Saturday 12 May 2018

ڌرتيء جي درد جو شاعر ؛ جمن دربدر



ڌرتيء جي درد جو شاعر ؛ جمن دربدر
”وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو“ جهڙو لافاني گيت سرجيندڙ شاعر ۽ قومپرست ڪارڪن جمن ’دربدر‘ ساند قبيلي سان تعلـق رکي ٿو. هن عمرڪوٽ ضلعي ۽ تعلقي جي ڳوٺ روحل واءِ ۾ عبدالرشيد ساند جي گهر ۾ 12 مئي 1944ع تي جنم ورتو. سـنـدس والـديـن بنـيـادي طـور مسڪين ۽ مال تي گذرسفر ڪندا هئا. سندس والد هاري هو. هي پاڻ ۾ ٻه ڀائر ۽ چار ڀينرون آهن. شروعاتي تعليم  پرائمري اسڪول عمرڪوٽ مان حاصل ڪيائين. بعد ۾ سندس والد ڳوٺ ۾ اسڪول کولرايو ته چار درجا سنڌي ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهيو. ان بعد مڊل اسڪول صاڀي ۾ اٺين ڪلاس تائين پڙهيائين. ان دوران والد جي عزيز صاڀي جي مدرسي ۾ به پڙهيو، جتي قومپرست دانشور ۽ سياستدان عبدالواحد آريسر به ساڻس پڙهندو هو، 1962ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي. ان Budder جو ڪورس هارٽيڪلچر ميرپورخاص مان (6 مهينن جو) ۽ فيلڊ اسسٽنٽ جو ڪورس پاس ڪري فيلڊ اسسٽنٽ مقرر ٿيو.1970 ع کان جاتيءَ، سجاول، باران فارم، غلام نبي شاهه، ڍوري ناري ۽ ڇور ۾ فيلڊ اسسٽنٽ طور نوڪري ڪيائين.
عـمـرڪـوٽ ۾ پـڙهـڻ دوران ڪـاليج جي اسـتاد خادم حسين شر کان قومي ۽ سوشلسٽ خيالن جا ڪتاب وٺي پڙهيائين، بعد ۾ ”بزم صوفياءِ سنڌ“ جي سفر دوران سجاول ۾ هن جي سائين جي. ايم. سيد سان ملاقات ٿي ۽ هن جي خيالن ۾ قومپرستيءَ وارو لاڙو پيدا ٿيو. بعد ۾ عبدالواحد آريسر سان ويجهڙائيءَ سبب قومي تحريڪ ۾ شامل ٿيو.
جمن دربدر هڪ ئي وقت شاعر، فنڪار، ڊراما آرٽسٽ ۽ ڊراما نويس آهي. هن زرعي ڪاليج سڪرنڊ ۾ تعليم دوران ڪيترائي ڊراما اسٽيج ڪيا، جن ۾ هن اداڪار، صداڪار ۽ هدايتڪار طور حصو ورتو. جهڙوڪ: (1) بدنصبي ٿري، (2) سکن وارو سج، (3) گلن واري ڇوڪري، (4) آس، (5) ڏک ۽ ڏڪار، (6) چنڊ لڳي ٿو لولو، (7) ٽرڙو عاشق، (8) لڱ به منهنجا لوهه، (9) جابر وڏيرو. آخري ٻه ڊراما هن سڪرنڊ زرعي ڪاليج ۾ ڪيا، جڏهن ته سندس طبعزاد ڊرامن ۾: ’آس‘، ’سکن وارو سج‘ ۽ ’ٽرڙو عاشق‘ شامل آهن.
اڳوڻي ٿرپارڪر ضلعي ۾ جيئي سنڌ محاذ جو آرگنائيزر جمن دربدر کي چونڊيو ويو، اهڙيءَ ريت هن پهرين باقاعدي جيئي سنڌ محاذ ۽ بعد ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ ۾ سرگرم سياست ڪئي آهي.
جمن دربدر سٺو قومي شاعر آهي، هن شاعريءَ جي شروعات 1968ع ڌاري عشقيه شاعريءَ سان ڪئي ۽ پوءِ عوامي ڏک سک ڏسي قومي شاعري ڪئي. جمن دربدر جو هيٺيون ڪلام سنڌ ۾ ڏاڍو مشهور ٿيو. جنهن کي سائين جي. ايم. سيد اڪثر اچاريندو ۽ ورجائيندو هو ۽ هن پنهنجن ڪيترن ڪتابن ۾ احوالي طور ڏنو آهي، ۽ هڪ هنڌ ان جو انگريزي ترجمو به شامل ڪيو.
وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو،
ختم اونداهه ٿي ويندي، چٽيءَ چانڊاڻ ۾ ملبو.
سائين جي. ايم. سيد جي مزار واري احاطي جي دروازي تي به اهو شعر لکيل آهي. جمن دربدر جو ڪيترو ڪلام محفوظ نه رهي سگهيو آهي، سندس شاعري مشهور فنڪارن شفيع فقير، صادق فقير، سرمد سنڌيءَ ۽ ٻين ڳائي آهي. جڏهن ته جمن دربدر خود به سٺو فنڪار آهي، هو اسٽيجن تي سازن توڙي بنا سازن سان ڳائي محفلون مچائيندو رهندو آهي. هن 1987ع ۾ سنڌي عورتن جي سنسٿا (تنظيم) مارئي، دهلي پاران منعقد ٿيل ”شاهه لطيف انٽرنيشنل ڪانفرنس“ ۾ فنڪار جي حيثيت ۾ شرڪت ڪئي ۽ اتي ڳايل سندس ڪلام آل انڊيا ريڊيو دهليءَ تان نشر ٿيندو رهيو آهي. هن ڊراما آرٽسٽ طور ڪيترائي ميڊل ۽ ڪپ حاصل ڪيا آهن. سائين. جي. اي. سيد کان سواءِ ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ ڪامريڊ ڄام ساقيءَ سان به ويجهڙائي رهي اٿس. قومي سرگرمين کانسواءِ ادبي، سماجي ۽ فلاحي ڪمن ۾ به حصو وٺندو رهيو آهي .
(انسائيلوپيڊيا سنڌيانا)

جمن دربدر : سنڌ جو هڪ يگانو ڪردار
رسول بخش درس
سنڌ ۾ تمام وڏا عالم، اڪابر، شاعر ۽ دانشور پيدا ٿيا. سنڌ سان محبت ڪندڙ قومي اڳواڻن ۽ رهبرن جي ته کوٽ ڪانهي. بقول غلام حسن رنگريز جي البت رهبري ڪانه ٿي ٿئي. هن سڄي قومي تحريڪ يا جدوجهد ۾ باهه جو ٻارڻ ويچارو ڪارڪن ۽ عام ورڪر ٿئي ٿو ۽ عام ورڪر بنا ڪنهن شهرت ،ٺٺ ٺانگرجي دِل ۾ نج محبت ۽ سچائي سان قومي خدمت ڪندو اچي.“ لڪا ڀڻن لوڪ ۾” جي مصداق سندس نالو پاٽ تي به نه هوندو آهي. مطلب “کٽيو کائي خديجان بوسا ڪڍي بصران” وانگر مائوزيتنگ جي قول تي عمل ڪندي (ڪم ايئن ڪريو جيئن اوڙ ۾ ٻج ٿو ڪم ڪري) پاڻ اوڙ ۾ دفن پر سلو نڪري ته سنگ ۾ ڪئين داڻا پيدا ٿين- ايئن قومي ڪارڪن عام ماڻهو وانگر پنهن جي زندگي سڄي ارپي ٿو ڇڏي. اهڙا ڪيترا ئي سنڌ جا سپوت گمنامي ۾ گهاري رهيا آهن.
ضياءَ جي مارشل لاجي سخت دور 82/ 1981ع ۾ ايل ايم سي جي لطيف هال ۾ هڪ شاندار لطيف جو ڏينهن ملهايو ويو. اسان به اتي موجود هئاسين. اسان کان اڳين پهرين صف ۾ ان وقت جو وائيس چانسلر سنڌ جو عظيم شاعر شيخ اياز به ويٺو هو. تمام وڏو ميڙ هو. اسٽيج تي ۽ ڊاڪٽر نسرين جوڻيجو انائونسمينٽ پئي ڪئي. اوچتو هڪ قومي فنڪار کي سڏ ٿيو. ڪارڙو، ڪوجهو مٺ ماس جي، مائيڪ تي آيو ته ڪير ڌيان نه پيو ڏي جڏهن سندس سُر گونجيا (ليڙون ليڙون ڦاٽل منهنجي لوئي ڙي) ته سناٽو ڇائنجي ويو. سڀ ماڻهو سن ٿي ويا. گيت پورو ٿيو ته وري (ونس مور ونس مور) ۽ ٻيا گيت ٻڌائي لٿو ته تاڙيون ئي تاڙيون .
مون پهريون ڀيرو اهڙو مٺو ۽سريلو آواز جنهن ۾ ٿر جي مور جي ڪوڪن، ٻاٻيهي جي ٻولين ۽ ڪوئل جي ڪوڪ جهڙو سُر ٻڌڻ نصيب ٿيو. ها “محمد جمن دربدر” شيءِ ئي اهڙي آهي. عاجز، نياز نوڙت، انڪساري جو مجسمو. جمن دربدر اهڙو ته سنڌ تي ڇانئجي ويو جو سنڌ جو سائين جي ايم سيد ت مٿس عاشق ٿي پيو.سندس ئي شاعري (وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو) جڏهن سائين جي ايم سيد ٻڌي ته مستقل سن جي محفلن جي جمن جان بڻجي ويو.جمن دربدر سيد جي فڪر جو پانڌيئڙو ۽ جيئي سنڌ هلچل جو تمام محنتي ۽ جفا ڪش فرد ثابت ٿيو. سندس ڳوٺ روحل واءِ لڳ عمر ڪوٽ ۽ سڄو ٿر جمن دربدر جي محنت ۽ پورهئي سان قومي تحريڪ جو ڳڙهه بڻجي ويو. اسان کي جتي به مليو ته محبتون ۽ بي انتها پيار ڏنائين. سندس خاندان به سڄو سنڌ جو عاشق، سيد جي فڪر جو مشتاق. حليم باغي ڪير سڏائي- سنڌ جو تمام خوبصورت شاعر سندس ڀاڻج، حاجي ساند هن دور ۾ نظم جو تمام خوبصورت شاعر۽ ٻيا سڀ نوجوان قومي قافلي جا ورڪر مطلب (روحل واءِ) ساندن جو ڳوٺ سنڌ لاءِ بي مثال نگري آهي. شايد روحل فقير جي سڳنڌ هن مٽيءَ کي مهڪائي ڇڏيو آهي.
حليم باغي جي شادي تي 80 واري ڏهاڪي ۾ وياسين ٿر جي واري تي، اسان جا ڀاڳ ڪي بوندون برسي پيون هيون صفا ٿڌڪار ۽ تمام مدهوشي جو ماحول .
رات جو جيڪا سنگت رهي پئي ان ۾ ڪافي اهل ذوق دوست گڏ هئا. تاج جويو، نذير چانڊيو، ڪوي، اقبال رند، مظهر لغاري، مير حسن آريسر ۽ ٻيا کوڙ دوست هئا. اتي روحل واءِ جو روح ۽ مزاح کل ڀوڳ جو بادشاهه ڀلو فقير به موجود هو. ڀلو مرحوم تاج جويو ۽ ٻين کوئنس ڪندڙ يارن سان چرچن ۾ هاجون لاهي ڇڏيون. کلي کلي همراهه ته نانجها ٿي پيا،پوءِ وري فقير شفيع جي محفل شروع ٿي. ان رات فقير شفيع دل ته بيهي ويو ۽ اڄ تائين د ل تي راڄ ڪري ٿو. جمن دربدر کان به ڪافي ڪلام ٻڌوسين. اها رات زندگي جي يادگار رات هئي. جنهن ۾ جمن دربدر سڀني يارن تان گهور گهور پئي ٿيو.
سائين جي ايم سيد سان جمن دربدر بي انتها عقيدت ۽ محبت رکندڙ آهي ۽ سيد به سندس بهترين مداح هو. هڪ ڀيري مٽياري جي ڄاموٽ سيدن جو ڪو ڪاڄ هو. سيد شهاب الدين شاهه وزير هجي، هزارين ماڻهو هجن ڄاموٽ ڪُل سيدن جا سردار - وڏن ماڻهن مان مراد (خوشحال) ماڻهن جا هجوم هجن، سائين جي ايم سيد به ڪاڄ ۾ آيل هجي، سخت بيمار هجي۽ ويل چيئر تي ويٺو هجي،وڏي هجوم ۾ سندس نظر وڃي جمن دربدر تي پئي، ماستر (سندس ۽ خادم) کي چيائين جمن کي وٺي اچ، پوءِ ايڏي وڏي پنڊال ۽ هجوم ۾سن جو سائين هجي ۽ جمن دربدر، سڄي لوڪ کي ڇڏي پاڻ ۾ روح رهاڻ ڪرڻ لڳا.
سيد جي وفات تي ڄام شورو ڪانڌي ٿي حليم ۽ پاڻ رانڀاٽ ڪندا، منهن مٿو پٽيندا وري واپس هليا ويا. پاڻ ۾ اڳتي هلڻ جو ست نه ساري سگهيا. اها هئي محبت ۽ سچائي.
جمن دربدر سان هڪ دلچسپ واقعو تڏهن پيش آيو جڏهن ڪنهن ادبي ڪانفرنس ۾ هندستان شريڪ ٿيڻ ويو. پروگرام تيار هجي، جمن جي فلائيٽ ليٽ ٿي وئي. مائيڪ تان انائونس پيو ٿئي سنڌ جو تمام مهان ڪلاسيڪل راڳي محمد جمن بس پهچڻ وارو آهي. جمن پهتو ته کيس پتلون پائڻ جو چيو ويو، پوءِ پتلون هٿ ڪري پاتائين ته بيلٽ نه هجي. مڙئي رسي سان پتلون ٻڌي پنڊال ۾ پهتو. مائيڪ تان هوڪا هلي ويا ته سنڌ جو تمام وڏو ڪلاسيڪل راڳي محمد جمن جو استقبال ڪريو. هي سادو سٻاجهو ٿريو، هٿ ٻڌي نماڻائي سان چوڻ لڳو؛ “بابا محمد جمن تمام وڏو راڳي آهي، آئون ان جي پير جي پڻي برابر ناهيان. آئون جمن دربدر ٿر جو لوڪ فنڪار آهيان” تڏهن وڃي ماحول ٺريو پر جمن دربدر اتي به قومي گيت ۽ ٿري رنگ اهڙو ڄمايو جو سڄو هال تاڙيون ئي تاڙيون ٿي ويون. وڏو داد حاصل ڪيائين.
محمد جمن دربدر اڄ به محفلن جو مور آهي.هن سال ئي اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ ننڍڙو ڪاڄ هجي سنڌ جي سداملوڪ نوجوان راڳي رفيق فقير کي مون فون ڪئي، سڄي سنگت سان اچي پهتو. جمن دربدر به گڏ، تمام مختصر محفل هئي، هن وقت رفيق فقير اهڙو آواز آهي جو سنڌ جي نوجوان نسل جو نمائنده گائيڪ آهي. مون کي ته خريد ڪري ڇڏيو اٿس. جمن دربدر به ساڻس گڏ پيو ڳائي، مزو ان مهل ٿيو جو بشير خان قريشي، ارباب احسان ۽ ٻي سنگت محفل ۾ اچي وئي. پوءِ ته محفل جو رنگ ئي ٻيو ٿي ويو. بشير خان قريشي اسٽيج تي وڃي جمن دربدر کان ڳائڻ جي فرمائش ڪئي ته اسان جي سنڌ جي تمام اهل دل نوجوان ارباب احسان داد ڏيڻ لاءِ اسٽيج تي چڙهي محمد جمن جي قدمن تي هٿ رکي هزار جو نوٽ رکيو. بشير خان تمام خوشي وچان اٿي مٿان گهورون گهورڻ لڳو. فقير رفيق ته صفا ملنگ صفت فنڪار آهي ٽي وي ريڊيو تي گهٽ شوق پر اسان وٽ اوچتو طبعيت پڇڻ ايندو ته باجا ڍولڪ گڏ. جمن دربدر گڏ جهمپير ۾ اسان فقيرن جي جهڳي تي راڳ شروع، وڃي صبح ٿيئي بسن پنهنجا پاڻ ۾ جمن دربدر جا آلاپ ۽ قومي گيت حاضرين لاءِ وڏوي وٿ آهن.
ڪجهه عرصو اڳ ميرحسن آريسر جي ڪتاب جي مهورت روحل واءِ لڳ عمرڪوٽ ۾ ٿي سخت سيءُ هجي، منهنجي طبيعت تمام خراب هئي پر سنگت جي حاضري ضروري هئي، جامي چانڊيو، حفيظ ڪنڀر، تاج جويو، سردار شاهه، ذوالفقار شاهه ۽ ٻيا تمام خوبصورت شاعر حاجي ساند، فراق هاليپوٽو، اشرف پلي، انعام جهنجي، منور هاليپوٽو، اياز امر شيخ، نور چاڪراڻي، اقبال رند تمام گهڻا دوست هئا. ان وقت مونکي روحل واءِ جو روح ڀلو فقير ڏاڍو ياد آيو. روحل واءِ جو هڳاءُ جمن دربدر آهي.
ان سڄي پروگرام جو انتظام جمن دربدر جي هٿ ۾ هو، اصل ڄڻ گهوٽ پيو پرڻائي. ڏاڍو پيار پاٻوهه سان مقالن جي نشست ٻه اڍائي بجي ختم ٿي. مونکي ٻانهن کان وٺي هڪ هنڌائتو ڪري ويهاريائين. سيءَ ۾ ٿڙڪان پيو ته مچ ٻاريائين، ماني کڻي آيو. چيائين يار تون بيمار ماڻهو ماني ته کاءُ، مون به تنهنجي ڪري ماني نه کاڌي آ، وري ٻين سان محفل هلي جمن دربدر هر مهمان اڳيان ٻانهون ٻڌي بيٺو هو. ايڏو پيارو انسان اسان لاءِ هڪ وڏي وٿ آهي.
گذريل ٻوڏ ۾ سرڪار جن ماڻهن جي مدد نه ڪئي. روحل واءِ تي جيڪي ڪئمپون لڳل هيون ان ۾ جمن دربدر، حاجي ساندڳوٺ جي انهن ڏتڙيل ماڻهن لاءِ سر جي بازي لڳائي کين ماني ڳڀو ۽ اجهو مهيا ڪيو. وڏي همت ۽ جرئت ڪري ڪئمپ هلايائين.
اسان جڏهن وياسين ته چوڌاري ٻوڏ ستايلن جون جهڳيون هيون. مچ ٻريا پئي ۽ جمن دربدر ڪٿان ڪٿان پٽي سٽي سندن مدد ڪئي. اسان جي سنڌ ۾ اهڙا ماڻهو ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هوندا جي رڳو لفاظي ۽ ٻٽاڪ کان سواءِ سنڌ لاءِ جان جي بازي لڳائي ٿا ڇڏين. جمن دربدر سائين جي ايم سيد جي محبت ۽ فڪر مان رچي ريٽو ٿيو آهي ۽ سنڌ سندس ضمير ۽ خمير ۾ شامل آهي. شل وڏي حياتي ماڻي. اسان کي سندس ڪردار مان پرائڻ گهرجي. هي محبتي ماڻهو اسان جي مايوس زندگي لاءِ مثال آهي.
جمن دربدر جي شاعري
هي دنيا هلچل جي بستي
هت ماڻهو ايندا ويندا آهن
چـار گهڙيون مهـمان رهـي
پر لوڪ پـڌاري وينداـ آهن
" " "
اڪثر ماڻهو بعد مرڻ جي
ياد نہ ڪنهن کي ايندا آهن
ڪي ڪي ماڻهو تاريخن ۾
نقـش اڀـاري ويندا آهـن
" " "
اڪثر ماڻهو موت جي ڊپ کان
هـرهـر مـرنـدا جـيئـنداـ آهـن
ڪي ڪي ماڻهو جيئندي جيئندي
موت کـي ماري ويندا آهـن
" " "
اڪـثر ماڻهـو پاڻ جـيئڻ لاءُ
قـوم کـي مـاري ويـندا آهـن
ڪي ڪي ماڻهومرندي مرندي
قـوم جيئـاري وينـدا آهــن
" " "
اڪثر ماڻهو مت جا موڙهـا
پاڻ نہ پنهنجاٿيندا آهن
ڪي ڪي ماڻهو نسلن جي
تقدير سنواري ويندا آهن
" " "
اڪـثر ماڻـهو مستانن تي
ڪوڙي فتواي ڏيندا آهن
ڪي ڪي ماڻهو انا الحق جي
تـند تنواري وينـدا آهـن
*******
هجن مهراڻ ۾ موجون وو وو وو
اسانکي بس اهو گهرجي
سڀئي مسڪين ڪن موجون
اسانکي بس اهو گهرجي
صدائون سڻ تون سختيون
سکن ڀر سنڌ جا سانئين
هجن بس سنڌ تي اوجون
اسانکي بس اهو گهرجي

وٺي هر هر جنم  وربو مٺا مهراڻ ۾ ملبو
ختم اونداه ٿي ويندي چٽيءَ چانڊاڻ ۾ ملبو
پنهنجي جا جنگ آ جاري سا ٿيندي نيٺ سوڀاري
مري ويندا مڙيئي ماري سچيءَ سرهاڻ ۾ ملبو
هجي يورپ يا لبنان جتي ماريو ويو انسان
انهي ماڻهو سندي ارمان ۽ رت ڇاڻ ۾ ملبو
ٿيا جي قوم تان قربان انهن جا آهن لکين احسان
شهيدن جي ريٽي رت سان رتيءَ لالاڻ ۾ ملبو
وري ورندا ته وسڪارا وسي پوندا هي پٽ سارا
مارو ٿيندا ته موچارا مينهن مانڊاڻ ۾ ملبو
****
ڪي ڪي ماڻهو تاريخن ۾ نقش اڀاري ويندا هِن
جمن دربدر
هي دنيا هل چل جي بستي هتِ ماڻهو ايندا ويندا هِن
چار گهڙيون مهمان رهي پر لوڪ پداري ويندا هِن
اڪثر ماڻهو بعد مرڻ جي ياد نه ڪنهن کي ايندا هِن
ڪي ڪي ماڻهو تاريخن ۾ نقش اڀاري ويندا هِن
اڪثر ماڻهو موت جي ڊپ کان هر هر جيئندا مرندا هِن
ڪي ڪي ماڻهو جيئندي جيئندي موت کي ماري ويندا هِن
اڪثر ماڻهو پاڻ جيئڻ لاء قوم کي ماري ويندا هِن
ڪي ڪي ماڻهو مرندي مرندي قوم جيئاري ويندا هِن
اڪثر ماڻهو مَتِ جا موڙا پاڻ نه پنهنجا ٿيندا هِن
ڪي ڪي ماڻهو نسلن جي تقدير سنواري ويندا هِن
اڪثر ماڻهو مستانن تي ڪوڙي فتوا ڏيندا هِن
ڪي ڪي ماڻهو اناالحق جي تند تنواري ويندا هِن
اڪثر ماڻهو عهدي خاطر پاڻ وساري ويندا هِن
ڪي ڪي ماڻهو دربدر ٿي وقت گذاري ويندا هِن
ءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌءٌ