Sunday 29 April 2018

لاڙ جو لعل شاعر ؛ حافظ محمد نظاماڻي


تحرير؛  محمد عالم نظاماڻي
داتا جي ھن جُڙيل ڌرتيءَ جي پُٺيءَ تي پکڙيل اربين انسانن ۾ ڪو ڪو ماڻھوءَ موتي داڻو ھوندو آھي، پوءِ اھو ڀلي دنيا جي ڪھڙي به ڪاري ڪُنڊ يا غار ۾ جنم وٺي. شھر ھجن يا ٻھراڙيون، بلند پھارن جي چٽانن واريون چوٽيون ھجن يا سمنڊ جا ٻيٽ، گجگاھ ٻيلا ھجن يا گھاٽا جنگل، رش ۽ پيھو پيھه وارن شھرن ۾ اُڀ ٽڪرائيندڙ عمارتون ھجن، يا برپٽ بيابان، يا ريگستاني رُڃ ھجي. اھو امَلھه ماڻڪ جھڙو ماڻھو جتي به ڄمندو ۽ وڌي وڏو ٿي، ھڪ ”درِ يتيم“ موتيءَ وانگر پنھنجو پاڻ مڃائيندو. اھڙو ماڻھو پنھنجي مُدبرانه، ھوشمندانه، اڪابرانه، اعلى عظمت، صلاحيت، قابليت ۽ البيلي انداز سان ڪنھن به قسم جي بگڙيل، بکريل، بيڪار ۽ بدمزاج معاشري کان بي پرواھ، مُنھن موڙي بيزار ٿي، ڄڻ اونداھين آسمان وچان چوڏھينءَ جي چنڊ جيان، آب ۽ تاب سان نکري، نروار ٿي بيھندو آھي، پوءِ سچائيءَ واري اڻ مٽ روشنيءَ جي جِيوَت واري جوت جلائي، جھان وارن کي جوڀن ۽ جوھَر ڏيکاري، ھن سنسار ۾ امن ۽ سونھن جي سرسي ڪندو آھي. بنگلا بازارون، باغ بستان، محل ماڙيون، ڌن دولت، عيش عشرتون، ڏک سک ۽ قربانيون ھن جي راھ ۾ رڪاوٽون نه بنبا آھن، جيئن شاھ صاحب چوي ٿو ته:
ڀلا نه ڀيلين، گھمن باغ ۾،
موڙي مڃر ٽاريون، تسيا ڏين تن،
اھڙا ئي آھين، جي بازي کڻن ٿا باغ ۾.

(شاھ)
اھڙو عظيم انسان پنھنجي خداداد صلاحيتن جي بنياد تي ڏيھه جي ڏُليل، ڏُتريل، ڏڪاريل، ۽ ڏکايل انسانن لاءِ باعث رحمت، ھر حال ۾ ساٿ ڏيندڙ ساٿي، ڀرجھلو، آسرو، غمخوار ۽ مددگار بنجي بيھندو آھي. منحوسن، حاسدن، بخيلن، بي رغبتن، منافقن، موقعي پرستن ۽ موذين کي مات ڏيڻ سندن مقصد ھوندو آھي. اھي ماڻھو پنھنجي پيغام ۽ عمل سان ديس جي دُکي انسانن کي خوشين جي خزانن سان مالامال ۽ منور ڪري ڇڏيندا آھن. جيئن شاعر ڪشنچند بيوس چوي ٿو:
جلي جي ٻين کي سھائو ڏين ٿا
لکين گھور تن تان پتنگا ٿين ٿا.
الله پاڪ طرفان موڪليل سڀ نبي، ولي، صالح، پرھيزگار، صديق، غوث، قطب، ابدال، شھيد، مذھبي رھنماءَ، سخي، سچا صوفي، حق گؤ شاعر، انصاف ڪندڙ بادشاھ، اڳواڻ، سردار، اديب، سُگھڙ، علم کي عام ڪندڙ عالم، استاد ۽ ڪائنات جي پيدائش بقا، ۽ فنا بابت سوچيندڙ سڀ انسان ھن ڳالھه جو ثبوت آھن، جي سندن نالا لکجن ته ڪيئي ڪتاب ڀرجي وڃن. تاريخ گواھ آھي ته ذڪر ڪيل وصفن وارا ماڻھو پنھنجي قول ۽ فعل ۾ سچي سون وانگر صفا صاف ۽شفاف ھوندا آھن، سندن صلاحيتن واري چِٽي ساک جو ڪوبه علم ۽ عقل وارو ماڻھو انڪاري نه ٿيندو. ھي سڀ سڀاڳا سرواڻ قومن جو سرمايو ۽ ورثو ھوندا آھن. قومون اھڙن فردن تي ناز ۽ فخر ڪنديون آھن. اھڙن املھه ماڻڪ موتين مان حافظ محمد نظاماڻي به ھڪ آھي.
حافظ محمد ولد فقير آدم خان نظاماڻي جو جنم، 1954ع ۾ ڪڙئي گھنور شھر کان ٽي ڪلوميٽر جي فاصلي تي، ڳوٺ سھراب خان نظاماڻي۾ ٿيو. انھن جو پاڙو زرداراڻي نظاماڻي سڏجي ٿو. شروع کان ئي حافظ محمد نظاماڻيءَ کي ڪنھن اسڪول ۾ پڙھڻ لاءِ نه ويھاريو ويو ھو. اٺن سالن جو ٿيو ته سندس پيءُ کيس ڳوٺان وٺي ماتلي شھر ۾ آيو، ۽ نظاماڻين جي پاڙي واري مدني مسجد ۾ مرحوم حافظ احمد ورياھ جي مدرسي ۾ داخل ڪرايو، جتي حفظ واري تختي پڙھيو. ان وقت ھيءَ ننڍڙو محمد، جڏھن پڙھائيءَ کان واندو ٿيندو ھو ته مسجد ٻاھران پاڙي جي ٻارن، جوانن ۽ پوڙھن سان بنا حجاب جي رلِي ملي ڪچھريون لايو ويٺو ھوندو ھئو.
ھيءَ سنه 1965ع جي ڳالھه آھي، جو ان وقت نظاماڻين جي پاڙي ۾ منھنجو ڪُتر جو ڪارخانو ھوندو ھو. ھيءُ (محمد) واندڪائي ۾ مون وٽ به اچي وھندو ھو، ۽ عجيب انداز سان فصيح ۽ بليغ زبان سان گوناگون گفتا ڳالھائيندو ھو. منھنجي ڪچھري به کيس گھڻو مزو ڏيندي ھئي ۽ مون وٽ به ڪافي وقت وھندو ھو. آئون ان وقت ئي کيس چوندو ھئس ته محمد! تون ھڪ ڏينھن ھنرمند، عالم، شاعر يا اڪابر ماڻھن جي قطار ۾ بيھندين. ھيءُ چوندو ھو ته ماما! مون کي مائٽن ڪجھه به نه پڙھايو آھي، رُڳي قرآن مجيد پيو پڙھان، مون کي سنڌي ۾ پنھنجو نالومس لکڻ اچي ٿو. ھن وقت به حافظ صاحب پنھنجو نالو ۽ ڪجھه وڌيڪ لکي سگھي ٿو. ان کان پوءِ حافظ احمد ورياھ ماتليءَ مان مدرسو کڻي سندس ڳوٺ ڀرسان علي پور ويو، ۽ ھن ننڍڙي کُٿابي کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو. علي پور جي مدرسي ۾ محمد قرآن مجيد حفظ ڪيو، ۽ حافظ محمد جي نالي سان سڏجڻ لڳو. ان کان پوءِ واپس ڳوٺ ويو جتي مجازي عشق جي وَرَ چڙھي ويو ۽ شاعريءَجو آغاز ڪيائين. اچانڪ سندس طبيعت خراب ٿي پيئي، گھڻي علاج ۽ دُعائن کان پوءِ سندس طبيعت ۾ سڌارو آيو. ھڪ دفعي ٻن ماڻھن سھاري گھٽي مان آيو پئي، ته اوچتو مجازي محبوب لانگھائو ٿيو، شھر ٻَڌائين، مجازي عشق جو پھريون شعر ڏجي ٿو؛
نڪو ديدن ۾ دم ھوندو، نڪو دلبر جو ڌڪ لڳندو،
نڪي ھاڻي نھاريندس، نڪي شاھد کي شڪ لڳندو.

مجازي عشق کان ٿڙي معرفت جي منزل ڏانھن راغب ٿيو، جنھن رڱي ريٽو ڪيس ۽ حقيقيءَ جي منزل ماڻيائين. سندس قلب تان ڪٽ لھي صاف ٿيو. حقيقي منزل بابت چيل شعر ھيٺ ڏجن ٿا.
تون پنھنجو ننگ سڃاڻ پرين
مون کي معاف ڪري ڇڏ ھاڻ پرين

عجب تنھنجي در جي عنايت ڏٺي مون
روئڻ راتو ڏينھن جي روايت ڏٺي مون


منھنجي نينھن ڪئي ننڊ آھي حرام
ڏنم سجدو سڄڻ کي ڪري عشق امام

حافظ صاحب جنھن ڳوٺ ۾ جنم ورتو، اھو ڳوٺ علم و ادب کان پري، انساني اخلاقن وارين وصفن کان بنھه وانجھيل، جاھليت ۽ جھنگل جي تھذيب وارو ڳوٺڙو آھي، سندس ڳوٺ متعلق حافظ خود شاعريءَ ۾ چوي ٿو ته:
جتي علم ادب جي کوٽ آھي
اھو منھنجو پنھنجو ڳوٺ آھي
حافظ صاحب پاڻ شاعريءَ جي حوالي سان شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ، سچل سرمست ۽ مولوي احمد ملاح جو مداح آھي، صوفيانه ڪلام ۾ حافظ صاحب خود پاڻ به نرالي ۽ جداگانه حيثيث رکي ٿو. سندس صوفيانه شعر ھيٺ ڏجي ٿو:
ھر مذھب ۾ تنھنجو ھُل
توئي خلقيا عشق عقل

منھنجي وجود ۾ روز وسين
اَل انسان جو اھنج ڏسين

خالي ھٿن سان آئون، ھٿيار تنھنجي ھٿ ۾
دانھن سان مون به دنگ ڪيو، ديدار تنھنجي ھٿ ۾

حافظ صاحب لاڙ جو ھڪ يگانو شاعر آھي، جنھن پنھنجي شاعري ۾ نه صرف لاڙ پر پوري قوم کي جنجھوڙي، اگھور ننڊ مان اٿاريو آھي. سنڌ ڌرتي ۽ قوم سان جيڪو ويڌن وھي پيو، ان جو کُلي عام ذڪر ڪيو اٿس، جيئن چوي ٿو ته؛

نڪو شھر وارن سان ھوندي شڪايت، نڪو ڳوٺ وارن سان ڳالھيون ڪبيون،
اسين فرض پنھنجو نڀاھي وينداسين، مٺي قوم کي ڇا ميارون ڏبيون!


جو دادلو درياءُ سڏبو ھو، اڄ تنھن جو ناھي ڇو ڪو ڌڻي
ڇا وارث تنھن جا وڪامي ويا، يا ڪا تن کي واءُ کڻي


ڀٽائيءَ جا ڀاتي ھتي بک ماري، ھي ڀوتار خوني بھاري گھرن پيا
ٻُڌي ڇڏ تون ھاڻي انھن کي ڏبي ٻنڌ، جيڪي سنڌ ڏانھن مرض موذي سُرن پيا

حافظ صاحب ڪن شعرن م ڏاڍن ۽ ھيڻن جا احوال بي باڪي ۽ بھادري سان بيان ڪيا آھن، مختيار ۽ مجبور انسانن جون عادتون، مجبوريون، فضيلتون۽ فرق ٻڌايا اٿس. جيئن چوي ٿو ته:
ھو لڙڪ ته ڏس لاھياريءَ جا
ٻڌل ٻار آھن ٻانھياريءَ جا


ڪاٺ جي پورھئي تي ھي ڪنواريون گھر بنا گذران پيون ڪن
ھٿ ۾ ھٿڙو حال اھو ھر ڪنھن کي ڏس حيران پيون ڪن

حافظ صاحب، غاصبن، غدارن، بي ضميرن، جابرن، ظالمن، بخيلن، بزدلن، منافقن، لوڀين ۽ لالچين تي پڻ پنھنجي شاعريءَ ۾ لعنت ۽ ملامت ڪئي آھي. جيئن چوي ٿوته :

تون بي ضمير آھين، تڏھن امير آھين
پئسي جو پٽ سڏئي ڪنو خمير آھين.

حافظ پنھنجي شاعري ۾ عورتن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ به بيان ڪيو آھي ۽ انھن سان گڏوگڏ سندن حقيقي ترجماني به ڪئي اٿس، جيئن چوي ٿو ته؛

نبي ۽ ولي جنھن جو نيپاج آھن
تنين کي ڏنا سُور سماج آھن

حافظ صاحب مذھبي حوالي سان حمد،نعت، قصيدا ۽ مناجاتون پڻ چيون آھن. جيئن ته حافظ صاحب قرآن مجيد جو حافظ آھي، تنھن ڪري پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪنھن به موڙ تي مذھبي، اخلاقي، ادبي ۽ سچائيءَ جي پھلوءَ کي نه ڇڏيو اٿس، الله پاڪ جي وحدانيت ۽ پاڻ سڳورن جي سنت جو سچائيءَ سان ساٿ نڀايو اچي. حافظ صاحب انسانيت جي ناطي بابت چوٽ جي شاعري ڪئي آھي. جيئن چوي ٿو؛
ڪنھين وٽ گوڏ ڪانھي ڪا، ڪنھين لئه روز نئين گاڏي
ٻنھي جو ساڳيو آ ڏاڏو، ٻنھي جي ساڳي آ ڏاڏاي.

حافظ صاحب کي شاعريءَ ۾ الله پاڪ اھڙي ته سمجھه، بصيرت ۽ فرواني عطا ڪئي آھي، جو لفظن جو ھڪ طرف موتين مثل بحر بي ڪنار ڄڻ سمنڊ اُڇلي ڇڏي ٿو، ته ٻئي طرف جملن جو سانوڻ جي مينھن مثل وسڪارو لايو ڇڏي. ھڪ ئي نشست ۾ سؤ ٻه سؤ شعر چئي وڃي ٿو.
حافظ پنھنجي شاعري ۾ لاڙ جي لھجي سان سنڌي ٻوليءَ جا خالص، نج، شانائتا، پُرڪشش، پُرلطف ۽ اھڙا ثرائتا لفظ استعمال ڪيا آھن، جو ٻڌندر دنگ رھجي وڃن ٿا ۽ اھي بيشڪ تمام گھڻو داد لھن.
مون حافظ صاحب جون ڪيتريون ئي محفلون ٻڌيون آھن، پوءِ ڪي رات جو ته ڪي ڏينھن جو. جڏھن به حافظ صاحب محفل پوري ڪري اجازت گھرندو آھي، ته ماڻھن طرفان بار بار يَڪ آواز ھي ئي الفاظ ايندا آھن، ته سائين اڃا ڪُجھه ٻڌايو. اھي صدائون ۽ آواز بيشڪ سندس لاءِ احترام، اعزار ۽داد آھن.
حافظ صاحب جون ڪيتريون ئي مڃيل شاعرن ۽ سگھڙن سان محفلون، مشاعره پڻ ٿيل آھن. جن ۾ کيس داد جوڳا، ايوارڊ ۽ انعام پڻ مليل آھن. مشھور شاعر مرحوم ابراھيم ”منشي“ حافظ صاحب جي گھڻي عزت ڪندو ھو، ۽ کيس پاڻ کان مٿانھون ڪري مڃيندو ھو. مرحوم ابراھيم ”منشي“ سان ھڪ دفعي مُنھنجي ملاقات، جڏھن رئيس علي محمد خان نظاماڻيءَ ماتلي واري، جي اوطاق ٿي، ته ھڪدم چيائين، ته حافظ صاحب قدرتي ۽ فطرتي شاعر آھي، الله پاڪ شاعري ۾ کيس وڏي عالي ۽ نرالي نعمت سان نوازيو آھي، جيڪا ھر شاعر جي وس جي ڳالھه ناھي.
حافظ صاحب جي ڳوٺ کان ٿورو ئي پنڌ تي رئيس الھڏني خان نظاماڻي جو ڳوٺ آھي، جتي رئيس الھڏنو خان نظاماڻي ھر ھفتي شاعرن ۽ سگھڙن جون محفلون مچائيندو ھو. الھڏنو خان نظاماڻي پاڻ به وڏو سگھڙ ھو، ۽ استاد غلام حيدر نظاماڻي پڻ مڃيل شاعر ۽ سگھڙ ھو. انھن محفلن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب بدستور ايندو ويندو ھو. حافظ صاحب به انھن محفلن ۾ شاعري جي طبع آزمائي ڪندو ھو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب پنھنجي ڪتاب ”رھاڻ ھيرن کاڻ“ جُلد پھريون ۾ حافظ صاحب جو پڻ ذڪر ڪيو آھي. انھي کان سواءِ کوڙ سارن سنڌي ٻوليءَ جي رسالن ۾، حافظ صاحب جي شاعري جا بي بھا موتي ڇپجي چڪا آھن، ڪيترن رسالن جي تبصره نگارن کيس لاڙ جو سچل سڏيو آھي.
دل ٿي چاھي ته سوين صفحا ھن نوراني چھري، جمالياتي جسم واري سادي، سودي، سٻاجھڙي، حق گو شاعر، باسُنت بندي جي اسم، جسم، علم، عقل۽ زندگيءَ تي لکي ڇڏيان، جيئن ايندڙ نسلن کي خبر پوي ته سنڌ وقتن به وقتن ڪھڙا اعلى ۽ عظيم انسان پيدا ڪيا آھن.
جس لھڻي مسٽر عبدالجبار ”قاسم“ نظاماڻي جنھن سمنڊ جي تري ۾ ٽٻي ھڻي، ڳوٺ سھراب خان نظاماڻي جي سُتل سپ جي پيٽ مان ھي موتي ڳولي ڦولي ڪڍي ميدان تي آندو. حافظ صاحب جي شاعري گڏ ڪري لکيل نه ھئي، ڪي ماڻھو ھن کان رسالن يا ڪتابن ۾ ڇپائيءَ لاءِ شعر وٺندا ھئا، ۽ انھن کي زباني ٻڌائيندو ھو، جيڪي پاڻ لکي ويندا ھئا. ھن وٽ ڪو به شعر به لکت ۾ محفوظ نه ھو. مسٽر عبدالجبار ”قاسم“ نظاماڻي حافظ صاحب جي حافظي کي داد ڏي ٿو، ۽ چوي ٿو، ته ھر شعر زباني ياد ڪريو ويٺو آھي. وڌيڪ ٻڌايائين ته پھريائين حافظ صاحب راضي نه ٿئي، پوءِ مس راضي ٿيو. کيس ھن مجموعي لکڻ ۾ ڪافي محنت ڪرڻي پئي. مسٽر عبدالجبار ”قاسم“ نظاماڻي، جيڪو پڻ ھڪ ھڪ بھترين ليکڪ، اديب، عالم ۽ علم دوست ماڻھو آھي، جيڪو خاص ڪري لاڙ پٽ ۾ جيڪي به اھڙا ماڻڪ موتين جھڙا ماڻھو، سندن علمي ۽ ادبي خزانو گمنام، لِڪيو، وِڃايو يا ٽڙيو پکڙيو پيو آھي، انھي کي ميڙي چونڊي گڏ ڪري، موتين جي مالھا وانگر ھڪ سڳي ۾ سبي نِکار ڏيئي، نروار ڪري وڃايل ورثا واپس ورائي ڏي ٿو. جيئن قوم کي خبر پوي ته سندن ئي لوڪ جا قيمتي ۽ ڪلادار مرجان ۽ موتين کان مھانگا ماڻھو ڪٿي لِڪا پيا آھن. مسٽر عبدالجبار ”قاسم“ نظاماڻي ھن کان اڳ ۾ ”لڳي جيءَ ۾ جھوري“ ڪتاب ڇپائي چڪو آھي.
ھڪ شاعر يا اديب جومواد حاصل ڪري، ھُو به ھُو سندس مرضيءَ ۽ منشا مطابق ان کي ترتيب ۽ طريقي مطابق تيار ڪري، پريس مان ڇپائڻ ڪا ٻارن واري راند نه آھي، ھيءُ تمام ڏکيو ڪم آھي اھا انھن کي خبر ھوندي جيڪي انھي ڪم سان واسطو رکندا ھوندا.
شابس ھجي عبدالجبار ”قاسم“ نظاماڻي کي، جنھن ھن ڪم ۾ ھٿ وڌو. الله پاڪ کيس اجر ڏيندو، ڇاڪاڻ ته حافظ جي شاعريءَ ۾ ظالمن خلاف جھاد جو اعلان آھي، مظلومن جي داد رسيءَ لاءِ دعا آھي ۽ ڀٽڪيلن لاءِ روشني ۽ نِجات آھي.

پرائي جُتي ۾ اسين پير پايون اھڙا ڪونه آھيون
پرائي جُتي ۾ اسين پير پايون اھڙا ڪونه آھيون
حرامي ڪنھن کي حلالي ھُلايون اھڙا ڪونه آھيون
غريبي ۾ ٻيا ڀي گھڻا عيب آھن
ڪميڻن جي پويان لڳي ڪُر لڄايون اھڙا ڪونه آھيون
سُتي ماءُ سانڍڻ مھل جا ڏني ھُئي
وڏا ٿي امان جا اھي وَڙ وڃايون اھڙا ڪونه آھيون
 مون قرآن پڙھي آ رب کي سُڃاتو
سڳي ۽ ڦيڻي سان ڪنھن جو سر وڃايون اھڙا ڪونه آھيون
آ ”حافظ“ جي ٻولي پري کان ئي پَڌري
گِلم جو پکي ٿي ٻي ٻولي ٻُڌايون اھڙا ڪونه آھيون