Tuesday 1 May 2018

سنڌ جو مرثياگو شاعر ؛ سيد ثابت علي شاه


 سيدثابت علي شاهه
ثابت علي شاهه ڪربلائي: سنڌ جو مشهور مرثيه گو شاعر سيد ثابت علي شاهه پٽ سيد مدار علي شاهه سن 1153 هه (1740ع) ۾ سيوهڻ ۾ پيدا ٿيو. سيد ثابت علي شاهه جو وڏو ڏاڏو سيد نور محمد شاهه، مغل نواب اعظم سان گڏ سنڌ ۾ آيو ۽ ٺٽي ۾ اچي رهيو. سن 1128 هه/ 1715ع ۾ نواب اعظم جي معزول ٿيڻ کان پوءِ شاهه صاحب ٺٽي مان لڏي سيوهڻ ۾ سڪونت پذير ٿيو. سيد نور محمد شاهه جي فرزند سيد مدار علي شاهه کي ٽي فرزند هئا. سيد ثابت علي شاهه، سيد احسان علي شاهه ۽ سيد فضل علي شاهه. هي سادات حضرت امامموسيٰ ڪاظم عليه السلام جي اولاد مان سڏيا وڃن ٿا. 
سيد ثابت علي شاهه جو پهريون
 استاد آخوند عبدالرحمان هو، جنهن جي حرمين شريفين وڃڻ کان پوءِ ثابت علي شاهه مُلي چاڪر کان قرآن پاڪ جي تعليم ۽آخوند الياس کان فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. شاهه صاحب فقہ، تفسير ۽ علم عروض کان واقف هو. شاعريءَ ۾ سندس پهريون استاد مخدوم نورالحق مشتاقي هو ۽ آخر ۾ ميان سرفراز خان عباسيءَ سان هم مڪتب ٿي غلام علي مداح جو شاگرد ٿيو. فقہ ۽ تفسير ۾ سندس هم مڪتب قاضي مير لطف الله هو، جيڪو بعد ۾ مشهور عالم ٿيو. 
شاهه صاحب، ميان سرفراز
 خان جو هم مڪتب هو. جڏهن پاڻ سنڌ جو حاڪم ٿيو، تڏهن ثابت علي شاهه ان جي درٻار سان وابسته رهيو. سنڌ ۾ جڏهن ڪلهوڙن جيحڪومت ختم ٿي ۽ ٽالپرن جي حڪومت قائم ٿي ته شاهه صاحب ٽالپرن جيدرٻار سان وابسته ٿيو. 
سيد ثابت علي شاهه، مير فتح علي
 خان (سن 1209هه/ 1794ع) جي دور ۾ ڪربلا معليٰ جي زيارت ڪئي ۽ سن 1219هه/ 1804ع ۾ مير غلام علي خانجي دور ۾ مشهد مقدس (ايران) جي زيارت کان مشرف ٿيو. مير غلام علي خان، سيد ثابت علي شاهه کي سنڌ جي سفير جي حيثيت ۾ شاهه ايران لاءِ هڪ قرآن مجيد ۽ سنڌ جي ثقافت سان لاڳاپيل ڪجهه ٻيو سامان تحفي طور ڏياري موڪليو، شاهه ايران، فتح علي شاهه قاچار حضرت علي عليه السلام جا قدم مبارڪ (جيڪي اڄ به حيدرآباد ۾ هر خاص و عام جي زيارت لاءِ موجود آهن)، حضرت امام رضا عليه السلام جو لکيل قرآن مجيد ۽ ٻيو سامان تحفي طور سنڌ جي حاڪم لاءِ موڪليو.مشهد ميوزم ۾ سنڌ جي ٽن بادشاهن مير فتح علي خانٽالپر، مير نور محمد خان ٽالپر ۽ مير محمد نصير خان ٽالپر طرفان ٽي قرآن مجيد به موڪليا ويا هئا. جيڪي ٻين نسخن سان گڏ اڄ به اتي رکيل آهن. 
ڪلهوڙن جي آخري دور ۽ ٽالپرن جي ابتدائي دور ۾ خاص طرح سنڌي شاعريءَ ۾ تبديلي آئي ۽ عروضي شاعريءَ جو چالامان وڌيو،
 ان ڏس ۾ سيد ثابت علي شاهه سنڌ جو پهريون شاعر آهي، جنهن سنڌيءَ ۾ باقاعدي مرثيي نگاريءَ جو بنياد وڌو. مرثيه گوئي ۾ سندس پهريون شاگرد مرزا مراد علي بيگ هو. جنهن موزون شاعريءَ ۾ سنڌي مرثيا، سلام ۽ قصيدا چيا. 
سيد ثابت علي شاهه جو سمورو ڪلام فصاحت ۽ بلاغت جي خوبين سان لبريز آهي ۽ هن ادبي نقطئه نگاهه کان مرثين ۾ نيون جدتون ۽ نوان اسلوب پيدا ڪيا. در حقيقت سنڌيءَ ۾ رزميه شاعريءَ جي ابتدا ثابت علي شاهه کان ٿي. عربي ۽ فارسيءَ جي آميزش سان گڏ محاورا، تشبيهون ۽ خيال به پهرين هن سنڌي مرثيي ۾ روانيءَ سان ادا ڪيا ۽ سنڌي شاعريءَ جو رخ بدلائي ڇڏيو.
 
سيد ثابت علي شاهه جو ڪليات مرثين، مسدسن، مخمسن، قصيدن، سلامن، مثنوين، مناجاتن، نعتن ۽ منقبتن سان مالامال آهي. سندس سمورو ڪلام سنڌي،اردو
 ۽ فارسي زبانن ۾ آهي. سنڌ ۾ سڀ کان پهرين سيد ثابت علي شاهه جو سمورو ڪلام سندس مڪمل سوانح حيات سان گڏ سنڌ جي محقق ۽ اديب ميرزا عباس علي بيگ مرتب ڪيو، جيڪو 1984ع ۾ اسلامڪ اسٽڊي سينٽر ڪراچيءَ طرفان شايع ٿيو. 
پروفيسر احمد شميم
 خان ”مطالعه سنڌ ۾ اردو شاعري“ ۾ ڄاڻايو آهي ته سيد ثابت علي شاهه، مير انيس ۽ ميرزا دبير جا مرثيا پڙهندو هو ۽ مرثيا پڙهندي کيس شاعريءَ جو شوق پيدا ٿيو ۽ مرثيا چوڻ لڳو. هن مير انيس ۽ ميرزا دبير جي مرثين جا ترجما ڪيا، جيڪا اها تاريخي حوالي سان غلط ڳالهه آهي. ثابت علي شاهه جي ولادت سن 1153 هه/1740ع ۾ ۽ وفات سن 1225 هه/1810ع ۾ ٿي، جڏهن ته مير انيس جي ولادت 1220هه/1805ع ۽ وفات 1291 هه/1874ع ۾ ٿي هئي ۽ مرزا دبير جي ولادت 1218 هه/1803ع ۾ ۽ وفات 1292 هه/1875ع ۾ ٿي. ان مان پتو پوي ٿو ته مير انيس ثابت علي شاهه جي وفات وقت 5 سالن جو هو ۽ مرزا دبير اڃا ستن سالن جو مس هو ۽ اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته سنڌ جي شاعر ثابت علي شاهه اردو مرثيي جي وڏن شاعرن کان اڳ مرثيا لکيا هئا. شاهه صاحب مرثين ۾ پنهنجو تخلص ”ثابت“ ۽ ”زوار“ ڪم آندو آهي. 
سيد ثابت علي شاهه 27 جمادي الثاني سن 1225 هه/1810ع ۾ وفات ڪئي، کيس سيوهڻ ۾ دفن ڪيو ويو،
 جتي سندس عاليشان مزار اڄ به موجود آهي. سيد ثابت علي شاهه جو ڪلام 2008ع ۾”رڻ گجيو راڙو ٿيو“ عنوان سان ڇپيو آهي، جيڪو مرزا نجم الحسن جو ترتيب ڏنل آهي.
(انسائيڪوپيڊيا سنڌيانا)
سنڌي شاعريءَ ۾ مرثئي جي روايت ۽ سيد ثابت علي شاه
تحرير: ”نرمل“کوهارو
مرثيو اصل ۾ عربي زبان جو لفظ آهي، جيڪو رثي مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي روئي ڪنهن جون نيڪيون ۽ گُڻ بيان ڪرڻ، علم و ادب جا پارکو ۽ ماهر مرثئي جا ٻه مفهوم ٻڌائين ٿا. هڪ عام مرثيو ۽ ٻيو خاص مرثيو عام مرثيو ان نظم کي چوندا آهن جنهن ۾ مرڻ واري جي خوبين جو ذڪر ڪري ان جي موت تي افسوس ڪيو وڃي. ليڪن خاص مرثيو ان نظم کي چئبو آهي جنهن ۾ حضرت امام حسين عليه السلام جي شهادت ۽ ڪربلا جي ڪوس متعلق واقعيات درد انگيزي نموني بيان ڪيا وڃن، تنهن ڪري اڄ ڪلهه جي عالمگير اصطلاح موجب مرثئي جي معنيٰ ئي (اهو رزميه ڪلام جنهن ۾ ڪنهن جنگ ۽ شجاعت جو ذڪر هجي) آهي. بلخصوص جنهن ۾ ڪربلا جي درد انگيزي واقعي بابت بيان ڪيل هجي.
سنڌي شاعري ۾ مرثيه گوئي جي ابتدا ڪندڙ ۽ مرثيه نگاري کي عروج واري معراج بخشيندڙ مرحوم سيد ثابت علي شاه ڪربلائي آهي. جنهن ڪري کيس جديد دور جي مرثئي جو باني سڏيو وڃي ٿو.
شاهه صاحب ڪربلا جي ڪوس جي دردناڪ واقعي کي نهايت ئي دلسوز نموني پنهنجن مرثين ۾ بيان ڪيو آهي.
ڪربلا ۾ قتل ٿيو تنهنجو حُسيني ڪاروان
خاڪ سِر وسندا پٽيندا سام ڪوفي طرف ٿيا روان.
سيد ثابت علي شاه سيوهڻ جي سادات گهراڻي جي سيد مدار علي شاه جو فرزند هو، سندس ولادت باسعادت 1153هجري بمطابق 1740ع ۾ سنڌ جي اولياءِ خيز بستي سيوهڻ شريف ۾ ٿي. شاه صاحب کي ننڍي هوندي کان ئي شعر و شاعري پڙهڻ ۽ پروڙڻ جو شوق رهيو. فارسي زبان سکڻ بعد فارسي زبان جي مقامي ۽ پرڏيهي شاعرن جو ڪلام مجالس ۾ پڙهڻ لڳو پر حقيقي معنيٰ ۾ مرثين لکڻ جو شوق کيس سجاده نشين درگاه حضرت لعل شهباز قلندر سيد اسدالله شاه حسيني ڏياريو ۽ پاڻ سندس چوڻ تي سنڌي زبان ۾ مرثين چوڻ جي شروعات ڪئي ۽ سنڌي مرثئي جا سڀ لوازمات پيش ڪري سنڌي مرثئي کي معراج تي پهچايو. سيد ثابت علي شاه علم عروض تي ٺهيل موزون شاعري جو پهريون ئي شاعر آهي جنهن سنڌي ۾ مرثيا چيا آهن ۽ سنڌي شاعري ۾ هن صنف سخن کي نئون ۽ جديد رنگ بخشي مقبول عام بنايو ۽ سندس مرثين ۾ اهي سڀ خوبيون ملن ٿيون جيڪي مرثئي لاءِ ضروري آهن جيئن پاڻ فرمائي ٿو:
مرثيو سنڌي اڳهين هو ڪو نه اصل سنڌ ۾،
جي ڪو هوتا پڻ نه هو مشهور هن پر هرڪجا
سندس مرثين ۾ ڪربلا جي قضيي جو اول تا آخر تائين احوال ڏنل آهي، ان ۾ واقعيات جي ترتيب، صبر ۽ مردانگي جو مظاهرو، جنگ جي منظر نگاري، لفظن جي چونڊ سهڻي ۽ سليس پر دلسوز انداز ۾ بيان ڪيل آهي. اهو سندس دل جو آواز هو جنهن لفظن جي ترتيب سان مرثئي جي شڪل ورتي. کين جيڪا اهلبيت عظام عه سان حُب هئي، ان جي عشق جي اُچار سان جيڪي زبان مان نڪتو ٿي اهو سندن درد ڀريل دل جو آواز جنهن سبب ئي سندن مرثين ۾ بيحد درد سوز سمايل آهي. سندن ڪلام مان انتخاب پيش ڪجي ٿو. رب جي رضا تي راضي ٿي حضرت امام حسين عه جو سفر قضا ڏي اُسهڻ جو ذڪر سائين ثابت علي شاه هيئن ٿو ڪري:
ٿي رضا تي راضي سيد سفر جو ساز ڪيو،
هن دغابازن جي دعوت جو مڃڻ لاچار ٿيو.
اهل و اطفال سڀ هادي ڪري همراهه هليو،
اڳ ۾ عزرائيل ٿيو سونهون مقرر يا حسين.
سفر جون منزلون طئي ڪندي جڏهن امام عالي مقام ڪربلا تي پهچي ٿو ته ساٿين کان هن زمين بابت پڇي ٿو:
شاه چيو هن پٽ جو ڇا هي، نانءَ يارو چئو،
عرض ڪيو يارن ڪ آهي ڪربلا نانءَ هن سندو.
شاه جڏهن ڪربلا جو نانءَ يارن کنيو ٻڌو،
پيو لهي گهوڙي تئون چيئين الله اڪبر ياحسين عه.
اهڙي ريت سيد ثابت علي شاه ڪربلا جو احوال ڏيندو اڳتي وڌي ٿو ۽ ڪربلا جي ڪوس جي منظر پسائي ٿو:
هڪ طرف قاسم ڪُٺو هن هنڌ علي اڪبر ڪُٺو،
هن طرف عباس هو هت عوم ۽ جعفر ڪُٺو.
هت ڪريا مسلم جا پٽ هَت احمد ۽ اصغر ڪريو،
سڀ لڏيا ساٿي اٿي، تون ڀل سفر ڪر ياحسين.
آخر ۾ امام حسين پاڻ جنگ جي ميدان ۾ تيرن جي زخمن کان چور ٿي زمين تي ڪري ٿو ۽ شمر ظالم سندس سر مبارڪ ڌڙ کان ڌار ڪري نيزي تي چاڙهي ٿو. سيد ثابت علي شاه هن واندوهناڪ نظاري جو بيان ڪندي چوي ٿو:
آخر ان مظلوم جو سر شمر ظالم ڪيو جدا ،
چاڙهي نيزي تي ڪيائون قوم جو قبله نما.
سر شهيدن جا جڏهن نيزن مٿي چاڙهڻ لڳا،
حشر ٿيو نيزي چڙهيو خورشيد انور ياحسين.
هتي ڪربلا جي ڪوس ۽ رت جي راند جي پڄاڻي ٿئي ٿي ان بعد سيد ثابت علي شاه مرثئي ۾ آيل آل رسول جو قيد ٿيڻ ۽ شام جي درٻار يزيد ۾ پيش ٿيڻ ۽ مديني واپسي جا واقعيات نهايت پر درد ۽ پرسوز طريقي سان بيان ڪيا آهن.
ساٿ ري سردار قيدي ڪربلا مظلوم جا،
سر پٽيا ماتم ڪندا جڏهن شام ڏي روئندا هليا.
ٿي پڇيو جنهن ڪنهن ڪ هي بي وارث آهن ڪنهن سندا،
ان تي چيو آهيون مديني جا مسافر مبتلا.
هي بي ناموس جنهن جو حال اڄ آهي تباهه،
سو حسيني قافلو هو، جنهن جو ماريو بادشاهه.
سيد ثابت علي شاه بيمار ڪربلا جي مديني پهچڻ کي هن طرح بيان ڪيو آهي:
سر هڻي در تي، وجهي سر خاڪ ماتم اک يتيم،
منهن ڪري ناني ڏي ڪئي فرياد گهايل دل دونيم.
يارسول الله اسان تي ظلم ڪيا اُمت عظيم،
يامحمد صه الغياث از ڪوفيان از شاميان.
شاه صاحب جا مرثيا فصاحت و بلاغت جي لحاظ کان وڏي اهميت جا حامل آهن. منجهن لفظي ۽ معنوي صفتون اعليٰ آهن. اصطلاح ۽ تشبيهون پڻ ڪتب آندل آهن. سيد ثابت علي شاه جو ڪلام مرثين کان سواءِ مسدس، مخمس، سلام، نوحا، قصيدا، منقبت، زيارت نامو، طفرنامو ۽ ڪيترن جنگين جي احوال تي مشتمل آهي. سندن سمورو ڪلام چهارده معصومين عليه السلام جي محبت ۽ الفت جو مظهر آهي، ڪلام جي رواني ۽ وضاحت سنڌي ٻولي تي مڪمل عبور جو ثبوت آهي، بقول مولانا غلام محمد گرامي جي ته ” سيد ثابت علي شاه جو ڪلام سنڌي ادب جو بي بها خزانو آهي“ سنڌ جي شاعري جي گلدستي جو هي سهڻو ۽ سرهو گل سڄي سنڌ ڌرتي کي واسي سن 1225هجري مطابق سن 1810ع ۾ دارالبقا ڏانهن رهي ٿيو. سندس مزار سيوهڻ شريف ۾ زيارت گاه خاص عام آهي سندس اولاد هن وقت ميرن جي قبن تي حيدرآباد ۾ مقيم آهي.

سيد ثابت علي شاهه جي مرثيه ۾ ”سنڌيت“ جو رنگ
 قلمڪار: نصير مرزا
عربي لغت ۾ مرثيه جي معنيٰ ڇا به ڄاڻايل هجي، سنڌيءَ ۾ ته ان جي معنيٰ ٿيندي: ”سيد ثابت علي شاهه“! عربي فارسي ٻوليون، سيد ثابت علي شاهه جون برابر اباڻيون ٻوليون هيون. پر هن شاعر اصل ۾ عشق انهن ٻولين بدران سنڌي ۽ سرائيڪي سان وڌيڪ ڪيو. سنڌ جي خالص اتر، دادو ضلعي جي سيوهڻ شهر ۾، هن رهائش اختيار ڪئي ۽ پنهنجي نالي سان ڏينهن قيامت تائين ان ئي شهر جو نالو سلهاڙي، پاڻ کي سڏرائڻ شروع ڪيو ”سيد ثابت علي شاهه سيوهاڻي، زوار مشهدي و ڪربلائي“ ۽ ائين به برابر آهي ته، هن مرثيي جي گهاڙيٽي طور فارسي شاعريءَ جي صنف ”مسدس“ کي اظهار لاءِ چونڊيو ۽ ان ۾ فارسي ٻوليءَ جي محاوري کي به برابر ته مروج رکيو. پر سنڌي ۽ نج اترادي سنڌيءَ جي لفظن، ”جاڏي، ڪاڏي“ ”جٿ، ڪٿ“، ”تڏ ۽ ڪڏ“، جي واهپي کي به جاري رکيو، پر ٿورو ترسو، اهڙن نج پج سنڌي لفظن تي آڌارڪ سندس ڪي سٽون آئون هن ڪالم ۾آڻيندس ۽ باقائده آڻيندس. پر پهرين هن شاعر جا، ڪي ٻيا قصا مون کان ٻڌو. جي ها! هو سنڌ وطن جو پهريون اهڙو سنڌي هو، جنهن 1793ع ۾، سنڌ جي بادشاهه مير ڪرم علي خان جي مالي سهڪار سان، ڪربلا ڏانهن سفر ڪيو هو ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙين زيارتن بابت پهريون منظوم سفرنامو پڻ تحرير ڪيو هو ۽ ان جو عنوان رکيو هئائين ”زيارت نامو“. مورخن جو بيان آهي ته، هو مير فتح علي خان ٽالپر فاتحِ سنڌ، جو اهڙو ته پسنديده مرثيه نگار هو، جنهن جو مرثيو ٻڌڻ لاءِ هو عاشوري جي ڏينهن حيدرآباد ۾ ميان فقير محمد (فقير جي پڙ واري) وٽ...قلعي مان نڪري اچي پهچندو هو ۽ تعزيي آڏو ويهي کائنس مرثيو ٻڌندو ۽ روئيندو هو. سيد ثابت علي شاهه جي شاعريءَ کان سواءِ به، ڀٽائي صاحب سان هڪڙي هڪجهڙائي هوندي هئي ۽ اها هيءَ، ته هي ٻيئي عظيم شاعر، ”ڪاظمي سادات هئا، ۽ ڀٽائي صاحب وانگر سيد ثابت علي شاهه جو شجرو به، سڌو وڃي امام موسيٰ ڪاظم عه تي دنگ ٿو ڪري. ”حيدرآباد سنڌ“ ۾ پهريون تعزيو به تاريخ لکي ٿي ته، سيد ثابت علي شاهه جي مشاورت سان ئي واڍن جي پڙ وارن جنڊي واڍن تيار ڪيو هو. (جيڪو اڄ به ثابت و سالم حالت ۾، امام بارگاهه علي آباد ٽنڊي آغا ۾ موجود رکيو آهي.) چون ٿا، ثابت علي شاهه جي ڄمار ان وقت، ٻٽيهه کن ورهيه هئي، جڏهن پاڻ هي پهريون مرثيو چيو هئائون: ”اي خدا جا لاڏلا، سردار سرور، يا حسين!“ ثابت علي شاهه جي ولادت 1740ع ڌاري ٿي هئي ۽ ان وقت سنڌ جو بادشاهه، ميان نور محمد ڪلهوڙو تخت نشين هو ۽ ڀٽ شاهه ۾ ڀٽائي سرڪار، به نفسِ نفيس موجود هئا.
سن 1802ع ڌاري جڏهن سنڌ جي بادشاهه ۽ سيد ثابت علي شاهه جي وڏي مداح عالي وقار مير فتح علي خان هي جهان ڇڏيو ته، سندس تربت جي ڪتبي لاءِ ”ابجد“ جي حساب وارو چئوسٽو به سيد ثابت علي شاهه کان ئي لکرايو ويو، جيڪو ميرن جي قبن تي مير صاحب جي سنگِ لحد تي، اڄ به صاف پڙهڻ ۾ پيو اچي. روايت آهي ته قدم گاهه موليٰ علي تي نصب علي پاڪ جي قدمن وارو پيلو پٿر به، ثابت علي شاهه صاحب ئي ايران مان تحفي طور سنڌ ۾ آندو هو، جنهن مٿان پوءِ وقت جي ٻئي وڏي بادشاهه مير نصير خان جعفريءَ شاندار قبو اڏايو هو. ثابت علي شاهه جي نسبت ۾ هڪڙي ٻي اهم ڳالهه هيءَ به آهي ته، درگاهه قلندر لعل شهباز تي موجود ”گجگاهه“ (علم طوق) سيد ثابت علي شاهه جي لاءِ تربت کوٽڻ وقت زمين مان معجزاتي نموني ۾ دريافت ٿيو هو، ۽ جنهن کي بعد ۾ درگاهه لعل سائينءَ ۾ آڻي، عام و خاص جي زيارت لاءِ رکيو ويو. سيوهڻ جي نگريءَ ۾ رهندي، ثابت علي شاهه صاحب لعل سائين سان والهانه عقيدت رکندو هو. سندس سوانح نگارن لکيو آهي ته، فجر وقت ثابت علي شاهه ئي اهو پهريون شخص هوندو هو، جيڪو درگاهه اندر علي الصبح ”تلاوت“ ۾ مصروف نظر ايندو هو. چون ٿا، پوءِ دنيا مان جنهن وقت برقعو مٽايائين، ان وقت سندس ڄمار ستر ورهين کان ڪجهه سوائي هئي ۽ صفا جهور نظر ايندا هئا، ۽ هر وقت ايندڙ ويندڙ کي وصيت پيا ڪندا هئا ته بعدِ وصال، کين ڪربلا جي زمين ۾ دفن ڪيو وڃي، تڏهن هڪ رات کين مولا حسين عه خواب ۾ بشارت ڏني، ”ثابت علي شاهه! تنهنجو پورهيو قبول پيو. هاڻي تون جتي به دفن ٿيندين، ڏينهن قيامت تائين اهو ئي هنڌ، دنيا ۾ ڪربلا پيو پڪاربو، ۽ تحقيق ته پوءِ ائين ئي ٿيو ۽ سيوهڻ شريف جيڪو خالصتن لعل سائين جو شهر آهي، ان نگر جي وچو وچ، شهر اندر هڪ اهڙو مقام به آهي، جنهن کي، دنيا اڄ سڏيندي ئي آهي: ”ڪربلا سيد ثابت علي شاهه.“ جنهن ۾ سنڌي ٻولي جو هي باوفا سپوت ابدي آرامي آهي، جنهن جا ابا ڏاڏا برابر ته عرب هئا ۽ انهن جي اختيار ڪيل ٻولي جيتوڻيڪ فارسي ۽ ان کان پوءِ ملتاني سرائيڪي به هئي، پر...ياڄمار سيد ثابت علي شاهه صاحب پاڻ نج پج سنڌي ٻولي ڳالهائي ۽ خالص اتر سنڌ جي محاوري کي مرثين ۾ مروج رکيو. چون ٿا ته اسان جي ڀٽائي صاحب کي شاعريءَ ۾ لاڙي لهجو وڌيڪ پسند هو، ان ڪري رسالي ۾ اسان کي وٽس وڌ ۾ وڌ لاڙي محاورو گهڻو ٿو نظر اچي. خاص ڪري لاڙي لفظ ”ڪوهه“ (معنيٰ ڇو؟) ڀٽائي صاحب ڪثرت سان استعمال ڪيو آهي. اتر ۾ رهڻ جي باوجود، ثابت علي شاهه به ان لاڙي لفظ کي گهڻو ئي پسند ڪيو آهي. پنهنجي هڪڙي نوحي ۾، بيبي فاطمه سانئڻ جي واتان چورايو اٿس:
منهنجو لال، ڪُٺائون ”ڪوهه“،
مون کي مفت مُٺائون، ڪوهه،
سارو ساٿ لٽيائون، ڪوهه،
هئه هئه حسرت، واويلا!

هاڻي سيد ثابت علي شاهه وٽ اهڙن ئي نج پج سنڌي لفظن جو هي ٻيو واهپو ڏسو. مرثيه جو موضوع آهي: ”شهزاده قاسم بن امام حسين عه“ جنهن ۾ سيد ثابت علي شاهه سنڌ جي ثقافتي رسمن تي آڌارڪ هي لفظ استعمال ڪيا آهن:
هئه هئه قاسم تنهنجو ”ڪاڄ“
ميندي سِهرن ساٺن ساڄ،
گهوٽ رلايئي رڻ ۾ راڄ!
صرف ايترو ئي نه، جيئن عربي، فارسي جا لفظ اسان جي ڳوٺاڻن وٽ اچي خالص جهڙا سنڌي لفظ بنجي چڪا آهن، سيد ثابت علي شاهه پڻ پنهنجي مرثين ۾ اهڙي رنگ به کي رائج رکيو آهي. مثال طور درست لفظ ته آهي داغ، پر ثابت علي شاهه، ان لفظ کي به ”سنڌيت“ جو لباس پهرائي، ان کي هن طرح ادا ڪيو آهي،
هئه هئه بانو جو بيراڳ
اڪبر اصغر دل جو ”داڳ“

يا مثال طور لفظ ڪاٿي (ڪٿي) يا ڪيڏي (معنيٰ ڪيڏانهن) ظاهر آهي ته اهي ٻيئي لفظ اترادي لهجي جا مقامي لفظ آهن ۽ ظاهر آهي ته اسان جا پاڪ امام زاده يا شهزاديون بيبيون سڳوريون پاڻ ۾ عربيءَ ٻوليءَ ۾ ڳالهائينديون هونديون، پر دنيا ۾ هر ٻوليءَ جي شاعرن، سندن دردن کي مقامي لهجي ۾ ئي لکڻ کي ترجيح ڏني آهي. ان ڏس ۾ اسان جي ثابت علي شاهه مقامي لهجي تي آڌارڪ جيڪي شاهڪار مرثيه چيا آهن، انهن ۾ هڪ مرثيه جو موضوع آهي: ”زوجه امام حسين عه بيبي شهربانو سانئڻ“ جيڪا ڏهاڳ ڏسڻ کان پوءِ ثابت علي شاهه جي لفظن ۾، ڪوفي ڏانهن منهن ڪري، پنهنجي سهري، شيرِ خدا کي هئين پئي فرياد ڪري:
ڪاٿي آهين مرتضيٰ، علي شير امير،
ڪُڙم سندئي قتلام ٿيو، رڻ ماريو شبير،
”ڪربلا“ بابت ڪتابن ۾ درج آهي ته شهادت وقت شهزادو علي اڪبر، جنهن گهوڙي تي سوار هو، ان جو نالو هو: ”عقاب“ ۽ اهو ئي عقاب گهوڙو، جڏهن وڍيل واڳ، رتورت سنجن سان خيمي ڏانهن خالي پئيءَ موٽيو ته، خيمن مان نڪري بيبي امه ليليٰ (والده شهزاده علي اڪبر) جيڪو فرياد ڪيو آهي، ثابت علي شاهه سندس اهڙو بيان به، خالص اُتر وارِي سنڌيءَ ۾ لکيو آهي.
چيئين اي منهنجا گهوڙا، منهنجي اڪبر جي خبر ڪر،
ڪيئهءِ ”ڪيڏي“ سندم نورِ نظر، مون ڏي نظر ڪر،
مولا جا عزادارو! ثابت علي شاهه جي مرثيي ۾ اِهي ئي ته آهن اُهي نج پج سنڌي ٻوليءَ جا لفظ ۽ سنڌ وطن جا اهڃاڻ، جن منجهان، هن شاعر جي مرثيي ۾ ”سنڌيت“ ۽ ”وطن پرستي“ جا ثبوت ملن ٿا ۽ هن ڪالم ۾ ته پڪ ڄاڻو...مون اختصار سان ۽ ڪي ٿورا ئي مثال پيش ڪيا آهن، جو ثابت علي شاهه جي مرثيه ۾ ڪربلا جي قضيي جي ڪهاڻي ”وڏي“ ۽ مون ناچيز وٽ، ان کي بيان ڪرڻ لاءِ، قلم ”ننڍڙو آهي“.