Tuesday 8 May 2018

شاهه جي رسالي ۾ سر ”گهاتو“ جو فلسفو


استاد لغاري
گھاتو“ سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي ، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ماريندڙ ، شڪار ڪندڙ، مڇي جي گھور ڪندڙ ، مڇي کي ڳوليندڙ ۽ جانچيندڙ وغيره. هي شاهه جي رسالي جو، گھاتوئڙن جي تمثيل سان حقيقت ۽ نصيحت ڀريو سُر آهي .جنهن ۾ شاهه صاحب گھاتوئڙن کي خبردار ڪندي چوي ٿو ته ،
 ” جيڪڏهن اوهين مڇ کي مارڻ چاهيو ٿا ته پهريان پنهنجن رڇن کي ريٽو رنڱ ڏيو “.
 ”  جان گھڙنداهُ گھاتوئا ! تان رڇن ڏهو رنڱ “.
اوهين جيڪا لاکيڻيءَ لوڏ لُڏندا ٿا وتو يا هري هري هلندا ٿا وتو، ته اها رسم، ريت، پرِ ، هلڻي ، نمونو يا اهو ڀير گھاتوئڙن جو ته آهي ئي ڪو نه !
 اَئِين جا لُڏو لوڏ ، ايءَ پرِ نه گھاتوئڙن جي،
 ڪُن ڪلاچيءَ ڪوڏ ، سُک نه سُتا ڪڏهين .
 گھاتوئڙن جون اکڙيون ڪڪڙيون هونديون آهن، اُهي ڪلاچيءَ واري ڪُن تي، ڪڏهن به سُک ۽ سانت سان سُمهي ڪو نه رهندا آهن .
 گھوريندي گھور پيا ، اَگھور گھوريائون،
 مانگرُ ماريائون ، ملاحن  مُونهن  سنرا.
لطيف سُر “گھاتو ” ۾ مانگر مڇ کي للڪاريندي چوي ٿو ته
 “ تُون جنهن اڇي اوڙاهه پاڻيءَ ۾ مچي مواڙ ٿيو آهين ۽ من مستيون ڪندو ٿو وتين ، ته هاڻِ اُن پاڻيءَ جا ڏينهن اچي پورا ٿيا اٿئي ! اهو اڇو اوڙاھ پاڻي ڄاڻ ته سُڪو !
 متو آهين مڇ  !  ٿُلهو ٿو ٿُونا هڻين !
جا تو ڏٺي اڇ،تنهن پاڻيءَ پُنا ڏينهڙا.
 سُر ”گھاتو“ خالص مقامي سنڌي راڳ آهي، جيڪو فقط شاهه جي راڳ ۾ ڳايو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ جو هندوستاني راڳ ۾، گھاتو جي نالي سان ، ڪو به راڳ موجود ڪونهي. هي شاهه جي رسالي جو ستون نمبر سُر آهي ، جنهن ۾ 25 بيت، 1 وائي ۽ 2 داستان شامل آهن.
هن سُر جو پهريون بيت “ گھنگھريا گھڻ ڄاڻ ، مُوڙهي مت مهائيين ” ۽ آخري وائي ” گھاتوئڙا ادا ! متان اَئِين رڇ وڃائيو“ آهي .
بيت ۽ انهن جون سمجھاڻيون
ماڪ ڀِڄاينِ مولهيا، مٿان رات پئي، اُجھڻ لڳيون اوليون،
 وئن ونجھ وهي، ڪلاچيان ڪهي، ڪڏهن ڪو نه آئيو.
مٿان رات پئجي ويئي، ( گھاتو واپس ڪو نه وريا ) اُنهن جا پڌر تي پيل پٽڪا، ماڪ پُسائي ڇڏيا . ( گھمجي ويا ) ٻيڙن کي، اڳتي اولجڻ ( ڌڪڻ ) وارو ڪم ختم ٿي ويو ، اُنهن جي هٿن مان ونجھه ڇڏائي ، پاڻيءَ ۾ لُڙهي ويا. جيڪي به گھاتو، هيل تائين ڪلاچيءَ جي قهري ڪُن تي ڪاهه ڪري ويا، اُنهن مان اڄ ڏينهن تائين، واپس ڪوئي ڪو نه وريو آهي .
ڪالھ ڪلاچيءَ ويا ، ڇتيون کڻي ڇُڳير ،
 ڀائُن ڀيرو نه ڪيو ، ادن ڪي اوير  ،
اهڙي خاصي کير،  ڪُن ورائي جھلئي.
طُرن وارا بگا پٽڪا ٻڌي ، وڏي تياريءَ ڪري، مڇيءَ مارڻ جون ڇتيون کڻي، ڪالھه ڪلاچيءَ جي ڪُن ڏانهن ڪاهي ويا. (روانا ٿي ويا) اُنهن ادن اوير ڪري ڇڏي، ڀائُرن گھرن ڏانهن وري ڀيرو ئي ڪو نه ڪيو ، ( اچڻ وڃڻ ئي ڇڏي ڏنو ) . اهريءَ سُهڻي سنگت ۽ ڀائُرن جي ٽلندڙ ٽولي، ڪُن ورائي کڻي قابُو ڪئي . اهڙيءَ ريت شاهه جي رسالي جو سُر ”گھاتو“، مانگر مڇ (نفس) ماريندڙن جي مذڪور سان ، انسان ذات جي لاءِ، نهايت گھڻيون نصيحتون، حقيقتون ۽ علامتون پنهنجي دامن ۾ سمائي، اختتام پذير ٿئي ٿو . جنهن جي پڙهڻ ۽ پروڙڻ سان، دل کي تمام وڏو ڏڍ ۽ سڪون ملي ٿو.
(روزاني سوڀ 8 مئي 2018ع)