٿي موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ  آهي، ته ڪٿي ججھي هنر ۽ حرفت جي آميزش ڪري، اهو رواجي ۽ روايتي هُجڻ جي ڏِکَ پڻ ڏي ٿو.

مان نه ڄاڻان ته سکي ڇو آ رٺي
سنڌ ڄاوا نه سنڌ کي ڏي پٺي
وڏ ڦڙي سان وري برسات اٺي
بي سري ساز کان آ سينڍ سٺي
نار پنهنجن جي هٿان آهي ڪٺي
زندگي زهر هجي پو به مٺي
طنز جي ڇيت لڳي ڪنهن نه ڏٺي
مٿين ستن سٽن ۾ احساسن ۽ خيالن جون ست مختلف ڌارائون آهن، جيڪي توڙي جو هيئت جي هڪ ئي ڌاڳي ۾ ڪنهن مالها وانگر پوئيل آهن، پر انهن مان هر هڪ ۾ خيال ۽ خوبصورتي پنهنجي پنهنجي آهي. ڪنهن سٽ ۾ لوڪ ڏاهپ جو رنگ آهي، ته ڪائي سٽ شاعراڻو تخليقي احساس ۽ ادراڪ رکندڙ آهي. ڪا سٽ دل جي ننڊاکڙي نيڻن کي جاڳائي وجھي ٿي، ته ڪنهن سٽ ۾ عام رواجي ۽ مڙئي ڀراءُ هجڻ وارو احساس به محسوس ٿئي ٿو. ان جو وڏو سبب شايد هن صنف جي هنراڻي ۽ پيچيده هيئت ۽ قافئي جي جبري ٽنب ٽاڻ آهي، جنهن ۾ سُگھڙاڻي وکر وانگر ست مختلف خيالن جون ورجيسون ورتائيون ويون آهن. سٽن ۾ لوڪ دانش جا سهڻا نقطا ۽ زندگيءَ سان لاڳاپيل کوڙ سچائين جا کرا احساس ۽ اولڙا ته موجود آهن، پراحسان جي ٻين شاعراڻي صنفن ۾ جيڪا احساساتي روح ۽ رمزيت شامل ۽ فنڪارانه حسيت موجود آهي، جنهن کي پڙهڻ ۽ پُرجھڻ کان پوءِ روح ريشم ٿي وڃي ٿو. اها تخليقي ڏات ۽ احساس جي بي ساخته اُڇل سندس هن نئين صنف ۾ گھٽ نظر اچي ٿي.
احسان دانش جي شاعريءَ جو هي مجموعو، جيڪو 144 صفحن، چار ڪلر رنگين ٽائيٽل ۽ پڪي بائينڊنگ تي مشتمل آهي، جنهن کي ڏاهپ پبليڪيشن ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، سو نه صرف پنهنجي ٻاهرين ڏيک ويک ۾ جاذب ۽ موهيندڙ آهي، پر ان ۾ مواد جي چونڊ کان وٺي، شاعري جي مختلف صنفن ۽ انهن تي مختلف سرجڻھارن، تاج جويو، ايازگل، مقصود گل،سعيد ميمڻ، عادل عباسي، حبيب ساجد ۽ ياسر قاضي جي راين تائين جا رنگ سچ ته پنهنجي سٽاءَ ۾انتهائي ڀرپور ۽ سھڻا ٿا ڀاسن. گيٽ اپ ۽ لي آئوٽ ۾ حسين لڳندڙ هي شاعريءَ جو ڳٽڪو پنهنجي اندرئين ورقن ۾ به ايترو ئي پُر معنى ۽ پيارو آهي. لفظن جي خوشبوئن ۾ ويڙهيل هي ڪوتا ڪتاب حساس ۽ پُر بصيرت دلين لاءِ سچ ته هڪ تحفي جيان آهي.

----------------------------------------------------------------------------------------------- 
محمد هاشم حامي

احسان دانش نئين سنڌي ڪهاڻيءَ جو سگھارو نانءُ

اها ڊسمبر 1990 جي ڳالھ آهي، جڏهن مان سچل ادبي مرڪز تي پهريون ڀيرو آيو هوس. تن ڏينهن ۾ مرڪز جو روح روان سائين بشير احمد شاد ڪراچيءَ ويل هو، جنهن ڪري سائين سان ملاقات ٿي نه سگھي، پر اتي موجود انيس گل عباسي (جيڪو پڻ مرڪز جي باني ڪارڪنن مان رهيو آهي) جي معرفت ٽن ننڍڙن ديوستن سان ملاقات ٿي، اهي ننڍڙا دوست هيا : گل حسن عباسي، احسان دانش ۽ رضوان گل. اها پهرين ملاقات ئي اسانجي دوستيءَ واري مقدس رشتي جو سبب بڻي ۽ ائين اسانجو هڪ ٻئي سان پنهنجائپ وارو ناتو قائم ٿيو. انهن دوستن مان گل حسن ته وڃي Pharmaceutical جي دنيا آباد ڪئي البته احسان دانش ۽ رضوان گل پنهنجو ادبي سفر جاري رکيو پيا اچن. سندن سڃاڻپ سٺي شاعر، برجستي ڪهاڻيڪار ۽ مقاله نگار جي آهي.
منهنجي جڏهن احسان دانش سان پهرين ملاقات ٿي هئي، تن ڏينهن ۾ هو شاعري ۽ مضمون نگاري تي طبع آزمائي ڪندو هو، انهن ڏينهن ۾ احسان دانش جي شاعري "نئين زندگي" ۾ شايع ٿي هئي. جڏهن سندس شاعري نظر مان گذري ته احساس ٿيو ته ڏات عمر جي محتاج ناهي هوندي. بس اهو ڏينهن ۽ هي ڏينهن اسان ٻنهي جو ناتو، سڪ جو ناتو قائم آهي ۽ جنهن جو ثبوت سچل ادبي مرڪز آهي جتي اسان جي ملاقات هر روز ٿيندي رهندي آهي. بهرحال اڳتي هلي سچل ادبي مرڪز تي ادبي ويهڪن جو سلسلو شروع ٿيو ته احسان ڪهاڻيون به لکڻ شروع ڪيون. ان کان علاوه آهستي آهستي ڪجھ نوان دوست به اسان جي سٿ ۾ شامل ٿي ويا. جن ۾ جهانگير عباسي، سڪندر عباسي ۽ وفا اسلم جا نالا اچي وڃن ٿا، جن به ڪهاڻي کيتر ۾ پاڻ مڃرايو آهي. هن وقت احسان دانش هڪ ئي وقت، سٺو برجستو ڪهاڻيڪار، شاعر، مقالانگار، ريڊيو ۽ اسٽيج جوسٺو ڪمپيئر، بهترين دوست ۽ سٺو استاد (ليڪچرار) آهي. هڪ ئي وقت اِهي مڙئي خوبيون گهٽ ماڻهن کي نصيب ٿينديون آهن. وري منهنجي خوشنصيبي اها آهي جو احسان سان منهنجو سڪ ۽ قرب جو ناتو گذريل 20 سال کان آهي.
جهڙيءَ طرح هڪ چترڪار جڏهن ڪينواس تي رنگن کي برش سان چٽيندو آهي ته پوءِ رنگ ڳالهائيندا آهن اهي رنگ ان چترڪار جي فڪر جي ترجماني ڪندا آهن. ساڳي طرح هڪ ليکڪ قلم ذريعي لفظن کي زبان بخشي ٿو ۽ پوءِ اهي لفظ ليکڪ جي فڪر جا ترجمان بڻجي پڙهندڙن سان ڳالهايندا آهن. سنڌ جو ناميارو ليکڪ ۽ منهنجو ڀاءُ ۽ دوست احسان دانش به اهڙن ليکڪن مان آهي جيڪي لفظن کي زبان بخشن ٿا ۽ جيڪي لفظن کي ڳالهائڻ جي سگهه عطا ڪن ٿا.
احسان دانش جي ڪهاڻين لاءِ منهنجي ڪابه دعوى نه آهي. مان رڳو هن جي ڪهاڻين بابت ٻه چار ڳالهيون اوهان جي آڏو رکندس. فيصلو اوهان کي ڪرڻو آهي. احسان جون جيڪي به ڪهاڻيون آهن، پوءِ اهي ’بي سڪون خواب جو سچ‘ ۾ شامل هجن يا نه پر انهن ڪهاڻين پڙهڻ کانپوءِ اوهان ضرور محسوس ڪندا ته دانش ان ڪهاڻيءَ جي پهريان پاڻ ماحول جو حصو بڻجي پوءِ ئي ڪا ڪهاڻي سرجي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو هن جي ڪهاڻين ۾ ماحول جي گھرائي محسوس ٿيندي. جيئن سندس ڪهاڻي ’درد لادوا‘ آهي. جڏهن احسان لاڙڪاڻي جي ڊي.سي آفيس ۾ ڪلارڪ هيو ته اتي ان ماحول ۾ رهڻ دوران هن جو واسطو اهڙن ڪردارن سان پيو جن هن جي حساسپڻي کي لکڻ تي مجبور ڪيو، نيٺ هن ‘شبو’ واري روپ ۾ ڪردار تخليق ڪيو. ’شبو فقيراڻي‘ جي ٻالڪ پڻي کان وٺي ماءُ بڻجڻ تائين سموري درد ڪٿا ’درد لادوا‘ ۾ بيان ڪئي. هن ڪهاڻي جو آخري جملو هن سماج کان ڪيترن ئي سولن جا جواب طلبي ٿو. لکي ٿو : ”اهڙي ماءُ جيڪا پنهنجي ٻار کي پيءُ جو نالو ڪڏهن به نه ڏئي سگھندي.“
احسان دانش، بحيثيت ڪهاڻيڪار، هو موضوع جي گهرائي ۾ وڃي پوءِ ئي ڪا ڪهاڻي سرجي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هن جي ڪهاڻين ۾ زندگي جا حقيقي رنگ نظر اچن ٿا. هن جي ڪهاڻين جا موضوع ڌاريا نه آهن. انهن جو واسطو هن ڌرتي سان آهي. ساڳي طرح هن جا  ڪردار اوپرا محسوس ٿيڻ بدران اسان کي پنهنجا لڳن ٿا. پوءِ اهو ڪردار "درد لادوا" جي فقيرياڻي شبنم جو هجي، "بي انت مسافت" جي سرمد جو هجي يا وري ”رانديڪو“ جي ڀاڳ ڀري جو. مطلب ته هن جي ڪهاڻين جي ڪردارن کي پڙهڻ کان پوءِ ائين محسوس ٿيندو ڄڻ انهن ڪردارن سان ڪٿي نه ڪٿي ملاقات ضرور ٿيل آهي. سندس ڪهاڻين جي وڏي خوبي اها آهي جو هن ڪردارن کي پنهنجي ڪهاڻين ۾original  ماحول ۾ رکيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن جي ڪهاڻين جي ڪردارن ۾ پڙهندڙ پاڻ گم ٿيو وڃي. هو پنهنجين ڪيترن ئي ڪهاڻين ۾ self charater طور به آيو آهي. جئين سندس ڪهاڻي "بي انت مسافت" جي سرمد جو ڪردار آهي. هي ڪهاڻي زندگي جي فلسفي تي ٻڌل آهي ۽ ڪهاڻيڪار جيون کي ڪئين ٿو محسوس ڪري اهو هن سرمد جي ڪردار کان چورايو آهي. سرمد يونيورسٽي جو اسٽوڊنٽ آهي ۽ زندگي تي ٿيسز لکڻ ٿو چاهي. جنهن جي لاءِ هو ڪهاڻيڪار کان، چترڪار کان، پينو فقير کان، هڪ صوفي بزرگ کان رهنمائي وٺڻ چاهي ٿو. مطلب ته هو زندگي جو مفهوم ڳولڻ چاهي ٿو پر پوءِ ڪهاڻيڪار زندگي کي جئين محسوس ڪيو اهو سرمد جي وتان چورائي ٿو "سر زندگي اهڙي مسافت آهي جنهن جو شايد ڪو انت نه آهي. مون کي ڏاڍو افسوس آهي جو آءٌ ٿيسز جي موضوع سان نڀائي نه سگهيو آهيان ۽ اوهان وٽ submit ٿو ڪيان هي اڻپوري ٿيسز."
دانش پنهنجين ڪهاڻين ۾ شهري ماحول سان گڏ ٻهراڙي واري ماحول کي ڏاڍي سهڻي انداز سان فوڪس ڪيو آهي. هن جي ڪهاڻي "رانديڪو" پڙهڻ کان پوءِ اهو مڃڻو پوندو ته هو ٻهراڙي واري ماحول تي ڀرپور نموني سان لکي سگهي ٿو.
احسان دانش جي ڪهاڻي ’پيڙا جو پڙلاءُ‘ هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ هڪ قلمڪار جي درد ڪٿا بيان ڪيل آهي. هڪ اهڙو ليکڪ جنهن جو هٿ ۽ زبان فالج جي اثر هيٺ آهن. اهو پنهنجي اندر جا اڌما بيان ڪرڻ مهل ڪهڙي ڪيفيت مان گذري ٿو، احسان ان درد جي درياھ مان گذريندي ان ڪهاڻيءَ کي مڪمل ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته هر ڪهاڻيڪار پنهنجي ڪهاڻيءَ جي هر ڪردار جي پارٽ کي پاڻ پنهنجي اندر جي اسٽيج تي ادا ڪري پوءِ ئي ڪهاڻي پيش ڪندو آهي.
احسان دانش جي ڪهاڻي ’وڻ ويڙهي‘ جيتوڻيڪ ڊائجيسٽ واري معيار جي ڪهاڻي آهي، پر هن ڪهاڻيءَ جي وڏي خوبي اها آهي جو ڪهاڻي پڙهڻ دوران اوهان ڪنهن به لمحي هن جي ڪلائيميڪس کي نه سمجھي سگھندئو، جيسيتائين اوهان ڪهاڻي مڪمل نه ڪيو. هڪ ڪامياب ڪهاڻيءَ جي اها به خوبي هوندي آهي، جو ڪهاڻيڪار ڪهاڻيءَ جي ڪلائمڪس کي ائين لڪائي ڇڏيندو آهي، جيئن پڙهندڙ سولائيءَ سان ڪلائمڪس تائين پهچي نه سگھي.
"برساتي رات جو الـميو" سماجي حقيقت نگاري تي ٻڌل اهڙي ڪهاڻي آهي جنهن  ۾ احسان ماڻهو جي چهري تان ٻهروپي وارو ماسڪ لاهڻ جي اثرائتي ڪوشش ڪئي آهي. جنهن ۾ هو ڪامياب رهيو آهي. اها ڪهاڻي ڀٽ ڌڻي جي هن بيت جي ترجماني ڪري ٿي. "اندر ڪارو ڪانءُ ٻاهر ٻولي هنج جي." ساڳي طرح سندس ڪهاڻي "روپ ٻهروپ" پڻ هڪ منفرد ڪهاڻي آهي جنهن ۾ هن اسان جي سماج جي اهڙن ڪردارن جي پت وائکي ڪئي آهي، جيڪي پنهنجن چهرن تي ڪيئي چهرا سجائي گهمندا ٿا وتن.
"مان ۽ تون" ڪهاڻي ۾ صوفياڻو رنگ محسوس ٿئي ٿو. توڻي جو کڻي هن ڪهاڻي ۾صوفياڻا رنگ مڪمل طرح سان نه ڀرجي سگهيا آهن پر هي ڪهاڻي به پيغام جي حوالي سان پنهنجو vision پڙهندڙ تائين اثرائتي نموني سان ڇڏي ٿي. هن ڪهاڻي جي نالي مان ئي ظاهر آهي ته مان ۽ تون تي بحث ٿيل آهي. جيئن ته صوفياڻي فلسفي ۾ مان کي مارڻ جو پيغام ڏنل آهي ۽ تون جي پچار ڪرڻي آهي. هن ڪهاڻي جو مرڪزي نقطو به اهو ئي فلسفو آهي.
ڪهاڻي جو پنهنجو فن آهي پر وري ڪهاڻي جي ڪلائميڪس تي پنهنجي گرفت مضبوط رکڻ هڪ الڳ فن آهي. ڪهاڻي جو ڪلائيمڪس جيترو آخر ۾ ظاهر ٿيندو اوترو پڙهندڙ تي وڌيڪ گهرا اثر ڇڏيندو. احسان دانش به پنهنجن ڪهاڻين ۾ ڪلائميڪس سان سٺو نڀايو آهي. ان جو مثال سندس ڪهاڻي "خوشبو" آهي. هن ڪهاڻي جي پڄاڻي جنهن انداز سان ٿئي ٿي، يقينن پڙهندڙ جي واتان بي ساخته "واهه" نڪريو وڃي ۽ زبان مان ادا ٿيل واهه جو لفظ هڪ ڀرپور داد جي ترجماني ڪري ٿو. هن ڪهاڻي ۾ احسان "خوشبو" لفظ کي ڪردار طور به استعمال ڪيو آهي ۽ پيغام طور به ڪتب آندو اٿس.
ماڻهو جي اندر ۾ موجود حساس پڻو مختلف طريقن سان ظاهر ٿيندو آهي. ڪي ماڻهو بغاوت سان پنهنجي حساس پڻي کي ظاهر ڪندا آهن، ڪن کي حساس پڻو خودڪشي ڏانهن وٺي ويندو آهي پر اهو ساڳيو حساس پڻو ماڻهو کي ڏات به بخشيندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪو مصور رنگن ذريعي ان حساسيت جو اظهار ڪندو آهي ۽ وري شاعر ۽ ڪهاڻيڪار، شاعري ۽ ڪهاڻي ذريعي پنهنجن حساس جذبن جو اظهار ڪندو آهي. احسان جي هن ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻي  "بي سڪون خواب جو سچ" به هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي جنهن مان ليکڪ جي حساس هئڻ جي پروڙ پوي ٿي. هر حساس ماڻهو جيان احسان جي به اها دلي تمنا آهي ته هي دنيا امن ۽ سُڪون جو نگر بڻجي وڃي. هن ڪهاڻي ۾ احسان ان تمنا کي دعا جي صورت ۾ ڪمال درجي سان هڪ سٽ ۾ سمائي ڇڏيو آهي: "اي خدا انسان کي فطرت جي سونهن ۽ معصوميت جو بدن ڏي."
هن جي ڪهاڻي ڪتاب ’بي سڪون خواب جو سچ‘ ۾ ’خوشبو‘ کان وٺي ’ڏوهي‘ تائين سموريون ڪهاڻيون ڪهاڻيڪار جي اندر جي تڙپ کي بيان ڪن ٿيون. انهن ڪهاڻين ۾ حوصلو به آهي ته مايوسي به. ايندڙ وقت لاءِ سنيهو به آهي ته دعا به. ۽ ها ڪٿي ڪٿي انهن ۾ بغاوت به محسوس ٿئي ٿي. حقيقت اها آهي ته احسان دانش جون مختصر ڪهاڻيون به پنهنجو مٽ پاڻ آهن. اهي چند سٽن ۾ لکيل ڪهاڻيون ڏاڍو وسيع مفهوم رکن ٿيون، پوءِ اها ’آزادي“ هجي يا ’ڏوهي‘، ’پاڻي‘ هجي يا ’اُڃ‘، ’جن‘ هجي يا ’ڪارنهن‘. مطلب ته انهن مختصر ڪهاڻين پڙهڻ کان پوءِ اوهان پاڻ کي ڪيتري ئي دير تائين انهن جي سحر ۾ گم ٿيل محسوس ڪندا.
دانش جي سمورين ڪهاڻين ۾ توهان کي هڪ پختگي نظر ايندي. ڀل کڻي موضوع سان نڀاءُ هجي يا ڪهاڻيءَ جي ماحول جي چونڊ. ڪردارن جي جوڙ جڪ، لفظن جو استعمال، منظرنگاري يا پڄاڻي مطلب ته هن ڪوشش ڪري پنهنجين ڪهاڻين سان سٺو نڀاءُ ڪيو آهي. منهنجي نظر ۾ احسان جي ڪهاڻين جي وڏي خوبي اها آهي جو اسان کي هن جون ڪهاڻيون پڙهڻ مهل فڪري پهلوئن ۽ پيغام کي سمجھڻ ۾ ڪابه ڏکيائي محسوس نه ٿيندي.
احسان جي ڪهاڻين پڙهڻ کان پوءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته هن جون ڪهاڻيون سنڌي ڪهاڻي تي لڳل مختلف الزامن کي رد ڪن ٿيون ۽ ثابت ڪن ٿيون ته سنڌي ڪهاڻي پنهنجو ڀرپور سفر جاري رکيو پئي اچي.


 ----------------------------------------------------------------------------------------------
بيدل مسرور بدوي
حقيقت تي منحصر قلمي تصويرون
دانش جي شاعريءَ تي مختصر راءِ

مون احسان دانش، جي ڪتاب ”لفظن جي خوشبو“ جا رڳو ابتدائي غزل پڙهيا آهن، سچ ته مان في الحال انهن ٻن غزلن جي ٻن ٽن شعرن جي سحر ۾ جڪڙجي ويو آهيان، ڪتاب جي رڳو انهن چند شعرن مان ئي ايندڙ لفظن جي خوشبو پاڻ هرتو ٻڌائي ٿي ته باقي ڪلام ۾ به يقيناً اهو اثر نمايان هوندو، جيڪو مون محسوس ڪيو آهي: هڪ ته احسان جي غزل ۾ زندگيءَ جي حقيقت ڏاڍي سهڻي انداز سان پيش ٿيل آهي، مثال طور:

تو هٽايو نقاب چهري تان،
 پو به دل ۾ حجاب ٿا پلجن.
حقيقت پسنديءَ جي ڏانءَ ۾ هن وٽ وري نوان خيال به آهن جيئن لکيو اٿئون:

درد مون لاءِ دادلا آهن
پالڪين ۾ نواب ٿا پلجن
هي ٻه سٽون ڏاڍيون سگهاريون آهن ۽ منهنجي خيال ۾ سنڌي شاعريءَ ۾ حقيقت پسنديءَ کي شعر جي فن ۾ پيش ڪرڻ جو انداز احسان جو بلڪل منفرد آهي. ان انفراديت تي مان جيترو به داد ڏيان يقين ڪريو تمام ٿورو ٿيندو، ڇاڪاڻ ته سنڌي شاعري منهنجي نظرن مان تمام گهڻي گذرندي آهي پر

پنهنجي ڌرتيءَ سان ناهي سچو ڪو،
پر گهٽين ۾ خطاب ٿا پلجن
۾ به دانش شاعراڻي فرض نڀائڻ ۾ ڪسر نه ڇڏي آهي، ساڳيءَ ريت ٻئي غزل جو شعر

ڌنڌلا خواب ساڀيان ماڻن
ٿورڙو مسڪراءِ چانڊوڪي.
مان سمجهان ٿو انهن چئن شعرن پڙهڻ کانپوءِ سموري ڪتاب بابت اها راءِ نهايت بي اختياريءَ وچان نڪري ٿي ته احسان دانش جو شعر حقيقت تي منحصر قلمي تصويرون آهن، جن تي انهن چند لفظن جي تعريف سان ان جو پورو حق ادا ڪري نه ٿو سگهان. 


----------------------------------------------------------------------------------------------- 
رضوان گل

احسان دانش منهنجو ڀاءُ ۽ دوست

ماضيءَ جون ڳالهيون خوبصورت يادن جا ويس به اوڍي اينديون آهن ته حسين وادين جون سندرتائون به کڻي اينديون آهن، جيون جي هن ڊگهي يا مختصر سفر ۾ هر گذرندڙ لمحو پنهنجي الڳ ئي خوشبو جو واس رکندڙ هجي ٿو، اهڙا ڪيترائي خوبصورت لمحا مون احسان سان ننڍي ڀاءُ جي حيثيت ۾ نه پر هڪ جگري دوست جي حيثيت ۾ گهاريا آهن جن جون سندرتائون جيون جو انمول ورثو آهن، ماضيءَ جي هڪ کڙڪيءَ ۾ جڏهن جهاتي وجهان ٿو ته اهي ڏينهن ذهن جي اسڪرين تي اچڻ لڳن ٿا، جڏهن علي گوهرآباد واري پرائمري اسڪول ۾ احسان ۽ آنءُ گڏجي پڙهندا هئا سين، احسان مون کان 3 سال سينيئر هو آنءُ جڏهن ٽئين درجي ۾ آيس ته احسان سيڪنڊري اسڪول هليو ويو، جڏهن آنءُ گورنمينٽ پائليٽ سيڪنڊري اسڪول ۾ داخل ٿيس ته احسان منهنجو اتي به سينيئر هو، مان جڏهن ڊگري ڪاليج ۾ داخلا ورتي ته احسان بي ايس سي  جي آخري سال ۾ هو، مان انٽر ڪرڻ بعد وڌيڪ پڙهائي لاءِ سنڌ يونيورسٽي هليو ويس ۽ احسان کي روينيو کاتي ۾ نوڪري ملي وئي، هي اهو ئي دور آهي جڏهن احسان لاڙڪاڻي ۾ سچل ادبي مرڪز تي هفتيوار تنقيدي گڏجاڻيون ڪوٺائي دوستن کي گڏ ڪندو هو ۽ پاڻ به هر هفتي نئين ڪهاڻي پيش ڪندو هو، اهو 96 وارو سال آهي. آنءُ سنڌ يونيورسٽي مان روزاني ”جاڳو“ ۾ هفتيوار ڪالم ڪهاڻيون لکندو  هوس. انهن ڪالم ڪهاڻين جي ڪردار ”جوش“ کي يونيورسٽي ۾ ڏاڍي پذيرائي ملي،  جاڳو اخبار ان وقت پنهنجي اوج تي هئي. اهو سلسلو سچل ادبي مرڪز جي ٻين دوستن به امر جليل کان متاثر ٿي شروع ڪيو ۽ مختلف ڪردارن جي ذريعي ڪالم ڪهاڻيون لکيون جن ۾ احسان دانش، محمد هاشم حامي، سڪندر عباسي ۽ ٻيا شامل آهن.
سچل ادبي مرڪز تي ٿيندڙ تنقيدي گڏجاڻين ۾ اياز قادري، ملڪ آگاڻي، رزاق مهر، منظور ڪوهيار، ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، عنايت ميمڻ، مختيار سمون، عادل عباسي، سڪندر عباسي، محمد هاشم حامي، جهانگير عباسي ۽ ٻيا ڪيترائي اديب شريڪ ٿيندا رهيا، اهو دور مشاعرن جي حوالي سان به لاڙڪاڻي جو يادگار دور هو  جو هر هفتي ڪنهن نه ڪنهن تنظيم طرفان طرحي يا غير طرحي مشاعرو ٿيندو هو. انهن مشاعرن ۾ احسان دانش جي شعرن کي نه صرف هم عصر پرڪهنه مشق  شاعر به تمام گهڻو سارهائيندا هئا، جن ۾ اميد خيرپوري، لقمان حڪيم،احمد خان مدهوش وغيره شامل آهن.
جڏهن احسان ۽ مان ليڪچررشپ لاءِ  پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان گڏجي پاس ڪيو ته پوري سنڌ ۾ احسان پهرئين نمبر تي آيو ۽ آنءُ ٻئي نمبر تي، ان وقت احسان روينيو واري نوڪري ڇڏي  پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ اردو جو ليڪچرار ٿيو هو ۽ آنءُ تازو ئي جاگرافي ۾ ايم ايس سي ڪري آيو هوس، احسان شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ٻه ايم اي ، سنڌي ۽ اردو ۾ ڪري چڪو هو ۽ ڪميشن جو امتحان سنڌي سبجيڪٽ ۾ پاس ڪيو هئائين.
بابا 1 اپريل 2002 تي ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ائسوسيئيٽ پروفيسر طور رٽائرمينٽ ورتي ۽ مون ان ئي مهيني جي 24 تاريخ تي جوائن ڪيو. احسان مونکان ٽي مهينا پوءِ پياري دوست فياض لطيف سميت ڊگري ڪاليج جي سنڌي شعبي ۾ جوائننگ ڪئي، اتي احسان ۽ منهنجي دوستيءَ جو هلڪو ساڳيو ئي ٿي ويو، ڪاليج ۾ تمام وڏو  ادبي لڏو اڳ ئي  موجود هو  جتي يادگار ادبي پروگرام ٿيا، اديب دوستن ۾ سليم ڪورائي، رزاق مهر، محمد علي پٺاڻ، اخلاق انصاري، عبدالحق ساريو، علي ڏنو شر، آفتاب سرهيو، فياض لطيف، جاويد شيخ ۽ پياري رياضت ٻرڙي سميت  ٻيا دوست شامل هئا.
احسان ۽ منهنجي عمر ۾ ٻه ٽن سالن جو فرق هوندي به اسان ۾ ڀائرن وارا روايتي حجاب، تڪلف ۽ آداب ان ڪري به نه رهيا جو اسان  دوستن وانگر رهيا آهيون، احسان جيڪو منهنجو ڀاءُ به آهي ته دوست به ، سندس ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جيڪي سندس سادگيءَ سبب به  يادگار آهن، جڏهن به ڪنهن ٽوئر تي وڃبو ته فياض ۽ مان احسان کي اڪثر گاڏيءَ ۾ گڏ ويهاريندا آهيون پوءِ فياض ڪوبه اختلافي موضوع کوليندو آهي ۽ آنءُ سندس ڀرپور حمايت ڪندو آهيان... بس پوءِ احسان شروع ٿيندو آهي ... ۽ آخرڪار بحث هلندي هلندي جڏهن ڳالهه ڪاوڙجڻ واري مرحلي تي پهچندي آهي ته پوءِ هٿيار ڦٽي ڪري کلي پئبو آهي، ڪوهه مري،ايوبيا، اسلام آباد ۽ لاهور کان ويندي سنڌ جي مڙني تاريخي ماڳن مڪانن، پيرن بزگن، ڍنڍن ڍورن ۽ دڙن تائين ڪيترائي سفر ڪيا جن ۾ احسان کي هميشه ڪمپرومائيز ئي ڪندي ڏٺو اهو گورک هل اسٽيشن وارو ٿڪائيندڙ جابلو پنڌ هجي يا  رني ڪوٽ  جو سفر...
احسان مزاجاً سُست آهي پر ٻئي طرف وري مون هن کي جڏهن ڪابه اسائنمينٽ يا ڪنهن به ادبي ڪم ۾ هٿ وجهڻ کان پوءِ ان تي تيزيءَ ۽ ڦڙتيءَ سان ڪم ڪندي ڏٺو آهي ته ان سستيءَ واري پهلوءَ جي بلڪل ابتڙ ئي نظر آيو آهي. خاص طور تي هو اڄ ڪلهه پي ايڇ. ڊي جي حوالي سان جيڪو تحقيقي ڪم ڪري رهيو آهي ان ۾ سندس دلچسپي ۽ مستقل مزاجي متاثر ڪندڙ به آهي ته اتساهه ڏيندڙ پڻ. ها! باقي ان سستيءَ سبب  اسڪول ۾ دير سان اچڻ تي احسان اڪثر مار کارائيندو هو، ۽ اڄ به جڏهن ٻاهر گهمڻ وڃبو اهي ته آخر م تيار ٿيڻ وارو احسان ئي هوندو آهي....  گاڏي ڊرائيو ڪندي اڪثر هڪ ٻئي جي غلطين کي معاف ناهيون ڪندا. اهو بحث گهر جي گيٽ تي اچي ختم ٿيندو آهي، جيڪو اڪثر کل ڏياريندڙ به هوندو آهي. شام جو مرڪز تي گڏ صبح جو ڪاليج ۾ ۽ باقي وقت گهر ۾ ان ڪري مان اهو دعوى سان چوان ٿو ته اهڙا ڀائر تمام گهٽ هوندا جيڪي خوش نصيبيءَ سان هڪ ئي هنڌ نوڪري به ڪندا هجن سندن دوستيءَ جو هلڪو به هڪ ئي هجي ۽ اهي رهندا به هڪ ئي ڇت هيٺان هجن. رات جو دير سان ادبي پروگرامن تان واپسي ٿيندي آهي ته اهو ڊپ نه هوندو آهي ته گهر ۾ بابا انتظار ڪندو هوندو يا شايد ناراض ٿيندو... ڇالاءِ ته بابا جن به اسان سان گڏ ئي هوندا آهن. شهر ۾ اڄ به ڪيترائي ماڻهو اسان کي پيءُ پٽ نه پر ڀائر سمجهندا آهن ڇوته بابا جن اسان کي ٻال وهيءَ کان ئي پاڻ کان الڳ ٿيڻ ناهي ڏنو، ادبي پروگرام اهي لاڙڪاڻي ۾ هجن، ڀٽ شاهه ۾ هجن، لعل قلندر تي هجن، حيدرآباد، خيرپور، سکر ۽ ڪراچي ۾ هجن يا اسلام آباد ۾، اسان هميشه بابا جن سان گڏ رهيا آهيون. گڏو گڏ  شام جو مرڪز  تي ٿيندڙ ڪچهرين ۽ بحث مباحثن جو به اسان جي تربيت  ۾ تمام وڏو ڪردار رهيو آهي، پاڻ عام نوجوانن جيان هوٽلن تي ويهي فلمي ڳالهيون ڪرڻ ۽ فضول بحثن بجاءِ وڏن ۽ دانشورن جي محفلن ۾ ويهي هر ڀيري ٻه اکر علم و دانش جا ئي پرايا آهن. اهو ئي سبب آهي جو احسان ڪيترن ئي اهڙين ڪهنه مشق ۽ بزرگ شخصيتن کان انٽرويوز ڪيا جيڪي تاريخي دستاويز جي حيثيت رکندڙ آهن ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي ۽ عبدالغفور ڀرڳڙي کان ويندي استاد انور سانگي تائين احسان اهي انٽرويوز ڪري تاريخ جا اهم واقعا ۽ يادگيرون قيد ڪيون آهن جيڪي اڳ اهڙي ريت منظرِعام تي اچي ناهن سگهيون.
ريڊيو تي ادبي پروگرام ”رسالو“ ۾ هن  جيڪي ايڊيٽوريل پڙهيا آهن انهن کيس ريڊيو جي دنيا ۾ هڪ الڳ ۽ سڃاڻپ جو نئون حوالو ڏنو آهي. لاڙڪاڻي جي حوالي سان ترتيب ڏنل سندس ٻه ڪتاب ۽ سندس ڪهاڻي ڪتاب کانپوءِ تازو آيل شاعري جي مجموعي ”لفظن جي خوشبو“ کيس سنڌي ادب ۾ مانائتو مقام ڏياريو آهي ، احسان شاهه سائين تي جيڪو تحقيقي ڪم ڪري رهيو آهي ان ۾ شال کيس سڦلتا ملي.

---------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------------
-----------------------------------------------------------------------------------------
ناليوارن ليکڪن جا احسان دانش بابت رايا

رائنر ماريا رلڪي چواڻي ”تخليقڪار جي لاءِ نه ڪا ’شئي‘ ننڍي آهي نه ڪوئي ’مڪان‘ بي معنى آهي“ ۽ اهڙين ننڍين ڳالهين کي معنى ڏئي احسان دانش، رلڪي جي نظمن ۾ سمايل ڪيفيتن کي ”ڪهاڻي“ بڻائي ٿو ۽ ڪهاڻيءَ کي نثر جو نظم ثابت ڪرڻ جي ڀرپور سگھ رکي ٿو.
اخلاق انصاري
اڄ ڪلھ ادب ۾ هڪ نئون ٽرم آيو آهي ”منيملزم“ يعني ننڍڙي شي پيش ڪجي پر خوبصورت هجي، احسان دانش اهڙيون مختصر ۽ خوبصورت ڪهاڻيون لکيون آهن جن ۾ ’ڪارنهن‘، ’آزادي‘ ۽ ’سچ ۽ سپنو‘ شامل آهن.
منظور ڪوهيار
احسان دانش سنڌي ادب ۾ هڪ نامياري شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ محقق طور وڏو طاقتور ناءٌ آهي. خاص طور هن جديد سنڌي شاعريءَ جي حوالي سان ڪافي نالو ڪمايو آهي. هن جديد سنڌي شاعريءَ جي حوالي سان هڪ نئين صنف ”ست رنگي“ به تخليق ڪئي آهي، اها نهايت تازي، نئين، سليس ۽ وڻندڙ آهي، جنهن کي اسان جا سنڌي شاعر ضرور پنهنجي جيءَ ۾ جاءِ ڏيندا ۽ مونکي اميد آهي ته هيءَ صنف سنڌي ساهت ۾ ڪافي مشهور ٿيندي ۽ احسان هن صنف جي سڃاڻپ جو حوالو بڻبو.
ڊاڪٽر عابد مظهر
احسان دانش جو پنهنجي شاعريءَ ۾ هر صنف سان غير روايتي نڀاءُ دل ۾ هن لاءِ الڳ جاءِ ۽ احترام پيدا ڪري ٿو. هن جي شاعريءَ ۾ ڪيتريون ئي تخليقي سٽون کيس موجوده وقت جي اهم شاعرن جي قطار ۾ بيهارين ٿيون. اميد ته احسان پنهنجي ان سفر کي جاري رکندو، ڇوته اهو هن کي ڏاتارن جي ڏيھ ۾ نئين ۽ نرالي سڃاڻپ ڪرائي ٿو. اهڙي سڃاڻپ لاءِ ماڻهو سڪندا ۽ سڌون ڪندا آهن.
محمد علي پٺاڻ
جيڪي دوست مونکي پنهنجي من اندر محسوس ٿيندا آهن، انهن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو محنتي محقق، منفرد ڪهاڻيڪار، سٺو شاعر، مستقل لکندڙ ۽ کاهوڙي ڪارڪن، هميشه مٺڙي ۽ سندر مرڪ منهن تي پکيڙيندڙ، قربائتو ۽ پيارو احسان دانش به شامل آهي. احسان دانش جي ٻين انيڪ خوبين مان جيڪا خوبي مونکي موهي وجھندي آهي، اها سندس بي انتها ۽ پُر خلوص سچائي ۽ سڪ آهي. احسان دانش جا شاعراڻا خيال بنيادي طور پيار ۽ محبت جي محور تي رقص ڪن ٿا ۽ مختلف صنفن جي صورت ۾ منظوم آهن.
احسان دانش جون ڪهاڻيون مون پڙهيون به آهن ته ٻڌيون به آهن. هن جي پڙهڻي صاف ۽ ڪهاڻيءَ جي بيان، واقعن ۽ گفتگوءَ سان ٺهڪندڙ هوندي آهي. احسان دانش جي ڪهاڻين ۾ ڪهاڻيءَ جا سڀئي فني جزا، پنهنجي ڀرپوريت سميت سمايل آهن. سندس ڪهاڻين ۾ موضوع ۽ مواد سميت، خوبصورت پلاٽ، ضروري ڪردار، ٺهڪندڙ گفتگو، گھربل ماحول، ڪٿي اڻ لکو ته ڪٿي واضح ڪلائيمڪس ۽ گھڻ رخي پڇاڙي، پڙهندڙ کي ضرور ملندي. احسان جي ڪهاڻين جي ٽريٽمينٽ (ورتاءُ) پنهنجي لکندڙ کي، پڙهندڙ وٽ ڪنهن نه ڪنهن ريت ضرور محسوس ڪرائي ٿي. احسان دانش جون ڪهاڻيون ڳنڀير، کريون ۽ مڪمل آهن. پنهنجي تخليقي انداز مان، احسان دانش پڙهندڙ تي اثرانداز ٿئي ٿو ۽ کيس سوچن لاءِ آماده ڪري ٿو
رياضت ٻرڙو
احسان دانش جي شاعري اعلى تخيل جي ڌارا ۾ لوڙهيندي، تصور جي ساگر ۾ وٺي وڃي ٿي، جتي پڙهندڙن کي پوپٽن جهڙا سندر، ٻارڙن جي ٽهڪن جهڙا مقدس ۽ گلن جهڙا لطيف رنگ پسڻ ۾ ايندا. احسان جيئن پنهنجي چهري ۾ معصوم آهي تئين پنهنجين تخليقن ۾ به پيار ڪندڙ ڀاسي ٿو. هو نه رڳو سٺو شاعر ۽ ڪهاڻيڪار پر سٺو دوست به آهي.
مسڪين سمون
احسان دانش جي ڪهاڻين جا موضوعات منفرد ۽ دل کي ڇهندڙ آهن. هو انهن موضوعن تي پنهنجي مخصوص اسٽائيل ۽ ڊڪشن سان ڀرپور طرح ڪهاڻي لکڻ ڄاڻي ٿو، اها ئي ڳالهه کيس پنهنجي ٽهي جي باقي سمورن ڪهاڻيڪارن کان جدا ڪري بيهاري ٿي. احسان جون سموريون ڪهاڻيون انهن انساني قدرن جون ترجمان آهن جن جي روز اسانجي سماج ۾ ڀيل ٿي رهي آهي. منهنجي خيال ۾ دانش جون ڪهاڻيون سندس دل جي دردن جو درمان به آهن ته زندگي جي تلخين ۽ سچاين تان پردو کڻندڙ به. مونکي وڏي اميد آهي ته احسان دانش جون ڪهاڻيون سنڌي ڪهاڻي کيتر ۾ بهتر مقام ماڻينديون.
جهانگير عباسي
احسان سان منهنجي واقفيت 1998 ۾ ڪراچي جي ”جاڳو“ اخبار جي آفيس ۾ ٿي هئي جتي هو پنهنجي صحافي دوست عبيد ٻرڙي سان ملڻ آيو هو. بعد ۾ خبر پئي ته ان کان ڪجھ سال اڳ هو ”جاڳو“ ۾ مستقل ڪالم به لکندو هو. مونکي هو نهايت پر خلوص، شائستو، محبتي ۽ دوستن کي مانُ ڏيڻ وارو لڳو.... پر مان ان وقت هن کي اهڙي موٽ نه ڏئي سگھيو هوس، جنهن جو هو لائق هو. عبيد ٻڌايو هو ته احسان سٺو شاعر ۽ ڪهاڻيڪار به آهي. ان کان پوءِ جلد ئي احسان وري ٻيهر ”جاڳو“ ۾ ڪالم به لکڻ شروع ڪيا هئا. پوءِ جڏهن هن سان ويجھڙائي ٿي ته احساس ٿيو ته احسان دانش جنهن جو به دوست آهي سچ پچ اهو شخص ڀاڳوان آهي. سندس لکڻين ۾ انيڪ اتساھ ۽ اڳتي ڪجھ ڪرڻ جو جذبو ملي ٿو. شاعريءَ ۾ سندس خيال گھرا ۽ گھڻ پاساوان نظر ايندا. ڪهاڻيءَ جي فني ۽ فڪري زاوين کان باخبر آهي ۽ ادب ۾ ٿيندڙ نت نون تجربن ۽ تبديلين ۾ ويساھ رکي ٿو.
دين محمد ڪلهوڙو
احسان دانش سچ ته مونکي اهو مٿي ڦريو مصور لڳندو آهي جيڪو ڪاغذ جي ڪينواس تي برش کي رنگ بدران رت ۾ ٻوڙي لکندو هجي. احسان جو قلم ڪاغذ تي رت روئيندو آهي ۽ هڪ ڪهاڻي ٺهي پوندي آهي. احسان جا لفظ ڪهاڻي لکڻ جي عمل مان گذرڻ مهل من اندر ٿيندڙ ڀڃ ڊاھ تي باهيندا آهن. دانش مونکي درد جو سفير سمجھ ۾ ايندو آهي، جيڪو درد کي به هڪ ميراث تصور ڪندو هجي، تنهن ڪري درد جي هن سفير جي ڪهاڻين کي دل جون دريون کولي پڙهڻ کپي.
سڪندر عباسي
شاعريءَ ۾ فطرت جي حسناڪين جا لفظي چتر ٺاهيندڙ احسان دانش پنهنجي سُڀاءَ ۾ به نهايت سلڇڻي طبيعت رکندڙ ماڻهو آهي. سندس گھراڻي جي سرواڻ ڊاڪٽر شاد سان گڏ احسان ۽ رضوان جي ڪري لاڙڪاڻي جي ادبي کيتر نهايت ئي مقبول ۽ معروف آهي. هر فورم تي هن گھراڻي سنڌي ماءُ ٻوليءَ کي ڀيٽا ارپي آهي. هن خاندان ادبي حلقن جون رجشون کڻي به سدائين سڀن جو مرڪي آڌرڀاءُ ڪيو آهي. احسان دانش منهنجن پيارن دوستن ۾ شامل آهي، سندس پيار منهنجي روح سان ڳنڍيون ڏنل آهي.
خالد زخمي

--------------------------------------------------------------------------------------------------------------

پروفيسر عطا الله ابڙو

برجستي شاعر احسان دانش جي ڪتاب
”لفظن جي خوشبو“ تي منظوم تبصرو

(تقريض)

ڏاهپ پبليڪيشن جو پهريون ڪتاب
لفظن جي خوشبو“ نه جنهن جو جواب
احسان دانش صاحب لکيو آهي جو
ڪيو ٿس واڌارو سنڌي ادب جو
ڪتاب جو گيٽ اپ ۽ سيٽپ پيارو
وڻي خوب دل کي، لڳي پڻ پيارو
غزل جنهن ۾ واقعي به آهن غزال
ادب سنڌ جي ۾ سي سڀ لازوال
نظم جو حصو آهي واقعي منظم
کولي ذهن و دل کي پيو جيڪو هر دم
سرجيا بيت احسانَ، دانش سان جي
هنڊايو جي دل سان ته وسرن نه سي
لکيا هن اهي بيت هن بي خوديءَ ۾
وڻن دل کي ڏاڍا عجب شاعريءَ ۾
پرينءَ ساڻ هن ڄڻ ڪيون هن رهاڻيون
وهائن پيون نير اکڙيون نماڻيون
چيو هن ته تون بوند، هي دل سپي
رهي سمنڊ ۾ پو به ٿس تشنگي
جو ٻوليو ڪبير، اڄ سو دانش چيو
سندس بيت دوهي جو ڄڻ ترجمو
اندر ۾ آ دانش جي ساڳي ئي تاس
ڪبير سيپ سموندر ڪي رٽي پياس پياس
هي وايون به آهن جيئن ڪي اُلا
اندر جِي آ دانش جي آه و بقا
هجي هائيڪو يا ڪو ٽيڙو ڀلي
پيا خوب دانش جا جوهر کُلي
ٿر ياترا ۾ پسيا هن جي منظر
ڀوڏيسر، گڊي ڀٽ ۽ گوڙي مندر
قطعا، چوسٽا جا لکي هن رباعي
سڀئي سون جهڙا نه ڪا سٽ اجائي
ڏسو ست رنگين تي کنئيون ٿس قلم
ڪَيَئين ڄڻ ته اوچو عِلِمَ جو عَلَمُ
نئين صنف سرجي آندي ٿس نواڻ
سٽون ست، هم قافيه ساڳي وزن ساڻ
هر هڪ سٽ ۾ ڀرپور اظهار آ
فڪر ۽ تخيل جو ڀنڊار آ
آ دانش جا ”لفظن جي خوشبو“ پکيڙي
مان ان مان ئي جذبن جي هٻڪار ميڙي
عطا خوب محنت ڪيئين هن کي شابس
سُڀان جو بخاري آ احسان دانش