Monday 30 April 2018

باليءَ وارو مير علي نواز “ناز”


مير علي نواز ناز 9 آگسٽ 1884ع تي ڪوٽڏيجي ۾ جنم ورتو.
سوانح
رياست جو ٽيون نمبر حڪمران هو. هزهائينس مير علي نواز ”ناز“ (His Highness Mir Ali Nawaz Naz) وڏي ناز ۽ اندز سان پليو. هن جي تعليم ان وقت جي لائق استادن جي هٿان ٿي. انگريزي تعليم جي لاءِ هندستان جي وڏي تعليمي ماهر خواجا غلام سبطين جون خدمتون حاصل ڪيون ويون. کيس خواجا صاحب جي رفاقت ۾ چيفس ڪاليج لاهور ۾ داخل ڪيو ويو. اتي تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ کيس، ”امپيريل ڪئڊيٽ ڪور ديرادون“ موڪليو ويو. فوجي سکيا وٺڻ بعد هو ڪيپٽن ريڊئي جي ساٿ ۾ ولايت ويو ۽ نَوَ مهينا لنڊن ۾ تعليم حاصل ڪيائين. انهيءَ زماني ۾ هن سڄي يورپ سان گڏ مصر، ايران ۽ عراق جو به سير ڪيو. ولايت مان موٽڻ کانپوءِ هو هندستان جا به گهڻا ئي شهر گهمندو، خيرپور آيو. انهيءَ سفر کيس دنيا جي لاهن چاڙهن کان گهڻو واقف ڪيو ۽ گهڻا ئي مشاهدا ۽ تجربا پلئه پيس. رياست خيرپور جي والي ۽ سندس والد مير امام بخش خان 8 فيبروري 1921ع تي وفات ڪئي ۽ مير علي نواز ”ناز“ کي برادري جي پڳ ٻڌرائي ويئي. 25 جون 1921ع تي سرڪاري طور تي سندس تخت نشيني عمل ۾ آئي. مير صاحب ولي عهدي ءَجي زماني کان ئي يورپ ۽ هندستان جي سير ۽ سفر جي ڪري گهڻو تجربو پرايو هو. سندس دل جوش ۽ جذبي سان ڀريل ۽ دماغ بهترين صلاحيتن سان سينگاريل هو. سندس ذات ۾ قوم ۽ وطن جي بهتريءَ لاءِ وڏيون اميدون هيون. کيس به پنهنجي رياست کي مثالي رياست بنائڻ جو خيال آيو. گاديءَ تي ويهڻ شرط رياست ۾ وڏا سڌارا آندائين. رعيت تان ڇيڙ ۽ بيگر جي پراڻي مصيبت معاف ڪيائين. تعليم تي اڳين کان وڌيڪ ڌيان ڌريائين. رياست جي سموري زمين جي ماپ ڪرائي ماڻهن کي مالڪاڻا حق ڏنا ويا. خيرپور شهر ۾ پاڻي جي نلڪن ۽ بجلي جو بندوبست ڪيو ويو. سرڪاري نوڪرن لاءِ پينشن جو بندوبست ڪري، سندن سروس بوڪ رکيا ويا. اڳين عدليا مير صاحب ۽ وزيرن جي هٿ ۾ هوندي هئي، پر هاڻ عدالتي کاتو کولي ڊسٽرڪٽ جج، سيشن جج ۽ سب جج مقرر ڪيا ويا. انهن سڌارن سبب رياست جي آبادي وڌي ويئي ۽ اُپت ۾ واڌارو ٿيو. رياست ۾ خوشحالي آئي ۽ هرڪو سکيو ستابو ٿيندو ويو، جنهن ڪري مير صاحب جي عوام ۾ هر دلعزيزي وڌندي ويئي. ميرعلي نواز ”ناز“ بنيادي طرح هڪ آزاد طبيعت جو ماڻهو هو. ولايت ڀيٽيل هيس. سو لاهور جي هڪ ڳائڻي اقبال بيگم عرب بالي جي محبت ۾ وٺجي ويو. شايد قدرت کي اهو ئي منظور هو. مير صاحب جون اکيون مائي صاحبا ۾ ۽ وري مائي باليءَ جون اکيون ميرصاحب جي مايا ۾ کپي ويون. ٿورن ئي ڏينهن جي ميل ميلاپ کانپوءِ مائي بالي مائٽن سان ملڻ جي بهاني، مير صاحب جو ارڪو ترڪو کڻي لاهور هلي ويئي. ائين ٻين ٽپڙن سان گڏ ميرصاحب جا وڏن کان ورثي ۾ مليل اٺن لکن جا هيرا جواهر به هضم ٿي ويا. بيگم اقبال عرف بالي جو لاهور وڃڻ ڇا ٿيو. مير صاحب کي جدائي جهوري وڌو. وڏا وس ڪيائين، منٿون ميڙون ڪيائين، ويندي بمبئي جي گورنر کي درخواست ڪيائين، جيئن محب موٽي ملي ۽ جدائي جي ڊگهي رات ختم ٿئي. پر وريو ڪجهه به نه ۽ ميرصاحب جدائي جي باهه ۾ جلندو رهيو. آخر هڻي گهڻن سالن کانپوءِ وڃي مير صاحب جي منٿن جو اثر ٿيو ۽ مائي بالي ”هيرا منڊي“ مان نڪري خيرپور آئي ۽ مير صاحب جي پَٽ راڻي بڻي. ائين عشق ۾ جلڻ، جدائي جي غم ۽ پوءِ محبوب جي ملڻ ۽ درٻارين ۽ٻين ماڻهن طرفان فضول خرچين ۽ رياست جي ڪاروهنوار ڏانهن ڌيان نه هئڻ سبب، رياست جو نه رڳو خزانو خالي ٿي ويو، پر انتظام به درهم برهم ٿيڻ لڳو. راوي روايت ڪن ٿا ته ميرصاحب جو سالو ميان بگو سَون جا نوٽ سُلفي ۾ وجهي ساڙڻ لڳو. حال وڃي اتي بيٺو جو ڪجهه مهينا سرڪاري ملازمن کي پگهارون به ملي نه سگهيون. اهو حال ڏسي برطانيا سرڪار، وزارت جو عهدو ڪڍي، رياست جي حڪومت جو انتظام هڪ ڪائونسل جي حوالي ڪيو. ان ڪري ميرصاحب جا اختيار گهٽجي ويا ۽ سندس خرچ پکي لاءِ به ماهوار وظيفو مقرر ڪيو ويو. نيٺ وڏي ڊڪ ڊوڙ کانپوءِ ٻن ٽن سالن ۾ اها ڪائونسل ختم ڪرائي، وزير ورتو ويو. ڪائونسل جي ناڪامي کانپوءِ هو صرف آئيني سربراهه رهيو ۽ حڪومت جي سڄو ڪاروهنوار انگريز وزير جي هٿ ۾ رهيو. محدود پگهار مان مير صاحب جي خرچ جو پورائو ٿي نه سگهيو ۽ هو ڏاڍو ڏکيو وقت گذارڻ لڳو. هڪ طرف عشق جو ڪاروبار، ٻئي طرف اختيارن جي ڪمي ۽ تنگدستيءَ سندس زندگي کي زهر بنائي ڇڏيو. پنهنجي غم غلط ڪرڻ لاءِ هو سارو وقت شعر و شاعري، راڳ ويراڳ ۽ شيل شڪار ۾ گذارڻ لڳو. ميرعلي نواز ”ناز“ بنياد طور تي هڪ جذباتي ۽ عاشقانه مزاج ماڻهو هو. سنڌ کان ٻاهر هندستان جي جداجدا جڳهن ۽ يورپ، ايران ۽ مصر جي مختلف شهرن جي سير سفر ڪري، فطرت جو وڏو مطالعو ڪيو هئائين. ان کانسواءِ گهر ٻار کان وڇڙي وڃڻ، ڪافي وقت جي شفقت کان محروم رهڻ ۽ عشق جي اوڙاهه ۾ اچڻ ڪري، سندس دُکي دل مان دانهون نڪرڻ لڳيون. دراصل اهي دانهون پرت جو پچارون بڻجي، سندس دلي جذبن جي ترجماني ڪرڻ لڳيون ۽ موزون لفظن جي سانچي ۾ اچي شعر بڻجي ويون. هو وڇوڙي جا ورلاپ ڪندي هڪ سٺو شاعر بڻجي ويو. غم غلط ڪرڻ لاءِ سخن جي مشق جاري رکيائين ۽ شاعريءَ ۾ ڪمال حاصل ڪيائين. سندس تخلص ”ناز“ هو ۽ آغا قزلباش دهلي جو شاگرد هو . ميرصاحب جي همعصر ۽ شاعر دوستن ۾ مولوي محمد صادق راڻيپور وارو، مرزا قليچ بيگ، نواب گل محمد خان زيب جهل مگسي وارو، مخدوم الهه بخش عاصي کهڙن وارو، فقير هدايت علي نجفي، عبدالرزاق ميمڻ ۽ ٻيا شامل آهن، جيڪي اڪثر وٽس اچي روح رچنديون ڪندا هئا. اردو شاعرن مان آغا شاعر قزلباش، مولانا سُهاءِ، حفيظ جالندهري ميرصاحب جا مداح ۽ درٻاري شاعر هئا. ميرصاحب هڪ درويش ماڻهو هو، هو مذهبي ڇڪتاڻ کان پري هوندو هو. سندس دلي تمنا هوندي هئي ته سنين ۽ شيعن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ گهرجي. ان لاءِ هن راڻيپور جي مشهور اديب ۽ عالم مولانا محمد صادق جي مدد سان هڪ اردو رسالو ”دعوت الاعتمام بدين الله الاسلام“ لکي شايع ڪرايائين ۽ ”دين الله“ نالي هڪ خدائي تحريڪ جو بنياد رکيائين. هن تحريڪ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هر فرقي مسلمان کي عام دعوت ڏني ويئي اها تحريڪ به شهنشاهه اڪبر جي ”دين الاهي“ وانگر ڪامياب ٿي نه سگهي ۽ ميرصاحب جي وفات کانپوءِ ختم ٿي ويئي. ميرصاحب، سنڌي، سرائيڪي ۽ اردو ۾ پڻ شاعري ڪئي.
مير علي نواز ناز جا ڇپيل ڪتاب
ميرعلي نواز ”ناز“ جا نثر ۽ نظم ۾ ڪل 13 ڪتاب تصنيف ڪيل آهن، جيڪي هن ريت آهن. (1)خلوت عشق (2)طوفاني عشق (3)آتش عشق (4)بياض ناز (شاعري) (5)خمڪده خيام مئڪده نازڪ (عمر خيام جي پنجاهه رباعين جو منظوم ترجمو) (6)گنجينئه خرد (رباعيون جن جو فارسي ترجمو فقيرهدايت علي نجفي (تارڪ) لعلو رانوڪ واري ڪيو) (7)گلدسته ناز (اردو غزل) (8)ڪليات ناز (اردو) (9)سياحت يورپ (هي ڪتاب اردو ۽انگريزي ٻنهي زبانن ۾ يورپ جي سفر بابت آهي) (10)داستان ليلى مجنون (نثر-اردو-انگريزي) (11)خطبهءَ مدارت (12)دعوت الاعتمام بدين الله لاسلام (نثر ۾) (13)گاڊس رليجن (هي ڪتابڙو مٿين ڪتاب دعوت الاعتمام جو انگريزي ترجمو آهي) اهي سڀ ڪتاب سندس زندگي ۾ ئي شايع ٿيل آهن. مٿين ڪتابن کانسواءِ 1987ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ميرصاحب جي سنڌي، سرائيڪي ۽ چونڊ اردو ڪلام جو مجموعو ”ڪليات ناز“ پڻ ڇپرايو ويو آهي. جيڪو 213صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ميرصاحب جو ڪجهه اڻ ڇپيل ڪلام پڻ شامل اشاعت ڪيو ويو آهي. انهي ڪتاب جو مؤلف پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمد ”حامي“ آهي.
لاڏاڻو
ميرعلي نواز ”ناز“ 28ڊسمبر 1935ع تي وفات ڪئي. سندس لاش کي ٻه سال امانت طور ڪوٽڏيجي جي امام بارگاهه ۾ رکيو ويو. جتان 19 فيبروري 1937ع تي ڪربلا مولا موڪليو ويو.
(وڪيپيڊيا)
باليءَ وارو مير علي نواز “ناز”
پروفيسر نذير احمد سومرو
ڪن شهرن ۽ ڪن شخصيتن جو تهذيبي ۽ تاريخي داستان، ڪڏهن عجيب ۽ ڪڏهن عجيب تر ٿئي ٿو. عام مشاهدو ته اهو آهي؛ ڪن شهرن، ڳوٺن، رياستن يا منجھن رهندڙ شخصيتن جي تاريخ پنهنجي دؤر جي فروغ ۾ توسيعي معنيٰ جي لحاظ کان گهڻو ڪري ڪيترن ئي ملڪن جي تاريخ کان به گهڻي وڏي هوندي آهي. اهڙا شهر يا ڳوٺ پنهنجي شخصيتن جي حوالي سان سڃاڻپ ۽ انهن جي ڪارنامن جي ڪري ڪيترن ئي جماعتن ۽ سياسي پارٽين تي فوقيت رکندا آهن. ڪجهه شهر ۽ شخصيتون ته پنهنجي سيني اندر تاريخي سفر اهڙي طرح سمائي ڇڏيندا آهن، جو اهي پنهنجي شاندار ماضيءَ جو، اکين ۽ ذهنن کي نيرو ڪندڙ روشنيءَ ۾، پنهنجي سفر جي ڪهاڻي ٻڌائيندي نظر ايندا آهن. اهڙن شهرن يا رياستن منجهان رياست خيرپور ۽ ان جو مثالي، دردمند ۽ عاشقاڻو مزاج رکندڙ شاعر ۽ حڪمران مير علي نواز خان “ناز” ٽالپر به هڪ آهي. جڏهن رياست خيرپور ۽ ان جي واليءَ مير علي نواز خان “ناز” ٽالپر جي دؤر واري تاريخ تي نظر وجهون ٿا ته بي اختيار، اردوءَ جي نفيس ترين شاعر، مرزا اسد الله خان غالب جو هيءُ شعر ذهن جي پردي تي اڀري اچي ٿو:
محفلين در هم ڪري هي، گنجفه باز خيال،
هين ورق گرداني ڪه نيرنگ يک بتخانه هم.

منهنجي ننڍپڻ جون يادون، جيڪي مون کي اڃا تائين ٻکَ ھنيون بيٺيون آهن، انهن ۾ هڪ ياد مير علي نواز خان “ناز” جي نالي سان لاڳاپيل آهي. منهنجي بابا سائين عبدالحميد خان سومري هڪ ڏينهن پنهنجا ضروري ڪاغذات اٿلائيندي هڪ اهڙو دستاويز به ڏيکاريو، جنهن جي پيشانيءَ تي حڪومتِ برطانيا جي سرڪاري مُھر ۽ نشان بجاءِ رياست خيرپور جي حڪمران مير علي نواز خان “ناز” جي گول دائري ۾ تصوير ۽ ٻه هرڻيون (رياست خيرپور جو سرڪاري مونوگرام) ڇاپيل هيون.
منهنجي والد صاحب وڌيڪ ٻڌايو ته رياست خيرپور جي حڪمران ميرن منجهان مير علي نواز “ناز” ٽالپر پهريون حڪمران هيو، جنهن جي حڪومت واري دؤر ۾ رياستي دستاويز (Affidavit)، پگهار جون ٽڪليون، سڪا ۽ رياست جي سرڪاري ملازمن لاءِ سروس بڪ ۽ پينشن جا فارم جاري ۽ رائج ڪيا ويا. رياست خيرپور ۽ هاڻي تعلقي گنبٽ جي شهر گنبٽ جي اتر ۾ کهڙا-رپڙي روڊ تي هڪ ڳوٺ علي بخش سروهيءَ جي رياست واري دؤر جي ٻن تپيدار ڀائرن مرحوم مولوي نور محمد سروهيءَ ۽ ميان فيض محمد سروهيءَ يا ڳوٺ جي وڏيري علي بخش سروهيءَ، سائين حاجي در محمد سومري ۽ سائين عبدالحميد سومري کي اهڙا سڪا ڏيکاريا هيا، جن تي هڪ پاسي رياست خيرپور جو مونوگرام ۽ ٻئي پاسي رياست جي حڪمران مير علي نواز خان “ناز” جي شبيهه ۽ سن اڪريل هئا.
ائين لکڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته رياست خيرپور جي حڪمران مير علي نواز خان “ناز” ٽالپر کي برصغير جي مغليه گهراڻي جي شهنشاهه شاهجهان جهڙي حيثيت حاصل هئي. جيئن شاهجهان پنهنجي دؤر ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا، مسجدون ۽ مدرسا جوڙايا ۽ انهن لا مالي امداد ڪئي، تيئن مير علي نواز خان “ناز” به پنهنجي حڪومتي عرصي ۾ شيعه عقيدي واري مڪتبهء فڪر رکڻ جي باوجود، ديوبند طرز جي ٺيڙهي واري مدرسي جي مالي امداد هڪ طرف ڪئي، ته ٻئي طرف مڪتبئه بريلوي جي مدرسي، درگاهه/خانقاهه کهڙا نزديڪ گمبٽ سان پڻ مالي سهڪار ڪيو. درگاهه عاليه کهڙا جي مخدوم سجاده نشينن سان پڻ مير علي نواز خان “ناز” جا گهرا ۽ گهاٽا لاڳاپا رهيا. کهڙا جي مخدومن واري درگاهه جي موجوده سجاده نشين مخدوم نديم احمد هاشميءَ کي پنهنجي وڏن کان ورثي ۾ جيڪي نوادرات مليا آهن، تن ۾ مير علي نواز خان “ناز” جا خط ۽ سندون، سندس ئي دستخط ڪيل ۽ مُهرن سميت شامل آهن.
اهو به ڪيڏو نه تاريخي ۽ حسين اتفاق آهي، جو جيئن مغل شهنشاهه شاهجهان جي گهرواريءَ جو نالو ممتاز بيگم هو، ائين مير علي نواز خان “ناز” جي ٻيو نمبر گهر واريءَ جو نالو به ممتاز بيگم هو. مير علي نواز خان “ناز” جي ممتاز بيگم سان شادي حيدرآباد دکن ۾ ٿي هئي ۽ ممتاز بيگم جو تعلق حيدرآباد دکن جي هڪ معزز گهراڻي سان هو. شاهجهان ۽ مير علي نواز “ناز” ٻنهي پيار واريون شاديون ڪيون. ممتاز محل پنهنجي عاشق مڙس شاهجهان جي هٿن ۾ دم ڏنو، پر اسان جي هن عاشق مزاج شاعر ۽ حڪمران مير علي نواز خان “ناز” پنهنجي محبوبه ۽ زال بالي بيگم جي ٻانهن ۾ پساهه پورا ڪيا. جيڪڏهن رياست جي راڻي بالي بيگم، مير صاحب جي حياتيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ها ته عين ممڪن هيو ته هن جي مزار مٿان خيرپور رياست جي شهرن، ڪوٽ ڏيجي يا ڪوٽ بنگلي ۾ تاج محل جهڙو ڪو محلات-نما مقبرو مير علي نواز خان “ناز” ۽ بالي جي محبت جو “يادگار” هجي ها.

پراڻي خيرپور رياست ۽ موجوده ضلعي خيرپور جي ناظمه سيده نفيسه شاه کي هڪ خط لکي چڪو آهيان، جنهن ۾ کيس گذارش ڪئي اٿم ته پراڻي رياست خيرپور جي راڻي بالي جي ياد ۾ خيرپور شهر ۾ ڪو يادگار کڙو ڪرايو يا ٺهرايو وڃي. ٻيو نه ته به گهٽ ۾ گهٽ خيرپور جي ضلعي اسيمبليءَ مان بل پاس ڪرائي، خيرپور شهر کان ڪوٽ ڏيجي ڏانهن ويندڙ قومي شاهراهه تي ٺهيل “وَن يونٽ” بلڊنگ جو نالو مٽائي ۽ بدلائي “بالي بلڊنگ” رکيو وڃي. ائين جيئن حيدرآباد ۾ ٿڏي سڙڪ تي ٺهيل “ون يونٽ بلڊنگ” جو نالو مٽائي “شهباز بلڊنگ” رکيو ويو آهي.
جيئن اردوءَ جي ڪن نقادن، مغليه خاندان جي آخري حڪمران بهادر شاهه ظفر، لکنوءَ جي آخري تاجدار واجد علي شاهه، رامپور جي نواب ڪلب علي خان جي شاعريءَ تي پاڻي ڦيريو، تيئن سنڌي ٻوليءَ جي هڪ اڌ اديب به رياست خيرپور جي واليءَ ۽ ڪلاسيڪل شاعر مير علي نواز خان “ناز” جي شاعريءَ تي اِيئن منڌيئڙو پاتو. جيئن اردوءَ جي هٿراڌو نقادن فارسيءَ جي بلند پايه شاعره ۽ اورنگزيب جي ڌِيءُ زيب النساء عرف حافظ مخفيءَ جي شاعري کي سندس شاعريءَ ۾ شروعاتي استاد، فارسيءَ جي نامور عالم ۽ ايراني نزاد شاعر ملا سعيد اشرف جي کاتي ۾ لکي ڇڏيو. ملا سعيد اشرف ته رڳو حافظ مخفيءَ جي شاعريءَ جي شروعات ۾ اصلاح ڪندو هو، حد ته اِها آهي جو ايران جي مشهور اديب گلچين معاني، زيب النساء مخفيءَ جا ٻه ٽي شعر ۽ هڪ اڌ قطعو کڻي سندس ڏاڏي شاهجهان جي ذاتي طبيب حاذق گيلانيءَ جي ذهن ۽ فڪر جي پيداوار ڄاڻايا آهن. (ڏسو مضمون: معمائي ديوان مخفي، از محمد گلچين معاني. ماهانه “هنر وَ مردم” تهران، ايران. شمارو 172، صفحو 38).
1942ع ۾ لاهور پاڪستان مان شايع ٿيندڙ هڪ ڪتاب “ڪلماتِ الشعراء” امن حوالي طور کڻي، احمد گلچين جي شعرن کي حاذق گيلاني جا شعر سمجهي، ان جي کاتي ۾ ڄاڻائي ٿو. اهي سڀ شعر “ديوان مخفي” مرتب عبدالباري آسي، نول ڪشور پريس ڪانپور/لکنؤ، يو-پي انڊيا ۾ 1942ع کان گهڻو اڳ موجود آهن. هي نسخو سائين حاجي در محمد سومري ۽ بابا مرحوم عبدالحميد سومري کي علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان تعليم پوري ڪري سنڌ موٽڻ مهل هڪ دوست “بسمل ڪان پوريءَ” برِصغير جي اهم ڪميونسٽ ليڊر سيد جمال الدين بخاريءَ جي روبرو علي ڳڙهه ۾ ڏنو هو ۽ اهو نسخو خيرپور جي پراڻي لائبريريءَ ۽ سڄي برِصغير يا پاڪستان جي سٺن وڏن ڪتب خانن ۾ پيل آهي.
فرض ڪجي ته مير علي نواز خان “ناز” جي اردو شاعري سندس درٻاري شاعرن جي ڪيل آهي ۽ هو شعر ئي ڪونه چوندو هيو ته پوءِ مير علي نواز خان “ناز” جي سموري سنڌي شاعري ۽ رباعيات عمر خيام جي ڪيل سنڌي منظوم ترجمي کي ڪنهن جي کاتي ۾ رکجي ۽ لکجي؟ ريڊيو پاڪستان جي مختلف اسٽيشنن تان نشر ٿيندڙ سندس ڪلام:
عشق هاڻي ڪجي ڪنهن سان
يا
تنهنجي رمز سهڻا مان ڇا سمجهان
يا سرائيڪي ٻوليءَ ۾:
اڄ خواب دي وچ سهڻا ياد آيا
اڄ به موسيقي ۽ ڳائڻ وڄائڻ وارن، توڙي عام ٻڌندڙن کي طراوت بخشن ٿا، ۽ انهن جي سالن پڄاڻا به بيحد مقبول آهن. ولي عهد مير علي نواز خان “ناز” جو ننڍپڻ ڪوٽ ڏيجي ۾ ۽ ڦوهه جواني وارو عرصو لاهور، ڀوپال، دهلي، لکنؤ ۽ رياست حيدرآباد دکن ۾ گذريو. ان حالت ۾ اردو زبان هن لاءِ نئين ۽ اوپري ڪانه هئي. اردوءَ جي شاعراڻي دنيا ۾ شاعرِ انقلاب جو لقب ماڻيندڙ، حضرت جوش مليح آبادي، لاڙڪاڻي جي هڪ ادبي تنظيم “بزمِ ادب” جي طرفان ٿيل مشاعرن ۾ اها ڳالهه ڪيترائي دفعا ورجائي هئي ته رياست خيرپور جي ولي عهد مير علي خان “ناز” سان هن جو يو.پي ۽ رياست حيدرآباد دکن جي ڪيترن ئي وڏن ۽ سٺن شاعرن کي تپرس ۾ آڻي ڇڏيندي هئي. ان کان سواءِ هِز هائينس مير علي نواز خان “ناز” جي اردو شاعريءَ جا ثبوت علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ جا شايع ٿيل رسالا پنهنجو پاڻ شاهدي ڏيڻ لاءِ تاريخ جي صفحن ۾ اِئين قيد آهن، جيئن خيرپور جو هيءُ نازڪ مزاج شاعر حڪمران باليءَ جي محبت ۾ قيد هيو. سندس اردو شاعريءَ ۾ هيٺ ڏنل غزل يا ڪي ٻيا غزل اردوءَ جي ڪنهن به وڏي غزل گو ۽ ڪلاسيڪل شاعر جي شاعريءَ جي مقابلي ۾ آڻي سگهجن ٿا. مير علي نواز خان “ناز” جو هر غزل تغزل سان ٽٻ هوندو هو. مير صاحب جي هن غزل جا ڪجهه بند پڙهو، ته داد ڏيڻ لاءِ توهان خود ڪنڌ ڌوڻڻ تي مجبور ٿي پوندؤ:

کو گئـي جـــب تيــــرا مڪـــان ديکـــا،
مِٽ گئي جــــــب تيرا نِشـان ديــکــــا.
آ گئـــي مــوت ان ڪــي جاتــي هِــي،
يـــه تــــماشــــه ڀــي ناگهـــــان ديـــکــــــا.
اُن ڪِــي مُٺِي ۾ جــان هي ميــرِي،
دل ڪِســـي نـــي مِرا ڪهــــان ديکا؟

اردوءَ جي نقادن جيان سنڌي اديبن پنهنجي طرفان طبع آزمائي ۽ حاشيه آرائي ڪري لکيو ته مير علي نواز خان “ناز” جي شاعري سندس درٻاري شاعرن جي محنت ۽ خوشامد جو ڪارنامو هو. اِئين مير علي نواز خان “ناز” پاڻ ۽ سندس سموري شاعري، اهڙين حاشيه آرائين واري جُهڙ ۽ ڪڪرن ۾ لڪائڻ جي ۽ کيس افسانوي ڪردار بڻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ويئي. اهوئي سبب آهي جو هِز هائينس مير علي نواز خان “ناز” جي زندگيءَ جا کوڙ حصا بي نقاب ٿي نه سگهيا آهن. مولانا سُها يا آغا حشر قزلباش دهلوي ۽ حفيظ جالنڌري يا اهڙا ٻيا کوڙ شاعر مير علي نواز خان “ناز” جي دهلي، لکنؤ، ڀوپال، رام پور ۽ رياست حيدرآباد دکن واري دؤر جا ملاقاتي ۽ واقف هئا. التبه اهو گهڻي حد تائين ممڪن آهي ته مولانا سُها يا آغا حشر قزلباش، مير علي نواز خان “ناز” جي شاعريءَ جي شروعاتي اصلاح ڪئي هجي. اهڙو اشارو رياست خيرپور جي آخري اسيمبليءَ جي ميمبر ۽ سنڌي ٻوليءَ جي نامور اديب ۽ شاعر، پروفيسر عطا محمد “حامي” پنهنجي ترتيب ڏنل ڪتاب “ڪليات ناز” (مطبوعه سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1988ع) جي صفحي 10 ۽ 14 تي ڪيو آهي.
ڏک ۽ ويچار ان ڳالهه جو آهي ته وقت جي اديبن، قلمڪارن ۽ تاريخ نويسن هز هائينس مير علي نواز خان “ناز” جي معاملي ۾ ڏاڍي ڪنجوسيءَ ۽ بخل کان ڪم ورتو آهي ۽ غلط روايتن ۽ مفروضن کان ڪم وٺي “ڌُڪا” هنيا آهن. ايتري قدر جو يو-پي انڊيا جي شهر “امروهه” مان لڏي ايندڙ، پاڪستان کان پوءِ واري دؤر ۾ ميرن جي درٻار سان لاڳاپيل اديب ۽ شاعر سيد قاسم رضا “نسيم” امروهي به پنهنجي تصنيف “تاريخ خيرپور” (شايع ٿيل 1955ع) ۾ هز هائينس مير علي نواز خان “ناز” ٽالپر سان انصاف ڪونه ڪري سگهيو آهي. نسيم امروهي پنهنجي 200 صفحن واري هن ڪتاب ۾ خيرپور رياست جي حڪمران مير علي نواز خان “ناز” ٽالپر جي درٻار سان ۽ ان سان لاڳاپيل شاعرن ۽ مير علي نواز خان “ناز” جي دؤر ۾ شاهي محلات ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۽ مير علي نواز خان “ناز” جو باليءَ سان ٿيل پيار ڀرئي وِهَانوَ ۽ ان ۾ ٿيل شادماني کي به باءِ پاس ڪري ويو آهي. مير علي نواز خان “ناز” جي درٻار سان لاڳاپيل ٻين شاعرن کي ته ڇڏيو پر پاڪستان جي قومي تراني جي لکندڙ ۽ اردوءَ جي نامور شاعر حفيظ جالنڌريءَ جو به نالو ڪو نه ٿو کڻي، جيڪو هز هائينس مير علي نواز خان “ناز” جي درٻار جو باقاعده پگهاردار ملازم ۽ شاعر هو. نسيم امروهي پنهنجي ڪتاب “رياست خيرپور” جي صفحي 95 تي لکي ٿو ته:
“سن 1920ع ۾ گهريلو معاملات ڪي متعلق مير علي نواز خان “ناز” ولي عهد اور ميان محمد ابراهيم ڪي درميان سخت اختلاف رائي پيدا هو گيا اور مير علي نواز “ناز” ناراض هو ڪر دهلي چلي گئي.”
مرحوم نسيم امروهيءَ اها ڳالهه ۽ ان سان ملندڙ جلندڙ ڳالهه مرحوم عطا محمد حامي پنهنجي ڪتاب “ڪليات ناز” جي صفحي 6 تي ٻڌل ڳالهه لکي آهي، پر حقيقي شاهدي ان دؤر جي هڪ اديب ۽ برِصغير جي مشهور زمانه صحافي ۽ ايڊيٽر اخبار “رياست” ديوان سنگهه مفتون پنهنجي ڪتاب “ناقابل فراموش” ۾ ڪيترن ئي صفحن تي لکي ۽ ڏئي ٿو. مير علي نواز خان “ناز” کي نه نسيم امروهيءَ ڏٺو هو ۽ نه ئي عطا محمد حامي صاحب مير صاحب سان مليو هو، پر ديوان سنگهه مفتون نه رڳو مير علي نواز خان “ناز” کي دهليءَ ۽ ڀوپال ۾ ڏٺو هيو، پر ساڻس ڪيئي يادگار ڪچهريون پڻ ڪيون هيون. سرڳواسي ديوان سنگهه مفتون پنهنجي شاهڪار اڌ آتم ڪٿا واري ڪتاب “ناقابل فراموش” جي صفحي 62 تي لکي ٿو ته:
“مرحوم مير صاحب خيرپور رياست دهلي ۾ آئي تو ايڪ روز ملني ڪي ليئي دفتر ‘رياست’ ۾ ڀي تشريف لائي. مير صاحب ڪا وزن مرحوم مولانا شوڪت علي سي دوگني ڪي قريب ٿا. آپ (مير صاحب) زينه پر چڙه نه سڪتي ٿي، اپني ڪار ڪو نيچي کڙا ڪيا اور اپني اي-ڊي.سي. ڪو اوپر ڀيج ڪر راقم الحروف (ايڊيٽر رياست) ڪو بلوايا. مين موجود نه ٿا، واپس چلي گئي، جب دفتر پهنچا تو معلوم هوا ڪه مير صاحب خيرپور آئي ٿي، چناچه اگلي روز ان ڪي جائي رهائش، جو دريا گنج ۾ ايڪ ڪوٺي ۾ ٿي، پهنچا. مير صاحب سي مِلا، دو گهنٽي ڪي قريب باتين هوتي رهين. يه اپني مظلوميت ڪي حالات بتاتي رهي ڪه ان ڪا وزيراعظم مسٽر ٽائٽن (آئي.سي.ايس) جس ڪو برطانيا حڪومت ني خيرپور ۾ پوري اختيارات ڪي ساٿ وزيراعظم مقرر ڪيا ٿا، ڪيون ڪه اُس زماني ۾ رياست خيرپور ريزيڊنٽ پنجاب ڪي ماتحت نه ٿي بلڪه سنڌ ۾ هوني ڪي باعث گورنر ممبئي ڪي ماتحت ٿي ان ڪو تنگ ڪر رها هي اور يه اپني اِس وزيراعظم سي انتهائي پريشان هين.”
اکين ڏٺي ۽ ڪنن ٻڌي کان وڌيڪ ٻي شاهدي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ ان مان صاف پڌرو آهي ته ولي عهد مير علي نواز خان “ناز” جو جهڳڙو سندس والد ماجد مير امام بخش خان ٽالپر سان نه، جيئن مرحوم عطا محمد حامي ۽ نسيم امروهيءَ لکيو آهي، پر مير علي نواز خان “ناز” جو جهڳڙو بي تحاشه ۽ لامحدود اختيارن واري فرعوني دماغ ۽ سوچ رکندڙ حڪومت برطانيا جي مقرر ڪيل هڪ انگريز آفيسر “ٽائٽن” سان هيو. مٿين ٻنهي صاحبن اهو به غلط لکيو آهي ته مير صاحب هتان ڪاوڙجي دهلي ويو هيو، پر ولي عهد مير علي نواز خان “ناز” خيرپور مان سڌو ڀوپال ويو هيو، ڇاڪاڻ ته ان زماني جي برطانوي حڪومت جي قانونن پٽاندڙ رياست ڀوپال جو فرمان روا، سڄي برِصغير جي رياستن جي حڪمرانن جو “چانسلر” هيو ۽ ان وقت رياست ڀوپال جي واليءَ جو هوم منسٽر اسرار احمد خان ڪنهن زماني ۾ رياست خيرپور ۾ وزيراعظم رهي چڪو هو. (ڏسو ڪتاب “ناقابل فراموش” از ديوان سنگهه مفتون، صفحو 39).
اهو به مير علي نواز خان “ناز” جو پنهنجي رياست سان محبت جو هڪ اعليٰ مثال ۽ روشن ثبوت آهي ته رياست خيرپور ۾ قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ خاطر رياست جي بااختيار حڪمراني، جنهن جي وات مان نڪتل “الفاظ” قانون جو درجو وٺندا هئا، تن کي ختم ڪري رياست خيرپور ۾ هڪ هاءِ ڪورٽ قائم ڪئي ۽ سنڌ ۽ پاڪستان جو مايه ناز فرزند نفيس ۽ نازڪ انسان، قانون کي سڀني لاءِ هڪ جهڙو سمجهندڙ علامه آءِ آءِ قاضي به مير علي نواز خان “ناز” جي دوستيءَ جي مضبوط ڌاڳي ۾ ٻڌجي، حيدرآباد جون ٿڌيون هوائون ڇڏي خيرپور جي ڪاڙهي واري موسم ۾ رياست جي هاءِ ڪورٽ جو جج ۽ پوءِ چيف جسٽس ۽ هوم منسٽر بڻيو هو. نسيم امروهيءَ جهڙي متعصب تاريخ نويس جتي انڊيا مان لڏي ايندڙن “نالي ۾ نِهال” عام ماڻهن جو ذڪر به پنهنجي ڪتاب “تاريخ خيرپور” ۾ وڏي طمطراق سان ڪيو آهي، اتي سنڌ جي هن قابل ترين فرزند علامه آءِ آءِ قاضي جو صرف نالو لکي ذڪر ڪري ٿو.
اڄ به خيرپور شهر ۾ مير صاحبن جي ٺهرايل بادشاهي محلات جي ڀرسان گذرندي مير علي نواز خان “ناز” جي دؤر واري شاندار ماضيءَ کي ياد ڪندي فارسي زبان جو هِيءُ شعر بي اختيار منهنجي چپن تي پاڻ هرتو اچي ويندو آهي ته:
دَر حريم بزم مستان،      دَورِ   صُبح  وَ شام نيست،
گردش جام است، اين جا گردش ايــــام نيـــســـت.

(ترجمو: مستن جي حرم واري محفل ۾ سندن صبح ۽ شام به نه رهيا، هتي مئه جي پيالن جي ته چرپر آهي پر سندن شاندار ماضيءَ وارن ڏهاڙن جي ڦير گهير ناهي.)
افسوس! جو هتي گردشِ ايام ته ڇا پر گردشِ جام به ڪونهي. بادشاهي محلات جا دَر دروازا، اڱڻ، شاهي ڪمرا ائين گونگا ۽ ٻوڙا ٿي چڪا آهن، جيئن ڪوٽ ڏيجيءَ ڀرسان رياست خيرپور جي ميرن واري صاحبيءَ جو يادگار ڪوٽ وارو بنگلو اداس، خاموش ۽ پنهنجي شاندار ماضيءَ جي دور تي نوحه خوان آهي. مومل راڻي، ليلا چنيسر، سسئي پنهون کي ته شاهه جهڙو شاعر ملي ويو. پر افسوس! جو مير صاحب جي قرباني، برطانيه جي ونڊسر محلات جي مسافر شهنشاهه ايڊورڊ آئين وانگر گهٽ ڪونهي. الائي ڇو مون کي خيرپور شهر جي فيض محل ڀرسان گذرندي محسوس ٿيندو آهي ته اجهو ان محل جي شاهي دروازي مان هز هائينيس مير علي نواز خان “ناز” ٻاهر نڪرندو ۽ آغا حشر قزلباش، مولانا سُها ۽ پير علي محمد راشديءَ جي دروازي تي آجيان ڪندي چوندو ته:
“هلو! هلو! اندر هلو! اڄ باليءَ جي برٿ ڊي جي خوشيءَ ۾ وڏو مشاعرو ڪرايو اٿم، جنهن ۾ هند ۽ سنڌ جا چوٽيءَ جا شاعر پنهنجا شعر پڙهندا.”
پر ان حقيقت ۾ هاڻي ته ڪابه حقيقت ڪانه رهي آهي. اهو سوچي اداس ٿي ويندو آهيان ۽ ائين هڪ دفعي اتان گذرندي چشم تصور ۾ ان درهم برهم ٿيل خوبصورت زماني جو خيال آيو ۽ ٿڏي تي ئي سنڌي ادبي سنگت شاخ خيرپور جي سيڪريٽري تاج سروهي ۽ علي گل ملاح مون کي چيو؛ ڪٿي ۽ ڪهڙي نظاري ۾ گم ٿي ويا آهيو؟ ڀر واري هڪ بنگلي مان ڪيسيٽ پليئر تي ڪنهن ڳائڻيءَ جي آواز ۾ قتيل شفائي جا ٻول فضا کي به اداس ڪري رهيا هئا:

يي اجنبي سي منزلين، اور رفتگان ڪي ياد،
تنھايون ڪا زھر ھي، اور هم هين دوستو!
آنکون مين اُڙ رهي هي، لٽي محفلون ڪِي دهول،
عــبــرت ســرا ئي دهـــر هي، اور هم هين دوستو!

مددي مواد:
1. مسلم شميم سيڪريٽري بزم ادب لاڙڪاڻو، ظاهر نوري، جواد احمد ۽ مهدي رضويءَ جون لاڙڪاڻي واريون يادون.
2. “تاريخ خيرپور”، نسيم امروهي، 1955ع.
3. “ناقابل فراموش”، ديوان سنگهه مفتون، 1957ع.
4. “ڪليات ناز”، ڊاڪٽر عطا محمد حامي، سنڌي ادبي بورڊ، 1988ع.
5. پير علي محمد راشديءَ سان ذاتي ملاقاتون.
6. علي احمد بروهي ۽ تاج صحرائيءَ جون ذاتي يادگيريون.

(سنڌ سلامت ڪمپيوٽر جي ٿورن سان)

هزهائنس مير علي نواز ناز ”تنهنجي رمز سهڻا”

تنهنجي رمز سهڻا مان ڇا سمجھان،آسان به آ دشوار به آ.
تنهنجي وعدي تي  اعتبار ڪهڙو،  انڪار به آ اقرار به آ.
تون  دور رهين  بي نياز مولا، سڻ  فرياديء جو   آواز مولا،
هن  بي گناهه جي  مارڻ   لئي،   تکو  تير به  آ تلوار  به آ.
حسن  تجلا    نور  چوان،  شمس  و قمر   مخمور    چوان،
ٻڌ  فريادا   بلبل جي  صدا،  جاٿي گل به آ تاتي خار به آ.
دولت زر جي نه خواهش مون کي،مهرو وفا جو آهيان غلام،
هن  ساري  جهان   ۾ “ناز”   غريب    نادار     به آ زردار به آ.