Friday 27 April 2018

سنڌي شاعريء کي شاهوڪار ڪندڙ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال


تحرير ؛ ابو رافع
سنڌي شاعريءَ  ۾ جيڪي اهم نالا آهن ۽ جن سنڌي شاعريءَ کي  لڳاتار شاهوڪار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پڪ   سان اسان جو دوست ذوالفقار سيال انهن شاعرن مان آهي. هن جڏهن  کان قلم کنيو آهي ته ان کي رکيو نه آهي، جنهن سبب  هو اڄ  تائين  سنڌي  شاعريءَ  کي سورهن شاعراڻا ڪتاب ڏئي سگهيو آهي.
جيتوڻيڪ ذوالفقار سيال ڏانهن اها تعريف به وڃي ٿي ته سنڌ ۾ ٻارڙن لاءِ لکندڙ  شاعرن ۾ هيءُ  اهو شاعر آهي نَوَ جنهن ٻاراڻا  شاعريءَ  جا ڪتاب سنڌ ادب کي ڏنا آهن ۽ سندس ڏهون ڪتاب  ڇپجڻ جي آخري مرحلن ۾ آهي. ان حوالي ۾ شايد  ڪو سنڌي  شاعر هجي، جنهن  ايترا ٻاراڻا  شاعريءَ  جا ڪتاب لکيا هجن ساڳئي وقت ائين به آهي ته ذوالفقار سيال شاعر هوندي چڱي موچاري انداز ۾ نثر به لکيو آهي. هو ڪيترائي سال  پابنديءَ  سان سنڌ جي الڳ الڳ اخبارن ۾ ڪالم به لکندو رهيو آهي. جن مان چونڊ مضمون  ۽ ڪالم سندس ڪتاب ” آئينا ۽ عڪس “ ۾ محفوظ آهن.
سندس  ” سنڌي شاعريءَ  جو سفر“  نالي ترتيب ڏنل ڪتاب پڻ اهميت لائق آهي، جنهن تي هن گهڻي محنت ڪئي آهي. جيڪا محنت  ان ڪتاب ڏسڻ سان ئي محسوس ڪري سگهجي ٿي.  ذوالفقار سيال پنهنجي همعصر ۽ همعمر دوستن ۾ گهڻو لکندڙ رهيو آهي ۽ لڳاتار لکندو رهيو آهي.
ذوالفقار سيال تڏهن لکڻ شروع ڪيو جڏهن هو ٻارڙو هئو ۽ ميٽرڪ ۾ پڙهندو هئو. اهو 1972ع جو زمانو هئو جڏهن هن  ٻاراڻي شاعري شروع ڪئي. جنهن کانپوءِ هو پاڻ به وڏو ٿيندو ويو ۽ شاعري به وڏن لاءِ شروع ڪيائين.
اهو سچ آهي ته اسان جا  ڪيترائي دوست ٻاراڻي شاعريءَ يا نثر  لکندڙ هئا.  پر اڳتي هلي هو ٻارن  لاءِ لکڻ ڇڏي ويا. سبب  ڪهڙا به هجن پر سندن اهو عمل ٺيڪ نه هئو انهن جي ڀيٽ  ۾ ذوالفقار  سيال  اڄ  تائين ٻارڙن لاءِ لکندو اچي . شايد  هو بنيادي طور ڊاڪٽر  آهي. ان ڪري سائنسي طور  اه ا ڳالهه سمجهي ٿو ته شخص جي اندر ۾ ڪنهن  به وقت هڪ ٻار موجود هجڻ گهرجي. ڪيئن به ذوالفقار  سيال جو سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ به هڪ ڀرپور حصو آهي.
ضلعي لاڙڪاڻي جي هڪ ننڍي ڳوٺ ۽ هاڻ ننڍي شهر فريد آباد ۾ 28- مئي 1957ع تي جنم  وٺندڙ ذوالفقار سيال لياقت ميڊيڪل  ڪاليج مان ڊاڪٽر ٿي نڪتو. هن  بي ايس سي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪئي ۽ ويجهڙ ۾ هن ڪراچي يونيورسٽيءَ  مان پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. سندس مقالي جو عنوان آهي.
مير علي نواز ناز جي شاعري ۽ شخصيت جو تنقيدي جائزو “ ائين ذوالفقار سيال پي ايڇ ڊي  ڪرڻ کانپوءِ ڊبل ڊاڪٽر بڻيو آهي. ان ڪري هو پنهنجي نالي اڳيان ٻه ڀيرا ڊاڪٽر لکي سگهڻ جو بنيادي حق رکي ٿو. هڪ ته هو ماڻهن جو ڊاڪٽر آهي ۽ ٻيو هو ادب جو ڊاڪٽر  آهي. ڇاڪاڻ ته بئي شعبا مقدس آهن ان ڪري  سندس اهميت به اوتري ئي وڏي جڙي ٿي.
هاڻ جڏهن هو ادب جو ڊاڪٽر به بڻيو آهي ته  مان سندس نالي اڳيان ڊاڪٽر لکان ٿو.
ڊاڪٽر ذوالفقار  سيال ادب کان الڳ هڪ ڊاڪٽر طور ۽  هڪ شخص طور پڻ  دوستن کي هر وقت ڪم اچڻ وارو شخص آهي. هن ادب ۾ شامل ۽ ادب کان ٻاهر ڪيترن ئي دوستن جي پنهنجي شعبي ۾ مدد ڪئي هوندي،  اهڙي شاهدي ڪيترائي دوست، شاعر ۽  اديب ڏيئي سگهندا.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پنهنجي سڀاءُ ۾کلڻو ملڻو ۽ هڏڏوکي شخص  ته آهي ئي پر ساڳئي وقت ڪنهن به مصنوعي رک رکاءَ  کان ڪوهين ڏور، جيڪو من ۾ سٺو  لڳندس چئي ڏيڻ وارو ۽  لکي ڇڏڻ وارو. جنهن سبب اڪثر دوست کانئس ڪئهءُ کائيندا آهن. ۽ ڪيترائي ساڻس ناراض به رهندا آهن. هو سنڌي ادبي  سنگت جو هڪ کان وڌيڪ ڀيرا سيڪريٽري جنرل جي عهدي تي رهندڙ ۽  خاص طور ڪتاب  خريد ڪري پڙهندڙ آهي.
ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شاعريءَ  جو هڪ حصو ڪتابن ۾ محفوط آهي ۽ هڪ حصو اهڙو آهي. جنهن کي ملڪ ۽ سنڌ  خوبصورت راڳين جو آواز نصيب ٿيو آهي. جنهن ڪري سندس نه  رڳو سنڌ ۾ پڙهندڙ موجود آهن. پر ٻڌندڙ به موجود آهن. اهڙا ڀاڳ ڪن ڪن شاعرن جي نصيب ۾ ايندا آهن.
28 مئي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو جنم ڏينهن آهي، 1957ع سال جي حساب سان  هو اڄوڪي ڏينهن تي پنهنجي  عمر جا سٺ سال  پورا ڪندو ساڳئي وقت پنهنجي مٿي تان نوڪريءَ  جي ٽوڪري به لاهي آجو ٿيندو ۽ پوءِ  پنهنجو سمورو وقت  لکڻ پڙهڻ لاءِ   وقف ڪندو. پڪ سان هو سنڌي شاعريءَ کي گهڻو ئي ڏيندو ائين کيس هن سٺ  هين جنم ڏينهن جون مبارڪون ۽ وڌيڪ کيس نوڪريءَ  کان آجي ٿيڻ جون مبارڪون، جو هاڻ هو پنهنجي چاهيل زندگي جيئندو.
(روزاني عوامي آواز جي ٿورن سان)

شاعري : ذوالفقار سيال

جيءُ اسان جو جهوري ويا هن، ڪيڏا پيارا پيارا ماڻهو
ناسي    نيڻن وارا ماڻهو،       ڳاڙهن    ڳلڙن      وارا ماڻهو
جيءُ اسان جو جهوري ويا هن، ڪيڏا پيارا پيارا ماڻهو
وار کليا، گهنگهور گهٽا، ڄڻ چوڌاري ڪا وکري وئي
ريشم  جهڙا،  سرها   سرها،   ڪارن   وارن وارا ماڻهو
                                         چپ جي   بيهن، ڌرتيءَ جي سيني مان طوفان اُٿي ڪو                                             مرڪن جي پوءِ مکڙيون مهڪن، جاني جيءَ جيارا ماڻهو
سامهون   ويهن، نيڻن ۾   پوء   ِ پيار اسان    جو ڇلڪي ٿو
شام   جيان معصوم    نماڻا، صبح جيان     ٻاجهارا ماڻهو
پيار ۽   سونهن جو    نالو تيسين    هن دنيا   ۾  قائم رهندو
جيسين هوندا “ذلف” اسان جي سهڻي ساجن پارا ماڻهو