Thursday 19 April 2018

هاري هنئيون مَ لوڏ، سُکن پوندينءَ سسئي


حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي تي اڻ ڳڻيا ڪتاب ۽ رسرچ پيپر لکيا ويا، وس آهر هر ڪنهن پنهنجو فرض نڀائڻ ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي، الغرض زندگي جي رفتار انيڪ تجربا ڇڏيا، ڪنهن ان تي تنقيد ٿي ڪئي، ڪنهن حمايت ڪئي، انهي سان اسان جو ڪو تعلق ناهي، تنقيد جو رستو هر ڪنهن لاءِ کليل آهي، اسان پنهنجي پاڻ جو محاسبو ڪريون ته اسان اُهو ڪم ڪري سگهيا آهيون، جيڪو اسان تي حق هو؟ شاعرن، اديبن، ڏاهن، سائنسدانن، ماهرِ موسيقارن، آسماني علم جي پارکن، روحانيت جي واٽ تي واجھائيندڙن جا ڏس علمي ڪتابن ۾ پڙهيا وڃن ٿا ته جيئن انهن جي علمي پورهئي تي ڪارآمد ڪم ٿي سگهي، نيون واٽون ڳوليون وڃن ٿيون، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي فڪر کي سيمينارن، اوطاقي ڪچهرين ۽ ميڊيا جي ادارن ۾ ڪي ڪجهه پروگرام ڪرڻ کان سواءِ اسان جي ڪا ٻي واٽ کليل ناهي، لطيفيات کي ڪتابن ذريعي متعارف ڪرائڻ ۾ جيڪو ڪم ٿيو، اُهو به ڪنهن کان لڪل ناهي، هڪ ٻئي کي گهٽ ڏيکارڻ اسان جو معمول بڻيل آهي. رڳو آئون سچو ۽ صحيح واري ڳالهه تحقيق جا در بند ڪري ڇڏيا آهن، تحقيق ايتري نه ڪنداسون، تنقيد جا انبار لڳائي ويٺا آهيون، سائين منهنجا ٻڏندا به تارو آهن، اڻ تارو ته تار ۾ لهندو ئي ڪين، هڪ ٻئي جا ساٿي ڪري ڪو ڪم ڪيو وڃي ته اسان جي نسلن کي لطيف سرڪار پڙهڻ ۾ سولائي ٿئي نه ته رڳو ڪتابي لطيفيات رهجي ويندي، ايتري ڪا سُڃ به اڃا ڪانه ٿي آهي، رڃن ۾ رڙ  اڃا اچي ٿي، ڪو ڏيئو ٻري ٿو، ڪو غازي حق جو علم کڻي نڪري ٿو، حضرت شاهه عبدللطيف ڀٽائي پنهنجي فڪر ۾  ڪڏهن سسئي جو ساٿي ٿئي ٿو، ڪڏهن صلاحون ڏئي ٿو، الست ارواحن کان وٺي منڪر ۽ نڪير سوالن جوابن تائين سسئي جو پورو احوال ملي ٿو، ڪڏهن پاڻ انهي رستي جي تڪليفن جو پتو ٻڌائين ٿا.
بر وڏو بار گهڻو، ويجھو نه وڻڪار،
ليڙن جو لطيف چئي، کنيو منڌ مدار،
وڻندن ته وڙ ڪندا، نت اڳين جي اختيار،
ڪاڏي ٿيو ڪوهيار، ڪيڏانهن ٿي هٿ کڻي.
هر زندگي جي تڪليف واري موڙ تي سسئي جو سُر ۾  اندر جي آگاهي جو اهڃاڻ ٿئي ٿو، همت جڏهن جواب ڏيئي وڃي ٿي تڏهن اوهان کي سسئي جيئان ته فڪر لطيف سهارو ٿئي ٿو، هِتان کڻي هُت جن رکيو سي رسيون، جا ڏس ملن ٿا، الله تعالى کان دعا گهري وڃي ٿي، جا منزلن ماندي سا قادر ڪيچ رسائين، هڪ هڪ ڏس تي جي عمل ڪيو وڃي ته اسان جي زندگي ناڪامي کان مايوس هرگز نه ٿيندي، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو هڪ بيت اهڙو آهي جو زندگي جي ڪاميابي لاءِ هڪ نسخو ٿي سگهي ٿو، هڪ بيت عمل ڪرڻ سان سُٺي زندگي گذاري سگهون ٿا، اڄ جو انسان فرعون واري دعوى تي هلي رهيو آهي، خود اندر ئي اندر ۾  هُو پاڻ کي مڪمل سمجهي ٿو، لحاظ مروت جهڙا لفظ ڪتابن ۾ لڀن ٿا، باقي انساني زندگي جي اڄوڪي دور انسان لالچ جي اهڙي دائري ۾ لهي ويو آهي، واسطا ۽ رشتيداريون به ملڪيت جي پيمانن ۾ ماپيون وڃن  ٿيون، بس هرڪو انهي ريت هلندڙ انسان ڪامياب تصور ڪيو وڃي ٿو، اڄ جو انسان ٻاهرين عيبن کي ڳولڻ ۾ دير بلڪل نه ڪندو آهي پر اندر کوکلو لڳو پيو آهي، ڀاءُ جو ويري ڀاءُ آهي، خون جا رشتا جاني دشمنين  تي لهي اچن ٿا، عارضي شهرت جا بکيا ڪِريل حرڪتون ڪن ٿا، اُهو ڪو نئون عمل ته ناهي پر ان ڪم ۾ هاڻ واڌارو لاڳيتو وڌي رهيو آهي، ضرورتون خواهشن ۾ هليون ويون آهن، اڄوڪي دور جي هن منجهيل معاشري ۾ اسان کي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پيغام ڦهلائڻ جي ضرورت آهي، هر عام خاص تائين هي آفاقي پيغام پهتو ته افراتفري واري ماحول ۾ ڪافي گهٽتائي ايندي پر انسان جي اندر ۾ هڪ اهڙو جذبو پيدا ٿيندو جنهن سان انسان جي روح منزل قريب ٿي پوندي، هيٺانهين جو سبق انسان کي جيڪڏهن اچي وڃي ته هُو ڪاميابي طرف روان دوان ٿي وڃي ٿو، علامه اقبال يونيورسٽي ۾ اقباليات پڙهائي وڃي ٿي، ڇا حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي فڪر ۾ ڀلا ڪھڙي کوٽ آهي جو تدريسي ڪتابن ۾ نه پڙهايون، شعور نه جاڳندو ترقي نه ٿيندي، هڪ ٻئي تي تنقيد برائي تنقيد ڪنداسون ته ڪو رستو نه کلندو، لطيفيات پڙهڻ جي ضرورت اسان جي استاد کي آهي، جڏهن استاد ئي نه پڙهي سگهندو ته هُو شاگردن کي ڪھڙو سبق ڏيندو؟ دوستو زندگي ۾ انسان گھڻو ڪجهه سکڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندو آهي پر تعليم دولت جيڪا ڪارڻ بنجي ان مان ڪو انسانيت جو درس نه ملندو آهي، بکئي پيٽ لاءِ جانور پکي جيت به جيئن ٿا، اسان ته انسان آهيون، انهن عملن کان ڪافي پري آهيون، ڪجھه ٻيا قانون انسانيت تي لاڳو ٿين ٿا، ان لاءِ لازمي آهي ته اسان جي هِن گُهٽ ٻُوسٽ واري فضا ۾ لطيفيات پڙهائي وڃي ته جيئن انسانيت جو ڪو درجو مٿاهون ٿي سگهي، وقت ڪنهن جو به انتظار نه ڪندو آهي پر وقت اسان وٽ موجود آهي، جيڪڏهن اسان ان مان سھولتون وٺي سگهون ته ڪنهن به اسڪول ۾ لطيفيات پڙهائي سگهجي ٿي، ڪاليج کان يونيورسٽي تائين ممڪن آهي، جيڪڏهن ان ۾ ڪا دلچسپي ورتي وڃي ته ڪو ڪم مشڪل ناهي، تازو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي نالي سان صوفي يونيورسٽي جوڙي جيڪا مسئلن جي ور چڙهي ويئي، جنهن جي مالڪي جيڪا هجڻ گهرجي ها، اُها نه ٿي سگهي، جيڪڏهن انهي صوفي يونيورسٽي ۾ لطيفيات جا شعبا مختلف نمونن سان پڙهايا وڃن ته ممڪن آهي، شاهه جو فڪري فلسفو، شاهه جي  شاعري، شاهه جو راڳ، شاهه سائين جي فڪر تي سائنسي تحقيق، تاريخي جائزو، شاهه سائين جي شاعري ۾ جماليات جا اُهي جوهر ڏيکاري جن سان اسان جا ڪافي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، ڪنهن تي تنقيد ڪجي پر اصلاحي تنقيد ڪجي ته جيئن ڪو لاڀ حاصل ٿي سگهي، اسان وٽ ته هڪ وڏو مسئلو آهي ته لطيفيات پڙهائيندو ڪير؟ سڀ کان پھرين انهي مسئلي کي حل ٿيڻ گهرجي، فڪر لطيف ڊگرين کان گھڻو مٿانهون علم آهي، ظاهري علمي سرگرمين کان لطيفيات جو مقام تمام گھڻو اونهون ۽ اعلى آهي ۽ تمام گهڻو آسان به آهي، جيڪڏهن اسان مان خودنمائي وڃي هلي ته لطيفيات اسان جي اهڙي رهنمائي ڪندي جنهن جو ڪو مثال نه هوندو، اڃا ته اسان سڀ سکڻ جي مرحلن ۾ آهيون، جيڪڏهن ڪو چوي ٿو ته آئون واقفڪار آهيان ته ان کي اڃا تحقيق جي ضرورت آهي. ڪوشش سان انسان ڪاميابي ماڻي  سگهي ٿو، جيڪر ان جي تمنا ۾ اُها ڳالھه هجي ته ڪوبه ڪم ناممڪن ناهي، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي فڪر ۾ نااميدي کي بلڪل جڳھه نٿو ڏي، بس جيڪو ارادو آهي ان تي ڪم ڪجي، نيتون صاف هجن ته ڪھڙي پريشاني ٿيندي.
هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جنهن ۾ نه رڳو سنڌ پر دنيا جي عالمي فڪرن ۾ لطيفي فڪر پڙهايو ويندو، ڇوته رات هميشه رهڻ واري ناهي، ڪاراڻ پويان روشني جو وجود هوندو آهي، اڄ جو انسان اخلاقي قدرن کان وانجهيل آهي، انڌيري رات ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو فڪر روشني آهي، اها روشني جنهن سان انسان ۾ انسانيت، روحانيت، مالڪ سائين سان رابطي جو طريقو مضبوط ڪرڻ جا ڏس مليل آهن، سورمين، سورمن، تاريخ کان لطيفي فڪر جي پرواز اوچي آهي، ڪيترن ئي صدين کان راڳ الاپيو وڃي ٿو، طريقت جا پوئلڳ فقير ان فڪر تي قائم آهن، ذڪر، فڪر، طريقت جي نصابي علم ۾ پڙهائي وڃي ته آساني ٿيندي، شعور بيدار ٿيندو، روشن ضميري جا ڳڻ انسان ۾ پيدا ٿيندا، سالاني محفلن، سيمنارن ۾ اوهان پاڻ سمجهو ته ڇا ٿيندو، اڄ جي ماڻهو کي ڪالهوڪي ڳالهه ياد ڪانهي ڪا، سال واريون ڳالهيون ياد ڪٿي پونديون، هڪ ڏينهن ضرور ڏک لهي ويندا، لطيفيات جو اعلى مقام هوندو. لطيفيات پڙهائڻ جي حوالي سان اوهان به راءِ ضرور ڏيندا.
Shermuhammed447@gmail.com