Monday 16 April 2018

شيخ اياز ؛ زندگي ۽ شاعري


شروعاتي زندگي
شيخ اياز 2 مارچ 1923ع تي شڪارپور شهر ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو شيخ غلام حسين هو. سندس ڇٺيءَ جو نالو مبارڪ علي رکيو ويو پر هي اڳتي هلي شيخ اياز جي نالي سان ادبي دنيا ۾ مشهور ٿيو. والد پاران کيس 3 مارچ 1928ع تي پنجن سالن جي ڄمار ۾ پاڙي جي هڪ اسڪول نمبر 3 ۾ داخل ڪرايو ويو. هن اسڪول ۾ ڪجهه عرصي تائين پڙهڻ بعد ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخل ٿيو جتان 31 مارچ 1934ع تي چار درجا پاس ڪري نيو هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ داخل ٿيو. 31 مارچ 1939ع تي پنج درجا انگريزي ۾ پاس ڪري 11 اپريل 1939ع تي گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ داخل ٿيو ۽ اپريل 1941ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان ميٽرڪ پاس ڪيائين. 1943ع ۾ سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور مان انٽر ۽ 1945ع ۾ ڊي جي ڪاليج ڪراچي مان بي اي ڪيائين.
48-1947ع ۾ ايل ايل بي ڪيائين. پهريائين هاءِ ڪورٽ ۾ عبدالحئي قريشي ۽ جمال صديقي سان ۽ بعد ۾ خالد اسحاق ۽ عبدالقادر شيخ سان وڪالت ڪئي. ان کانپوءِ سکر ۾ پريڪٽس ڪرڻ لڳو. اياز هڪ ذهين نوجوان ٿي اڀريو. سندس اسڪول ۾ انقلابي خيال اسريا. سندس ويهن سالن جي ڄمار ۾ اشتراڪيت مطالعي جو خاص موضوع رهي. اسڪول ۾ استاد کيئلداس فاني سندس سوچ ۽ شاعراڻي فن کي اوج ڏنو. هن شاعري جي شروعات ننڍپڻ کان ئي ڪئي. هن جو پهريون غزل شڪارپور مان شايع ٿيندڙ ماهوار رسالي ”سدرشن“ جي جنوري فيبروري 1938 واري شماري ۾ شايع ٿيو. سندس تخليق جو عنوان ”مرد خدا“ هو.
اياز هڪ وڪيل جي حيثيت سان زندگيءَ جي ڪارزار ۾ گهڙيو. وڪالت سان گڏ سندس شاعريءَ جو دور به ڏينهون ڏينهن سنڌ ۾ نمايان نظر اچڻ لڳو. ٽه ماهي مهراڻ 1955ع ۾ سندس ٽيهارو کن بيت شايع ڪري هڪ شاعر کي اثرائتو بڻايو ۽ هو شاعر جي حيثيت ۾ ايترو اڀري آيو جو مڃجي ويو ۽ رجعت پسند ڌرين کي صدمو رسيو. اياز ”ڀونر ڀري آڪاس“ جي ڇپجڻ سان هڪ وڏي شاعر واري مڃتا حاصل ڪئي. 1965ع ڌاري ڌرتي جي حقن جي حاصلات واري جاکوڙ جي ڏوهه ۾ کيس خطرناڪ قرار ڏئي گرفتار ڪيو ويو ۽ سکر جيل ۾ رکيو ويو. 1968ع ۾ ساهيوال جيل ۾ رکيو ويو ۽ ايوب جي حڪومت ختم ٿيڻ تائين قيد ۾ رهيو. 1970ع ۾ هي شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ ۾ شامل ٿيو. شيخ مجيب جي گرفتاري ۽ بنگلاديش ٺهڻ تائين اياز کي جيل ۾ رکيو ويو.
اياز جي پهرين شادي بيگم زرينا سان ٿي. جنهن مان کيس ٻه پٽ انيس ۽ سليم ۽ 3 ڌيئرون ياسمين، نگهت ۽ روحي ڄايون. هن ٻي شادي بيگم اقبال سان ڪئي، جنهن مان کيس 3 ٻار مونس، سرمد ۽ وينگس ڄايا. 1965ع ڌاري وراثت ۽ ٻين ڳالهين ڪري اياز ۽ بيگم اقبال ۾ جدائي ٿي وئي. 1976ع ۾ اياز کي ذوالفقار ڀٽي جي حڪومت دوران سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو ۽ هن پنهنجو مدو چئن سالن تائين پورو ڪيو. 1962ع ۾ اياز جا شعري ڪتاب ڀونر ڀري آڪاس ۽ ڪلهي پاتم ڪينرو، 1963 ۾ خطن جو ڪتاب ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي 1963، 1964ع ۽ 1968 ۾ آمرن پاران ضبط ڪيا ويا.
1980ع ۾ وائيس چانسلري جو مدو مڪمل ڪرڻ بعد اياز سکر ويو. 1980ع ۾ سندس شعري مجموعو ”لڙيو سج لڪن“ ۾ ڇپيو جنهن ۾ سندس طبع تي مايوسي، قنوطيت ۽ موت ڏي توجهه نمايان آهي. هن جواني وارن ڏينهن ۾ سوشلزم ۽ ڪميونزم کي آجپي جو ذريعو ڄاتو پئي پر آخري عمر ۾ هن جي خيالن ۾ ڦيرو آيو ۽ هن دعائون چوڻ شروع ڪيون. ان جو اهو به سبب ٿي سگهي ٿو جو سوويت يونين قائم نه رهڻ ڪري هيڏي وڏي تبديليءَ اياز جي سوچ تي اثر وڌو. اياز زندگي جو گهڻو عرصو سکر ۾ رهيو. آخري ڪجهه سال ڪراچي پرنس ڪامپليڪس ۾ رهيو. دل جي بيماري ۽ ٻين عارضن سان جنگ ڪندو رهيو. هي علاج لاءِ لنڊن به ويو، پر اتان موٽڻ بعد به مڪمل طور صحتياب نه ٿيو. 28 ڊسمبر 1997ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيائين ۽ 29 ڊسمبر تي کيس ڀٽ شاهه تي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
 اياز سنڌ جي جديد شاعري جو باني آهي. هي بيت، دوها، وايون، گيت، نظم، آزاد نظم، هائيڪا ڏيڊ سٽا، ڪهاڻين سميت نثر جا بيمثال نمونا ڇڏي ويو آهي. انهن جو ادبي ۡڪٿ اياز جي جي وڃڻ بعد ساڻس پيار ڪرڻ وارن لاءِ وڏي آٿت آهي. اياز کي سندس لکڻين تي ڪيترائي ايوارڊ ڏنا ويا آهن.
جديد سنڌ، ويهين صديءَ ۾ سنڌي شاعريءَ جي ميدان ۾ جيڪي وڏا شاعر پيدا ڪيا، تن ۾ شيخ اياز جو نالو سڀني کان مٿانهون آهي. اياز، سنڌي شاعريءَ جي ماضيءَ جو تسلسل، حال جو ترجمان ۽ مستقبل جو رهبر شاعر آهي، هن سنڌي شاعريءَ جي بيٺل تلاءَ ۾ تحرڪ پيدا ڪري، ان ۾ زندگي، جدت ۽ ندرت پيدا ڪئي.
سنڌ جي هن وڏي شاعر جو اصل نالو شيخ مبارڪ علي هو، پر شعر ۽ ادب جي دنيا ۾ هو ’اياز‘ جي نالي سان مقبول ٿيو. هن 2 مارچ 1923ع تي سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور ۾ جنم ورتو، سندس والد جو نالو شيخ غلام حسين ۽ ڏاڏي جو نالو شيخ عبدالحڪيم عرف بنگل شيخ هو، جيڪو شهر جي معزز ماڻهن ۾ شمار ٿيندو هو ۽ سندن پاڙو بنگل پاڙو، سڏبو هو. شيخ اياز جو خاندان بکراڻي آهي. شيخ اياز ثانوي تعليم تائين شڪارپور ۾ پڙهيو. انٽرميڊئيٽ پڻ شڪارپور جي سي ائنڊ ايس ڪاليج مان 1942ع ۾ ڪيائين. 1944ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ بي. اي جو امتحان پاس ڪري 1945ع ۾ ايل. ايل. بي ۾ داخلا ورتائين. ڪاليج جي تعليم دؤران ڪاليج مئگزين جو ايڊيٽر به رهيو. هن ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي رهبريءَ ۾ پي.ايڇ. ڊي ڪرڻ چاهي، پر ڊاڪٽر صاحب جي ديهانت سبب مڪمل نه ڪري سگهيو. 1950ع ۾ ايل. ايل. بي کان پوءِ وڪالت شروع ڪيائين ۽ سنڌ جي نامور وڪيلن ۾ شمار ٿيو. شيخ اياز سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي بانيڪارن مان هو، هن 1945ع ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رهبريءَ ۾ هلندڙ ’سنڌي سرڪل‘ جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪئي ۽ جڏهن گوبند مالهيءَ اپريل 1946ع ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو بنياد وڌو ته شيخ اياز ۽ بِهاري لال ڇاٻڙيا سنگت جا پهريان جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيا ويا. شيخ اياز شڪارپور ضلعي ۾ به سنگت کي منظم ڪيو، ان کان سواءِ’ انجمن ترقي پسند مصنفين‘ سان به وابسته رهيو. ورهاڱي کان پوءِ ’پاڪستان رائٽرز گلڊ‘ ۽ سائين جي. ايم. سيد جي قائم ڪيل ’بزم صوفياءِ سنڌ‘ سان به گهري لاڳاپي ۾ رهيو.
شيخ اياز ٻاراڻي وهيءَ ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي ۽ سندس پهريون نظم يارهن سالن جي عمر ۾ ڇپيو هو. شيخ اياز شاعريءَ سان گڏ ڪهاڻيون به لکيون، سندس ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب ’سفيد وحشي‘1946ع ۾ ڇپيو.
ورهاڱي جي تاريخي سانحي ۾ شيخ اياز جا اڪثر دوست نارائڻ شيام، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، اي.جي. اتم، بهاري لال ڇاٻڙيا، موتي رام رامواڻي، ايڊووڪيٽ امر لال پنجواڻي، ڊاڪٽر ارجن شاد ۽ ٻيا ڀارت هليا ويا ۽ ورهاڱي جي هن ڪاري وار شيخ اياز جي ذهن تي وڏو اثر وڌو. سنڌي اديبن جو وڏو حصو ڀارت هليو وڃڻ سبب شيخ اياز اردو اديبن جي صحبت ۽ محفلن ۾ وڃڻ شروع ڪيو. سندس اردو شاعريءَ جو اڳيئي وسيع مطالعو هو، ان ڪري هن اردوءَ ۾ شاعري شروع ڪئي، جنهن اردو شاعرن وٽ وڏو مقام حاصل ڪيو. سندس اردو شاعريءَ جو پهريون مجموعو ”بوءِ گل نالئه دل“، 1954ع ۾ ئي پروفيسر آفاق صديقيءَ جي پيش لفظ سان ڇپجي پڌرو ٿيو. 1954ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي نئين سر تشڪيل ٿي ۽ محمد ابراهيم جويي جهڙو سڄاڻ اديب ۽ نقاد سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ۽ بورڊ پاران نڪرندڙ رسالي ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر ٿيو. جويي صاحب، شيخ اياز جي ڏات کي پرکيندي، کيس مشورو ڏنو ته هو اردو شاعريءَ بدران سنڌي شاعريءَ کي جاري رکي، ڇو ته هو پنهنجي ڏات کي منطقي نتيجي تي صرف سنڌيءَ ۾ ئي پهچائي سگهي ٿو. ’مهراڻ‘ جي 1955ع جي پهرئين پرچي ۾ جويي صاحب ’اسان جي شاعر جا خط‘ عنوان هيٺ شيخ اياز جا ڏانهس لکيل خط ۽ اياز جي بيتن واري شاعري شايع ڪئي، ۽ ائين اياز، اداسيءَ ۽ مايوسيءَ جي ماحول مان ٻاهر نڪري آيو. ان بعد اياز جي ڏات جي ڪرشمي نه رڳو سنڌ، پر دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو ۽ هو وقت جو وڏي ۾ وڏو شاعر ٿي اڀريو. هن جي شاعري ته باڪمال آهي، پر سندس نثر جو اسلوب ۽ ٻولي به اعليٰ درجي جي آهي. اياز جا زندگيءَ جي آخري پساهن تائين لڳاتار شاعريءَ ۽ نثر جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجندا رهيا، جن جو تفصيل هن ريت آهي:
(1). ڀَونر ڀِري آڪاس“ (شاعري: 1962ع)
(2). ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙين“ (خط ۽ نوٽ بوڪ جا ٽڪرا: ڊسمبر 1962ع)
(3). ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ (شاعري: 1963ع)
(4). ”اڪ جون ڦلڙيون، ڀيڄ ڀيني“ (نثري شاعري: 1965ع ايوبي مارشل لا ۾ هي ڪتاب ڇپجڻ جي باوجود منظر عام تي نه اچي سگهيو ۽ هي ڪتاب ٻيهر 2000ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو)،
(5). ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ (شاعري: 1970ع)
(6). ”وڄُون وسڻ آئيون“ (شاعري: 1973ع)
(7). ڪَپر ٿو ڪُن ڪري“ (شاعري: 1975ع)
(8). ”لڙيو سج لڪن ۾“ (شاعري: 1980ع)
(9). ”پتڻ ٿو پُور ڪري“ (شاعري: 1982ع)
(10). ”جڳ مڙوئي سپنو“ (آتم ڪٿائي يادون: 1985ع)،
(11). ”چنڊ چنبيليءَ ول“ (شاعري: 1985ع)
(12). ”پن ڇڻ پڄاڻان“ (شاعري: 1985)
(13). ”ٽڪرا ٽٽل صليب جا“ (شاعري: 1985ع)
(14). ”رڻ تي رم جهم“ (شاعري: 1986ع)
(15). ”ڀڳت سنگهه کي ڦاسي“ (سنگيت ناٽڪ: 1986ع)
(16). ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ (مئي: 1986ع)
(17). خط، انٽرويو، تقريرون“ (جلد پهريون: جولاءِ 1987ع)
(18). ”اڪن نيرا ڦليا“ (شاعري: 1988ع)
(19). ”ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون“ (يادون: فيبروري 1989ع)
(20). ”خط، انٽرويو، تقريرون“ (جلد ٻيو: اپريل 1991ع)
(21). ”هينئڙو ڏاڙهونءَ گل جيئن“ (شاعري: 1991ع)
(22). ”الوداعي گيت“ (شاعري: 1991ع)
(23). ”ننڊ وليون“ (شاعري: 1992ع)
(24). ”ڪَتين ڪرموڙيا جڏهن“ (ڀاڱو پهريون، شاعري: 1992ع)
(25). ”ڪَتين ڪرموڙيا جڏهن“ (ڀاڱو ٻيو: 1992ع)
(26). ”جر ڏيئا جهمڪن“ (شاعري: 1993ع)
(27). ”سرلوهيڙا ڳڀيا“ (شاعري: 1993ع)
(28). ”سورج مکي سانجهه“ (شاعري: 1993ع)،
(29). ”ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون“ (شاعري: 1993ع)
(30). هرڻ اکي ڪيڏانهن“ (شاعري: 1994ع)
(31). ”تون ڇپر تون ڇانوَ“ (شاعري: 1995ع)
(32). ”چنڊ ڳليون“ (شاعري: 1995ع)
(33). ”گهاٽ مٿان گهنگهور گهٽا ۾“ (شاعري: 1996ع)
(34). ”سانجهي سمنڊ سپون“ (شاعري: 1996ع)
(35). ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (آتم ڪٿا: جلد پهريون: 1995)
(36). ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (جلد ٻيو: آڪٽوبر 1996ع)
(37). ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (جلد ٽيون: نومبر 1997ع)
(38). ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (جلد چوٿون: آگسٽ 1998ع)
(39). ”ڪونجون ڪرڪن روهه تي“ (شاعري: 1997ع)
(40). ”ڪاري رات ڪُهنگ“ (شاعري: 1998ع)
(41). ”مينهن ڪڻيون“ (شاعري: 1999ع)
(42). ”وڏا وڻ وڻڪار جا“ (تاجل بيوس سان گڏ شاعري: 1997ع)
(43). ”اور الله سان'>اٿي اور الله سان“ (شاعري: جنوري 1998ع)
(44). ”اڳتي قدم“ (2001ع:شيخ اياز آگسٽ، سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر 1947ع ۾ ’اڳتي قدم‘ ماهوار جا 3 پرچا ڪڍيا هئا، جن کي گڏ ڪري نئين ترتيب سان محمد ابراهيم جويي 2001ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو)
(45). ”جي تند برابر توريان“ (ڪهاڻيون: شيخ اياز جون ’سفيد وحشي‘ ۽ ’پنهل کان پوءِ‘ عنوان سان ڪهاڻين جي مجموعن ۽ ان کان ٻاهر رهجي ويل ڪهاڻيون، انور فگار هَڪڙي ترتيب ڏئي ڇپائي پڌريون ڪيون)
(46). ”پکي ساڳي پار جا“ (تاجل بيوس سان گڏ:2004ع).

شيخ اياز جي پهرين ٻن شعري مجموعن ’ڀَؤنر ڀري آڪاس‘، ’ڪلهي پاتم ڪينرو‘ ۽ هڪ نثري ڪتاب ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ تي ايوبي آمريت بندش وڌي هئي، ۽ اها پابندي شيخ اياز جي آخري عمر ۾ ختم ٿي. شيخ اياز جي شاعريءَ ۽ نثر کي 22 جلدن جي صورت ۾ ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ ڇپائڻ جو پروگرام رٿيو آهي، جنهن جا پهريان ٽي جلد آگسٽ 2009ع تائين ڇپجي چڪا آهن، جيڪي تاج جويي ترتيب ڏنا آهن. جن ۾ اياز جي شاعريءَ جا 13 ڪتاب اچي ويا آهن، ٻيا جلد تياريءَ هيٺ آهن. سندس اردو شاعريءَ جو ’بوءِ گل نالئه دل‘ کان پوءِ ٻيو مجموعو ”نيل ڪنٺ اور نيل ڪي پتي“ 1988ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس سنڌي شاعريءَ کي فهميده رياض اردوءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو آهي، جيڪو ”حلقه ميري زنجير ڪا“ نالي سان 1974ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو ۽ سندس شاعريءَ جو پنجابي منظوم ترجمو مشهور دانشور ۽ شاعر احمد سليم ڪيو، جيڪو پڻ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 1976ع ۾ ڇپيو، اياز جي سمورن غزلن کي نوجوان شاعرن اسحاق سميجي ”گيڙو ويس غزل“(2004ع) ۽ بخشل باغي”هي روح جزيرو حيرت جو“ (2004ع)جي نالي سان ڇپايو.
شيخ اياز پنهنجي قومي ۽ مزاحمتي شاعريءَ جي ڪري، جيل ياترا به ڪئي، رجعت پسندن مٿس ڪفر ۽ بغاوت جا الزام به هنيا ۽ ڪيترا ڪيس پڻ ڪيا. ان سلسلي ۾ ”ادب ڪِي آڙ مين“ جي نالي سان هڪ ڪتاب لکي سڄي جديد سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي خلاف ۽ خصوصاً شيخ اياز خلاف باهه ٻاري وئي، جنهن جي جواب ۾ برک دانشور رسول بخش پليجي ”انڌا اونڌا ويڄ“، مولانا غلام محمد گراميءَ ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر رجحانات “ ۽ محمد ابراهيم جويي جي رهنمائيءَ ۾ قاسم پٿر ”ادب ڪي نام پر“ ڪتاب لکي کين جواب ڏنا.
شيخ اياز قديم توڙي جديد شعري صنفن تي ڀرپور گرفت رکندو هو، پراڻين شعري صنفن کي ٻوليءَ توڙي اسلوب جي نواڻ بخشيائين ۽ منجهن ڪيترائي تجربا به ڪيائين. سنڌي ڪلاسيڪي بيت ۽ وائيءَ کي جديد رنگ ۽ آهنگ ڏنائين. عروضي وائيءَ لکڻ جو پهريون ڪماياب تجربو به اياز ڪيو ۽ ان کان علاوه ڪافي نيون صنفون پڻ متعار ڪرايائين، جن ۾ آزاد نظم، نثري نظم ،هائيڪو، ڏيڍ سٽا ۽ ڇهه سٽا وغيره شامل آهن. اهڙي نموني پاڻ اندازاً وِيهن کان مٿي شعري صنفن ۾ ڪلام چيو اٿس.
سنڌي شاعريءَ کي نج ٻوليءَ ۽ مقامي ماحول عطا ڪرڻ ۾ سندس وڏو هٿ آهي، اهو ئي سبب آهي، جو سنڌي شاعريءَ جي جديد دور ۾ وڌ کان وڌ مڃتا شيخ اياز ئي ماڻي. شيخ اياز جي ڪلام جو ڪجهه حصو هنديءَ، اردو، سرائيڪي، پنجابي، فرينچ، جرمن ۽ انگريزيءَ ۾ پڻ ترجمو ٿيو آهي. سندس شاعريءَ جي انگريزي ترجمي تي مشتمل هيٺيان چار ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا آهن.
1. THE STORMS CALL FOR PRAYERS.
(Translation from Sindhi by: Asif Farukhi & Shah Muhammad Pirzada: 1999).
2. IMMORTAL POETRY OF SHAIKH AYAZ
 (Translated by: J.M Girglani: 2003).
3. SONGS OF FREEDOM,
(Translated by: Saleem Noor Hussain: 2003).
4. ON THE BANK OF INDUS.
 (Translated by: Professor Latif Noonari: 2006).
نوٽ: J.M Griglani جي ترجمي جو ٻيو ڇاپو شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور طرفان 2007ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. شيخ اياز جي شاعري فڪري حوالي سان ٻن دورن / لاڙن تي مشمتل آهي. پهريون دور ترقي پسند، قومپرستيءَ ۽ جديد فڪر جي نمائندگي ڪندڙ آهي ۽ ٻيو دور بين الاقواميت، ويدانت يا تصوف جو نمونو پيش ڪري ٿو. اهي ٻئي رجحان عملي طور سندس زندگيءَ جي روين مان به جهلڪن ٿا، جو پهرئين دور ۽ پوئين دور ۾ منجهس نمايان تبديليون نظر اچن ٿيون. جنهنڪري اڄ توڙي سڀاڻي جي ادبي حلقن ۾ تعريفي ۽ تنقيدي، ٻنهي حوالن سان گفتگو جو موضوع بڻيل رهندو. جهڙيءَ طرح شيخ اياز شروعاتي دور ۾ پاڻ ڪجهه عرصو ادبي رسالي ”اڳتي قدم“ جو ايڊيٽر رهيو، تهڙيءَ طرح پوئين دور ۾ ڪجهه وقت سنڌي اخبار ’برسات‘ جو پڻ ايڊيٽر رهيو. ان ريت صحافت جي شعبي ۾ به حصيدار بڻيو. اخباري ڪالم ۽ اخبار ۾ ڇپجندڙ سندس دعائون، سندس فڪري تبديليءَ جون شاهد آهن. شيخ اياز بابت نصير مرزا، جامي چانڊيي، ملڪ نديم، آغا سليم، انور فگار هَڪڙي، هدايت پريم، گُرڏني گانگاڻيءَ ڪتاب ڇپرايا آهن، جڏهن ته تاج جويي پڻ هيٺيان چار ڪتاب ڇپايا آهن:
1. ”جر ۾ ٿو جرڪان (1999ع)، (2). ”مان ورڻو هان مان ورڻو هان“ (2000ع)، (3). ”ساميءَ ويس سلوڪڙا“ (2002ع)، ۽ (4). ”آءُ درازا هل“ (2007ع). شيخ اياز ٻه شاديون ڪيون، جن مان کيس چار پٽ ۽ چار نياڻيون ٿيون. پنهنجي زندگيءَ جا آخري سال ڪراچيءَ جهڙي مصروف شهر ۾ انتهائي اڪيلائپ جي ڏکوئيندڙ احساس ۾ گذاريائين. دوستن کان ڌار، دل جي بيماريءَ ۾ مبتلا هوندي به آخري دم تائين لکندو رهيو. هن عظيم شاعر 28 ڊسمبر 1997ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ڀٽ شاهه ۾، ڪراڙ جي ڪپ تي واقع آهي.
شيخ اياز جي مشهور بيت جي ڪجهه بندن جو انگريزي ترجمو
هي ترجمو منوج ڪمار جو ڪيل آهي.

مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان.
مون ڪيئي ڏوههَ ڪيا آهن!
هِن سَرَ جي گدلي سينوَر ۾،
هي نيل-ڪنول به ته ڏوهي آ،
۽ ڪوبه چَڪور انڌاري ۾،
جي اُڏري ٿو ته دروهي آ.
هي ڏوهه نه آهي، ماڻهوءَ جي
مون مِٽي ٻيهر ڳوهي آ!!
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان.
I accept my crimes
I have committed many crimes
Blue lotus blossoming in sewer
and chukar bird flying in darkness
Are all criminals
Isn’t it a crime
That I have kneaded anew
The clay of man
Yes, I accept my crimes

هي ڏُوهه نه آ، آڪاس ڇڏي،
مون پريت لڳائي ڌرتيءَ سان؟
هوءَ سانجهي جا ست-رنگ هُئي،
مون ڪانه قبولي سِجَ ڪَنان.
ٿو آگَم آگَم ٿي اُڀران،
۽ ڪِرڻا ڪِرڻا ٿي برسان،
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان.
Isn’t it a crime that I have left lofty sky
instead loved the beloved mother earth
I resist the temptation of accepting the joyful night
And long for the bright dawn
I have floated with gracious clouds
and, rained down with bright rays
Yes, I accept my crimes

هي ڏوههُ نه آ، هن ڌرتيءَ تي،
مون دل جي ديوَل جوڙي آ؟
تو نفرت جي ديوار کنئي،
مون اُن جي پاڙ اُکوڙي آ.
مون ڳاتا گيت محبت جا،
مون واڳ وطن جي موڙي آ،
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان.
Isn’t it a crime
That I have built a temple of love
on the earth
And, demolished
The wall of hate, you have erected
I have sung the songs of love
And, have steered my land anew
Yes, I accept my crimes

مون آزاديءَ جي سَئن هنئي،
مون لاٿا طوقَ غلامن جا،
هي گيت هُيا يا جادو ها،
زنجير ٽُٽا ايامن جا!
سڀ موتي سمجهي چونڊن ٿا،
اڄ ڳوڙها مُنهنجي دامن جا،
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان.
I sung for liberty
I removed the iron collars
From necks of slaves
These magical songs
Broke the chains of centuries
All now pick my tears
Thinking them precious pearls
Yes, I accept my crimes

مون ڏات انوکي آندي آ،
ٿي تند وڙهي تلوارن سان!
ٽڪرايان پنهنجا گيت جڏهن،
ٿو آئون سندءِ ديوارن سان،
ٿا تنهنجا ڀاري بُرجَ لُڏن،
تون هيڻو آن هٿيار سان.
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان.
I have brought a singular talent
Strings of musical instruments are at war with swords
My songs are striking against your metallic walls
Your massive forts are shaking
And, with heavy weapons, you went to be weak
Yes, I accept my crimes

تون مون کي ڦاهي چاڙهيندين،
مان توکان مورُ نه مرڻو هان.
گُنجار ڪندي جا مون کان پو،
تنهن جندڙيءَ جو مان جهرُڻو هان.
ٻيو چارڻ بڻجي، چَنگُ کڻي،
مان ورڻو هان، مان ورڻو هان،
مان ڏوهي هان، مان ڏوهي
You’ll send me to gallows
But I’ll be back and alive
I am fountain of the life
That will flow unhindered even in my absence
I’ll resuscitate from my ashes ;will come back again
Like minstrel carrying the harp
Yes, I accept my crimes.
(حوالو ؛ وڪيپيڊيا ڪمپيوٽر)