Thursday 26 April 2018

ايوب کوسو ؛ سونهن ۽ سرهاڻ جو شاعر


نئين ٽهيءَ جو شاعر ايوب کوسو، جهڏي لڳ ڳوٺ حاجي احمد کوسي، تعلقي ڊگهڙي، ضلعي ميرپورخاص ۾، پهرين مئي 1971ع تي ڄائو.تعليم بي. اي، بي. ايس. سي اٿس. 1989ع کان شاعري شروع ڪيائين. سڀ کان پهرين سندس شاعري ماهوار سهڻيءَ ۾ شايع ٿي. مختصر عرصي ۾ نئين ٽهيءَ جي سٺن شاعرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو آهي. خاص ڪري غزل ۽ نظم ڏاڍا اثرائتا ۽ پختا لکي ٿو. سنڌ جي اڪثر ادبي رسالن ۾ سندس شاعري اهميت سان ڇپجندي رهي آهي. سنڌي ادبي سنگت جهڏي ۽ نئين ڪوٽ جو ميمبر رهيو آهي. پريس ڪلب نئين ڪوٽ جي باني ميمبرن مان آهي. ڪيترائي سال سينٽرل جيل حيدرآباد ۾، ڪن متعصب مذهبي ڌرين طرفان داخل ڪيل ڪيس ۾ سزا ڪاٽي اٿس. سندس ڪتابن ۾ ”گلابن جو ڪفن (شاعري) 2002ع، ديوارن جي دنيا پويان“ (جيل ڊائري) 2003ع، اڪيلائيءَ جو آسمان“ (شاعري) 2004ع. ”بارشسوچي ٿي“ (نثري ٽڪرا) 2005ع، ”نگاهون نيرا گل“ (شاعري) 2006ع)، ”درد جون مسافتون“ (2007ع). سندس ڪتاب ديوارن جي دنيا پويان تي اڪيڊمي ادبيات طرفان 50 هزار روپيا انعام پڻ مليو.
(انسائيلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان)

                                                   اها ڪير آئي اها ڪير آئي
ڪکن تي ڪنوارا رکي پير آئي
اها ڪير آئي اها ڪير آئي
ڪنڊن جي ڌڻن جي پڇا سوچ ۾ آ
وساريل گسن جي سدا سوچ ۾ آ
هوا ساهه روڪي پڇي ٿي نمن کان
اها ڪير آئي گلابي چپن سان
ڏسي شام سڀڪي وساري ڇڏيو آ
ڏسا، پاند پنهنجو اڏاري ڇڏيو آ
مٽيءَ جي ڳهر جو ڇڻيو خواب آهي
گهٽا بارشن کي بهاري ڇڏيو آ
اها ڪير آئي عقابي اکين سان
گهڙين جي گذر جي ادا سوچ ۾ آ
ڀنڀورين جي ڀڻ ڀڻ اهو ٿي ٻڌائي
نهارڻ سان موسم مٽائي ڇڏي ٿي
کلي ٿي ته اونداهه هٽائي ڇڏي ٿي
ڊگها زلف پنڇين کي لاهي اچن ٿا
هلي ٿي ته ڌڙڪڻ وڌائي ڇڏي ٿي
اها ڪير آئي جفا بي خبر آ
وڻن جي پنن جي ڪٿا بي خبر آ
سنڌوءِ جي ڪپن کان ستارا پڇن ٿا
جڳن جي درن جي ڪهاڻي ته ناهي
سڳند کي سڳند جي وراڻي ته ناهي
نرڙ تي نياپن جي بارش لٿل آ
گلابن جي چنچل جواڻي ته ناهي
وفا سوچ ۾ آ، حنا سوچ ۾ آ
بندوقون لتاڙي خماريل وچن سان
اها ڪير آئي اها ڪير آئي
شبابي گسن تان اها ڪير آئي
**************
چوان ڪيئن سنڌ آ ساڳي،
چوان ڪيئن سنڌ آ ساڳي،
چون ٿا ڪنهن زماني ۾،
گلن جي مهڪ هئا رستا،
حيا جون اجرڪون اوڍي،
اکين ۾ پيار هئا آتا،
چون ٿا ڪنهن به ڪيهر جو،
نه هو خوف ٻچڙن کي،
پيئندو هونه ڪو ظالم،
ڪنوارن خوب ڪچڙن کي،
چون ٿا ڪونه هئي اڻ تڻ،
چون ٿا ڪونه هو گهاڻو،
چون ٿا سنڌ هئي مومل،
چون ٿا عشق هو راڻو،
اهاتهذيب جي بارش،
ڪٿي اڄ ڪو نه آ باقي،
چوان ڪيئن سنڌ آ ساڳي،
ڪٺل آ چاه جي موسم،
ڦريل آ رنگ مينديء جو،
سڪي ويا کيت سڀ آهن،
گهٽيل آ چنگ ٻوليء جو،
چوان ڪيئن سنڌ آ ساڳي،
هٺيلو خون ڳوٺن جو،
ڪسيو آ زات پرماري،
چنين جون حرمتون ڀيلي،
لتاڙي رات پئي ڪاري،
چوان ڪيئن سنڌ آ ساڳي،
لٽيل آ ٻار جي عظمت،
ڦٽي آ دانهن ساجهر ۾،
ڪٿي آ لاش ٻوريء ۾،
ڪٿي آ لاش ڀاڪر ۾،
چوان ڪيئن سنڌ آ ساڳي،
ڦلهوري جاڳ هر ڪا ڏس،
اڃا آ درد جو سڏڪو،
اڃا آ لاپتا خوشبو،
اڃان ناهي ڪٿي ڀڻڪو،
چوان ڪيئن سنڌ آ ساڳي،
چوان ڪيئن سنڌ آ ساڳي۔

ملين ته من تان عذاب لاهيان (نظم)
نظم
---
ملين ته من تان عذاب لاهيان
ڪٺور شامن جا ڪلف ٽوڙيان
نپوڙي راتين جا غم هزارين
سڳنڌ انهي ۾ وجود ٻوڙيان
جا روشني جيئن حسين آهي
ڪنول به جنهن جي اڳيان نه ڪجهه آ
اجاڙ دل کي يقين آهي
غزل به جنهن جي اڳيان نه ڪجهه آ
کلي ته کل جا خمار ميڙيان
پکين کان اڳتي خيال اڏرن
ننڊن جون پوتيون سڙن هوا ۾
صدين کان اڳتي سوال گذرن
ڏسين ته ڏک جو سمنڊ وڃايان
گهڙين جا پوپٽ پڪار بڻجن
اکين ۾ تنهنجو جمال اوتيان
سڏن جا سانوڻ قرار بڻجن
ٻڌين ته توکي اهو ٻڌايان
اجاتي باهين جري ڇڏيو آ
ڦڏن ۾ آهي رڌل زمانو
سماج رڻ پٽ ڪري ڇڏيو آ
اچين ته تن تان عقاب لاهيان
ملين ته من تان عذاب لاهيان

***
هوش نه ٿو هت ڪير سنڀالي -- ايوب کوسو

هوش نه ٿو هت ڪير سنڀالي
هُن کي چئجو ڇير سنڀالي
هُن کي چئجو پن ڇڻ آهي
خود کي هيل سوير سنڀالي
ڪنهن جي جرئت هُن جي سامهون
نين جھلي يا پير سنڀالي
هر ڪو ماڻهو زخمي آهي
ڪنهن کي ڪنهن کي ڪير سنڀالي
مورک ماڻهو وکري ويندين
دل ۾ ايڏا وير سنڀالي
پاڻ وياسين اجڙي آخر
دردن جا هي ڍير سنڀالي
****
ايوب کوسو

سرخ پنن تي سنڌ لکان ٿو۔ (ايوب کوسو)
سرخ پنن تي سنڌ لکان ٿو۔
ڄڻ ته ڦٽن تي سنڌ لکان ٿو۔
روز اکين جي ننڊ مري ٿي،
روز سڏن تي سنڌ لکان ٿو۔
آڻين ٿو تون جام چپن تي،
آءٌ چپن تي سنڌ لکان ٿو۔
انگ انگ آهي ساڻو ساڻو،
پوء به بدن تي سنڌ لکان ٿو۔
ڇلڪي هن جا نيڻ پون ٿا،
نانء هٿن تي سنڌ لکان ٿو۔
من جو ديبل دانهن ڪري ٿو،
سرد وچن تي سنڌ لکان ٿو۔
هوء سرتين ۾ ٽهڪ ڇڏي ٿي،
آءٌ وڻن تي سنڌ لکان ٿو
***
ايوب کوسو
سانجهه ٿي آ ديپ ٻاري پوءِ هلون
 سانجهه ٿي آ ديپ ٻاري پوءِ هلون
ترس ٿورو هوءَ نهاري پوءِ هلون
ترس ٿورو چنڊپيو اڀري اڃا
ياد هڪڙي کي سمهاري پوءِ هلون
ترس ٿورو هوءَ ڀلي آرس ڀڃي
واءُ خوشبوءَ کي اڏاري پوءِ هلون
ترس ٿورو هر گهٽي آهي اداس
دل وٺي ڪي لڙڪ هاري پوءِ هلون
ترس ٿورو هوءَ ڀلي مرڪي وٺي
نيڻ نيڻن ۾ اتاري پوءِ هلون
ترس ٿورو گل اڃا نهن ٽڙيا
ترس ٿورو غم وساري پوءِ هلون
**
ايوب کوسو
ڪو ته چوي
چُپ چاپ مِٽيءَ کي ڪو ته چوي
ها ڪو ته چوي ها ڪو ته چوي
ڪو ڳائي اهڙو گيت نئون
جو ٽوڙي سڀ زنجير ڇڏي
ڪو جوڙي اهڙو عشق نئون
جو بدلائي تقدير ڇڏي
چُپ چاپ پکين کي ڪو ته چوي
نئين صُبحن ۾ مخمورٿين
ڪي اهڙيون ٻولن ٻولڙيون
جو ٿڪ دلين جا دُور ٿين
چُپ چاپ اکين کي ڪو ته چوي
بي رنگ رُتن جِي ويلا ۾
ڪا چانڊوڪيءَ جي ريت ٿين
نئين خوابن جي مهڪار کڻي
من اُجڙيل هر جو ميت ٿين
چُپ چاپ سکين کي ڪو ته چوي
هي ٽاڻو آهي دردن جو
ڪي ٽهڪن کي انداز ڏين
ڪي سرگوشين جا شعر لکن
ڪي ڇيرن کي آواز ڏين
چُپ چاپ پرينءَ کي ڪو ته چوي
هِي بارش ناهي وڇڙڻ جِي
ڪا معنى ارپي خوابن کي
ڪا خواهش ناهي وکرڻ جِي
ڪُجهه روڪي هاڻ حجابن کي
چُپ چاپ هوا کي ڪو ته چوي
خاموش سُتل هِن پن ڇڻ ۾
ڀل کولي هُن جا وارَ ڇڏي
هن شامن جو ڪجهه زنگ لهي
ڀل مهڪائي سنسار ڇڏي
چُپ چاپ نگر کي ڪو ته چوي
ها! ڪوته چوي، ها ڪو ته چوي
هر اُلڪي جو احساس ڪري
هر جذبي کي ڪا خوشبو ڏي
هر رستي تي ڪو واس ڪري
ها ڪوته چوي ها ڪو ته چوي
****