Thursday 26 April 2018

”ڪَچو گهڙو ڪُنَ ۾“ تي سرسري نظر


فقير محمد سنڌي:
ڀرم رکيو هيو منزل جي مون ارادي سان،
اُهو ئي ٻوڙي ويو آ، ڪچو گهڙو ڪُنَ ۾.
انسان ۾ محبت فطرتي طور تي موجود آهي، جيئن گل ۾ خوشبو فطرتي طور تي شامل آهي. زندگيءَ جا انيڪ پاسا آهن، جڏهن انهن پاسن کي ملائي رکو ته هڪ بھترين گلدستو جُڙي سگهندو، جي ايئن نه ٿيو ته اُها زندگي ڪانڊيرن جي مثل بڻجي ويندي آهي. حافظ شيرازيءَ جي غزل جو هڪ بيت آهي ته:
عرصو ٿيو آهي ته تنھنجي ذلف جي خوشبوءِ سنگهي هئي سون، سو اڃا تائين ان خوشبوءِ جي سبب اسان دل جي مسامن ۾ خوشبوءِ آهي.
انهيءَ واس جا پيچرا ٺاهي بدر انصاري پنھنجي غزلن ۾ اوتي رهيو آهي جيڪا خوشبوءِ ڪتابي صورت ۾ عام تائين  رسائيءَ ۾ ڪامياب ويو. بدر انصاريءَ جو ڪتاب ”ڪَچو گَهڙو ڪُنَ ۾“، ڪنول پبليڪيشن قنبر ڇپرايو آهي، جنھن ۾ انتھائي خوبصورت غزل شامل آهن. اهو غزلن جو ڪتاب بدر انصاري پنھنجي جيءَ جي ٽڪرن جي نالي ڪيو آهي، جيڪي زندگيءَ ۾ بدر انصاريءَ جا ڀرجهلا آهن. ڪتاب جو مھاڳ سنڌي ٻوليءَ جي انتھائي شانائتي نانءَ سرمد چانديو لکيو آهي. جنھن ۾ رومانوي غزل جي شاعر تي ادبي تاريخ سان گڏ فن ۽ فڪر تي جامع نموني سان پنھنجي راءِ قائم ڪئي آهي. شاعريءَ ۾ وزن يا گن شعر جي موسيقي آهي، جنھن کي هر صورت م بحال رکڻو آهي، اهڙي رومانوي غزل جو معراج گائڪي آهي.
وري ٿو  هجر جو گُهلي واءُ جانان،
حياتيءَ کي ٻيھر ٿيو ايذاءُ جانان.
بدر انصاريءَ جي غزل تي ٻه چار اکر، ڊاڪٽر احسان دانش به لکيا آهن، بدر انصاري جي شاعريءَ ۾ هڪ ڳولا آهي، هڪ تڙپ آهي، هن جي غزلن ۾ رولاڪين جون موسمون ساهه کڻن ٿيون. جيئن غزل جي هن ٻن بيتن ۾ بدر انصاري جا احساس جاڳي پيا هن.
وري وشواس پيو جاڳي،
نئون احساس پيو جاڳي.
چمي محبوب کي آئي،
هوا ۾ واس پيو جاڳي.
شاعريءَ جا احساس به شآعر کي تلاش ڪري لفظن جي چونڊ ۾ عام تائين پاڻ کي رسائين ٿا. اهو شاعر جو جوهر ئي ته آهي جيڪو لفظن کي رقص جي صورت ۾کڻي درد وندن جي دلين تائين رسائي ٿو. بدر انصاري ان حوالي کان گهڻو ڪجهه عام تائين پسايو آهي.
توکي ٿو ڪاغذن جو ويساهه يار گهرجي،
مون کي محبتن جو درياءُ يار گهرجي.
تنھنجي ته دل آ پٿر، ٿيندو پٿر نه پاڻي،
توکي نه عشق جي ڪا درگاهه يار گهرجي.
حافظ شيرازيءَ جي غزل جو هڪ بيت ذهن کي جهونجهاڙي رهيو آهي ته، اي حافظ تنھنجي پريشان حالت ڏاڍي بري آهي، مگر يار جي ذلف جي يادگيريءَ ۾ تنھنجي اها پريشاني موچاري آهي.
ان موچاري من کي بدر انصاري آٿت ڏئي چوي ٿو ته:
گذري ٿو منھنجو هر پل دردن جي آس ۾،
ڀوڳيان ٿو روز هيکل دردن جي آس ۾.
آهي بدر دنيا ۾ هر دل به پيار لئه،
ٺھندي نه آهي ڪا دل دردن جي آس ۾.
”ڪَچو گهڙو ڪُن ۾“ جو بئڪ ٽائيٽل، علي آڪاش لکيو آهي ته، بدر انصاري بنيادي طرح آهي به غزل جو ئي شاعر، غزل ۾ به غزل جي بنياد تغزل جو شاعر، تغزل جو مطلب آهي، عورتن سان عشق جون ڳالهيون ڪرڻ.
شاعر جو اندر تاريخ جو آئينو آهي، انهيءَ آئيني ۾ شاعر احساسن واري جهاتي پائي سڄي دنيا جو نظارو آسانيءَ سان ڪري عظمت ڀرياٻول تاريخ جي هنج ۾ گلدستي وانگر ترتيبوار رکندو آهي. تبديليءَ جو الڪو شآعر جي اندر ۾ اٿاهه ساگر وانگر پيو ڇوليون هڻندو آهي. ڀلي دنيا تبديليءَ جي ڳالهه ڪري پر پاڻ کي تبديل نه ڪري. شاعرنجي احساسن ۾ ايئن ڪونهي هو، پھرين پاڻ کي تبديل ڪري پوءِ سماج کي تبديليءَ طرف اشارو ڏيندا آهن. بدر انصاريءَ جي غزل جا ٻه بيت:
ننڊ جي لھرن تي سپنا مرڪندا،
توسان گڏ سندر لمحا مرڪندا.
**
زندگي آهي ڪچو ڪُنَ جو گَهڙو،
تنھن ۾ ويتر غم جا لمحا مرڪندا.
عجب شيخ به فليپ ۾ شآعر جي احساسن جي خوبصورت عڪاسي ڪئي آهي. شيخ نديم به صبح جي ماڪ وانگر بدر انصاري کي تازو توانو ڪري آرٽ جو اثرائتو خالق ڪري پيش ڪيو آهي.
اسان جي ذات او سپرين، سمايل سونھن تنھنجي ۾،
اهي سڀ شاعري جا سج، اهي بادل ڏي موٽائي.
شاعر جي سٽاءَ ۾ پنھنجي محبوبا جي تصوير سمايل هوندي آهي. انهيءَ لاءِ شاعر جا سڀ احساس دنيا کي پنھنجا لڳندا آهن، تنھن ڪري ته بدر انصاري اهڙو غزل تخليق ڪيو آهي.
دلربا تو سواءِ نه ٿو سمجهي،
درد ڪائي دوا نه ٿو سمجهي.
**
گڏجي کائي هڻي پيو خنجر،
سو وفا جي سخا نه ٿو سمجهي.
**
ڪيو هاڻي پرين کي سمجهائي،
منھنجون منٿون صفا نه ٿو سمجهي.
**
آ بدر عاشقيءَ ۾ قرباني،
عشق جا حادثا نه ٿو سمجهي.
حضرت علي رضه فرمايو ته ”هر ماڻهوءَ جي راءِ ان جي ذاتي تجربي مطابق هوندي آهي.“ جنھن مان سڄي زندگي پيو تجربو حاصل ڪندو آهي. اهڙيءَ طرح عشق، انساني زندگيءَ جو بھترين تجربي گاهه آهي.
**
(روزاني مهراڻ 26 اپريل 2018ع)