Friday 27 April 2018

حسن درس: درد، وطن ۽ وڇوڙي جو شاعر


حسن درس
حسن درس (انگريزي ٻولي: Hassan Dars) , نئين ٽهيءَ ۾ جديد سنڌي شاعريءَ جي نمائنده شاعر جو جنم، 5 سيپٽمبر 1966ع تي ڳوٺ مشائخ هوٿي، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الهيار ۾، حاجي غلام رسول درس جي گهر ۾ ٿيو.
ننڍپڻ
حسن درس جا وڏا اصل ۾ لاکا ذات جا آهن، پر سندن ڏاڏي مشائخ هوٿي لاکي (وفات 1408) کي سهرورديه سلسلي جي ملتاني بزرگ هٿان خلافت ۽ ’درس‘ جي خطاب ملڻ کان پوءِ ’درس‘ سڏجڻ لڳا. حسن درس جي والد غلام رسول درس (1973- 1905ع) کي ٻن شادين مان چار ڌيئرون ۽ ٻه پُٽ اڳ ۾ ئي هئا ۽ حسن درس سندس آخري اولاد هو. مٿس نالو به سندس ڏاڏي محمد حسن درس (1942-1884ع) جو رکيو ويو، ان ڪري ڏاڏي جي نسبت سان کيس گهر ۾ ڪوڏ مان ’ڏاڏو‘ سڏيندا هئا.
تعليم
حسن درس ابتدائي تعليم ڳوٺ مان ورتي ۽ اٺين ڪلاس تائين مڊل اسڪول مشائخ (قاضي احمد) مان تعليم حاصل ڪيائين، جنهن کان پوءِ هن مئٽرڪ مسلم هاءِ اسڪول ٽنڊي الهيار مان ڪئي. اڳتي هلي ايم. اي (سنڌي) سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان ڪيائين.
شاعري
حسن درس ننڍپڻ کان ئي شاعريءَ سان دلچسپي رکندو هو. شايد اها دلچسپي منجهس موروثي وديعت ٿيل هئي، جو سندس ڏاڏو محمد حسن درس به مدح ۽ مولود جو ناميارو شاعر هو ۽ سندس شاعري درگاهه مشائخ هوٿيءَ سميت تر جي ميلن ۽ محفلن ۾ ڳائي ويندي هئي. هن 16 سالن جي ڄمار کان شاعري شروع ڪئي ۽ اڳتي هلي پنهنجي ٽهيءَ جو سرواڻ شاعر بڻجي ويو. هن جي شاعريءَ ۾ موسيقي، رواني ۽ فڪري تسلسل ڪمال درجي جو آهي. سندس شاعريءَ ۾ فطرت جي حسين منطر نگاريءَ ۽ سنڌ جي ذري ذري سان اٿاهه محبت سان گڏ تصوف جو رنگ به موجود آهي. حسن درس ڪيترا عالمي نوعيت جا نظم به لکيا آهن، جن ۾ ’ادي هي آجيان ڪهڙي‘ (بينظير ڀٽو جي شهادت تي لکيل)، ’رقاصه‘، ’جداين وصالن جي ڪيلاش وادي‘، ’هرڪو درد حجرِ اسود‘، ’ننگي سرمد جي حضور ۾‘، ’هڪ شاعر جو وطن‘، ’ذوالفقار علي ڀُٽو‘، ’ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو‘ وغيره اچي وڃن ٿا.
اسلوب
حسن درس پنهنجن نظمن ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ کي انتهائي وڻندڙ ۽ خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو آهي. سندس نظم ’ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو‘ ان جو عمدو مثال آهي. سندس شاعري سندس همعصرن ۽ خاص ڪري نوجوانن کي تمام گهڻي ياد آهي. حسن جي مختصر ڄمار ۾ ڪيل شاعري جيتري مقبول آهي، اوتري نئين ٽهيءَ جي ٻئي ڪنهن شاعر جي مشڪل هوندي. هن 1983ع ۾ ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر ضياء الحق خلاف هڪ شاهڪار نظم لکيو. پهريون ڀيرو هن شيخ اياز آڏو 1987ع ۾، پريس ڪلب حيدرآباد ۾ پنهنجو نظم ’ننگي سرمد جي حضور ۾‘ پيش ڪري کيس متاثر ڪيو هو.
شادي ۽ اولاد
حسن درس 4 فبروري 1993ع تي نامور ڪهاڻيڪار ماهتاب محبوب جي نياڻيءَ، ارم محبوب سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٻه پٽ روحل ۽ چيزل ۽ هڪ نياڻي ردم آهي. حسن درس 1988ع کان 2008ع تائين مختلف اخبارن، رسالن ۽ ٽي. وي چئنلن سان لاڳاپيل رهيو. 2009ع ۾ حسن درس UNDP جي GEF سمال گرانٽ پروگرام جي مالي سهڪار سان سنڌي لکي گهوڙن جي نسل بچائڻ ۽ انهن جي واڌ ويجهه لاءِ هڪ پراجيڪٽ شروع ڪيو هو. هن پراجيڪٽ جي نيٽ ورڪ ذريعي پوريءَ سنڌ ۽ پاڪستان ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪيائين.
ڪتاب
حسن درس جي شاعريءَ جو ڪتاب ’حسن درس جو رسالو‘ سندس وڇوڙي کان پوءِ انڊس فائونڊيشن پاران هن ئي سال ڇپايو ويو آهي، جنهن جي مرتب ارم محبوب آهي.
وفات
حسن درس، 15 جون 2011ع تي، اسر ويل حيدرآباد ۾ واڌو واهه وٽ حادثي جو شڪار ٿيو ۽ ڪيترا ڪلاڪ ٻن پوليس ٿاڻن قاسم آباد ۽ جي. او. آر جي حد جي تڪرار سبب زخمي حالت ۾ پيو رهيو ۽ گهڻو رت وهي وڃڻ سبب گذاري ويو. سندس اوچتي موت سبب سڄيءَ سنڌ سوڳوار ٿي وئي. سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن، حسن درس جي وڇوڙي کي وڏو سانحو قرار ڏنو ۽ کيس هزارين آلين اکين سان ڳوٺ مشائخ هوٿيءَ ۾ پنهنجن ابن ڏاڏن جي قديمي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. 
                                                                                             ( وڪيپيڊيا)

حسن درس: درد، وطن ۽ وڇوڙي جو شاعر
تحرير ؛ اظهار سومرو ـ
”شال خدا اسان کي صبر سان هِن بيوسيءَ کي برداشت ڪرڻ جي سگهه ڏي.“ هي لفظ ڪنهن ٻئي نه پر سنڌي ادب جي خوبصورت ڪهاڻيڪاره ميڊم مهتاب محبوب جا آهن، جنهن کي حسن درس پيار مان ”امي“ ڪري ڪوٺيندو هو. اڃان مٿين سٽن جي سٽ سهڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ته نثري نظم جي سٺي شاعره ادي ارم محبوب جا هي لفظ ڄڻ ته روح کي ڪرچيون ڪرچيون ڪري ٿا ڇڏين، جڏهن هوءَ لکي ٿي ته ”مان ڇا لکان مان ڪيئن لکان. هن لاءِ. جنهن سان منهنجا جهيڙا به هئا جنهن سان منهنجا ميڙا به هئا. جيڪو منهنجي زندگي به هو ۽ جيڪو منهنجو موت به آهي.“
حسن درس جي ڪٽنب جي ٻن عورتن جو درد، مون کي روئاڙڻ لاءِ ڪافي آهي. هاڻي مان حسن درس سان سڌي ريت مخاطب ٿيڻ لاءِ سندس پهريون ۽ آخري ڪتاب ”حسن درس جو رسالو“ کوليان ٿو، ان ويل مون کي حسن جي باري ۾ هيءَ سٽ سامهون اچي ٿي ته هو جيڪو زندگيءَ ۾ ”زندگي، رنگ، پکي، عورت ۽ عشق“ مصداق رهيو ان جي وئي کانپوءِ هاڻي هو ”موت، درد، وطن، وڇوڙو ۽ شاعري“ بڻجي ويو آهي. هن ڪمهلي موت جي ڪک مان جنم وٺندڙ بي اعتباريءَ ۾ هڪڙو اوسيئڙو به آهي، جيئن هو پاڻ لکي ٿو ته:
”تون نه موٽئين، مون نه سوڌي ننڊ ڪا
نيڻ ڏيئن جيئن ٻريا پئي تاڪ ۾
هي حسن آواره گرد آدمي
تو ڏٺو آ ڇا ڀلا رولاڪ ۾.“
حسن درس تي هڪ دوست جي حيثيت ۾ لکڻ نٿو چاهيان، سوچڻ به نٿو چاهيان، ڇو ته ائين ڪرڻ سان لفظ قلم مان نه پر منهنجي نيڻن مان ٽمڻ لڳن ٿا، دل ويهجي وڃي ٿي، منهنجو ته ڏينهن رات، رستو به ساڳيو آهي، جتان ڪڏهن گڏ گذرندا هئاسين پر اڄ مان اڪيلو گذرڻ ويل هن جي باري ۾ گهڻو سوچڻ بدران مصروفيت ۾ پناهه وٺڻ لڳان ٿو. اهو درد، جيڪو حسن درس جي گهر ڀاتين جي دلين، خالي بستري، ڪمري ۾ رکيل الماريءَ ۾ پيل سندس لباس، ڪتابن جي ڪٻٽ، ڳوٺ مشائخ هوٿي ۾ موجود اوطاق، قاسم آباد واري اوتاري ۾ موجود آهي، اهو درد جيڪو هن جي دوستن جي دلين ۾ ڪنهن ڇيت وانگر مسلسل چڀي رهيو آهي:
”آئون تو منجهه مئو پيو آهيان
پاڻ تون پاڻ، تون ڪٿي جانان!
ڪهڙي ڪنڊ ڪائنات جي وڃي ورتئي
پاڻ کي آڻ، تون ڪٿي جانان!“
هو سچ به اسان ۾ آهي، هو مري نه ويو آهي ڄڻ ته اسين سڀ مري ويا آهيون، جن سان هن پيار ڪيو يا جن کي هن پيار ڪيو. هن زندگيءَ ۾ پنهنجي درد کي ظاهر ٿيڻ نه ڏنو پر سندس شاعري ان جي چغلي هڻي رهي آهي. فرد جو درد، جيڪو دنيا جو سڀ کان وڏو موضوع، سڀ کان وڏو مسئلو آهي.
”ڇو لڪائين ٿو منهن، لڪين ڇو ٿو؟
ڇڏ ڇڪتاڻ، مان ڏسان چهرو.“
هو وڏو عشاق هيو پر مان چاهيان ٿو ته سندس درد، اندر جي ڪيفيت جي اپٽار ڪريان، ڇاڪاڻ ته هو ”عورت، شراب ۽ گهوڙا“ واري ڇاپ کان گهڻو وڏو ماڻهو هيو، سڀ کان وڏي ڳالهه ته هو ”ماڻهو“ هيو، هتي ته ماڻهوءَ جا ماسڪ پهريل ڪيئي بگهڙ ڏٺا آهن، جيڪي پاڻ کي ماڻهو سڏائڻ تي بضد آهن. سو هن جهڙو ”ماڻهو“ ئي ماڻهوءَ کي سمجهي سگهي ٿو، سو به اهڙو ماڻهو جنهن جي اکين جا برش شعرن جون تصويرون ٺاهيندا هئا جن ۾ هن جا احساس اهڙا رنگ ڀريندا هئا جو ماڻهو دنگ رهجي وڃي.
”ڇڻي ڇانو آخر آ، پٽ تي سمهي پئي
وڻن جا وڏا بنڊ، ڪاٺير هيٺان!
جيئڻ جاڳندو آ، مرڻ ننڊ وانگي
عمارت ستي آ، وڏي ڍير هيٺان
حسن هاءِ تنهنجون، اکيون ٻئي عقابي
ڇڪي ڇوڪريءَ کي، کڻو ڇير هيٺان.“
هو پنهنجي دل جي درد کي، مور جي درد وانگر پيش ڪري ٿو.
”آئون اڪيلو، آهيان ڇا هي؟
جوڙا جوڙا، ڳوڙها آهن.“
هن جي شخصيت جو جادو ته اڄ به اثر رکي ٿو پر پاڻ هاڻ هن جي ورثي، هن جي شاعريءَ سان مخاطب آهيون، جيڪا هن لاءِ ڪنهن حڪيم جي نسخي جيتري قيمتي هئي، تڏهن ته هو ان کي راز ۾ رکندو آيو. هو شاعريءَ سان ڪجهه هن ريت مخاطب آهي:
”ڇا تون مون لئه ليئو ٿيندينءَ
ڇا تون مون کي ڏيئو ڏيندينءَ
وارياسي ۾ ويندس آئون
پوءِ تون پويان منهنجي ايندينءَ
مون سان گڏجي بيٺي هوندينءَ
مون سان گڏ جي واپس ويندينءَ.“
هو دوستن جي وچ ۾ به ڪيڏو ته تنها هيو، هجومن جي وچ واري تنهائي، جنهن ٽيگور کي سياستدان بدران شاعر بڻايو، اها ساڳي تنهائي جلندڙ سگريٽ جي ساٿ ۾ هن سان هميشه گڏ رهي.
هو پنهنجي درد کي عشق ۾ لڪائڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، هو ڄاڻي واڻي پاڻ کي رنگين مزاجيءَ ۾ ٻوڙڻ ٿو چاهي، پر هر ڀيري هن جو درد صبح جي سج وانگر نڪري ٿو اچي. هو چپ ڪري ٻئي جي ڳالهه ٻڌڻ وارو ماڻهو هيو ۽ ٻڌڻ وارا ئي سکندا آهن.
ڏسو ته سهي، هو ڇا ٿو چوي، ڇا ڇا ٿو چوي:
”هجومن ۽ هشامن، هيڪلائيءَ کي جڏهن جنميو
ڏٺو مون روح پنهنجي کي، انڌاري غار وانگي هو
مڇيءَ جي اک مان ويٺي، ڏٺو مون هر ڏهاڙي کي
لڙاٽيل وقت ۾ لمحو، لڳل ڪنهن ڄار وانگي هو.“
ها هو ازلي عشق جي تلاش ۾ هو، پنهنجي اندر جي ڳولا ۾ هو يا پنهنجي درد کي معنيٰ جو لباس پهرائڻ لاءِ پنڌ ۾ هو. هو پنهنجي شاعريءَ ۾ آخر ڪنهن سان مخاطب آهي، اهو ڪير آهي؟
”جيڪو جوڙي ٿو
سوئي ٽوڙي ٿو
بي حد بيٺو آ
ڪيڏو ڊوڙي ٿو.“
هن جي حياتيءَ جو سفر اها بيٺل ڊوڙ هئي جنهن ۾ هو مشائخ هوٿي کان نڪتو ۽ اتي ئي وري واپس پهتو.
هو موت سان به مخاطب ٿئي ٿو ۽ ان کي پنهنجو دلدار به ڪوٺي ٿو.
”شاملِ حال ڪو ته هوندو هو
منهنجو دلدار موت هوندو هو.“
جيئن هو چوندو هيو ”سمنڊ ٿو مون کي سڏي، مان هليو ويندس هتان“ اهو انڪشاف هو پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪندو رهيو ته ماڻهو جو مسئلو زندگيءَ کان وڌيڪ موت آهي!
درد ۽ موت کانپوءِ هن جي شاعري هاڻي حسن درس جي سڀ کان پهرين ۽ آخري سڃاڻپ بڻبي، هن قدآور شاعرن جي قطار مان نڪري ڪيئن پاڻ کي پري کان پسايو، ڪيئن پنهنجي ڌار رستي ۽ ڌار گهٽيءَ جي چونڊ ڪئي:
”ائين ماڻهو بدلجي ملڪ ۽ هڪ قوم ٿي ٿو پئي
وطن تان جان وئي واري، وري سا خود وطن ٿي وئي.“
هو مسلسل پاڻ کان سوال پڇندو ٿو رهي، اها تلاش ڪنهن جي آهي؟ هو ڪنهن کي پيو ڳولهي، پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪنهن کي پيو ڦولهي. شاعريءَ ۾ هو غزل جو شاعر نه هيو، هن جي لفظن جو معراج نثري نظم ۾ آهي ۽ نظم ۾ موجود موسيقيت، منظر ڪشي ۽ خيالن جي اڏام ڏاڍي اتساهيندڙ آهي.حسن جيڪو ”پنهنجي ڦاٽل جهولي“ ٿيڻ لاءِ پريشان آهي، ان جو نظم ”اڄ به منهنجي عاشقي ڄڻ آڳ آهي“ سندس خيالن جي خوبصورتيءَ ۽ وطن سان پيار جو عملي اظهار آهي.
”هن ديس جي هر هڪ گهٽي
منهنجي رڳن ۾ ٿي لهي
هن ديس جي هر ڪا دري
منهنجي اندر ۾ ٿي کلي!“
هو رومانس جو راڻو هيو ته پوءِ ڀلا سندس شاعريءَ ۾ موجود رومانس واري رنگ جو ذڪر ڇو نه ڪجي.
”آبشارن جا بدن بيهن نٿا
عورتون اوچائيءَ تان ڪيئن ٿيون ڪرن؟
وقت جا هٿ پيا پهاڙن کي گهڙن.“
هن وٽ سونهن جي تشريح ڪهڙي هئي؟ اهو بنيادي سوال آهي. هو عورت جي سونهن کان گهڻو مٿي، سموري حسناڪيءَ جو آغاز، فطرت جي سونهن ۽ پنهنجي وطن جي سونهن سان ڪري ٿو:
”ذڪر ڪرڻ جهڙي ڌرتي
خدا جي تصور جيتري پراڻي
عورت جي پيٽ جيان لسي.
مفاصلو ريشمي ڪپڙي وانگي
ويڙهي سگهجي ٿو
۽ ڌرتيءَ کي پوڙهي ماءُ جي هٿن جيان
ڇهي سگهجي ٿو.“
هو پنهنجي محبوبا جي تصوير به ته پنهنجي شاعري ۾ ڏيکاري رهيو آهي، ڇا ڪڏهن ڪنهن شاعر اڳ اهڙي دلڪش تصوير ٺاهي هوندي:
”اس جهڙو رنگ تنهنجو
مان ٻکيان ٻانهون مگر
اڀ وانگي ٿو اٿي
اوچتو هر انگ تنهنجو.“
هن جي شاعريءَ ۾ شهري ۽ ٻهراڙيءَ جي زندگيءَ جي وڇوٽين جو ذڪر واضح نظر اچي ٿو، هو پنهنجو ڳوٺ مشائخ هوٿيءَ کي محبوب ڳوٺ ڪوٺيندو هو، شهرن جي رولاڪيءَ کانپوءِ هن لاءِ اهو ڳوٺ ماءُ جي هنج جهڙي پناهه وانگر هو، رستي ۾ هو ٽنڊي آدم سان به پيار جي پاند ۾ ٽانڪبو ويندو هو. شهري سماج ۾ رهڻ باوجود هو ڳوٺاڻي ماحول لاءِ ماندو هوندو هو:
”هو لکي ٿو لفظ
ڪيڏي خار ٿي هن کي اچي!
هو الائي ڇا ته ٿو چاهي؟
سدائين ڳوٺ ٿو ڪاهي.“
يا وري هي سٽون:
”مشائخ شاخ مان وهندڙ
سڄو پاڻي لکي وٺجان.“
حسن درس، منافقيءَ کان سخت ڪرڀ کائيندو هيو، جنهن جو تفصيل سان ذڪر هن پنهنجي نظم ”جهرڪين کي خوار خراب نه ڪريو“ ۾ ڪيو آهي. هو انهن ليکڪن جي عجيب حرڪتن تي چڙکائي ٿو، جيڪي ”پبلشر جي پڇ ۾ هٿ وجهيو پيا ڊوڙن.“ ان نظم ۾ ڇا ته خوبصورت سٽون آهن:
”جهرڪين کي خوار خراب نه ڪريو!
پيار جون پرچيون ٺاهي
ڪڻا نه ڪڍو!
ديس جو نالو وٺي داڦڻ بند ڪريو
وطن لاءِ ويڙهه ۾ ڦوڪڻا ڦاڙڻ ڇڏيو!
نيم حڪيم نادانو!
توهان جا تجويز ڪيل نسخا
مريضن کي مارين پيا!!“
هو جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي سيني ۾ دل وانگر سدائين ڌڙڪندو رهندو، ان جو نظم ”اگهاڙيون ڪهاڻيون“ ڄڻ ته اجنتا جي غفائن جي شاعراڻي تصوير ڪشي آهي، ڇا اڳ ڪنهن جبلن کي ”اونڌين ليٽيل اگهاڙين عورتن“ جهڙي تشبيهه ڏني آهي؟ ”پنرجنم“ هميشه کان بحث طلب موضوع پئي رهيو آهي، حسن پنهنجي نظم ”لڳي ٿو لوڪ موسيقي“ ۾ ان ڏانهن اشارو ڪري ٿو، تڏهن مان سوچيان ٿو ته ڇا ”پنرجنم“ جو موضوع اسان لاءِ اهم آهي يا ان کي رد ڪري ڇڏجي، سوچجي يا نه سوچجي.
”وڃان ٿو ڌنڌ ۾ ڌوڪي
هميشه ۾ هران آئون!
ڏيان اوڌر حياتيءَ کي
۽ گيتن کان گهران آئون!
اچڻ ۾ مان وڃان پٺتي
۽ موٽڻ مان اچان آئون!“
فطرت سان هن کي ورڊس ورٿ کان وڌيڪ پيار هيو، جيڪر هي سٽون انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪجن ته هوند منهنجي ڳالهه جي تصديق ٿي وڃي ٿي:
”ڍنڍ هن کي ماءُ وانگي آ مٺي
واءُ هن کي ڀاءُ وانگي ٿو لڳي.“
روشن خياليءَ لاءِ ڪشاده دلي گهرجي ٿي ۽ هڪ شاعر جي روشن خيالي ان جي شعرن مان ڏسي سگهجي ٿي، حسن درس سنڌ ۾ ڪاري ڪري ماريل ڇوڪريءَ جي باري ۾ جيڪي ڪجهه لکيو آهي، اهو گهڻا رڳو سوچڻ جي سٽ به ساري نٿا سگهن:
”اها ڇوڪري جا اگهاڙي نه هئي
اسان کيس ويڙهي رکيو آ وطن!
مٽيءَ ۾ ته آهن، مئا پوربا
اسان کيس دل ۾ ڪيو آ دفن!“
حسن درس کي الائي ڇو ائين لڳي ٿو ته جدائيءَ ۾ ئي ڪٿي ميلاپ لڪيل آهي، تڏهن ته هن لکيو هو ”جداين، وصالن جي ڪيلاش وادي“ يا وري هي سٽون:
”وصل کي جو ويڙهي وڇوڙو وڇايئون
تڏهن ياد آيم ته هي به ملڻ آ.“
يا وري ”ڪتابن جون ڳالهيون“ نظم ۾ به ساڳي ڪيفيت بيان ڪري ٿو:
”ائين بس ملياسين جو وڇڙي وياسين
وڇڙي وڃي پوءِ وڻن ۾ ڦٽاسين
ڪتابن جون ڳالهيون ڪتابن ۾ آهن
مگر موسمون ته گلابن ۾ آهن
سوالن نه ساهي کڻڻ ڪا ڏني
جوانيون ته جملن جوابن ۾ آهن.“
هو ته پاڻ کي ”وصل جي وڻڪار“ ٿو ڪوٺي. جيڪر هن جي حياتيءَ کي سمجهڻو آهي ته ان ۾ ڪنهن حد تائين سندس نظم ”غالب ڇو ته ٿيان ٿو آئون“ مدد ڪري ٿو، پر پوين ڏينهن ۾ مون هن جي شخصيت ۾ ڪمال تبديلي ڏٺي، هو جيڪو رولاڪ ۽ غير ذميوار هجڻ جا طعنا سڄي حياتي برداشت ڪندو رهيو هو، ان کي مون هڪ ذميوار ماڻهو وانگر ڏٺو، جيڪو پنهنجي اولاد جي تعليم، سندن مستقبل جي باري ۾ فڪرمند رهندو هو، هڪ ذميوار مڙس ۽ پيءُ وانگر هو جستجو ۾ هيو ته زال ۽ اولاد لاءِ ۽ ٻين گهر ڀاتين لاءِ ڪجهه ڪجي، ان دوران هن جيڪي دوکا ڏٺا، جيڪي فريب ۽ ڪوڙا واعدا برداشت ڪيا، تن هن کي ڪجهه ڪرڻ جي جستجو ۾ وڌيڪ سگهه ڏني.
حسن درس، مزاج ۾ روحاني رمز رکندڙ ضرور هيو پر هن جي اها سوچ به ڀٽائي ۽ سچل سرمست جي تسلسل ۾ هئي، سندس ان سوچ کي سمجهڻ لاءِ نظم ”ڪجهه به نه، ڪجهه به نه“ ضرور پڙهڻ گهرجي. هاڻي جڏهن هو جسماني طور اسان وٽ نه آهي، تڏهن سندس ڳالهيون وڌيڪ واضح ٿينديون پيون وڃن.
”پنهنجي ته سڄي طاقت
دل ۾ ئي دفن آهي
جيئري به مئل ماڻهو
ڪپڙو به ڪفن آهي.“
يا وري هي سٽون:
”زندگي جي ساز تي
موت جي ڳنڀير ڌن
سڀ سڻندا ٿا رهن.“
هو موت کي محبوبا سان ملائي ٿو ڇڏي ۽ مان سوچڻ لڳان ٿو ته جوانيءَ ۾ هن کي موت ايترو ڇو ياد اچي رهيو هو، ها پر 16 جون جي ان رات مون کي منهنجي سوال جو جواب ڏئي ڇڏيو:
”تون زندگي جهڙي
مون کي ويجهڙي آهين
۽ مون تي
موت جيان ڇانيل آهين.“
زندگي، مرضيءَ سان گذارڻ ۽ ان لاءِ پسند جو رستو چونڊڻ جو مشورو داغستاني شاعر رسول حمزا توف به ڏنو هيو ته حسن به ائين ئي چوي ٿو:
”اسان جو عشق هي آخر
غلاميءَ کي ٿڏي وجهندو
اسان کي چونڊ آ ڪرڻي ته،
پنهنجو پيار ڪيئن هوندو؟“
”حسن جو رسالو“ پهريون ڀيرو پڙهڻ دوران مون امالڪ هي سٽون لکيون هيون ته ”مون غزل، گيت ۾ هِت، هُت پئي“ ڳولهيو، مون کي حسن درس نثري نظمن ۾ مليو.“ پڪ ڪرڻ چاهيو ٿا ته هي سٽون پڙهو:
”محبت تنهائيءَ جي ميز تي
ميڻ بتيءَ جيان ٻري ٿي.“
”هتي شور ڇا جو آ ٿيو
تون ئي ته پئي، مون ۾ چڀين“
”نامراد دنيا جي
هن ڪٺور رڻ پٽ مان
عشق ئي بچي نڪتو.“
جيستائين حياتي آهي. سنڌ جي هن حَسين انسان ۽ سهڻي شاعر تي پيو لکبو. آخر ۾ حسن جي لفظن سان گڏ موڪلاڻي:
”ڪميتن تي چڙهي ايندڙ
سوارن جون سچيون ڳالهيون
مٺا ماڻهو، مري ويندڙ
وڃي تن جون بچيون ڳالهيون.“
ليکڪ روزاني عبرت جو ميگيزين ايڊيٽر آهي.
”سنڌ جنرل جي ٿورن سان“