Monday 23 April 2018

سيدمرتضيٰ ڏاڏاهي ؛ ڪافي جي صنف جو ملوڪ شاعر


تحرير ؛ منظور ڪالرو
سنڌ جي ناميارن شاعرن وطن جي حُب، ڌرتيءَ سان پيار، وفاداري، امن، جدوجهد، ننگن توڙي دنگن جي حفاظت، خوشحالي ۽ ترقيءَ لاءِ سجاڳي ڏيارڻ ۾ يادگار ۽ مثالي خدمتون سرانجام ڏئي سنڌ امڙ سان پنهنجو نينهن جو ناتو خوب نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن سنڌ جيجل جو ڀرم رکي سگهجي ۽ ائين ماءُ جي ٻولي ۽ لولي جا گيت صدا گونجبا رهن.
اهڙن وطن دوست شاعرن ۾، ٻهڳڻو شاعر سيد مرتضيٰ ڏاڏهي به پنهنجي مٺڙي وڻندڙ ۽ لطيف شاعريءَ سبب وڏن ناميارن شاعرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪي نهايت سجاڳي، ذميواري ۽ فرض شناسي سان پنهنجيون پنهنجيون جوابداريون نڀائيندي سنڌي ٻولي کي جياريو اچن. جيتوڻيڪ هتي سنڌي ٻولي خلاف وڏيون بغاوتون ۽ نفرتون ٿيندي ڏسڻ ۾ آيون آهن پر شاعرن جون خدمتون ۽ محنتون ٿيل آهن، جنهن سبب انهن نفرتن کي مات ڏئي ٻوليءَ سان گڏوگڏ سنڌ جي ثقافت جو به بچاءُ ٿيو. پر پوءِ به سنڌي ماڻهن سميت ٻولي ۽ ثقافت سان نفرتن وارا لاڙا اڃا بند ٿيندي نٿا ڏسجن ۽ نه ئي سنڌين جي ماڳ مڪانن جا قدر ٿا ٿين. پر پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته اهڙن سنڌ دشمنن کي جن هٿيارن سان سندن ناپاڪ ارادن کي ناڪام ڪيو تن ۾ سنڌ جي وفادار شاعرن جي شاعريءَ جو گهڻو حصو شامل هوندو.
هونئن به پالڻهار سنڌ ڌرتيءَ کي پنهنجين خاص نعمتن سان سرشار ڪري، اسان کي انهن نعمتن سان نوازيو آهي جيڪي دنيا جي ٻين ڪيترن ملڪن ۾ اڻلڀ آهن. تنهنڪري قدرت جي ڏنل تحفي جي هر نعمت جو نه فقط خيال رکڻو آهي پر حفاظت سميت، سندس سونهن کي داغدار ڪندڙن کان به کيس محفوظ ڪرائيندي وڌيڪ سنوارڻ ۽ سينگارڻ لاءِ ڪوششون وٺڻيون آهن.
هاڻ جيڪو به پاڻ کي سنڌواسي سڏائي ٿو، اهو اعليٰ مقام تي يا وڏي عهدي تي فائز آهي، تنهن کي پنهنجي پنهنجي حصي جو ننڍو وڏو ڪارنامو ۽ خدمت جاري رکڻ يا ڪرڻ گهرجي، جنهن سان سنڌي سماج دنيا جي سڌريل قومن سان گڏ هلي سگهي نه ته ٻليءَ پير هلندو رهي. هن ڏس ۾ جن شخصيتن پنهنجي ڏات سان سنڌ وطن جي خدمت جا مختلف مورچا سنڀاليا تن ۾ سماج سڌار، تعليمي ماهرن، عوام دوست سياستدانن، زرعي ماهرن، انسان دوست خدمتي ادارن، واپار ڪندڙن سميت شاعرن، اديبن ۽ صحافين (پرنٽ ميڊيا هاڻ ان سان گڏ اليڪٽرانڪ ميڊيا) پاڻ ملهايو آهي.
انهن خدمت گذارن ۾ محبوب ۽ مقبول، سنڌ جو ڀلوڙ عوامي شاعر، سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي به اوچي ڳاٽ سان ڏسجي ٿو، جنهن پنهنجي وس آهر سنڌي ٻولي کي شاعريءَ جي حوالي سان وڌيڪ شاهوڪار ڪيو. 26 نومبر 1939ع ۾ ڏاڏاهي صاحب جو جنم ٿيو. سندس والد امام الله شاهه خود به علمي ادبي شخصيت طور ڄاتو سڃاتو ويندو هو، جنهن کي راڳ سان پڻ بي پناهه چاهه هوندو هو. جيئن ته پاڻ زميندار هئا تنهنڪري سندن اوطاق تي راڳ جون محفلون ٿينديون هيون. جتي راڳ جا ڄاڻو فنڪار،  باقاعدگيءَ سان اچي شريڪ ٿيندا هئا. اهڙي ماحول ۾ مرتضيٰ ڏاڏاهي وڏو ٿيو ته سندس لاڙو شاعريءَ طرف گهڻو ٿي ويو. شاعري به اها جيڪا پوريءَ طرح سان وزن، بحر، ڪافيو، رديف جي گهرجن ۽ سنڌي ٻولي جي لفظن تي ٻڌل هئي. ڏاڏاهي صاحب جا غزل ۽ ڪافيون پڙهي ۽ ٻڌي چئي سگهجي ٿو ته سندس ڏات ۾ سمورا خوبصورت رنگ شامل آهن، جيڪي سموري شاعريءَ ۾ محبت جو مشاهدو، انتظار، درگذري، وفاداري، دوستي، جدوجهد، خوشحالي، ترقي، وطن سان پيار، ڏوراپن ۽ التجائن جي مختلف ڪيفيتن ۽ روپن ۾ لطيف جو اظهار ڪن ٿا. تنهن ڪري عام و خاص مرتضيٰ ڏاڏاهي جا ڪلام ڳائيندي ۽ جهونگاريندي ڏسڻ ۾ ايندو.
زهر کي به زم ز م ڪري پي ڏٺوسين،
مرڻ کان اڳيئي، مري جي ڏٺوسين.
سائين مرتضيٰ نه فقط شاعري پر ادب جي ٻين صنفن تي به خوبصورت انداز ۾ لکيو جنهن ۾ ڪهاڻي، مضمون، افسانو، مزاحيه ڪالم، ريڊيو لاءِ ميوزيڪل فيچر به شامل آهن. جن کي پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن پاران ساراهيو ويو. کيس شهرت ڏيارڻ ۾ ”ريڊيو پاڪستان حيدرآباد“ جو به وڏو ڪارنامو سمجهيو وڃي ٿو. جنهن ڪري شاعر کي ته شهرت ملي پر ان جي شاعريءَ کي موسيقيءَ جا وڻندڙ ويس ڍڪائي عام ڳائيندڙ راڳين کي به مشهوري ملي. استاد عبدالقادر، ڍول فقير، اسحاق فقير، ڪارو مڱڻهار، ٻڍو فقير، ڦوٽو زرداري، استاد فيروز گل، قمر سومرو، قاسم اوٺو، ممتاز لاشاري، راڳ جي راڻي عابده پروين، روبينه قريشي، فوزيه سومرو، تاج مستاني ۽ ٻيا ڪيترا ئي سُريلا فنڪار شامل آهن، جن مرتضيٰ جي شاعريءَ کي جهر جهنگ پهچائي ان کي عام ۽ مقبول ڪيو.
سوين هن دنيا مان، سڪندر هليا ويا،
ڇڏي محل ماڙيون، مسافر هليا ويا.
سيد مرتضيٰ ڏاڏهي ڪيترن مشاعرن ۾ حصو ورتو. ايتريقدر جو ڪنهن زماني ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان باقاعدگيءَ سان ماهوار live مشاعرو نشر ٿيندو هو ته ان ۾ به کيس خصوصي دعوت ڏئي مدعو ڪيو ويندو هو. ان کانسواءِ پاڻ اڪثر پُر بهار شخصيت، مخدوم طالب الموليٰ جن وٽ ٿيندڙ مشاعرن ۾ شرڪت ڪئي. خاص ڳالهه ته سنڌ جي علمي ادبي شخصيت، گرامي صاحب ڪيترن مشاعرن ۾ فرمائش ڪندي کيس ترنم سان پڙهڻ لاءِ چوندو هو ۽ کيس وڏي آواز ۾ داد ڏيندو هو. ياد رهي ته ڏاڏاهي صاحب پنهنجي شاهڪار شاعريءَ کي ترنم جي انداز ۾ پڙهندڙ شاعرن مان به آهي.
مرتضيٰ ڏاڏاهي بابت محترم ”نصير مرزا“ جا خوبصورت لفظ آهن ته؛ ”سنڌي ڪافي، جنهن ۾ اسان مصري شاهه امام کي هن صنف جو ’بادشاهه‘ تصور ڪندا آهيون ۽ ان کانپوءِ واري زماني ۾ مخدوم طالب الموليٰ تي ڪافيءَ جي صنف پنهنجي انتها تي پهتل نظر اچي ٿي. هاڻوڪي دور ۾ اسين جيڪڏهن نظر ڦيرايون ٿا ته اسان کي ڪافيءَ جي صنف جو حسين ترين شاعر جيڪڏهن ڪو نظر اچي ٿو ته اهو مرتضيٰ ڏاڏهي آهي، جنهن کي شاعري جي نج سنڌي صنف ڪافيءَ جي حوالي سان خاص اهميت حاصل آهي. اسان جا ڀاڳ جو هن قافلي ۾ سائين شريڪ آهي ۽ رهنمائي ڪندو رهي ٿو.“
ڏاڏاهي صاحب کي سندس جنم ڏينهن تي کوڙ واڌايون ڏيندي سندس مڪمل صحتيابي جون دعائون ڪجن ٿيون.
ٿياسين نه محبوب ڪنهن جا ته ڇا ٿيو،
محبت ۾ ڪنهن تان فدا ٿي ڏٺوسين.
ڪافي
تنهنجي ڀاڳ سان ڪهڙي ريس پرين،
تنهنجو جوڙ نه ڪوئي جيس پرين.
تنهنجي چهري جي چانڊاڻ وڻي،
تنهنجي لبڙن جي لالاڻ وڻي:
تنهنجي سونهن وڻي، سرهاڻ وڻي،
تنهنجي ٻوليءَ ۾ ٻاٻيس پرين.
تنهنجا واسينگن جهڙا وار عجب،
تنهنجا ڳاڙها ٻئي رخسار عجب:
اهي عاشق لئه آزار عجب،
ڪن ڪاريون اکيون ٿيون ڪيس پرين.
تو پيچ محبت پائي ڇڏيو،
منهنجي دل کي گهورن گهائي ڇڏيو.
تنهنجي نينهن نئون رنگ لائي ڇڏيو،
تنهنجي مرڪ ٿي مقناطيس پرين.
ايڏا عهد وچن پيمان ڪري،
مٺا ’مرتضيٰ‘ جو مٿي مان ڪري:
وري دڙڪا ڏيئي دهمان ڪري،
هيڏو هاڻ نه هر هر هيس پرين.
سڄڻ ڏني سوغات،
سورن جو سامان سهيڙي.
حال وندن لئه حال وڃايم، جانب خاطر جهوليءَ پايم،
ڏکڙن جي هيءَ ڏات،
آنڌي اسان لئه عشق اويڙي!
آئون ڇا ڄاڻان سور سفر جا، راز ۽ رمزون انت بحر جا،
ڪهڙي بتايان بات؟
نينهن رندن جي آنديس نيڙي.
پلپل پرين صوبت ساري، ڪوڙئين قاصد ڪانگ اُڏاري،
راه ڏٺم ڏينهن رات،
جل جدائي جو ٿو جهيڙي.
مرتضيٰ محبن ميلو ٿيندو، رحمت وارو ريلوايندو
ڪابوُند وَسي برسات،
مٺڙن ساڻ مون، کي شل.

(سنڌ سلامت جي ٿورن سان)



(اسان حال دل جو اوهان سان پچاريو.)
شاعري؛ سيد مرتضيٰ شاه ڏاڏاهي
آواز؛ وحيد علي خان

                                         
                                              ( زهر کي به زم زم ڪري پي ڏٺوسين.)
                                           شاعري ؛ سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي
                                            آواز ؛ غلام قادر