Sunday 29 April 2018

سونهن ۽ سنڌيت جو شاعر راشد مورائي


راشد مورائي (انگريزي ٻولي: Rashid Morai)، اصل نالو سيد راشد علي شاھ، 5 مارچ 1944ع ۾ ڳوٺ جوڙالو تعلقو مورو ضلعو نوشهروفيرزو ۾ ڄائو. پاڻ شاعر، ليکڪ ۽ اُستاد هيو. هن 24 مارچ 2014ع ۾ وفات ڪئي
شروعاتي زندگي
راشد مورائيءَ جو والد سيد سعيدعلي ”خادم“ پڻ هڪ لوڪ ڪلاسيڪل شاعر هيو جيڪو دريائي ٻوڏ اچڻ کانپوءِ پنهنجو ڳوٺ ڇڏي موري ۾ رهائش پذير ٿي ۽ پوءِ اتي ئي رهڻ لڳو.[1]
تعليم
راشد مورائيءَ ماسٽرس آف آرٽس ۽ بيچلر آف ايجوڪيشن جي ڊگري حاصل ڪري تعليمي شعبي سان وابسته ٿي ويو، پاڻ پهرين هڪ اُستاد طور ڀرتي ٿيو.
تصنيفون
سندس مشهور ڪتابن ۾ : سنڌڙيءَ جو سودو (1970)، مهنديءَ سندا گيت (1986) ۽ دل جو شهر (1993) آهن ۽ لک ڀڳ 50 ڪتاب اڃا به ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آهن.
ايوارڊ
He received several awards like: Marvi Academy Medal, Latif Award,
Sindhi Adabi Sangat Award etc
وفات
راشد مورائي 24 مارچ 2014ع ۾ گذاري ويو.
(وڪيپيڊيا)

سونهن ۽ سنڌيت جو شاعر راشد مورائي
تحرير ؛اسد چنا
سنڌ ڌرتيءَ پنهنجي ڪک مان ڪيترن ئي سچن سپوتن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي علم، عقل، ڏاهپ، ڏات سان سنڌ جي سينڌ سنواري آهي، اهڙا ڪيترائي علم جا اڪابرسنڌ جي شهرن، واهڻ وستين ۾ پيدا ٿيندا رهيا آهن جن پنهنجي اظهار جي بهترين ڏانو سان سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌي علم و ادب جي آبياري پئي ڪئي آهي.سنڌ ڌرتي جو ساهتي پرڳڻو (ضلعو نوشهرو فيروز) اهڙن مڻيادار ماڻهن، عالمن، ڏاهن شاعرن، اديبن، سنڌيت جي پروانن دانشورن سان مشهور آهي. سائين منهنجا سنڌ ۾ جيڪڏهن اسان مزاحمتي ادب جي ڳالھه ڪنداسين ته اسان کي شاعري ۾ مزاحمتي شاعري جا جزا شاھ لطيف کان پڪا پختا ملن ٿا، اها مزاحمتي شاعري پڙهندڙن جي دلين کي گرمائيندي ۽ اتساهيندي ملندي، خاص ڪري ون يونٽ واري دور ۾ جتي ون يونٽ جي خلاف سياسي جدوجهد پنهنجا جلوا ۽ جوهر ڏيکاري رهي هئي ان سان گڏوگڏ اسان جي اديبن، شاعرن جي مزاحمتي شاعري، ادب جي تخليق پنهنجو شاندار ڪردار ادا ڪيو. جيتوڻيڪ ان دور ۾ مزاحمتي شاعري جو تاج شيخ اياز جي مٿي تي سونهين پر ٻيا به ڪيترائي سر موڙ شاعر، اديب پنهنجي ڏات وسيلي سنڌ جي نوجوانن جي دلين کي گرمائي ۽ اتساهي رهيا هئا ۽ انهن شاعرن ۾ سائين راشد شاھ مورائي سڀني کان اڳڀرو ، مٿڀرو ڪردار ادا ڪيو.سائين راشد مورائي جي پنهنجي بقول ته (منهنجي نظر ۾ پراڻا يا نوان ليکڪ سڀ برابر آهن، محترم صرف اهو آهي جيڪو سوچي سمجهي ٻوليءَ جي دامن ۾ ڪي چار گل وجهڻ چاهي ٿو يا پنهنجي ادب وسيلي ڀٽڪيل ماروئڙن کي ڪا واٽ ڏيکارڻ چاهي ٿو، باقي جيڪڏهن ڪو به ليکڪ پنهنجي ذاتي جذبن جي عڪاسي لاءِ لکي ٿوته پاڻ ڄاڻي اسان ان بابت ڇو ويهي پنهنجو وقت وڃايون ).

سائين راشد مورائي 5 مارچ 1944ع ۾ سنڌو جي ساڄي ڪپ تي جوڻالو نالي ڳوٺ ۾ جنم ورتو ۽ ان کان پوءِ ڪن سببن جي ڪري موري شهر ۾ آباد ٿيو ۽ آخري گهڙي تائين مورائي ٿي رهيو.سائين راشد خانداني اديب، شاعر هو،پيشي جي لحاظ کان هڪ قابل استاد هو پاڻ هڪ منفرد ۽ پر وقار شخصيت جو مالڪ، نطم ۽ ضبط جو قائل، وقت جو پابند هو سائين حسن صوفاڻي جي چواڻي ته سائين راشد ايترو ته وقت جو پابند هوندو هو جو ماڻهو کيس ڏسندي پنهنجي گهڙين جو ٽائيم سيٽ ڪندا هئا. سندس شخصيت ۽ شاعري کي پڙهندي اهو چئي سگهجي ٿو ته سائين راشد مورائي نه رڳو پنهنجي علائقي موري جي هڪ دور جي تاريخ آهي پر هو پوري سنڌ جي مستقبل ۾ لکجندڙ ادبي ۽ علمي تاريخ جو هڪ لاجواب حوالو آهي،سائين راشد مورائي جي ڪتابن ۾ ديوان راشد،سنڌڙي جو سوداءُ، مينديءَ سندا گيت، دل جو شهر، گيت،غزل ۽ ڪافيون، درد ۾ دل جوئي ۽ شعلا شعلا واءُ،ڇپيا ۽ پنهنجي مقبوليت سبب مارڪيٽ مان وڪرو ٿي ويا.سائين راشد مورائي بنيادي طور تي غزل جو شاعر آهي پر سندس تخليق ڪيل نظم به پنهنجو مٽ پاڻ آهن، سائين راشد مورائي شاعري جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي ۽ ان سان پاڻ ملهايو،پر جنهن کيس شهرت جي بلندين تي پهچايو، اها سندس قومپرستي ،سنڌ دوستي واري انقلابي شاعري آهي،سندس شاعري اسٽيج جي هر پروگرام گهڻي پڙهي ويندڙ شاعري آهي،جيڪا نوجوانن جي دلين کي گرمائي ٿي، سندس انهيءَ انقلابي شاعري جي ڪري کيس باغي شاعر جو لقب مليو. ان باغيانه شاعري ۾ سائين راشد مورائي ظالم، تي غاصب تي لعنت ملامت به ڪري ٿو، ته  معاشري  جي مظلوم ۽ مجبور طبقي کي نجات حاصل ڪرڻ جو درس ۽ گسُ به ڏئي ٿو.

عياش لعنتي اڳيان نه لوئجي نه لوڙجي،
اٿو ته ظالمن کي باھ ٿي وڪوڙجي،
غريب کي جنجهوڙجي ۽ ننڊ کي نهوڙجي،

بجو ڪو ٻوٿ ڏاڍ جي تي راشدا گهروڙجي،
اچو ڪو نئون سماج ڪو،نئون جهان جوڙجي،

سائين راشد مورائي هڪ جيءَ جيارو ماڻهو هو سندس شاعري مان فڪر مان ۽ سندس پر وقار شخصيت مان پڙهندڙ کي شعور، اتساھ، محبت ،سڪ ، ۽ ڏاهپ جون هٻڪارون اينديون رهنديون. سائين راشد مورائي سنڌ جو سر موڙ شاعر ،محبتن جي مٽيءَ مان ڳوهيل شخص هو، سنڌ جو برک ڏ جامي چانديي سائين راشد لاءِ پنهنجي ڪتاب (سندي جوڳيان ذات) ۾ لکي ٿو ته (هو دل جو بادشاھ هو، سنڌ ۽ ان جي سدورن پٽن تان جند جان گهورڻ وارو هو ،سندس دل جي اڱڻ جي ڪائنات ايڏي ته ڪشادي هئي جو سنڌ جو هر سيبتو، سچيت  ۽ سلڇڻو اتي پکا اڏي ويهڻ ۾ پاڻ کي سڀاڳو سمجهندو. سندس نسل جا ڪيترائي شاعر شاعري ۾ ته قدآور هئا پر وچين ته روزو ڀڳائون)
سائين راشد مورائي پاڻ هڪ جاءِ تي ڪنهن تقريب کي خطاب ڪندي شاعرن بابت چيائين ته (شاعر ٻن قسمن جا آهن هڪ اهي جيڪي شاعر ته ڀلا آهن پر ماڻهو ڀلا ڪونه آهن ،ٻيا اهي جيڪي شاعر ته جڏا آهن پر ماڻهو ڏاڍا سيبتا آهن.)سندس ئي لفطن کي جيڪڏهن ڀيٽيون ته سائين راشد مورائي جهڙو سيبتو شاعر اوڏوئي فقير منش محبتي ماڻهو،نهٺو ساڳي جاءِ تي ارڏو ۽  قومي غيرت سان ٽمٽار هڪ سگهارو ماڻهو، هڪ بهترين شاعر ،قومي ڪارڪن ۽ مثالي استاد هو.سائين راشد مورائي سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان به پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو۽ نوجوانن جي ڀرپور رهنمائي ڪئي.سندس گهر جو دروازو سڀني اديبن شاعرن جي آجيان لاءِ کليل هوندو هو.

سنڌي ادبي سنگت کي ڪجي سرگرم،
هل سکر سومرو اڄ ادل ڳولجي.

سائين منهنجا، سائين راشد مورائي جيئن ته پاڻ هڪ سرگرم قومي ڪارڪن هو سندس دل ۾ سنڌي قوم جي ڏکن، دردن اهنجن جي آزارن جا انيڪ انواع هئا، ته سندس شاعري به انهيءَ قومي غيرت جي جذبي سان ڀرپور ۽ اتساهيندڙ آهي سندس شاعري سنڌ سان سچي عشق جو چٽو ثبوت آهي. سندس شاعري ۾ ديس لاءِ ڪجھه ڪرڻ جي درس سان ديس جي دشمن لاءِ ٻارڻ ٻاري ڇڏڻ لاءِ پيغام آهي، سندس هنن شعرن ۾ ڏسو ته ڪيئن نه همٿائي پيو.

اي سنڌ مون تو سان قول ڪري ڪجهه پاڙيو آ،ڪجھه پاڙيندس،
مون ديس جي دشمن لاءِ ٻارڻ ڪجھه ٻاريو آ،ڪجھه ٻاريندس.

سندس لفظ لفظ ۾ان سنڌيت جو عشق جهرڻن جيان ڇلڪي ٿو ۽ سنڌ سان ڪيل عشق کي انجام تي پهچائڻ جو وچن وڏي واڪي ڪري ٿو.

ماتا توکان منهڙو موڙي ڪيئن خوش رهندس آءُ،
سنڌڙي مان ته سڃاپان ٿو،تنهجي نسبت ساڻ،

سائين راشد مورائي جي عشق جي ابتدا به سنڌ آ ، ته انتها به سنڌ آ، سندس هنن سٽن مان سندس ان ازلي عشق کي پروڙي سگهجي ٿو.
هڪڙو نقشو سنڌ جو ،ٻيو آهين تون،
جنين ڪارڻ مون،جيئڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي.
جهڙو نقشو سنڌ جو ،تهڙي تنهجي سونهن،
منهنجي روح ورونهن ڏسن پسڻ ٻنهي کي.

سائين راشد مورائي جو محبوب سنڌ آهي ،هو سنڌ جي روشن مستقبل لاءِ پر اميد آهي سندس رڳ رڳ ۾ سنڌ سان اٽوٽ عشق سمايل آهي. سندس شاعري ۾ اسان کي جتي ٻيا انيڪ پهلو ملن ٿا اتي سنڌ جي روشن آئيندي لاءِ لڇندڙ لوري ملي ٿي، هو پنهجي ڌرتي تي ڪو به تاءُ نه ٿو سهي سگهي ۽ ڌرتي لاءِ جاکوڙيندڙ ،ان جي سلامت رهڻ جي لاءِ به پر اميد آهي ته جيڪو پنهنجي وطن خاطر مشڪلاتن جو منهن ڏسي ٿو ان جوان کي ڪڏهن به ڪجھه ناهي ٿيڻو اهو هميشه سلامت رهڻو آ، سندس هنن سٽن کي پڙهڻ سان نوجوانن جي دل ۾ هڪ نئون روح ڦوڪجي وڃي ٿو،همٿ ٻيڻي ٿي پوي ٿي.

اي سنڌڙي جندڙي سست نه ٿي ڪو توتي تاءُ نه سهڻو آ،
جنهن توکي دل سان پوڄيو آ، سو جوان سلامت رهڻو آ،
جي ڪوماڻو ڪو گل دستو،خوشبو ٿي ختم پرواھ نه آ،
گل تازا آڻي رکبا کڻي،گلدان سلامت آهي اڃا.

سندس مشهور نظم (مان باغي هان، مان باغي هان) ۾ سنڌ جي وڏيرڪي نظام کي نندي ٿو،هو انگ اگهاڙن ،پيٽ بکايل سانگيئڙن جي ڏکن ،سورن، کي جڏهن پنهنجي ڏات جي خوبصورت ڏان سان موتين وانگي پروئي ٿو ته پڙهندڙ جا لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا،سندس هنن سٽن ۾ ڏسو ته ڪيئن نه ظلم ، ڏاڍ جي خلاف بغاوت علم کڙو ٿيل آهي.

هيءَ ڳاڙهي ماڙي رئيسن جي ۽ سائي جيپ وڏيري جي،
مان باغي هان سو باھ ڏئي ٿو ڪريان سڃ لٽيرن جي،
هت ٻن ڏينهن کان ٻار بکيا هت توکي تياري نيرن جي،
اڄ دنيا ڏسي ڪيئن ٿيندي آ جهڙپ بکايل شينهن جي،
مان باغي هان مان باغي هان مان باغي هان مان با غي هان.

سائين منهنجا، سائين راشد مورائي جي شاعري جي ٻولي نج سنڌي ، عام فهم آهي ٻولي جون اهي سڀ رنگينيون ، حسناڪيون اسان کي ملن ٿيون جيڪي هڪ ٻولي جي وڏي عالم وٽ هونديون آهن ۽ وري مٿان انهن جو سهڻو استعمال،ڪيترين جاين تي سنڌي ٻولي جا اصطلاح ، پهاڪا  اسان کي موزون ۽ وقتائتا استعمال ٿيل ملندا جيئن ته هو پاڻ استاد هو ته هو بهترين طريقي سان انهن سڀني ٻولي جي گڻن کي استعمال ڪرڻ ڄاڻي پيو،هنن شعرن کي ڏسو ته تشبيهه طور استعمال ڪيل اصطلاح ۽ پهاڪا ،مروج گفتا ڪيڏي سهڻي نموني استعمال ڪيل آهن.

هيئنر ڪل پوي ٿي گهڻي ويهين سئو آ   .
اڳي عشق جي هئي نه آزار جي سُڌَ.
لٺين سان پاڻي جدا ڪين ٿيندو،
جيئن شال جاني نه ، ليڪو وچان ڪُڍ.
چئون ڪيئن گهنور خان جو کوھ کارو،
اگر سچ چوان ها ناراض ٿين ها،
ڪٽي کائو ناهيون ڏئي رت سگهون ٿا،
نه ٿئي پڪ آزمائي ڏسين ها،

سائين منهنجا سنڌ ڌرتي سان عشق ،حسن سان چاھ سائين راشد جي زندگي جو سمورو سامان آهن، سندس محبوب سنڌ آهي ۽ حسن جو هو سلامي آهي، سندس شاعري ۾ اهي رنگ نروار آهن.
ظلم، ڏاڍ، جبر، نفرت ۽ ان سان گڏوگڏ سنڌ وطن جي خوشحالي  جي ڳڻتي سان ، حسن پرستي سان ، رومانس سان ڀرپور سائين راشد مورائي جي شاعري جدوجهد جو درس ڏئي ٿي، محبت جو درس ڏئي ٿي ۽ انهن مڙني اندر جي ڪيفيتن جي ترجمان شاعري آهي.سائين راشد وٽ سونهن جي پوڄا ۾ حسن کي سجدا ثواب آهن هو سونهن وارن سان ڪچهري کي عبادت سمجهندي حسن تان سر گهوري ڇڏڻ جي ڳالھه ڪري ٿو،سندس هيٺين شعرن ۾ ڏسو ته حسن کي ڪيڏو نه اهم سمجهندي ان جو رتبو ڪيڏو مٿانهون ڪري پيش ڪري ٿو.

اي عابد عبادت سندو ڏس نه ڏي،
حسن کي ٿو سمجهان مان سجدو ثواب.
سڄي رات جاڳي عبادت ڪبي،
ڪچهري رڳو سونهن بابت ڪبي،
راشدا سونهن جي نان تان سر فدا،
جي حسن کي کپي ته سر ته گهوري ڏجي.
_ڀرن جا ڀالا دوناليون ديد جون دلبر ڏسو،
ڪيئن کنيو ڦرندو وتي همراھ هڪ هٿيار ٻه،
_

مون ٻڌو آ ته اڄ هو پڇڻ ٿو اچي،
موت ٽارو ڪرين ها ته ڇا ٿي ٿيئي.

سائين راشد جي شاعري ۾ اسان کي حسن جي هاڪ ، عشق جون مهميزون ، فطرت جي رنگن سان گڏوگڏ سماجي مسئلا ، سياسي لاها چاڙها به نمايان نظر اچن ٿا، سندس لهجو ڪٿي رعبدار ته ڪٿي انتهائي نفيس،جماليات سان ڀرپور آهي، هو حسن ، سونهن جي حضور پنهنجا سڀ تخليقي غزل، گيت هڪ نذراني طور پيش ڪري ٿو.
سارا سونهن حضور ۾ راشد،
گيت غزل نذرانه آهن،
سائين راشد مورائي جي فرزند شاھ لطيف سان ڪچهري دوران هن ٻڌايو ته سائين جي ٻين سڀني سهڻين خصلتن مان هڪ هي به هئي ته هو تمام گهڻ مطالعاتي شخص هو رات جو سمهڻ کان پهريان گهٽ ۾ گهٽ 70 ، 75 صفحا روزانو ضرور پڙهندو هو.
ڀاڳ وارن جا ٿين ٿا يادگار،
زندگي ۽ موت ٻئي شاندار،
راشدا شل موت ثئي مانائتو،
جيئن حياتي آ گذري پروقار،

سائين راشد مورائي ڪڏهن به مايوس نه ٿيو، هميشه بهتر مستقبل جي اميد رکي جدوجهد جو درس سندس شاعري ۾ ملي ٿو، نه ئي هن وري ڪنهن حڪومتي ڌر کان پنهنجي بيماري جي علاج لاءِ ڪنهن قسم جي مدد جي گهر ڪئي، 24  مارچ 2014 ع تي بيماري سان جهيڙيندي سائين راشد مورائي هميشه لاءِ موڪلائي ويو،پر سندس شاعري ۾ ڏنل پيغام ، درس ، سندس پروقار شخصيت هر سنڌ پرست ، حسن پرست،جي دل ۾ محفوظ آهي، ۽ جڏهن ڪڏهن به سرمد جي آواز ۾ سندس گيت گوجندو.

هو ارادو ڪيو مون پڪو مرڻ جو،
شوق جاڳي پيو آ وري جيئڻ جو.

ته سائين راشد مورائي اسان کي پنهنجي ويجهو ڀاسندو، هو پنهنجي پڙهندڙن جي دلين ۾ ،سنڌي ادب افق تي روشن ستاري جيان  هميشه جرڪندو رهندو، بقول ڊاڪٽر ام ڪلثوم جي ته (سندس ڪردار وهنوار۽ مڻيادار شاعري، هميشه اسان جي قومي رهبري ڪندي رهندي.)
جو سبق سچائي جو ڏنو آ مون راشد،
سو سبق جي سمجهين ته مون کي ياد ڪندو ڪر.

(روزاني عوامي آواز جي ٿورن سان)


مان ڇا ڪريان مان ڇا ڪريان - راشد مورائي

مون ٻار پڙهايا پورهيت ٿي، دل رنجورن جا
پر هارين جا پٽ هاري ٿيا، مزدور ٿيا مزدورن جا
۽ بک برابر بڇڙي آ، سڀ گهاڻل بک جي کورن جا
مون ڪالهه ڏٺا ير ڪايل هئا سڀ ڌوڪي جي دستورن جا
مان ڇا ڪريان مان ڇا ڪريان
مون ڇانه سجاڳيءَ سڏ ڪيا، نئين رت کي ننڊن روڙيو آ
سي جوان رهن ٿا جهوٽن ۾، مون جن سان ناتو جوڙيو آ
جي مالي هئا رکوالا هئا، تن ڀاڳ جو ٻيڙو ٻوڙيو آ
هن نينهن جواني راس ڪئي، مون لوڙيو رت ولوڙيو آ
مان ڇا ڪريان مان ڇا ڪريان
مون وار سٺا، هر وار نوان، مون ويرين سان ويڙهاند ڪئي
۽ ويرين واري واري سان ٿي ويڙهه وڏي ويڙهاند ڪئي
ڪي سورهيه ساٿي ڪالهه ڪٺا، جن ريٽي رت سان راند ڪئي
ٿي پاڻ ڀٽائي جو ٻيلي مون سسي نيزي پاند ڪئي
مان ڇا ڪريان مان ڇا ڪريان
هي قوم تي قابل رحم جي آ پر رحم به ڪنهن کي ڪون اچي
ڪي ٿورا داڻا خوش آهن، نه ته ٻيو آ سارو ڏيهه ڏچي
ڪو اهڙو اوڀر اڀري جو ڪو ظالم آمر ڪونه بچي
هن آس تي وقت گذاريان ٿو، من ڪو هتڙي رنگ رچي
مان ڇا ڪريان مان ڇا ڪريان
آ سچ ننڍو، ويهه ڳنڍو آ، هو بربت جيڏو ڪوڙو آ
هو ٽٽندو ٿوڙي ٽوڪر سان، ڄڻ ڪانچ جو ڪئي چوڙو آ
هر واوَ اڳان به نمي پوندو ڄڻ ڪانهن جو ڪوئي ٻوڙو آ
پر ٿوري همٿ ڪير ڪري، هت هر ڪو روح وسوڙو آ
مان ڇا ڪريان مان ڇا ڪريان
ڪو ملان آ، ڪو پنڊت آ، ڪو صوفي ۽ ڪو جوڳي آ
ڪو لنگهو لالچ جو لوڀي، ڪو لوڀيءَ جو پيءُ ٺوڳي آ
سي ڀنگون پي ٿا ڀڙ ٿين، جن لاءِ پيڙا ڀوڳي آ
مان راشد ويٺو رت رئان جو راڄ ٿيو اڄ روڳي آ
مان ڇا ڪريان مان ڇا ڪريان
*****
- راشد مورائي