Sunday 29 April 2018

سنڌ سان پيار ڪندڙ شاعر تاجل بيوس



تاجل بيوس: سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر، اديب، ۽ نقاد،
 تاجل بيوس جو اصل نالو تاج محمد ولد محمد جعفر سمو هو. هي 22 سيپٽمبر 1938ع تي ڳوٺ درگاهه پير حيات شاهه، تعلقي سوڀي ديري، ضلعي خيرپورميرس ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم نورپور ۽ ڀونڀٽ پور اسڪولن مان حاصل ڪيائين، جڏهن ته ثانوي تعليم گنبٽ هاءِ اسڪول مان ۽ گرئجوئيشن سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ڪيائين. بعد ۾، ايم. اي (اقتصاديات)، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪرڻ کان پوءِجپان، ٿائيلئنڊ ۽ آمريڪا مان مختلف ڪورس ڪري آيو. تاجل بيوس 1960ع ۾انگريزي استاد طور ملازمت جي شروعات ڪئي، بعد ۾ سنڌ حڪومت جي ڪيترن ئي ادارن/ڪمپنين ۾ انويسٽيگيٽر، ريسرچ آفيسر، اسسٽنٽ چيف، ڊپٽي چيف، چيف ۽ رجسٽرار جي عهدن تي خدمتون سرانجام ڏنائين. مرڪزيحڪومت ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري رهيو. ڪارپوريٽ لا اٿارٽيءَ ۾ رجسٽرار آف ڪمپنيز جي عهدي تان رٽائر ڪيائين. ان بعد شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ڪجهه عرصي لاءِ وائيس چانسلر جو صلاحڪار پڻ رهيو. تاجل بيوسڪجهه عرصو سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر به رهي چڪو آهي. تاجل بيوس شاعريءَ سان گڏوگڏ ڪهاڻيون، ڪالم ۽ مضمون به لکيا. سندس هفتيوار ڪالم ”عوامي آواز“ سميت مختلف سنڌي اخبارن ۾ ڇپجندا رهيا. شاعري (سنڌي/ اردو)، سفرنامن، آتم ڪٿا ۽ مختلف موضوعن تي سندس 44 ڪتاب لکيل آهن، جن مان ڪجهه اهم ڇپيل ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا: 
(1) ”جڏهن ڀونءَ بڻي“ (شاعري: 1982ع)،
 
(2) ”انبن جهليو ٻُور“ (شاعري: 1983ع)،
 
(3) ”سرجيندڙ ساڻيهه جا“ (شاعري:1985ع)،
 
(4)”سنڌ منهنجي امان“ (شاعري:1989ع)،
 
(5) ”ڪاڇي مٿان ڪونج“ (نثري نظم:1990)،
 
(6) ”ڪنڌيءَ ڪنئور ترن“ (شاعري:1991ع)،
 
(7) ”ڏور
 به اوڏا سپرين“ (ڀارت جو سفرنامو:1992ع)، 
(8) ”ڪنڌيءَ
 اڪ ڦلاريا“ (شاعريءَ: 1992ع)، 
(9) ”ڏوريان ڏوريان مَ لهان“ (9 شعري مجموعا گڏ)،
 
(10)
 تنهنجا نيڻ غزل (هڪ سئو غزل:1996ع)، 
(11) ”آريجن کان الهاس نگر“ (هند- سنڌ جي اديبن جا
 خط 
(12) ”چپ
 انجيل جي حاشين جهڙا“ (هڪ سئو غزل: 2003ع)، 
(13) ”تاجل جو رسالو“ (شاعري 2006ع)،
 
(14) ”انداز بيان
 اور“ (اردو شاعري)، 
(15) ”گلابون ڪي موسم“ (اردو
 شاعري). 
تاجل بيوس جي مشهور ڪلام ”سنڌ منهنجي امان، سُونهن تنهنجي مٿان، ڇا لکِي، ڇا لِکان“ سنڌ توڙي هند ۾ وڏي مقبوليت
 حاصل ڪئي. هند ۾ ان کي ڊاڪٽر موتي پرڪاش جي تراني ”آنڌيءَ ۾ جوت جلائڻ وارا سنڌي“ وانگر اهميت حاصلآهي. تاجل بيوس کي هند ۽ سنڌ ۾ ڪيترا مڃتا اوارڊ مليا. سنڌ جي هن نامياري شاعر، دماغي نس ڦاٽڻ (برين هيمريج) سبب 13 ڊسمبر 2008ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه چوڪنڊي قبرستان، ڪراچيءَ ۾ آهي.
سنڌ سان پيار ڪندڙ شاعر تاجل بيوس
امتياز چانڊيو
هو سدائين 63 ورهين جي ڄمار کان خوف کائيندو هو. ”يار 63 سال ڏاڍا ڏکيا هوندا آهن، لطيف سائين به 63 سالن ۾ هن دنيا مان ويو، اڪثر وڏا ڏات ڌڻي ان ڄمار ۾ هليا ويا، خدا منهنجو به خير ڪري“ تاجل جڏهن ويجهن دوستن سان ملندو هو، تڏهن اهو ذڪر ڪندو رهندو هو، پر هو عمر جي اها حد خيرن سان پار ڪري ويو. خيرپور جي ڪچي ۾ ڳوٺ پير حيات شاهه ۾ تاج محمد سمون 22 سيپٽمبر 1938ع ۾ جنم ورتو. جيتوڻيڪ سندس والد مرحوم محمد جعفر نه ڪو امير هو، نه وري ڪو سرندي وارو، پر ان باوجود هن پنهنجي پٽ کي سٺي تعليم ڏياري. تاجل بيوس ايم اي ته معاشيات ۾ ڪئي، پر هن جي اندر ۾ ننڍپڻ کان وٺي هڪ ڏات ڌڻي لڪل هو، جيڪو گيت تخليق ڪندو رهندو هو. اهو ئي سبب هو جو تاج محمد ادب جي دنيا ۾ تاجل بيوس ٿيڻ کي پسند ڪيو. تاجل بيوس رڳو سنڌ جي ٿر، بر، ڪاڇي، ڪوهستان ۽ ڪچي ۾ رهندڙن جي درد کي ئي نه ڏٺو، پر هو جڏهن 70ع واري ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ ۾ لڏي آيو ته هن ڪراچي جي ڀوائتي صورتحال تي به قلم کي وهايو.
ڪراچي کي ڪير؟ واڳن جيئن ويڙهي ويا
وجهي وات وڻن ۾، چمڙن جيئن چوڦير
گهاتو، پڄو گهير، ٿيا سڏ ساڻيهه جا
پنهنجي ديس جي هر واهڻ ۽ وستيءَ کي ڏسڻ جو شوق رکندڙ تاجل بيوس جڏهن ٿر ۾ ويو ته ٿر جون ڀٽون، چوئنرا، ڏڪاريل ڏيهه جي ماڻهن جو درد ۽ پنهنجي مٽيءَ سان محبت هن کي اهو به لکڻ تي مجبور ڪيو ته:
جتي ليار پيرون پٽن تي پچن ٿا
اتان منهنجا مارو، ميارون مڪن ٿا
46 ڪتابن جي خالق (31 ڇپيل) تاجل بيوس ڪيتريون ئي نوڪريون به ڪيون. هن 1998ع ڌاري سيڪيورٽيز اينڊ ڪميشن آف پاڪستان جي 20 گريڊ واري چيف رجسٽرار واري نوڪري تان رٽائرمينٽ حاصل ڪئي. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جو هڪ سال تائين صلاحڪار پڻ رهيو. معيشت جي ماهر هجڻ ڪري تاجل بيوس هڪ اسٽاڪ ڪميشن جو چيف ايگزيڪيوٽو به رهي چڪو، پر ان باوجود هن سنڌي ادب، خاص ڪري شاعري ڪرڻ، ڪتاب ڇپرائڻ، پروگرامن ۾ وڃڻ واري ڪرت جاري رکي. تاجل بيوس جي 46 ڪتابن مان 31 ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. هڪ ڪتاب ڇپائي هيٺ ۽ 14 ڪتاب به ڇپائي لاءِ تيار پيل آهن.
ادبي کيتر ۾ تاجل بيوس سڀ کان وڌيڪ ڪم وائي ۽ ڪافي واري صنف تي ڪيو. پنهنجي شاعري ۾ نج سنڌي لفظ استعمال ڪندو هو ۽ سندس ڳالهائڻ جو لهجو به ڪچي واري علائقي جو هو. ناليواري شاعر آڪاش انصاري ٻڌايو ته، تاجل بيوس بدين جي ساحلي پٽيءَ ۾ موجود تاريخي نريڙي ڍنڍ جي گهمڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي، پر کيس اها ڍنڍ گهمڻ جو وري موقعو نه ملي سگهيو.
تاجل بيوس سنڌي ادب سان گڏ اردو ادب تي به ڪم ڪيو. تاجل بيوس رڳو سنڌ نه پر هند ۾ رهندڙ سنڌي ڪميونٽي ۽ اديبن ۾ چڱي سڃاڻپ رکندڙ هو، جنهن ڪري هندستان جي سنڌي اديبن کيس ڪيترن ئي اهم ايوارڊن سان پڻ نوازيو. کيس 1996ع ۾ نارائڻ شيام گولڊ ميڊل مليو. سنڌي ادبي سڀا پاران کيس فرسٽ ڪلاس ايوارڊ، پروفيسر رام پنجواڻي گولڊ ميڊل کانسواءِ 29 سيپٽمبر 2001ع ۾ کيس ڀارت ۾ مارئي ايوارڊ دهلي پڻ ڏنو ويو. تاجل بيوس لڳ ڀڳ 12 اهم ايوارڊ، گولڊ ميڊل حاصل ڪيا. ايتري قدر جو کيس سهيوگ فائونڊيشن ممبئي وارن 1999ع ٻيو ڀيرو نارائڻ شيام ايوارڊ ڏنو. اهي سڀ ايوارڊ تاجل بيوس کي پنهنجي حياتي ۾ صرف ۽ صرف سنڌي ادب ۾ بهترين ڪم ڪرڻ عيوض مليا. هو هڪ مهينو اڳ ٿر ديس کي پنهنجي اکين سان پسي آيو هو، هن پنهنجي لکيل وائي ۾ ٿر جي ٿوهرن جو به ذڪر ڪيو.
ٿڪجي پيا ٿوهر
رهڙون ڏيندي روح کي
وسندا مينهن ملير تي
هن ڀيري هر هر
ٿڪجي پيا ٿوهر

رهڙون ڏيندي روح کي....!
هن هڪ وائي ۾ انهن رولاڪ گيڙو ويس ڪندڙ جوڳين کي به ياد ڪيو، جيڪي سندس جوءِ مان لڏي ويا.
نٿو نبري نينهن
جوڳي منهنجا جوءِ مٽي ويا
ويا اهڙي ملڪ،
جتي رات نه ڏينهن
جوڳي منهنجا جوءِ مٽي ويا.
تترن جون ٻوليون، بانسري جي دل موهيندڙ آواز، عورت جي مظلومي، غلامي، ارتقا، انتظار، ڪارونجهر جي ڪور کان وٺي هن هر موضوع تي گيت، وايون، چوسٽا، ٽه سٽا، نثري نظم، طويل نظم سميت شاعري جي هر صنف ۾ شاعري ڪئي.
تاجل بيوس پنهنجي تخليق ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو پوئلڳ رهيو. اهو سبب هو، جو تاجل بيوس آخري ايامن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جيان پنهنجو ”تاجل جو رسالو“ پڻ لکي مارڪيٽ ۾ آندو. تنقيد ته هر اديب تي ٿيندي رهندي آهي ۽ تاجل بيوس به ان تنقيد جو ٿورو گهڻو ضرور نشانو بڻيو، پر هن ۾ اها مايوسي نه هئي، جيڪا اڪثر ڪري تخليقڪارن کي مايوس ڪري ڇڏيندي آهي.
ڪراچي ۾ زندگي جو وڏو عرصو گذاريندڙ تاجل بيوس ”تاجل جو رسالو“ پنهنجي پيءُ، ماءُ ۽ ان گهر واريءَ نالي ڪيو، جنهن کي هو مٺڻ سڏيندو هو. 4 ڊسمبر تي فالج جي حملي تاجل بيوس کي ڪوما ۾ اماڻي بيوس ڪري ڇڏيو. ڪالهه صبح جو جڏهن تاجل بيوس کي موت پنهنجي هنج ۾ وٺي ڇڏيو، تڏهن سڄي سنڌ سندس جدائي تي ڏکاري بڻجي پئي. جنهن وقت تاجل بيوس جي جنازي کي گهر کان ٻاهر آندو پئي ويو، تڏهن سندس گهر واري ۽ اولاد دانهون ڪندي ڏولي سان چنبڙي پيا. سندس آخري ديدار ڪري جنازي کي ڪلهي ڏيڻ وقت سندس اهي سٽون ذهن ۾ تري آيون، جنهن ۾ تاجل سنڌ کي ڀيٽا ڏيندي لکيو هو:
سنڌ منهنجي امان سونهن تنهنجي مٿان
ڇا لکي ڇا لکان،
هڪ قلم هڪڙو مان ، ڇا لکي ڇا لکان.
تاجل بيوس چوڪنڊيءَ جي ان تاريخي قبرستان ۾ آرامي ٿيو، جنهن ۾ دفن ڪرڻ جي به هن پاڻ وصيت ڪئي هئي. تاجل جي جنازي ۾ صرف اهي سندس ذاتي دوست هئا، جيڪي جيئري به ساڻس گڏ هئا ۽ آخري ڏينهن ۾ به سندس ڪلهي ڪانڌي ٿيا.
(سنڌ سلامت جي ٿورن سان)
تون ملندو رهندين خوابن ۾، ڪو ڪيئن ٿو چوي، ڪو ڪيئن ٿو چوي.
ڪڏهن ننڊ ڪڏهن اوجاڳن ۾، ڪو ڪيئن ٿو چوي، ڪو ڪيئن ٿو چوي.
تون ته ورڻو هئين وسڪارن ۾، ڇو نه موٽئين ميگھه ملهارن ۾،
اک ڦرندي رهي ڦولارن ۾، دل سڙندي رهي سيلابن ۾.
ڏني ڪانگ نه ٽپڪي ٽارين تي، ڪيا وار ورھ ويچارين تي،
توکي ڏسبو روز ديوارن تي، يا ته پڙهبو ڪڏهن ڪتابن ۾.
اچ اکين وسي سيلاب ڪيا، اچ ڪڻڪن ۾ هن لاب پيا،
اڄ تائين نه پورا خواب ٿيا، ڪيسين رهندين يار حجابن ۾.
ڪڏهن بيوس تنهنجا زخم اگھيا، ڪڏهن ڌرتي تنهنجا پار پڇيا،
اڄ پٿر به تنهنجا ڪين ٿيا، ڪڏهن ترندو هئين تون گلابن ۾.
تاجل بيوس