Wednesday 2 May 2018

عبدالڪريم گدائي ؛ ڪوڙين روايتن سان بغاوت جو شاعر


عبدالڪريم گدائي (Abdul Kareem Gadaaee) سنڌ جو بهترين شاعر، ڪريم آباد، تعلقي ٺل ۾ پهرين جنوري 1901ع ۾ پيدا ٿيو. گدائيءَ جي تعليم سنڌي فائنل هئي. هن دنيا ۾ روزي روٽيءَ جي بندوبست لاءِ ڪلارڪ، سپاهي ۽ صحافي جهڙا مختلف فرض سرانجام ڏانا. سندس ٽي شاديون ٿيون. اولاد ۾ ٻه پٽ ٻه نياڻيون هيون. سندس مشهور تصنفون، ”خان ڳڙهه کان جيڪب آباد تائين“، ”پيماني تي پيمانو“، ”ساڻيهه جا سور“، ”پکڙا ۽ پنهوار“ شامل آهن، ان کان علاوه ڪيئي فيچر، ڪهاڻيون ۽ اسٽيج ڊراما پڻ لکيل آهن. سندس وفات 28 جنوري 1978ع ۾ ٿي ۽ آخري آرامگاهه افضل بابا قبرستان جيڪب آباد ۾ آهي.
عبدالڪريم گدائيءَ جو گهريلو نالو ”بگو“ هو. اسڪول ۾ سندس نالو عبدالڪريم لاشاري لکرايو ويو. گدائي 1911ع ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ 1916ع ۾ پنج درجا پاس ڪري سکر جي هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو. اهڙي طرح 1920ع ۾ فائنل جو امتحان ٺل جي سنڌي اسڪول مان پاس ڪيائين.
سندس پهرين نوڪري پوليس ۾ ننڍي منشي واري رهي. جڏهن شاعري شروع ڪيائين ته پنهنجي لاءِ تخلص ”گدائي“ جو انتخاب ڪيائين. گدائي صاحب پنهنجي هڪ تصنيف ۾ لکي ٿو، ”جڏهن آئون 1920ع ڌاري پوسٽ آفيس شڪارپور ۾ ڪلارڪ هوس، تڏهن جليانوالا باغ جي واقعي خلاف احتجاجي ڏينهن ملهايو ويو. منهنجي دل ڪانگريس طرف ڇڪجي ويئي. گدائي شروعات ۾ خلافت تحريڪ کان متاثر هو پر پوءِ جوش ۾ نوڪري ڇڏي وڃي ڪانگريس ۾ شامل ٿيو. 1925ع ڌاري سندس شاعري سنڌو ۽ ٻين هفتيوار اخبارن ۾ شايع ٿيڻ لڳي. پر سندس شاعري جو حقيقي دور هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ شروع ٿئي ٿو. گدائي صاحب لکي ٿو، ” 1947ع کان پوءِ آزادي وارو خواب شرمندءِ تعبير رهجي ويو، اسين سنڌي پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ٿي وياسون. امنگون ۽ اميدون پائمال ٿي ويون. تڏهن کان شاعري موجوده موڙ اختيار ڪيو.“
گدائي صاحب جو شروعاتي ڪلام هفتيوار پيغام، صداقت، سنڌو، سنڌ زميندار، روزانه الوحيد ۾ شايع ٿيندو رهيو. پاڻ 1952ع ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو. ان دوران گدائي صاحب مقامي اخبارن صبح سنڌ، ستاره سنڌ، فرنٽيئر گزيٽ، انقلاب، امروز ۽ مجاهد جو ايڊيٽر به رهيو.
گدائي جي شاعري سنڌ سان پيار ۽ انسيت جو مظهر آهي. سندس نالو سنڌ جي ترقي پسند شاعرن جي فهرست ۾ ڳڻيو وڃي ٿو.

گدائي جي شاعري مان چونڊ ٽڪرا نموني طور هيٺ ڏجن ٿا.
سفر زندگي جو ڪٺن هو گدائي
بهر طور گذريو گذاري ڇڏيوسين.

خبردار هاري جو ڀوتار آيا
پراڻا شڪاري کڻي ڄار آيا.

اڄ به ساري رات، رنو ويٺي مارئي
سارو ملڪ ملير جو آيو واڳن وات
ڪڍي ڪوئي ڪات، ماري مانگر مڇ کي.

نه اٽو جنهن کي، نه اجهو ميسر
نه ٻارن کي چولو، نه عورت کي چادر
نه پنهنجي بدن تي لنگوٽي برابر
نه ڪوسيءَ ٿڌيءَ ۾ ڪو پيرن ۾ پادر.

آ واٽ تي ڪاري ٻاٽ اگر
پر پنهنجي رت جو تيل ڏيئي
هر موڙ مٿان آزادي جي
هڪ مشعل ٻاري وينداسين.

گدائي صاحب جي هڪ اردو غزل جو بند:

ڪب رها غافل مين تيري ياد سي
افترا هي، جهوٽ هي، الزم هي.
عبدالڪريم گدائي : هيڻن جو همراهه
شاڪر کوسو

ويهين صديءَ جي شروعات ۽ سندس پهرين سال جي پهرين تاريخ تي ٺل تعلقي جي ناليواري زمينداربهادر خان کوسي جي ڪمدار بجار لاشاريءَ جي گهر ۾ پٽ جي ولادت ٿي،پٽ جي آمد تي خوشيءَ جا ڳيچ ڳايا ويا،سندس ڇٽيءَ تي اوڙي پاڙي ۽ بجار لاشاري جي ڪمداري هيٺ آيل هارين جي عورتن جي مبارڪباديءَ لاءِ اچ وڃ رهي هوندي،ان ڏينهن بجار پاران پتڪڙي پٽ جي ڇٽيءَ جو نالو ”بگن“ رکيو ويو جيڪو بعد ۾ بانبڙا پائڻ ۽ پهرين شرارت کان پوءِ ”بگن“ مان ڦري ”بگو-بگو“ سڏجڻ لڳو. خيال اهو ٿو ڪجي ته سندس والد پاران ڀوتارڪي راڄ هيٺ سندس ”درخشان مستقبل“ لاءِ دعائون گهريون ويون هونديون ۽ دل ئي دل ۾ اهو سوچي گد گد ٿيو هوندو ته ”بگن“ وڏو ٿي سندس ”منصب“ سنڀاليندو پر هن کي ڪهڙي ڪل ته اڄ جو ”بگو“ سڀاڻي جي سنڌ جو ”عبدالڪريم گدائي“ بڻجي ڏيهه جي ڏاڍن ۽ بگڙيل ڀوتارن خلاف بغاوت جا الم بلند ڪري ”ساٿ هلندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي“ بڻجي گونجار ڪندو!
سچ ته عبدالڪريم گدائي ويهين صديءَ جي پهرين سال جي پهرين ڏينهن جو خداتعالي پاران مظلوم مخلوق لاءِ خلقيل تحفو آهي پاڻ جڏهن سندس شاعريءَ جي ڪليات ”لاٽ ٻرندي رهي“۾ گهرون ٿا ته سندس شاعري ڄڻ ته اسان منجهه سرايت ڪري وڃي ٿي ۽ سندس شاعري اتساهه ڏيارڻ لاءِ هيئن ٻارڻ جو ڪم ڪري ٿي؛

نيٺ گدائي ٻارڻ ٻرندا
انسانن جا وارا ورندا
ڪنڊن مان ئي ڦول اڀرندا
ظالم سڙندا،ڳرندا،مرندا
ماڻهو ٿيندا شاد
دنيا ۾ نيٺ ته ٿيندو دادٰ !

سندس شاعري پڙهي خواهش ٿي جنم وٺي ته ڪاش!اسين به گدائيءَ کي روبرو ٻڌون ها پر موت ته اوس اچڻي ئي آهي،جنهن مان هن جهان جا وڏا وڏا عالم، مدبر، سائنٽسٽ، مفڪر شاعر اديب ۽ سياستدان به پلئه پاند نه ڇڏائي سگهيا آهن بهرڪيف هر اهو ماڻهو جيڪو هن جهان کي الڳ ۽ منفرد زاويي سان ڏسي ٿو اهو پنهنجن قولن، فعلن، عملن ۽ سچاين ڪري هر دور ۾ زنده جاويد رهي ٿو، اڄ ”گدائي“ صاحب ان ڪري زنده جاويد ناهي ته هو هڪ ناليواري زميندار جي ڪمدار جو پٽ هو پر اڄ هو اسان جي نوجوانن، نياڻين ۽ پوڙهن جي دلين جي ڌڙڪن انڪري بڻيل آهي جو هو اسانجو ترجمان آهي، اسانجي خيالن جي عڪاسي ڪندڙ، اسانجي جذبن، امنگن، احساسن ۽ ڌرتيءَ کي دين ڌرم مڃيندڙ محب وطنن جو ايمان آهي!
جڏهن ڀٽي صاحب اٽي، لٽي ۽ اجهي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي ته گدائي صاحب پنهنجن خواهشن کي هيئن بيان ڪيو؛

ڪر سڻايون ٿين ديس ۾ شل!
اجهو، لٽو ۽ اٽو، ان جال جام ٿئي!

گدائي صاحب پنهنجن مختلف شعرن ۾ فيض احمد فيض جيان اسان سان مخاطب ٿيندي چيو آهي ته حيات انساني جي اجتماعي جدوجهد جو ادراڪ ۽ پوءِ ان جدوجهد ۾ حسب توفيق شرڪت ئي نه رڳو زندگيءَ جي تقاضا آهي پر فن جي گهرج پڻ! ۽ گدائي صاحب بذات خود انهيءَ جدوجهد ۾ بر سر پيڪار رهيو، سياسي ڪارڪنن، اديبن، شاعرن ۽ وطن جي گھڻ گهرن کي ملندڙ صعوبتون،اذيتون،قيد تنهايون، ۽ عملدارن جا مڪروه ٽهڪ انهيءَ سڄي عملي ڪم جا روشن مثال آهن، اسين سمجهون ٿا ته شاعر ۽ اديب جو ڪم فقط ۽ فقط ”غير جانبدار“ ٿي لکڻ آهي ۽ غير جانبدار ٿي لکڻ سان ئي حقيقتن جي صحيح عڪاسي ڪري سگهجي ٿي ۽ انقلاب جو رستو ”غير جانبدار“ ادب مان ئي تعين ڪري سگهجي ٿو.
گدائي صاحب جي شاعريءَ جا ڪيترائي پاسا آهن، هڪڙي پاسي دنيا جي تلخ حقيقتن ۽ ظلمتن جو درد آهي ته ٻئي پاسي وري گدائي صاحب حسن و محبت جي حڪايتن جا گيت ٻڌائيندڙ آهي، گدائي صاحب ڌرتي تي ٿيندڙ ڏاڍ ڏهڪاءُ جبر جي ڪوٽن کي مضبوط ۽ ويچاري انسان کي سورن ۾ورتل ڏسي دانهين ٿو.
سندس شاعريءَ جا ڪيترائي رنگ ۽ پاسا آهن دل ته چئي ٿي ته سندس مڪمل ”ڪليات“ هتي ڏيئي ڇڏيان.
گدائي صاحب جي شاعري اڄ جي حالتن سان به ٺهڪندڙ آهي جيتوڻيڪ گدائي صاحب کي هن دنيا مان وئي ڪيئي ورهيه گذريا آهن پر هو پنهنجي شاعري وسيلي ”بني نوع انسان“ جي بقا تائين زنده جاويد رهندو. اچو ته اُن عظيم انسان کي ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ سندس ئي سٽن ۾ ڀيٽا ڏيون:

جيئي سنڌ! جيجل جو آهي قسم،
ته جيسين آ سينو ۽ سيني ۾ دم،
ٿئي ديس خاطر جي سر ڀي قلم:
ساٿ هلندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي!
...

سنڌي سينٽ بلاگ تان ورتل

اجهو موسم ڦري، ساٿي، خزان ويندي بهار ايندو!
گجي گرنار پاسي کان، اجهو ابر بهار ايندو،
انبن جي ٻُور تي ڀئونرو، به ٿي بي اختيار ايندو،
ڪَليون ٽڙنديون اميدن جون، دلين کي به قرار ايندو۔
وڻن ۾ برگ و بار ايندو!
ٿرن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪاري ايندو۔
بهار ايندو، قرار ايندو!
ڪري سينگار ساهيڙيون، سهانا گيت ڳائينديون،
هٿن پيرن کي ميندي، سينڌ ۾ سندور لائينديون،
اندر جا راز رمزن ۽ اشارن ۾ ٻڌائينديون،
ڪري هڪٻئي کي ڪتڪايون، کلي هر هر کلائينديون،
۽ جوڀن تي بهار ايندو!
ٿرن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪاري ايندو۔
بهار ايندو، قرار ايندو!
ڪُراڙيون پاڻ ۾ ويهي، جَڳن جا راز کولينديون،
نـَڪن تي آڱريون نيئي، نرالا ٻول ٻولينديون،
قطارن ۾ ويهي جيڏيون، جوئان هڪٻئي جون ڳولينديون،
جڏهن هو پنهنجي سيني تي سياه واسينگ کولينديون،
ته عاشق بيقرار ايندو!
ٿرن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪاري ايندو۔
بهار ايندو، قرار ايندو!
دماما، دهل، شرنايون، ڪٿي ڌمچر مچائينديون،
ننڍيون نيٽيون، مڙي لاڏا ۽ سهرا خوب ڳائينديون،
دهل جي تال تي گڏجي، ڪئين تاڙيون وڄائينديون،
ڪنواريون گهوٽ سان چرچا ڪندي ميندي لڳائينديون،
بنو ٿي شرمسار ايندو!
ٿرن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪاري ايندو۔
بهار ايندو، قرار ايندو!
مهر جا مينهن پوندا تراريون تار ٿي وينديون،
وطن جون واديون گلپوش، ۽ گلزار ٿي وينديون،
مسرت سان مليرياڻيون مڙئي سرشار ٿي وينديون،
نئين رَت ساڻ نوورنيون سڀئي گلنار ٿي وينديون،
سمو پڻ سازگار ايندو!
ٿرن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪاري ايندو۔
بهار ايندو، قرار ايندو!
جوانيون اوٽ ۾ ويهي، سلينديون راز الفت جا،
ونڊيندا درد هڪٻئي سان، ويهي دمساز الفت جا،
ڪنڊن ڪِرڙن منجهان ايندا، مٺا آواز الفت جا،
ليون لاڻيون سڻائينديون، ”گدائي“ ساز الفت جا،
وڻن ۾ برگ و بار ايندو!
ٿرن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪاري ايندو۔
بهار ايندو، قرار ايندو!