Saturday 28 April 2018

سرويچ سجاولي ؛ سنڌ جو عوامي شاعر


تحرير ـ ابراهيم لاشاري

                                            دنيا ۾ ڪنهن کي ڏکيو ڏسڻ سهي نه سگهان ٿو ،
                                              ڏاڍن جو غريبن کي ڏنڀڻ سهي نه سگهان ٿو.

سونهاري سنڌ دنيا جو اهڙو ته عظيم خطو آهي جيڪو صدين کان وٺي نرالي حيثيت سان قائم ۽ دائم آهي ، هن خطي جو هر شهر ، وستي ، واهڻ علم جي اڪابرن ، ڏاهن ماڻهن ،شاعرن ،اديبن جي موتين مالها سان سينگاريل نظر اچي ٿو ،هتان جي ڌرتي کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته ڌرتي جي وڏي مان وڏي شاعر، شاعرن جي سرتاج (حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ) کي پڻ پنهنجي گود ۾ جنم ڏنو ،جنهن سڄي دنيا کي پنهنجي شاعري وسيلي امن ۽ محبت جو درس ڏئي پنهنجو پنهنجي مٽي جو نالو روشن ڪيو ، اهڙي طرح هن وادي مهراڻ منجهه ڪيترن ئي شاعرن وقت به وقت پنهنجي من جو آواز شاعري وسيلي ظاهر ڪري عوام جي درن سور ، دانهن ، اهنجن ،پيڙائن جي ترجماني ڪري پنهنجو نالو عام خلق جي دل ۾ ويهاري ويا جن منجهان محمد صديق پٽ خميسو خان تارڙي پڻ هڪ عوامي نمائندا شاعر طور شهرت ماڻي (سرويچ سجاولي ) سان ڏيهان ڏيهه پنهنجو نانءَ نروار ڪرايو ، پاڻ بهار جي موسم آچر ڏينهن 14 مارچ سال 1937ع ڌاري ٺٽي ضلعي جي سجاول شهر کان اوڀر طرف ڳوٺ ابراهيم تارڙي ۾ پيدا ٿيو ، سرويچ سجاولي صاحب اڃان ٻن سالن جي عمر جا مس هئا ته سندس والدين ابراهيم تارڙي منجهان بنو پٽي ڳوٺ لکاني ساريجي ۾ اچي جهوپڙي اڏي رهائيش اختيار ڪيائون ، سرويچ سجاولي جي والد غربت هوندي پنهنجي اکين جي ٺار پٽ جي تربيت نهايت بهتر نموني ڪندي سندس ناناڻي ڳوٺ لکاڻي ساريجي جي پرائمري اسڪول ۾ نصابي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ڪرايو . جتان محمد صديق المعروف سرويچ سجاولي نهايت شوق ۽ محنت سان سنڌي (چار درجا ) پڙهي پاس ڪيا ته اوچتو اسڪول ڪن سببن ڪري بند ٿي ويو سمورن ڳوٺائڻ جي شاگردن جي تعليم رولڙي جو شڪار ٿي وئي هن ذهين شاگرد به تعليم کي اڳتي وڌاڻ بجاءِ پنهنجي غريب پيءَ سان ٻني ٻاري جي ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊرائڻ لڳو .بس سرويچ تعليم جي زيور محروم ٿي پيو نيٺ سندس والد صاحب خميسو خان تارڙو سال 1951ع ڌاري ساريجن جي ڳوٺ کي خير آباد چئي اچي ابن ڏاڏن جو اباڻو ڳوٺ ابراهيم تارڙي کي پنهنجو مسڪن بڻايو اتي سرويچ به اچي جواني جي وهي 14 سالن ۾ چڙهيو ، سندس پيءَ سجاول جي هڪ مشهور زميندار جو هارپو ڪندو هو ۽ سرويچ به سندس گڏ ان ڪرت سان مسلسل سلهاڙيل رهيو ، ان زماني ۾ غريبن مسڪين هارين سان زميندارن جي نا انصافين کي ڏسندي سرويچ سجاولي کي غريبن جي هقن جي ڳالهه دل اندر اڌمان پئي کائيندي هئي ، نيٺ سرويچ زميندارن جي ڪيترن ئي ڪمدارن ، مئنيجرن ، منشين سان وڙهن لڳو ۽بغاوتون ڪندي ڪندي پنهنجي ٻچن جي پيٽ گذر هارپ ڪري پاليندو هو سو به زميندارن هٿان کسايائين، ان زمان ۾ هن کي پنهنجي نالي نروار ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو ، نالي نروار ڪرائڻ لاءِ وري ملهه وڙهڻ سان دلچسپي ورتائين ، مڱر زماني جي ملهه پهلوانن ڏينهن جا تارا ڏيکاريس ، سندس جو زور نه هلي سگهيو ، فن نه هجڻ ڪري ان ڪرت کي به الوداع چيائين ، بس ويهي ويچار ونڊي من جي آواز جي اظهار سان عوامي درد ، سور ، ڏکن ،ڏولاون کي شاعري جي روپ ۾ بيان ڪري ڪري شاعرن ۾ وڏو نالو ڪڍرايائين ،سرويچ سجاولي پنهنجي من جي ڳالهه شاعري واري انداز ۾ ڪهڙي نه سهڻي نموني ڪئي آ

سڪي سڪي جي ملنداسين پوءِ مور نه ماڳهين ڇڄنداسين ،
اکين اکين ۾ اٽڪايوسين، هڪٻئي کي پيا ڏسنداسين ،
ماڃر ميرانپور ۽ مڪلي مياڻي جا ميدان پسي ،
ڪارونجهر ۽ ڪيٽي بندر ، ڪينجهر منڇر گهمنداسين .

سرويچ سجاولي اڳتي هلي سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪري سال 1960ع ۾ ٻن سالن تائين (الهاشميه مدرسي ) سجاول منجهه استاد ٿي پنهنجا فرض سر انجام ڏيندو رهيو ، ان کان اڳ مارشلا جي ايوبي دور منجهه شاعري جا ٻول پيو عام خلق اڳيان ٻوليندو نظر آيو شاعري ۾ سندس استاد ته ڪنهن کي به نه بڻايائين مڱر مولوي احمد ملاح جي شاعري کان نهايت متاثر پڻ هو ، سرويچ سجاولي ان زماني ۾ جلسن ۾ پنهنجي شاعري پڙهي عوام کان داد پيو حاصل ڪندو هو هڪ ڀيري سرڪاري جلسي ۾ شعر پڙهي دنگ ڪيائين ته ان زماني جي ٺٽي جي ڪليڪٽر محترم محمد يوسف جوڻيجو صاحب ان جلسي ۾ شرڪت ڪئي ۽ سرويچ صاحب جو چيل شعر سندس من مٿان وڏو اثر ڇڏيو پوءِ جلد ئي سرويچ سجاولي کان پنهنجي سموري زندگي جو احوال ورتائينس ، سرويچ سجاولي سڄي ماجرا سچ ٻڌيائينس ته (سرڪار آءُ بي دخل ٿيل هارپو ڪندڙ پورهيت آهيان ۽ بيروزگاري پهي ڇڏيو آ )محمد يوسف جوڻيجو صاحب شفيق مهربان آفيسر هو سندس شفقت جو هٿ وڌائيندي (ٽائون ڪاميٽي سجاول ۾ سرڪاري نوڪري ( ناڪي منشي ) سان نوازيائينس ، سال 1963ع کان سال 1972ع تائين ان نوڪري سان سلهاڙيل رهيو، تنهن بعد ان زماني ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي دوري حڪومت جناب شهيد عوام ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي وقت ۾ دڙو ۽ سجاول ٽائون ڪاميٽن جو ائڊمنسٽريٽر جي عهدي تي پڻ ڪم ڪندو رهيو .سنڌ جي هن عوامي شاعر جي شاعري لکن جي تعداد ۾ ماڻهن جي هجوم ۾ ٻڌي وئي آهي هن هر اسٽيج اها ادبي هجي يا سياسي تي پنهنجي شاعران انداز ۾ داد پئي حاصل ڪيو آهي سندس شاعري جو لفظ لفظ سادي ٻولي ۽ سولي ۽ سلاست سان ٽم ٽار آهي .مطلب ته سرويچ سجاولي هڪ بي مثال بهتريب عوامي شاعر طور سڃاتو ويو ، شاعري جي مڙني صنفن تي وڏي دسترس حاصل هئي پوءِ اها گيت هجي يا غزل ،نظم هجي يا وائي ، هن لوڪ گيت ، بيت ، دوها ، قطعا ، ۾ ڪامل جو جادو جڳايو آهي سندس کي شاعري ايتري ته مڃتا ڏني جو ڪراچي شهر منجهه سچل عالمي ڪانگريس جي اهم ايونٽ تي هند سنڌ جي وڏن وڏن اديبن ،دانشورن جي موجودگي منجهه کيس کي (بهترين عوامي شاعر ) جو ايوارڊ ڏنو ويو ، سنڌ جي ڏاهي اديب ۽ نامور سياستدان محترم جناب رسول بخش پليجو صاحب وري سرويچ سجاولي کي (لاڙ جو لعل ) جي خطاب سان نوازيو ، سندس شاعري جي ڪتاب (آليون اکيون اڻڀا وار ) اهيو اعزاز حاصل آهي جو ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ (ايم _ اي ) تي نصابي طور پڙهايو وڃي ٿو .پاڻ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ادبي ، سياسي ميڙاڪن ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪندو رهندو هيو سرويچ سجاولي کي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سان نهايت وڏو پيار هوندو هو هو ايم آر ڊي جي زماني ۾ جيل جو منهن به ڏسي آيو هو هن بهترين عوامي شاعر جو ڪلام سنڌ جي مڙني اخبارن ، رسالن جي زينت بڻجندو رهيو سندس لاڏاڻي بعد هڪ ٻيو ڪتاب ( ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون ) ڇچجي سنڌي ادب جي سونهن ۾ پڻ اضافو ڪيو سنڌ جو هي بهترين عوامي شاعر زندگي جا 70 سال 7 مهينا 8 ڏينهن گهاري سڀئي ادبي سياسي ميڙاڪن کي الوداع چئي 22 آڪٽوبر 2007ع سومر ڏينهن وڃي ابدي آرامي ٿيو سندس مزار سجاول لڳ ڳوٺ ابراهيم تارڙي واري قبرستان منجهه آهي سندس جي اڄ ڏهين ورسي ملهائي ويندي نموني طور سندس جو شعر پيش ڪجي ٿو

تنهنجي حسن جون آهن هستيون جدا جدا ،
موجون جدا جدا ۽ مستيون جدا جدا ،
آتيون هميشه آهن ، توکي ڏسڻ پسڻ لئه ،
دلڙيون جدا جدا ۽ اکڙيون جدا جدا ،
موهيو وجهن ٿيون من کي ، محبوب محب تنهنجون ،
ميڊون جدا جدا ، ۽ مرڪون جدا جدا ،
گفتن تان گهوٽ تنهنجي ، گهوري ڇڏيان ٿو آئون ،
ماکيون جدا جدا ۽ مصريون جدا جدا ،
مرڪيو پون هو سرويچ ، مرڪڻ سان يار جي ڏس ،
مندون جدا جدا ۽ مکڙيون جدا جدا 
(سنڌ سلامت جي ٿورن سان)
سرويچ سجاولي: ٻهڳڻ شاعر
سليمان وساڻ

سنڌي زبان ۾ عوامي ۽ انقلابي شاعري ڪرڻ ۽ اها جلسن ۽ جلوسن ۾ پڙهي عوام جو رت گرمائڻ ۽ منجهن وطن دوستي ۽ قومپرستي جا جذبا پيدا ڪرڻ، جابرن ۽ ڏاڍن سان همت ۽ مڙسي سان منهن ڏيڻ وارا جذبا پيدا ڪرڻ، کين پنهنجي حقن لاءِ سجاڳ ڪرڻ جهڙا معرڪا سر ڪندڙن سرويچ سجاولي جو نالو سنڌي شاعريءَ ۾ اهم حيثيت والاري ٿو.
محمد صديق ولد خميسو خان تارڙو، جيڪو اڳتي هلي سرويچ سجاوليءَ جي نالي سان سنڌ ۾ مشهور ٿيو. 14-مارچ 1937ع ۾ سجاول کان ٻه ميل اُڀرندي پاسي، هڪ ڪلراٺي ميدان تي اڏيل ڳوٺ ’ابراهيم تارڙو ‘ ۾ ڄائو ، هو اڃا تنجڻ ۾ ئي هو ته سندس پيءُ اتان لڏي بدين پاسي، ڳوٺ لکاني ساريجي ڏانهن ويو. اتي سرويچ جا ناناڻا هئا. هن اتي جي پرائمري اسڪول ۾ چار درجا پاس ڪيا، ساريجن جي ڳوٺ مان ڪن سببن جي ڪري اسڪول کڄي ويو ته سندس تعليم جو سلسلو به اتي ئي بيهي رهيو. هاڻي هو پيءُ کي ٻني ۽ مال ۾ هٿ ونڊائڻ لڳو. سندس پيءُ اتي هارپ تي ٻني ڪندو هو. سندس مال لاءِ هو ٻٻرن جي ٻوري روڙيندو هو ۽ وڏيرن جي بيگرن ۾ به وهندو هو. 1951ع ۾ سندس پيءُ ساريجن جي ڳوٺ مان لڏي، موٽي پنهنجي اباڻي ڳوٺ تارڙن ۾ آيو. ان وقت سرويچ 14سالن جو هو. پڻس سجاول جي هڪ زميندار جو اچي هاري ٿيو. هاري جو پٽ به هاري ٿيندو آهي، سرويچ به سجاول ۾ هارپو ڪرڻ لڳو.
”هارپ جي زماني ۾ مون ڏٺو ته هاريءَ جي سڄي سال جو پورهيو ڪنهن نه ڪنهن پَر زميندار کائي ٿو وڃي“. سرويچ چوي ٿو. اهو ناحق سرويچ کان سٺو نه ٿيو ۽ ان ناحق جي خلاف سرويچ بغاوتون ڪيون. ڪمدارن سان وڙهيو، منشين ۽ مئنيجرن سان وڙهيو، جنهن تان اهي هارپ کسي وٺندا هئس. اهڙي طرح پاڻ ٽن چئن زميندارن وٽ هاري ٿي رهيو، پر جتي ڪٿي اها ئي ڪار هئي.
انهن ڏينهن کيس نالي ڪڍڻ جو به شوق هوندو هو، سو وڃي ملهه وڙهڻ لڳو، پر ملهه جي فن ۾ ڄاڻ نه هئڻ سبب پهلوانن هن کي ڏاڍا ڌڪ ڏنا. نيٺ انهيءَ شوق تان هٿ کنيائين. روز روز زميندار هٿان بي دخل ٿيڻ کانپوءِ سندس دل ۾ جيڪا آنڌ مانڌ ٿي، هن چاهيو، ته انهيءَ جو شاعريءَ وسيلي اظهار ڪري. ننڍپڻ ۾ مولوي احمد ملاح جا شعر پڙهندو هو ۽ انهيءَ کان ڪافي متاثر به ٿيندو هو، مٿان وري محمد عثمان ڏيپلائيءَ جا ڪتاب پڙهيائين ته هيڪر سندس جذبا جولاني ۾ شعر جو روپ وٺي نڪرڻ لڳا ۽ 1957ع کان باقاعده شاعري شروع ڪيائين.جيتوڻيڪ شاعري ۾ڪو باقاعده استاد نه ورتائين، پرمولوي احمد ملاح کان هڪ اڌ ڀيرو اصلاح ڪرايائين ۽ سدائين جي لاءِ سندس شيدائي بڻجي پيو. سندس شاعري شروع ڪرڻ وارو زمانو مارشلا جو دور هو. ايوب خان اڇي ڪاري جو مالڪ هو. هن 1958ع ۾ هڪ سرڪاري جلسي ۾ شعر پڙهيو:

جي نه آيو، ڇيڙ تي بس، ڪو کڻي هڪڙي مهل
هُت وڏيري وات ڦاڙيو، هِت وڏيري جي وڦل
ڏنڊ ٽيڻون، ڍور ڍڪ ۾، ٿيو فصل کان بي دخل،
مار، گاريون، مرڪ تنهن تي، ٻيا به ڪئين خطرا خلل.
ان وقت ٺٽي جو ڪليڪٽر محمد يوسف جوڻيجو هو، جيڪو پڻ انهيءَ جلسي ۾ موجود هو، جيڪو کائنس ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ کانئس حال احوال ورتائين. سرويچ کيس ٻڌايو ته ”بي دخل هاري آهيان، بيروزگاري آهيان.“ تنهن کيس ٽائون ڪميٽي سجاول ۾ ناڪي منشي جي نوڪري وٺرائي ڏني.
سرويچ سجاولي اها نوڪري شروع ڪئي. ناڪي تي ويٺي ڪيترائي نظارا ڏسي دل جڄهي ويندي هيس. هو ڏسندو هو ته تهه سياري ۾، ڪيتريون ئي مسڪين مايون ۽ اٻاليون ڇوڪريون، سجاول کان ٽي ميل پري ٽيماڻي ۽ ٿنئي ڍنڍن ڏانهن وينديون هيون ۽ اتان پاڻيءَ ۾ گهڙي ڍنڍن جي ترن مان بهِه ڪڍنڍيون هيون ۽ شام جو وري واپس سجاول ورنديون هيون، بازار ۾ سندن پورهئي جو مان اهو هو، جوبهِه ٻه روپيا سير وڪامندا هئا. پاڻ انهن پورهيت زالن کان متاثر ٿي ”بيهن واري ڀيڻ“ جي عنوان سان هڪ نظم لکيو:
بيهن واري ڀيڻ سنديئي درد وڌا ٿم دل تي دام،
ماريو مون کي مات ڪري ٿي، ماٺيڻي هيءَ تنهنجي مام.
تار مٿي کان ٺريل پاڻي، تنهن ۾ ٽٻيون هڻندي هڻندي،
گريءَ گريءَ تي ٿوٿا ڏيندي، توکي ٿي ويئي شام.
بار مٿي تي وار ڀِنل ۽ ڀڄندي ڀڄندي تيز اچين،
بند نه ٿي بازار وڃي، جيئن محنت ساري ٿئي ناڪام.
هيڏي هلاڪيءَ سان جو آندئي مال انهيءَ جو ملهه وري،
آني ٻن ٿو سير وڪامي ويل ڏسو ڙي هي وريام.
سوبه وڪيو،ڪجهه ڪونه وڪيو، ڪجهه اوڌر ٿيو، ڪجهه مفت ويو،
هاڻي ٻڌايو ڪيئن ٻچن کي پاري نازڪ نار مدام.
اهو ۽ اهڙن ڪيترن ئي واقعن کان متاثر ٿي سرويچ پنهنجي شاعري ڪندو رهيو. انهي وقت ون يونٽ جو قهري ڪوٽ اڏيل هو، سنڌ جو الڳ وجود ختم ڪيو ويو ۽ ون يونٽ جي نالي ۾ سنڌ سان جيڪي ويل وهايا پئي ويا، انهي جي خلاف سنڌ جو باشعور طبقو، جنهن ۾ اديب، شاگرد ۽ سياسي ورڪر پڻ شامل هئا. سراپا احتجاج هو. سرويچ به انهيءَ ڳالهه کان متاثر ٿيو ۽ پنهنجو شاندار نظم تخليق ڪيائين.
يَرَوانگين جا ون يونٽ ۾، گس گهيڙ، گهٽيون گهر گام وڪيا.
سرويچ سجاوليءَ جو سڄو ڪلام پنهنجي قوم جي ڏکن، سورن جو داستان آهي ۽ سندس شاعري جي سنڌ جي قومي ۽ انقلابي جدوجهد تي وڏي ڇاپَ رهي آهي، نه رڳو اهو پر سرويچ خود به وطن دوست ۽ جمهوريت پسند ساٿين سان گڏميدان عمل ۾ پڻ رهيو آهي.
سرويچ سجاولي، ذوالفقار علي ڀٽي کان متاثر ٿي پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ ان کانسواءِ وطن دوست تنظيمن ۽ تحريڪن ۾ پڻ سرگرم رهيو. هن 1983ع ۽ 1986ع جي ايم آر ڊي جي تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ گرفتار پڻ ٿيو.
پيپلز پارٽي جي شروعاتي دور ۾، کيس سجاول ۽ دڙو ٽائون ڪميٽين جو ايڊمنسٽريٽر پڻ مقرر ڪيو ويو.
سرويچ سجاوليءَ جو سنڌي ادبي سنگت، بزم شعراءُ سنڌ ۽ ٻين ادبي تنظيمن سان پڻ تعلق رهيو. سندس شاعري جو هڪ مجموعو ”آليون اکيون، اڻڀا وار“ (1972ع)۾ ڇپيو. جنهن تي کيس ”رائٽر گلڊ“ پاران هڪ هزار روپيا انعام پڻ مليو. انهي ڪتاب ۾ سندس شروعاتي دورن 1958ع کان 1972ع تائين جي چونڊ شاعري ڏنل آهي. ڪتاب جي مهاڳ ۾ رسول بخش پليجو، سرويچ جي شاعري جو ڇيد ڪندي لکي ٿو: ”سندس شعرن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو فطر تي شاعر آهي ۽ بيشڪ ڏات ڌڻي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس شعر ۾ منظر نگاريءَ جون اوچيون اُڏارون ائين ٿيون لڳن، ڄڻ ته ڪردار سڀ ماڻهو جي اڳيان موجود آهن“.
سرويچ سجاولي جي شعر جي سڀ کان اُتم خوبي هيءَ آهي ته سندس شعر بلڪل ٺيٺ سنڌي زبان ۾ سولي ۽ سادي ۽ ٻهراڙيءَ سان تعلق رکندڙ لفظن ۾ چيل آهي. هن شاعري جي هر صنف جهڙوڪ، نظم، غزل، گيت، لوڪ، گيت، وائي، بيت، دوها ۽ قطع تي طبع آزمائي ڪئي.
سرويچ سجاوليءَ 22 آڪٽوبر 2007 تي وفات ڪئي ۽ سندس شاعري جو ٻيو مجموعو “ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون” 2008 ۾ شايع ٿيو.
(افيئر نيوز جي ٿورن سان)

سرويچ سجاولي....

سُرما وجهي ڏيئي ڦڻيون، پاڻي ڀرڻ لئه پدمڻيون
،گڏجو هلن پنج ست ڄڻيون، هيڏن ڪنڌن سان ڪامڻيون
،ڪِن کي نٿون، ڪِن وينڍڙا، سِرَ تي سموريون سينهڙا
،گجرين ڀريا پاڻي گهڙا، ڪِن ڪَڇ تي، ڪِن ٻيلهڙا
.هو لاڏ مان لُڏنديون اچن ڏس لاڏليون مهراڻ جون
گيت اداس آهن.
تحرير ؛ ڀون سنڌي
ڪنهن مون کان پڇيو: سرويچ سجاولي جي شاعري ۾ ايڏي رواني، سونهن، گهرو مشاهدو، ڌرتي جي درد ۽ ڪرب ۽ انسان جي ڪومل جذبن جي اپٽار جو آخر ڪهڙو راز آهي؟ مون چيو: تو ڪڏهن ٺٽي ضلعي ۾ مست سنڌو درياهه کي نرتڪي نار جيان هوريان هوريان قدم کڻندي، تمر جي ٻيلن سان سرگوشيون ڪندي، مانسرور کان ڪيل ڊگهي سفر جو ٿڪ ڀڃڻ لاءِ سمنڊ کي ڀاڪر پائيندي ڏٺو آهي؟ سياري جي  مند ۾ سائبيريا کان ڪَهي آيل سيءَ جي ستايل پرديسي پکين کي ڪينجهر ۽ هاليجي ڍنڍن تي پناهه ۽ سڪون ماڻيندي ۽ مٺيون ٻوليون ٻوليندي پسيو آهي؟ مڪلي جي پيٽ ۾ دفن ٿيل علم، ادب ۽ تهذيب جي انمول خزانن، دولهه دليرن جي دليري ۽ ڪينجهر ڪنڌيءَ تي پروان چڙهيل نوري تماچي جي پيار جي خوشبو محسوس ڪئي آهي؟ جي تنهنجو جواب ”ها“ ۾ آهي ته مان سمجهان ٿو ته توکي تنهنجي سوال جو جواب ملي ويو هوندو. آئون جڏهن سجاول ۾ هوندو هوس ۽ ڪٿي حال احوالي ٿيڻ لاءِ ڪير پڇندو هو ته ڪٿي ٿو نوڪري ڪرين؟ ۽ جڏهن ٻڌائيندو هوس ته سجاول ۾ ته هو يڪدم ورائيندا هئا سرويچ سجاولي جي شهر ۾! سرويچ جي شاعري ۾ ايڏو قدبت هو جو شهر ۽ شهر جي ماڻهن جي سڃاڻپ هو ته فقط ۽ فقط سرويچ سجاولي.

سرويچ تمام معمولي تعليم حاصل ڪئي، پاڻ شاعري ۾ مولوي احمد ملاح کي پنهنجو استاد مڃيندو هو. پر سندس شاعري ۾ پنهنجو هڪ جداگانه اسلوب ۽ انداز آهي. سندس شاعري بحر وزن ۽ تجنيس جي سونهن سان ڀري پئي آهي. هن جو گهرو مشاهدو ائين هو ڄڻ هو فطرت جو بنيادي روح هجي ۽ اهو روح آهي محبت، ۽ جيڪي اکيون محبت پسي وٺن ٿيون، تن کي ڪنهن وڏي تعليم ۽ فلسفي جي ضرورت ناهي هوندي، محبت پنهنجو فلسفو پاڻ ئي سمجهائي ڇڏيندي آهي.

جنهن هنڌان لالڻ لنگهيو هو، ڏيئي پارس پاڪ پير
زاهدن جا ان زمين تي، نرڙ مون گسندي ڏٺا
رخ مٿان جنهن وقت رانجهن هو ڪيو پردو پري
ميڻ جيئن ماڻڪ مڻين، مرجان مون ڳرندي ڏٺا
سندس محبت ڀريو مشاهدو ۽ شاعري جي اڏام انهن اٺ ڪتابن جو پڙهيل عالمن، اڪابرن ۽ ڏاهن کان هزار ڀيرا مٿي هئي، جن سرڪاري آشيرواد ۽ وظيفن تي پڙهي عوام جو وقت  ۽ پئسو وڃايو آهي. هن جي آتم ڪٿا جيتوڻيڪ تمام ننڍڙي هئي پر هن جي شاعري جي ڪٿا هن خطي جو پورو دور هئي، جنهن ۾ هتي جو ماضي دفن ٿيل آهي، اجڙيل حال آهي ۽ روشن مستقبل جو تصور آهي.  تڏهن ته آئون چوندو آهيان ته هن خطي کي فقط هڪ واري لاءِ فطرت جهڙن حسين شاعرن جي حوالي ڪيو وڃي ته دنيا مان نفرت ختم ٿي وڃي ۽ محبت سنڌو ڌارا جيئن دنيا جي هن ڪنڊ کان هن ڪنڊ تائين ڦهلجي وڃي. ڪنفيوشس چوي ٿو ته گيت دماغن کي بلندين ڏانهن وٺي ويندا آهن ۽ موسيقي اها وٿ آهي، جنهن سان ڪا شيءِ مڪمل ٿيندي آهي. سرويچ جي گيتن ۾ اهو موسيقي جو ردم آهي، جيڪو کيس هن ڌرتي جي تهذيبي ورثي سان موتين جي مالا جيئن ڳنڍي رکي ٿو. سندس شاعري ۾ جتي قديم سنڌ جي تهذيبي ۽ تاريخي ورثي جون ساروڻيون ملنديون، اتي سندس شاعري ۾ جديد سنڌ جو خواب به ڪر کڻندو ۽ ساڀيان پائيندو نظر ايندو.
جيڪڏهن سرويچ جي شاعري ۾ استعمال ڪيل سندس ٻولي کي سهيڙجي ته سنڌي ٻولي جي هڪ جدا ڊڪشنري ٺهي سگهي ٿي. آئون دعويٰ سان چئي سگهان ٿو ته هاڻ سنڌ ۾ ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شاعر ۽ اديب رهيا آهن، جن جي تخليقن ۾ نج ۽ قديم سنڌي ٻولي جا لفظ ۽ محاورا ملندا هوندا، جڏهن ته سرويچ سجاولي جي شاعري ۾ کرن کيتن ۽ ڳوٺن ۽ واهڻن جي ٻولي جي سرهاڻ محسوس ٿئي ٿي. ان کي سهيڙڻ ۽  ڊڪشنري جو روپ ڏيڻ جو ڪم سنڌالاجي يا سنڌي ادبي بورڊ جهڙو ادارو ڪري سگهي ٿو ۽ ان کي ڪرڻ به گهرجي. اها نه صرف سرويچ کي ڀيٽا ٿيندي بلڪه سنڌي ٻولي جي بقا ۽ ڦهلاءُ جو ڪارڻ بڻبي.
سرويچ سجاولي تقريبن هر موضوع تي نهايت پختگي ۽ گهرائي سان طبع آزمائي ڪئي آهي، پوءِ کڻي اهو عشق محبت جو سلسلو هجي يا ماڻهن جي بک ۽ بدحالي جو معاملو هجي، پر هن جي شاعري جو مجموعي طور محور سنڌ ئي رهي آهي. مولانا  جلال الدين رومي جي چوڻي سرويچ تي ٺهڪي اچي ٿي، جنهن ۾ هو چوي ٿو ته، ”لامحدود هن جي جسم ۾ ائين محدود ٿيل آهي، جيئن سج گرهڻ ۾ ڦاٿل آهي“، بلڪل ائين ئي سنڌ هن جي روح ۾ رچيل آهي.

وهواهه هي منهنجو وطن، چارئي ڪنڊون جنهن جون چمن
سوَ سوَ منجهس پوکون پچن، واهڻ وستيون جنهن جون وسن

ويهي رڳو واکاڻجن، ٻيلا ٻنيون مهراڻ جون
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون
سرويچ سجاولي سان هونئن ته کوڙ ساريون ڪچهريون ٿينديون هيون، پر خاص طور تي نئين سال جي آرنڀ تي سندس واتان سندس ۽ مولوي احمد ملاح جي شاعري ٻڌي بي خودي جي عالم ۾ هليا ويندا هئاسين ۽ اڄ جڏهن هر نئين سال جي آرنڀ تي سرويچ اسان سان گڏ ناهي ته اسان جي حالت مشهور ناول نگار پائول جي ناول الڪيمسٽ ۾ ذڪر ڪيل ڍنڍ جيان آهي. ناول نگار ناول ۾ تارسيس جي خوبصورتي جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته، هن کي پنهنجي خوبصورتي جو احساس به هو ۽ هو ڍنڍ جي ڪناري تي پهرن جا پهر اچي بيهندو هو ۽ ڍنڍ ۾ پنهنجو عڪس پسندو هو. هڪ ڏينهن تارسيس ڍنڍ ۾ ڪري پيو ۽ ٻڏي مري ويو. ڪيترن ڏينهن کان پوءِ جڏهن ڪيمياگر ڍنڍ تي ويو ته هن کي ڍنڍ ساڳي نه لڳي، بلڪه لڙڪ ڀريل شيشي جو ڪو ٿانءُ لڳي. هن ڍنڍ کان سوال ڪيو ته، ڇا تون تارسيس جي مرڻ جي غم ۾ لڙڪن جو مرتبان بڻي آهين؟ جنهن تي ڍنڍ جواب ڏنو ته، منهنجي حالت جو سبب اهو غم آهي، جيڪو تارسيس جي ٻڏي وڃڻ ڪري مون کي محرومي جو شڪار بڻائي چڪو آهي. جڏهن تارسيس منهنجي پاڻي ۾ پنهنجو عڪس ڏسندو هو ته مان سندس نيڻن جي ماڻڪين ۾ پنهنجي گهرائي کي ڏسندي رهندي هيس ۽ ائين ئي مان پنهنجي خوبصورتي پيئي پسندي هيس.
هڪ انگريزي چوڻي آهي ته، ”جڏهن ڪو پوڙهو شخص مري وڃي ته سمجهو ته اوهان جي لائبريري ختم ٿي ويئي.“ ها! پر مان نٿو مڃيان. جيڪڏهن توهان کي مطالعي جي اک آهي ته توهان کي سرويچ، جيڪو هاڻ اسان ۾ ناهي رهيو، ان جي شاعري ۾ معجزا نظر ايندا رهندا. سڪندر اعظم چيو هو ته، ”جيئن منهنجي سلطنت جون حدون وسيع ٿينديون وڃن، اوترو ئي آئون مختصر ٿيندو وڃان“ پر سرويچ جي شاعري جو ڪينواس سجاول کان سنسار جي آخري ڪنڊ تائين ڦهليل آهي، جنهن جي نس نس ۾ انسان جو آجپو ۽ محبت ڀريل آهي. جيڪو پلن کان جڳن تائين سرنهن جي خوشبو جيان ڦهلبو رهندو.

سرويچ سنڌ جيسين حيات هوندس
پنهنجي وڃڻ وهي مون ناهي وفات سمجهي
( ڊيلي ڪاوش جي مهرباني سان)